رئيس شمس الدين بلبلِ سنڌ
سيد حاجي علي اڪبر شاهه مرحوم
سنڌ جو هي نامور شاعر، اديب، مصنف ۽ ايڊيٽر سال 1857ع ڌاري ميهڙ ۾ ڄائو، سندس وڏا اتر کان ناڙيءَ جي طرف کان آيل هئا، بلبل پنجن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. بلبل مرحوم تعليم فقط اسڪول جي سنڌي ۽ فارسي جا ان وقت هلندڙ هئي سا حاصل ڪئي هئي. مگر قدرت هن کي اهڙو ته ذهن رسا ۽ ذڪاءَ اعليٰ عطا ڪيو هو جو سندس طبيعت جا جوهر ازخود ظاهر ٿيڻ لڳا. سن 1872ع ۾ اسڪول ڇڏيائين، منجهس شعر گوئي جو مادو اصلي موجود هو. ننڍي هوندي ئي وڏن شاعرن سان مقابلا ۽ مشاعرا ڪندو رهيو. ڪنهن قدر انشا پردازي به شروع ڪيائين. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ نوڪري ڪئي هيائين. هن جي قابليت تي آفيسر به تعجب ڪندا هئا. ان وقت هڪ انگريز انجنيئر سندس علمي قابليت ڏسي کيس تحفي طور قديم وقت جو لکيل شاهنامي جو هڪ نسخو ڏنو هو. سن 1889ع ۾ ڪراچيءَ ويو، اتي سنڌ جي سرسيد مرحوم خانبهادر حسن علي آفندي سان واقفيت ٿيس. خانبهادر سندس قابليت ۽ لياقت ڏسي پاڻ وٽ رهايس، ان وقت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي پاران جيڪا “معاون” نالي اخبار جاري ڪئي وئي هئي ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ايڊيٽر جي چارج وٺندي ئي پنهنجي پرزور ۽ رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺايائين جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو، ماڻهو جيڪي سنڌي جي رنگيني کان غير مانوس هئا سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا جن جي مطالعي سان خود اهل علم دنگ ۽ حيران رهجي ويندا هئا. مرحوم حسن علي آفندي کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، سندس تعريف ۾ آفندي صاحب جي واتان هي لفظ نڪرندا هئا “مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪيئن پيدا ٿيو آهي.” مرحوم حسن علي جيڪي وڏا ڪم ڪيا تن ۾ هن کي به شامل رکندو هو.
مدرسة الاسلام، ڪراچي ان وقت نئون جاري ٿيو هو تنهن جي ترقي لاءِ هن پنهنجي قلم جي ذريعي گهڻي خدمت ڪئي. دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جو سوال جڏهن مرحوم حسن علي آفندي هٿ ۾ کنيو تڏهن به بلبل صاحب سندس لاءِ سڄي ٻانهن هو، پونه ۾ جڏهن ڪميشن ويٺؔي تڏهن مرحوم حسن علي کي ساري سنڌ جي پاران احوالن ۽ انگن اکرن جي ثابتين سان شاهدي ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو ۽ ڇهه مهينا اڳواٽ خبردار ڪيو ويو هو، مرحوم حسن علي اهو سڄو بار بلبل جي ذمي ڪيو. هُن انهيءَ عرصي ۾ ساري سنڌ جي آبادگارن جو احوال گڏ ڪيو ۽ ضلعي وار يادداشتون تيار ڪيون جن ۾ ڊڪرين جي ذريعي آبادگارن جي ملڪيتن ۽ زمينن جا نيڪال هئا يا قرضن ۾ وياجن تي وياج هلن ٿا سي سڀ انگ اکر هن وڏي محنت سان گڏ ڪيا هئا. آخر مرحوم آفندي کيس پوني، ساڻ وٺي ويو ۽ وقت به وقت کانئس نوٽ وٺندو رهيو، ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ وقت به هن کي ڀرسان ويهاريائين ته مبادا ڪو سوال پڇڻو پوي. اها شاهدي حيرت انگيز حوالن سان پيش ٿي ته انگريز ميمبر حيران ٿي ويا ۽ سنڌ سان اهو ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو جو اڄ تائين هلندڙ آهي.
