شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

شمس الدين بلبل

مرزا اجمل بيگ صاحب

(يوم بلبل جي موقعي لاءِ سندس لکيل صدارتي تقرير)
(تاريخ 18 مئي 1963ع)

السلام عليڪم!

حضرات! آءٌ “محفل احسن ادب دادو” جي جملي ڪارڪنن جو خصوصاً ۽ انهن علم دوست ۽ ادبي سوزش رکندڙ صاحبن جو عموماًشڪريو ادا ٿو ڪريان، جن مون جهڙي هيچمدان ۽ ڪزمز زبان، عزلت گزين ۽ گوشه نشين جي عزت افزائي ۽ قدرداني فرمائي، بازن کان ڇڪي آڻي هن ميدان ۾ بيهاريو ۽ اوهان جهڙن بزرگ، اديبن، شاعرن ۽ سنڌي علم و ادب سان دلي محبت رکندڙ اصحابن سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو عطا فرمايو. نه فقط ايترو پر سنڌ جي مشهور ۽ معروف شاعر ۽ اديب، صحافي ۽ مقرر، شاعرِ انقلاب جناب رئيس شمس الدين صاحب بلبل مرحوم و مغفور جن جهڙي زبردست شخصيت جي يادگار هن منعقد ڪيل محفل جي صدارت جو شرف پڻ مون حقير کي بخشيو، حالانڪه خود اوهان صاحبن جي ئي هن شهر ۾ جو قديم وقت کان علم و ادب ۽ ثقافت جو مرڪز رهندو پئي آيو آهي، الحمدلله اهڙيون بزرگ ۽ برگزيده هستيون موجود آهن، جي ههڙين ادبي محفلن جي صدارت جي اهم فرائض ۽ جوابدارين کان نهايت ڪاميابيءَ سان عهده برآ ٿي سگهن ها ۽ بهر صورت اهي صدارت جي ڪرسيءَ لاءِ وڌيڪ لائق ۽ موزون آهن.

بهرحال - اَلاَمر فَوق الاَدَب جي مصداق انهن بزرگن جي ارشاد عاليءَ جي آڏو مون کي سرِ تسليم خم ڪرڻو پيو.

حضرات! مون کي ايترو وقت نه ڏنو ويو جيئن آءٌ هن موقعي تي اوهان صاحبن جي اڳيان مڪمل طرح، خصوصاً پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌي ادب جي مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي نوان اديب ۽ نوان شاعر، نوان صحافي ۽ نوان نقاد سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهن، انهن جي تخليقن جو جائزو پيش ڪري سگهان هان. سنڌ جي موجوده اخبارن ۽ رسالن، نون شاعرن ۽ اديبن، ريڊيو پاڪستان جي سنڌي سيڪشن،نون سنڌي درسي ڪتابن، اسڪولن ۽ ڪاليجن، اولهه پاڪستان جي تعليم کاتي ۽ ٻين ڪن ادبي ادارن جي ذريعي، جنهن نموني ۽ جنهن طريقي سان، مثالن ۽ دليلن سميت اوهان جي آڏو پيش ڪري سگهان ۽ اوهان کي هوند واضح لفظن ۾ ٻڌايان ته اسان کي ائين وسهڻ جو هر ڪو حق ٿو پهچي ته ڪا نه ڪا ڳجهي ۽ ڌاري طاقت، سنڌي زبان کي نتيجتاً سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ جي در پئي آهي.

موجوده وقت ۾ ڪن ناعاقبت انديش نوجوانن جي طرفان، جيڪو سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ بدتميزيءَ جو طوفان اٿاريو ويو آهي، سو جيڪڏهن انهيءَ ئي رفتار سان جاري رهڻ ڏنو ويو ته يقين ڄاڻو، اسان جي سنڌي زبان جي سر سبز ۽ گهاٽي درخت جون پاڙون، جيڪي اسان جي وڏڙن پنهنجين نيڪ ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن سان پاتال ۾ کوڙي ڇڏيون آهن، انهن کي لوڏي لوڏي نيٺ اکوڙي ڪڍندا.