مرحوم حسن علي آفندي جي وفات کانپوءِ ڪراچي ڇڏي وري ميهڙ موٽي آيو. ڪيترن اخبارن وارن کيس ايڊيٽري جي آڇ ڪئي مگر هن ٻاهر وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ آخر ڪار هن ڳالهه تي راضي ٿيو ته هو ڳوٺان کين مضمون موڪليندو رهي. پهريائين “ڪراچي گزيٽ” جي ايڊيٽري ڪيائين مگر مالڪ اخبار هلائي نه سگهيو. ان کان پوءِ “خير خواهه” سکر جو به ٻه چار سال ايڊيٽر رهيو، “الحق” (1) جي جاري ٿيڻ وقت ان جو به ايڊيٽر ٿيو، سن 1909ع ۾ جڏهن شيخ عبدالعزيز صاحب الحق اخبار جي مالڪ ۽ ان جي ايڊيٽر بلبل مرحوم تي ڪراچي جي سٽي مئجسٽريٽ Mr. E. Sands وٽ هڪ زبردست مقدمو سندن خلاف هليو جنهن ۾ فريادي ڌر طرفان هرچند راءِ (2) ڪراچي جو مشهور وڪيل هو ۽ جوابدارن جي طرفان پنهنجي وقت جو ناميارو وڪيل مسٽر ريمنڊ صاحب (3) هو مگران صلاح ڏني ته معافي وٺو. بلبل مرحوم اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ آخر ڪيس هليو، مسٽر غلام حسين (4) جو ان وقت حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ بلبل جو گهاٽو دوست هو تنهن قومي جذبي خاطر بنا فيس جي سندس وڪالت ڪئي. بلبل اخبارن جا اهڙا مضمون ڳولهي پيش ڪيا جن جي ڪري آڏي پڇا ۾ اهڙو ته فائدو ٿيو جو مئجسٽريٽ نه صرف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو بلڪه فريادي ڌر تي ڇنڊا وڌائين، هن فيصلي تي مسلمانن ڪراچيءَ ۾ خوشيون ملهايون. سرگس ڪڍي ۽ مجلسون منعقد ڪيون. (5)
ڪجهه وقت کان پوءِ “الحق” کي ڇڏي ڏنائين ۽ آفتاب سنڌ (حاجي احمد ميمڻ جي اخبار) جو مستقل ايڊيٽر ٿي رهيو جا پڇاڙي تائين سالن جا سال ايڊٽ ڪندو رهيو. “پاڻ هوشمس ۽ اخبار آفتاب” ان سان ته خاص تعلق هوس، وچ ۾ “مسافر” حيدرآباد، “خير خواهه” لاڙڪاڻو ۽ ڪن ٻين اخبارن جي به ڪجهه وقت ايڊيٽري ڪيائين. هن ڪيترائي ڪتاب سنڌي نظم ۽ نثر ۾ لکيا جي مقبول عام ٿيا، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان ۾ هن پنهنجي طرفان رنگيني ۽ ظرافت نگاري سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سا ان ۾ اڳي نه هئي گويا ان فن ۾ کيس سنڌي انشاءَ جو موجد چئي سگهجي ٿو. ديوان بلبل-آئينه تجارت- ظريف الدوله- نيچرل ڪريما- سنڌي رحيما- بخت بازي- قلندر جو ميلو- شمس اللغات- بهار عشق- وغيره وغيره سندس اوائلي مشهور تصنيفون آهن. سندس تصنيف نهايت دلچسپ پيرايه ۾ آهي. ماڻهن جو ميلانِ طبيعت ۽ خيالات ڏسي قوم جي اصلاح ظرافت جي انداز ۾ اهڙي ته ڪئي اٿس جو وڏا اهل دماغ سندس قابليت جو داد ڏين ٿا. جهڙي طرح مرحوم اڪبر الهه آبادي پنهنجي شعر ۽ ظرافت سان قوم جي اصلاح مدِ نظر رکي آهي.
ڊپٽي نور الدين صديقي جي والد مرحوم مخدوم محمد انور صاحب پاٽائي لکيو آهي ته “جيئن جانسن ۽ اسڪاٽ پنهنجي فلسفي ۽ حڪمت کي ناولن ۾ لکي قوم کي فائدو پهچايو تيئن بلبل جي ظرافتي مقالات ۽ تصنيفات جو اثر پيدا ڪيو آهي، سو قوم جي سڌارڻ ۽ اسان جي ڊگهين اسپيچن(تقريرن) ۽ تحريرن ڪڏهن به نه ڪيو آهي. وائينس صاحب پرنسيپال سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي ايامڪاري ۾ هڪ ماهوار رسالو سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ نڪرندو هو ان ۾ بلبل جيڪي مضمون لکيا تن جي تعريف وائينس صاحب خود پنهنجي قلم سان انهيءَ رسالي ۾ لکي. سردار محمد يعقوب خان مرحوم، وزير رياست خيرپور ميرس سندس قابليت جو اعتراف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي “اسان خوشي سان هيءُ توهان جي ڳالهه قبول ٿا ڪريون ته بيشڪ سنڌي زبان عمدي ۽ دل وڻندڙ نموني ۾ لکي سگهجي ٿي جنهن جي ثابتي اوهان جي تحرير آهي.”
شاعري ۾ ته هن کي وهب الاهي هو جو رواني سان اهڙا ته شعر لکندو هو جو هندوستان ۽ پنجاب جا شاعر به کيس مڃيندا هئا نه رڳو سنڌيءَ ۾ بلڪه فارسي شعر ۾ جا هن شڪر ريزي ڪئي آهي سا بدرجها سنڌيءَ کان به وڌيڪ آهي بلڪه هندي ۽ اردو ۾ به بي تڪلف شاعري ڪندو هو. خبر ناهي ته اها قابليت هن کي ڪٿان آئي. سن 1906ع ۾ “آفتاب سنڌ” جي نئين سال جي تواريخ جنهن جي هر مصرع مان تواريخ ٿي نڪري جا هن لکي هئي سا جڏهن هندوستان جي شاعرن ڏٺي ته حيران ٿي چيائون ته ڇا سنڌ ۾ اڃا اهڙا علم وارا ماڻهو موجود آهن. سندس وسيع معلومات ۽ ڪثرت مطالع ڪري جا کيس علمي دسترس هئي تنهن وڏن وڏن انشا پردازن کي ڏانهس متوجهه ڪيو بلڪه وقت جا آفيسر ۽ حاڪم به کانئس وڏن وڏن ڪمن ۾ صلاح وٺندا هئا. ويندي خيرپور دربار تائين هن پنهنجو علمي قدر پيدا ڪيو ۽ عموماً کيس دعوتون ڏئي اوڏانهن گهرايو ويندو هو ۽ اتي جا وزير کيس عزت ڏيندا هئا. قومي اصلاح، رفاهه عام يا لٽريچر جي ڪمن ۾ تجربيڪار ۽ صحيح راءِ وارو انسان هو. ان جي دماغ ۾ تحرير جي زبردست طاقت رکيل هئي. نه رڳو تحرير جو قابل پر تقرير ۾ به اهڙو ته فصيح اللسان ۽ عذب البيان هو جو سامعين کي مسحور ڪري ڇڏيندو هو. ساري سنڌ جي قومي جلسن يا ميٽنگن ۾ اڪابر قوم سندس شرڪت ضروري ڄاڻندا هئا. هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام جي هڪ جلسي ۾ هن اهڙي ته مقفيٰ ۽ مسلسل مسدس پڙهي جو مسٽر ڪئريئر صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر لاڙڪاڻو جيڪو فارسي دان هو، تصوير بيجان وانگر متحير ٿي آخر تائين کيس ڏسندو رهيو. ٽن چئن سالن کان پوءِ جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو ۽ ميهڙ ۾ دوري تي آيو ته سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر کي بلبل سان هن طرح انٽروڊيوس (متعارف) ڪرايو ته “هي اعليٰ درجي جو شاعر آهي ۽ بلبل سنڌ جي نالي سان مشهور آهي.” ٻئي ڀيري ساڳئي مدرسي ۾ هڪ اهڙي نظم پڙهي هيائين جا هڪ جيد عالم ابو الفرح پاني پتي نقل ڪري ورتي ۽ پنهنجي ڪتاب “حالاتِ سفر سنڌ” ۾ ان جي قابليت ۽ قوم پرستي جي ازحد تعريف لکي اٿس. دربار خيرپور ۾ جي قصائد هن لکيا آهن سي قابل ديد آهن. پاڻ چوندو هو ته افسوس! آءٌ اهڙي وقت ۾ پيدا ٿيس جو ڪو قدردان نه آهي. نه ته تخيل جي بلندي اڃا ڪجهه اورهجي ها. نه رڳو پاڻ قلم جو قابل هو پر زبان جو به نظم خواهه نثر ۾ يگانو هو.