مون کي هاڻي ڪجهه انهن صاحبن جي باري ۾ چوڻو آهي جن کي الله پاڪ موزون طبع ته بڻايو پر هو ڌوڪو کائي، پاڻ تي هڪ عدد تخلص رکي، پاڻکي شاعر سمجهڻ لڳن ٿا. هنن ويچارن کي اهو سماءُ ئي ڪونه ٿو پوي ته هر ڪو شاعر، موزون طبع ٿئي ٿو پر هر ڪو موزون طبع ماڻهو شاعر بڻجي نٿو ٿي سگهي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا به ڪيئي ماڻهو موجود آهن جن کي الله پاڪ، شعر شاعريءَ جي لاءِ پيدا نه ڪيو آهي، پر کين قدرت کان موزون طبع بخشي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ ته جيڪي سچ پچ شاعر خلقيا ويا آهن، انهن جي شعر جو اثر، انهن موزون طبع رکندڙ ماڻهن تي پئجي سگهي ۽ شاعري جي شعر جا مصائب ۽ محاسن آسانيءَ سان پرکي سگهن.

جڏهن اهڙا موزون طبع ماڻهو، هڪ عدد تخلص پاڻ تي رکي تڪبندي ڪن ٿا تڏهن عوام جي لاءِ شاعر ۽ متشاعر کي سڃاڻڻ هڪ ناممڪن ڳالهه ٿيو پوي.

حقيقت ۾ اها طبع جي موزوني، هڪ اهڙو زبردست فريب آهي جنهن جي وڪڙ کان ڪوبه بو الهوس آزاد ٿي نٿو سگهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙا گهڻا موزون طبع ماڻهو، انهي ڌوڪي ۾ اچي، پنهنجو پاڻ کي شاعر سمجهڻ لڳن ٿا ۽ ساري ڄمار تڪبندي يا قافيه پيمائي ڪري وقت وڃائين ٿا، ماڻهن کي پنهنجا ڦڪا ڦلوڻا شعر ڳائي ٻڌائين ٿا ۽ داد حاصل ڪن ٿا پر مرندي گهڙيءَ تائين کين اها ڪل ئي ڪانه ٿي پوي ته هو سري کان شاعر ئي ناهن ۽هنن پنهنجو وقت اجايو ضايع ڪري ڇڏيو.

افسوس آهي جو اهڙن موزون طبع رکندڙ ماڻهن ڌوڪي ۾ اچي، پنهنجو پاڻ کي شاعر ڄاڻي، اسان جي شعر جي آب کي ڪِني مڇيءَ وانگي ايتري قدر ته گندو ۽ عفونيت انگيز بنائي وڌو آهي جو اسان جا حقيقي شاعر اهائي دعا گهرندا ٿا رهن ته بار الاهيٰ ! اسان جي درياءِ شاعريءَ جي ڪناري تي شل ٻئي ڪنهن بيدار مغز قوم جو ڪو ناقد قدم نه رکي مبادا اسان جي سنڌي زبان جي شعر و شاعريءَ جا پول پڌرا ٿي پون ۽ اسان کي پنهنجو سر، شرم ۽ حجاب کان هيٺ جهڪائڻو پوي.

خبر نه ٿي پوي ته آخر اسان وٽ شاعريءَ کي ڇا ٿو سمجهيو وڃي؟ ڇا، فقط موزون ڪلام کي شعر چئجي ٿو؟ ڇا صرف قافئي ۽ رديف ملائڻ سان شعر جڙي ٿو؟ ڇا محفلن ۾ اداڪاريءَ سان شعر ڳائي داد حاصل ڪرڻ کي شاعري ٿو چئجي؟ ڇا پاڻ تي هڪ عدد تخلص رکڻ سان ماڻهو شاعر بڻجي ٿو وڃي؟

ڪيتري قدر نه هي ماتم جو مقام آهي ته هن ويهين صديءَ ۾ به ماڻهن کي اهو علم نه آهي ته شاعري دراصل پيغمبري آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه اڳڀرو وڌي ته داوري جي درجي تي پهچيو وڃي.