1908ع ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿيڻي هئي تنهن ۾ مسٽر اي-ڪي-دهلوي ڪانفرنس جي طرفان کانئس سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت بابت رايا پڇيا ان موجب هن ڪميٽي ڏي هڪ وڏي ۽ مدلل رپورٽ موڪلي جا پوءِ ڪانفرنس ۾ کانئس پڙهائي وئي، هن عاليشان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بنسبت جيڪي به ريزوليوشن (ٺهراءَ) پاس ٿيا سي سڀ ان رپورٽ مان ورتل آهن. پاڻ خاص ريزوليوشن فارسي تعليم بابت پيش ڪيائين اهڙي وضاحت سان جو خود نواب وقار الملڪ بهادر ان وقت اٿي سندس تائيد ڪئي ۽ خواجا غلام الثقلين پاني پتي ۽ ٻين هندوستاني ليڊرن سندس تعريف ڪئي. ڪانفرنس رپورٽ 1908ع مطبوعه علي ڳڙهه ۾ ان جو ذڪر ڇپيل آهي. (1904ع ۾ ميهڙ ۾ انجمن اتفاق اسلامي نالي هڪ تنظيم برپا ڪيائين جنهن جي ذريعي سڌارا قومي اتفاق ۽ تعليمي جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ان جي ذريعي 1906ع ۾ تعليمي درسگاهه جو بنياد وڌائين جنهن جو نالو مدرسة الاسلام ميهڙ رکيو ويو. شروع ۾ انگريزي چئن درجن تائين تعليم ڏيڻ ۾ آئي. اهو سندس حياتي جو وڏو يادگار آهي جو ان وقت (هن خطي ۾) انگريزي تعليم جي بانس به ڪانه هئي. هاڻي ميهڙ ۽ ان جي آس پاس جيتري قدر گريجوئيٽ، وڪيل ۽ انگريزي دان ڪامورا پيدا ٿيا آهن سي سڀ سندس لڳايل باغ جو ثمر آهن ۽ هتي جا سڀ هندو مسلمان سندس انهيءَ ڪارنامي جا اڄ تائين مشڪور آهن، هن بيحد تڪليف وٺي فقط پنهنجي قابليت سان ليڪچر ڏنا، نظم ۽ مضمون لکيا (۽ هن ڪم لاءِ رستو هموار ڪيو) چندا گڏ ڪيا. وڏن وڏن آفيسرن کان گرانٽون منظور ڪرايون ۽ انجمن جي پاران وفد وٺي پيرن ۽ ميرن کان مدرسي لاءِ عطيا حاصل ڪيا ۽ اهڙي طرح هن مدرسي کي اوج تائين پهچايائين. 1919ع تائين سندس محنت سان مدرسو هلندو رهيو. مدرسي جي نئين عمارت ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ ڇهه جريب زمين پنهنجي جاءِ جي پٺيان هٿ ڪري عمارت ٺهرائڻ جو ارادو ڪيائين جنهن لاءِ نقشا وغيره به تيار ٿي ويا هئا مگر سندس حياتي وفا نه ڪئي ۽ پيغام اجل کي لبيڪ چئي راهي ملڪ بقا جو ٿيو. افسوس جو سندس وفات کانپوءِ مسلمان مدرسو هلائي نه سگهيا ان ڪري هندن ان کي سنڀاليو جو اڄ هاءِ اسڪول آهي.