جاہل کو اگر جہل کا انعام دیا جائے

اس حادثہ وقت کو کیا نام دیا جائے

میخانے کی توہین ہے رندوں کی ہتک بھی

کم ظرف کے ہاتھوں میں اگر جام دیا جائے

حضرات!محفل احسن ادب دادو پنهنجي آئينده جي پروگرام ۾ سنڌ جي چوٽي جي اديبن، شاعرن، فلسفين وغيره جي يادگار ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شامل ڪيو آهي جا ڳالهه نهايت مستحسن آهي ۽ هڪ زنده قوم ۽ ان جي افرادکي زيب بخشي ٿي. الله پاڪ محفل احسن ادب دادو جي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي ٻين به اهڙن ادبي ادارن کي شل اها توفيق بخشي جيئن هو پنهنجن وڏن جا ڏينهن شايانِ شان نموني سان ملهائيندا اچن.

اڄ اسان يوم بلبل ملهائڻ لاءِ هتي اچي جمع ٿيا آهيون. سنڌ جي مختلف شاعرن ۽ اديبن، حضرت بلبل مرحوم جي خدمت ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪيو ۽ پنهنجي ڄاتي ۽ علم آهر ان جي حياتيءَ جي احوال ۽ ان جي علمي، ادبي، ملي، قومي ۽ ديني خدمتن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي.

ڪاش ڪه مون کي ايترو وقت ۽ موقعو مهيا ڪيو وڃي ها ته جيئن آءٌ پنهنجي معاشري جي هن جليل القدر شاعر ۽ حڪيم، مفڪر ۽ فلسفي جي ابيات ۽ آثار شعريءَ تي دل کولي داد ڏيان ها ۽ اوهان جي آڏو انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪريان ها ته هڪ اديب هڪ شاعر، هڪ مفڪر، هڪ فلسفي، هڪ صحافي، هڪ مصلح جي حيثيت ۾ سنڌ وارن حضرت بلبل مرحوم جو جيڪو مرتبو ۽ مقام معين ۽ مقرر ڪيو آهي. حقيقت ۾ هو ان کان گهڻو گهڻو اعليٰ ۽ ارفع آهي. هن بحر ذخار جي هر مدو جذر، اسان جين هنن مختصر تقريرن، تذڪرن يا بلبل سنڌ نامي ڇپيل ڪتابچي ۾ ڪنهن به صورت ۾ سمائجي نٿي سگهي. بلبل جي ادبيات ۽ آثار شعري کي پرکڻ ۽ ان جي معيار معين ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي اداري ۽ دفتر جي ضرورت آهي.

سيد غلام محمد شاهه گدا مرحوم حيدرآباديءَ سچ چيو آهي ته:

نغمہ سنجانِ چمن ہریک ترنم تازہ کرد

لیک بلبل برد سبقت از ہمہ اندر صغیر

مون پنهنجي هڪ قطعه ۾ انهيءَ حقيقت جو اظهار هيٺين لفظن ۾ ڪيو آهي:

جليل القدر شاعر ڪئين ٿي گذريا سنڌ ۾ آهن

مگر هم پايئه بلبل نه هڪڙو تن منجهان نڪتو

نه ڪنهن جي وصف ڪئي ڪڏهين بغير پنجتن اجمل

مگر تعريف ۾ بلبل جي سو رطب اللسانِ نڪتو

حضرات پاڪستان جي نظرئي پيش ڪرڻ جو سهرو عام طرح سان شاعر مشرق علامه اقبال مرحوم جي سر تي ٻڌايو ويو آهي. ڪاش ڪه هن برصغير جي اهل نظر تي انهيءَ حقيقت جو انڪشاف ٿئي ته اهو سهرو جيڪو علامه اقبال مرحوم جي سر تي ٻڌايو ويو آهي ان جا گل اسان جي سنڌ جي بلبل هزار داستان کان مستعار ورتل آهن، ڇالاءِ جو شاعر انقلاب حضرت بلبل مرحوم گهڻا سال اڳ مسلمانن لاءِ غير قوم جي غلامي کان آزادي، جدا قوميت ۽ جدا ملڪ جو نعرو بلند ڪيو هو. اهڙي ريت پاڪستان جي نظرئي پيش ڪرڻ جو شرف پڻ اسان جي سٻاجهڙي سنڌ جي هڪ اولو العزم شاعر حضرت بلبل مرحوم کي حاصل آهي.

حقيقت ۾ بلبل مرحوم جو شعر ۽ شاعري هڪ عظيم انقلاب جو پيش خيمو آهي. اهو انقلاب جنهن جو نتيجو پاڪستان جي صورت ۾ ظاهر ٿي چڪو. اوهان بلبل مرحوم جو شعر پڙهندا وڃو، اوهان کي سندس شاعري، سنڌ جي جمله متقدمين توڙي متاخرين شعراءَ ڪرام جي شاعري کان هڪ بنهه نرالي رنگ ۽ انوکي ڍنگ ۾ نظر ايندي. سندس شاعري ۾ اسلامي، ديني، ملڪي، ملي، مشرقي غيرت ۽ حميت جو جذبو هر هنڌ ڪار فرما نظر ايندو. هن عظيم الشان شاعر ۽ مفڪر جي دل خالص ديني ۽ قومي درد سان دميل نظر ايندي. هو ملڪِ سخن جو اهو سلطان هو، جنهن وٽ الفاطن جا لشڪر، محاورن جون فوجون ۽ خيالات جا بي پناهه خزانا موجود ٿي رهيا. هن پنهنجي لشڪر ۽ خزاني کان اهوئي ڪم پئي ورتو جيڪو ڪنهن زبردست سلطان کي وٺڻ گهرجي، يعني هن پنهنجي ادبيات ۽ ڪلام جي ذريعي پنهنجي پوري قوم کي هڪ زبردست انقلاب لاءِ تيارڪيو. اهو انقلاب مغربيت جي وڌندڙ سيلاب جي خلاف هو. جنهن جا باني مباني ان وقت جا مختيار حاڪم انگريز هئا.

اڪثر تبصره نگارن، بلبل مرحوم تي اهوبهتان مڙهيو آهي ته هُن مسلمانن کي انگريزي علم پڙهڻ جي ترغيب ٿي ڏني، جنهن جي ثبوت ۾ هو، بلبل مرحوم جا هيٺيان ابيات پيش ڪن ٿا:

جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان، ته سک تون انگريزي زبان

جي عزت جهان جي رکو ٽنڊ ٽش، پڙهو انگلش انگلش انگلش

اهو علم توکي ڪري عهده دار، ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ۽ مختيارڪار

بنائي اهو علم حاڪم حريف، رسائي اهو علم لنڊن شريف

وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان ڏنا، ڪين ڪي تو انڌا امتحان

جي بي اي ٿي توکان بعيد ازقياس، ته ميٽرڪيوليشن به ڪيئي نه پاس

ڄڻي توکي مائٽ ته سنبريا نه سک،ملون ٿي تنين کي ڏنئي ڏنجهه ڏک

نه تو ڪا پرائي فضيلت لسان، سکئين ڪينڪي انگريزي زبان

- - - - 

علم عربيءَ ۾ ڪيئي عمر اجائي ضايع جي پڙهئين پارسي تان ڪمتر ڪو ٽارٽي هل

اِهي آهن اهي ابيات جن لاءِ ڊاڪٽر خليل صاحب پڻ پنهنجي ڪتاب “بلبل سنڌ” ۾ لکي ٿو ته “مٿي جيڪي بيت مثال طور ڏنا اٿئون تن ۾ انگريزي تعليم جي ترغيب ۽ فائدا ڏيکاريا ويا آهن ۽ مشرقي علم جهڙوڪه علم عربي ۽ فارسي جن سان مسلمانن جي مذهبي الفت آهي ۽ سچ پچ اسلامي علم آهي، تن تي طنز ۽ ٽوڪ، انهن علمن جي مقرر ڪيل نصاب تعليم جي غير موزوني تي آهي، جو واقعي سچ آهي” وري اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو ته “مٿين شعرن ۾ انگريزي علم پڙهڻ تي زور ڏيئي، عربي ۽ فارسيءَ جا نقص ظاهر ڪيا اٿس. بظاهر ڪل اعتراض آهي ته مسلمانن کي مذهبي لٽريچر کان دل برداشته ڪري، غيرن جي ادب ڏي متوجهه ڪري ٿو جنهن ۾ مذهبي ۽ اخلاقي نقصان آهي.”

محترم ڊاڪٽر صاحب جا مٿيان خيالات ۽ انهن جو اقتباس پڙهي سچ پچ ته مون کي وڏي حيرت لڳي “ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ميان الهيار” اهو مفڪر ۽ فلسفي جو ظاهر ظهور مغربيت سان بنرد آزما هجي سو مسلمانن کي انگريزي تعليم جي ترغيب ڏيندو هجي ۽ عربي توڙي پارسي جهڙن ديني علمن تي طنز يا ٽوڪ ڪندو هجي، سو بالڪل ناممڪن ۽ سراسر بهتان آهي.

بلبل مرحوم خالص اسلامي جمهوريت چاهي ٿي، زبان جي باري ۾ هن هيترا سال اڳ پڻ اهي ئي خيال ظاهر ڪيا جيڪي اڄڪلهه هندستان ۾ هندو ۽ پاڪستان ۾ مسلمان پنهنجي پنهنجي مذهبي ۽ ملڪي ٻولي لاءِ ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ انهن ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي پنهنجي عوام کي اهو دلاسو ڏينديون اچن ته رفتا رفتا انگريزي زبان جي جاءِ تي ملڪي ۽ مذهبي ٻوليون ملڪ ۾ رائج ڪيون وينديون. پاڪستان جي حڪومت ته اهو به اعلان ڪيو آهي ته ويهارو کن سالن کانپوءِ انگريزي زبان کي ملڪ جي دفترن مان نيڪالي ڏيئي سگهبي.

جنهن مسئلي تي اڄ کان ويهه سال کن پوءِ ويچار ڪيو ويندو سو. مسئلو بلبل مرحوم پنهنجي دور ۾ حل ڪرڻ چاهيو ٿي. جيڪڏهن بلبل مرحوم انگريزي زبان جي ترغيب ٿي ڏني ۽ عربي توڙي فارسيءَ تي طنز ٿي ڪيو ته پوءِ سندس هيٺين اشعارن جو مطلب ڇا آهي؟

 پڙهياسين ته ڇا سڀ اجايا اکر، 
لچائي ٺڳي، ڪوڙ، فريب و مڪر
نه عربي علم، نافقه، نااصول
نه ٿي معرفت يا حقيقت حصول
شريعت جو شيوو ڏنو سون ڇڏي
وڌي سون گناهن ۾ غفلت گڏي
نصارن جو کانو، نصارا لباس
ڪٻٽ، ميز، ڪرسي، بتي ۽ گلاس
ڪٿي وعظ ٻڌبو ته ٿيندي بڇان
نه ايندي جميعت،لڇان ۽ پڇان
اها پسند ايندي نه هرگز پسند
چوي دل ڪري شال بڪواس بند
ٻڌڻ ٻانگ سان ٿو هڻي نانگ ڏنگ
وڪوڙي وجهن وسوسا خوب ونگ


اڃا به ڪو صاحب اها تهمت هڻندو ته بلبل مرحوم، مسلمانن کي انگريزي علم ۽ انگريزن جي زيرنگين رهڻ جي تلقين فرمائي آهي.

حضرات! ڪنهن به شاعر جي شعر کي صحيح طريقي سان سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته هن جو شاعراڻو شعور، ڪهڙين حالتن ۽ ڪهڙن واقعن جي زير اثر رهيو. ان جي ماحول ۽ ان جي عهد يا وقت جون سياسي، ملڪي، معاشرتي حالتون ڪهڙيون هيون؟

بلبل مرحوم جنهن ماحول ۽ جنهن عهد ۾ اک پٽي سو خصوصا مسلم قوم لاءِ نهايت پر خطر ۽ پر آشوب هو. اهو سن 1857ع جو زمانو هو، جو هندستاني مسلمانن کي پيڙهي به پيڙهي ياد رهندو ايندو. انهيءَ زماني جي سياسي يا ملڪي حالتن بيان ڪرڻ جي هتي چندان ضرورت نه آهي. هڪ پاسي قدامت پرستي، معاشري تي مسلط هئي ته ٻئي پاسي مغربيت ۽ نئين تهذيب جو ڀوت مسلمانن جي سرن تي پنهنجو خونخوار ۽ هيبت ناڪ پنجو پکيڙيو بيٺو هو. اهڙي دؤر جو، بلبل مرحوم جهڙي حساس ۽ غيور، طبيعت رکندڙ شاعر ۽ مفڪر تي اثر پوڻ لازمي هو ۽ انهيءَ ئي اثر هيٺ، بلبل مرحوم جي شاعرانه شعور جي ارتقا ٿي. بلبل مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ اڻ سڌي طرح پنهنجي قوم کي انگريزي راڄ، انگريزي تهذيب ۽ انگريزي زبان کان پهچندڙ نقصان کان بروقت آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي ديني ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن، ادب ۽ زبان ڏانهن کين راغب ٿيڻ جي تلقين فرمائي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن، انهيءَ دؤر ۾ ڪيو، جنهن دؤر ۾ ڪنهن به هندستاني کي، انگريزي حڪومت جي خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جو سخت خميازو ڀوڳڻو ٿي پيو ۽ اهو سڀ ڪجهه هن اهڙي هوشياري ۽ اٽڪل سان ڪيو جيئن لٺ به نه ڀڃ ڄي ۽ نانگ به مري پوي. اڄ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته جيڪو سلو، بلبل مرحوم گهڻو وقت اڳ هنيو هو، انهيءَ جو ثمر اسين اڄ حاصل ڪري چڪا آهيون. بلبل مرحوم عين انقلاب واري زماني يعني 1857ع ۾ تولد ٿيو ۽ قدرت هن کي هڪ خوش آيند انقلاب لاءِ ئي پيدا ڪيو، هو انهيءَ انقلاب جو علمبردار رهيو ۽ آخر اهو انقلاب ڪامياب ٿي رهيو. مون انهيءَ ڪري ئي پنهنجي بيان ۾ بلبل مرحوم کي شاعر انقلاب ڪوٺيو آهي.

حضرات! بلبل مرحوم جي صرف ڪلام يا آثار شعريءَ جي محاسن بيان ڪرڻ لاءِ دفتر درڪار آهن. هن هڪڙيءَ نشست ۾ انهن جو بيان محال بلڪه ناممڪن آهي.تنهن هوندي به آءٌ پڇاڙي ۾ بلبل مرحوم جي ڪلام جي هڪ بنهه انوکي طرز ۽ نرالي ڍنگ جو ٿوري ۾بيان ڪندس جنهن طرز يا ڍنگ جو هو پاڻ ئي موجد آهي ۽ انهيءَ ئي هڪ طرز جي بنياد تي هن پنهنجي شعر و شاعريءَ جي عاليشان عمارت اهڙي پختي تعمير ڪئي آهي جو اها حوادث عالم کان بالڪل بي نياز ۽ بي پرواهه رهندي آئي آهي ۽ رهندي ايندي.

بلبل مرحوم جي شعر و شاعريءَ ۾ اهو هڪ عجيب تضاد نظر اچي ٿوته اها هڪ ديني عالم يا مصلح يا هڪ سماجي ۽ سياسي مقرر جو خشڪ وعظ آهي به ۽ ناهي به.

مثال طور جيڪڏهن بلبل مرحوم پنهنجيءَ قوم کي اها نصيحت ڏيڻ ٿو چاهي ته اي مسلمانو! اها انگريزي تعليم توهان جا ٻئي جهان ٻوڙيندي، انگريزن جي نوڪريءَ يا غلاميءَ ۾ اچي پنهنجا ٻئي پير ٿا وڍيو ته هو بنهه پنهنجي اصلي خيال جو ٻيو يا برعڪس پهلو پيش ٿو ڪري. چوي ٿو:

وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان
ڏنا ڪينڪي تو انڌا امتحان

روينيو، جڊيشل، وڪالت وغيره
ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڍيئي پاڻ پير

نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختياڪار
ٿئين همسرن ۾ ذليل ۽ خوار

وري جيڪڏهن بلبل مرحوم سنڌيدان سٻاجهڙن جي تعريف ڪرڻ ٿو چاهي ۽ هنن جي سادگي ۽ سچائي جا ڍڪ ٿو ڀري ۽ هنن تي حڪومت جي طرفان ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين جو پردو چاڪ ڪرڻ ٿو چاهي ته فرمائي ٿو:

سنڌي دان جاهل سيه روءِ سخت 
نحس، نااهل، ناخرد، خفته بخت
سنڌي دان ايڊئٽ سنڌيدان فول
رڳا جانور جهنگلي ۽ جهول
سنڌي دان جي ڪهڙي آ دسترس
سنڌي دان جو مان گوڊيم ويس
سنڌي دان ڪم بخت ڪم روزگار
نه لائق اضافي نه قابل شمار
سنڌي دان جو ورڪ ويري خراب
ويچاري کي آفيس ۾ ڀي نه آب
سنڌي دان اهڙا ته آهن ذليل
سزا تي نه انهن جي آهي اپيل
سنڌي دان محروم سرڪار کان
انهن جوج خورد پوش اسرار کان
سنڌي دان کان گهر خدا جي پناهه
انهن سان ملڻ قاعدي جو گناهه
سنڌي دان جو وٺي ڪونه صاحب سلام
سنڌي دان جو سماعت نه عرض و ڪلام

هيڏي بلبل مرحوم سنڌي دان حضرات جي تعريف جا اڻ سڌي طرح ڍڪ ڀري رهيو آهي هوڏانهن محترم خليل صاحب فرمائي ٿو ته مٿئين شعر ۾ ڏسبو ته خبر پوندي ته سنڌي دان لاءِ ڪهڙا نه سخت لفظ استعمال ڪيا اٿس. سيه روءِ، نجس، نااهل، ناخرد، خفته بخت، ذليل وغيره اهڙا لفظ آهن جي دل ڏکوئيندڙ ٿين ٿا پر حڪيم يا ڊاڪٽر جي ڪڙي دوا وانگر ازالئه مرض لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو.

بلبل مرحوم تي اهو بهتان رکڻ ته هن اهڙا دل ڏکوئيندڙ لفظ استعمال ڪري، سنڌين کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا سنڌين جي بيماري جي شفا لاءِ کين ڪوڙي دوا پياري آهي، حقيقت جي خلاف آهي، ڇا لاءِ جو هڪ ته بلبل مرحوم پنهنجي ڪنهن به شعر ۾ مريض کي ڪوڙي دوا کليوکلايو پيارڻ جي خلاف آهي، پر هو مريض کي دوا جي ڪوڙي گوري کارائڻ بدران کين ظرافت جي کنڊ جو تهه چاڙهي پوءِکائڻ لاءِ پيش ٿو ڪري ته جيئن مريض انهيءَ ڪوڙيءَ دوا کان منهن ڪوڙو نه ڪري.

اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته بلبل مرحوم جهڙو قوم پرست جنهن کي پنهنجي قوم لاءِ سچي حب۽ عزت آهي سو ان لاءِ اهڙا ناشائستا الفاظ ڪيئن ڪتب آڻيندو؟ ٻي ڳالهه اها به ڌيان تي آڻڻ جوڳي آهي ته بلبل مرحوم پاڻ به هڪ سنڌيدان هو، نه فقط سنڌيدان هو پر سنڌي زبان جو هڪ زبردست علامه ۽ عالم جيد هو. اهڙو عالم، ٻين سان گڏ پنهنجو پاڻ لاءِ اهڙا سخت ۽ دل ڏکويئدنر لفظ ڪيئن ٿو ڪتب آڻي سگهي؟

آءٌ ڀانيان ٿو ته بلبل جي طنزيه زبان کي نه سمجهڻ وارا صاحب، جيڪڏهن بلبل مرحوم جا مختلف عنوان جهڙوڪ سخاوت، بخل، تواضع، تڪبر، عدل، ظلم، قناعت، حرص، طاعت، پرهيزگاري، شيطان، وفا، صبر وغيره تي لکيل شعر پڙهن ته خدا ڄاڻي بلبل مرحوم کي هو ڪهڙي صف ۾ وڃي بيهارين! هڪ اڌ بيت انهن عنوانن تي پيش ڪريان ٿو جنهن تي غور ڪريو:

 سخا:  
سخاوت ڪري ڪونه دانا قبول سخاوت ڪري سو، جو آه بو الفضول

بخل:  
هجي بخت جنهن کي ٿئي سو بخيل بخيلي ڪري سو هجي جو عقيل

تواضع:  
تواضع ڪرڻ نيچ عادت خسيس تواضع اهي ڪن جي سادا سليس

تڪبر:  
تڪبر ته حڪما جو آهي هنر تڪبر ته اهل دل جو آهي فخر

عدل:  
ٿيو عدل رقمن ۽ روپين جو روڊ بڻيو عدل ڪوڙن بڻائڻ جو ڪوڊ

حرص:  
وڏي حرص ۾ آهي حڪمت حضور نه هو هيءُ ته دنيا جو چرخو ئي چور

طاعت:  
عبادت آهي ڪن جي نڪما نڪار نه ڏيتي نه ليتي نه ٻچا نه ٻار

پرهيزگاري:  
پراڻو ڪو نسخو ٿو ڏسجي ردي ڪيو آهي منسوخ چوڏهين صدي

شيطان:  
هي بزرگ اسان جو پراڻو آ يار اسان سان سندس آهي پورو پيار


اڃا به ڪو ائين چوندو ته بلبل مرحوم تهذيب جي بيمار کي سندس ئي صحت جي فائدي لاءِ ڪوڙي دوا پياري آهي؟

حضرات! جهڙيءَ ريت شاهه لطيف ڀٽائي گهوٽ ۽ ٻين ڪن صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ مجاز ۽ حقيقت جي پيوند، هڪ نهايت خوشگوار امتزاج پيدا ڪري وڌو آهي اهڙيءَ ريت بلبل مرحوم جي ڪلام ۾ وري هدايت ۽ ظرافت جي پيوند هڪ عجيب لطف ۽ ڪيفيت پيدا ڪري وڌي آهي. سندس ظرافت جي تهه ۾ عميق نڪتا سمايل آهن. ائين معلوم ٿو ٿئي گويا جديد تهذيب جي مريضن کي تنقيد جي تلخ گولي، ظرافت جي کنڊ جو تهه لڳائي کارائي وئي آهي.

حضرات بلبل مرحوم جي ڪلام ۽ ٻئي ادبي سرمائي کي سهيڙڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ هڪ بلبل اڪيڊمي جي اشد ضرورت آهي. مون کي اميد نه بلڪه يقين آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪونه ڪو اهڙو قدردان ۽ مرد ميدان ضرور نڪري نروار ٿيندو جو اهل سنڌ جي اها ديرينه آرزو پوري ڪندو.

في الحال حضرت بلبل جي ڪليات جو پهريون دفتر سندن لائق ۽ لبيب فرزند رشيد جناب رئيس ضياءُ الدين صاحب ضيا جن جي ڪوشش ۽ نگرانيءَ هيٺ سنڌ جي جهوني اديب ۽ مشهور شاعر استاد الشعراءِ حضرت حافظ محمد احسن صاحب احسن جن پايئه تڪميل تي پهچايو آهي. ازانسواءِ بلبل مرحوم جي ٻي تصانيف جي طباعت ۽ اشاعت جو مسئلو زير غور آهي. الله پاڪ اسان کي ۽ اوهان کي شل توفيق بخشي جيئن پنهنجن وڏڙن جي ڪيل محنتن جو قدر ڪريون، انهن کي دنيا جي آڏو رکون جيئن گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو مستفيد ٿي سگهن ۽ انهن جا ڏينهن شايانِ شان نموني سان ملهائيندا اچون جيئن سندن ياد، پوين جي دلين ۾ هر دم تازي رهندي اچي.