هي سڀ ڪم هن پنهنجي ذاتي قابليت سان ڪيا جنهن ڪري حڪامن وٽ به وڏيون عزتون حاصل ڪيائين جيڪي وڏي ۾ وڏي زميندار کي مس حاصل هيون. هو ڪمشنرصاحب جو درباري هو ۽ سن 1917ع ۾ آنرري مئجستريٽ بئنچ ڪورٽ ميهڙ جو چيئرمين مقرر ٿيو ۽ کيس خان صاحبي جو خطاب پڻ مليو. جيڪي سندس ڪتاب ڇپيل آهن تن کانسواءِ غير مطبوعه ذخيره نظم ۽ نثر جو گهڻو موجود آهي. ديني تعليم بابت سلسلي وار ڪتاب لکيا اٿس. ازانسواءِ تصوف ۾ به ڪيئي ڪتاب لکيا اٿس جن مان سوامي هيمراج جي ڪتاب گلزارمقافي جو ترجمو جو هن ڪيو آهي ۽ ان تي هيٺان حيرت انگيز حاشيه ڏنا اٿس، ان جو نالو “گنج معرفت” رکيو اٿس جو عجيب آهي. سندس سنڌي، فارسي، اردو سخن جو وڏو ذخيرو جيڪو پاڻ “بهار ستان بلبل” نالي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو اٿس سو به ڇپجڻ کان رهيو پيو آهي. سندس فارسي انشاءَ پردازي ۽ جدت طرازي شمس المڪتوب مان پڌري آهي جو پڻ اڻ ڇپيل آهي. ديوان بلبل فارسي ۽ عمدة التواريخ به ڇپيل نه آهن. تاريخ گوئي ۾ کيس خاص ملڪو حاصل هو. وڏن نامور ماڻهن جون تاريخون نهايت عجيب لکيون اٿس. کيس مطالعي جو ڏاڍو شوق هو، سڄي هندوستان جون مشهور اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا وٽس موجود رهندا هئا. پڇاڙي ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکي ڇپرايا هيائين، انهن جا نالا هي آهن:
حليمان- مسلمان ۽ تعليم- قرض ۽ مرض ۽ انجا علاج- انگريز ۽ مسلمان- صدپند سود مند- جام جم- عقل ۽ تهذيب ۽ وقف علي الاولاد- وقف علي الاد ولا جي تحرڪ کي زور وٺايائين ۽سنڌ ۾ هي ئي پهريون شخص هو جنهن هن قانون کي رواج ڏياريو. ان لاءِ ڪتاب حرز البنياد، شرح قانون وقف علي الاولاد لکي شايع ڪرايائين ۽ پاڻ ان تي عمل ڪيائين ۽ پڻ هن جي ملڪيت پنهنجي فرزند ضياءُ الدين جي نالي وقف ڪري ملڪيت جو بچاءُ ڪري ويو آهي نه ته اڪثر زميندارن مسلمانن جون ملڪيتون اسراف ۾ تلف ٿي ويون آهن. مطلب ته هي سنڌ جو بلبل نه رڳو فصيح- بليغ- شاعر- مصنف ۽ لئبريرين هو پر ان سان گڏ ريفارمر ۽ اعليٰ مدبر به هو. سنڌي لٽريچر ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيائين، هي سُني مذهب جو ايتري قدر پائبند هو جو وقف ملڪيت ۾ وصعيت ڪئي اٿس ته منهنجي وارثن مان ڪوبه سنت جماعت ڇڏيندو ته ملڪيت ۾ ان جو ڪو حق نه رهندو. مرحوم حسن علي سان هن کي ايترو ڪو تعلق هو جو هيءُ به 62 ورهين جي ڄمار ۾ ڪار بنڪل (ٻلي ڳڙ) جي مرض ۾ گرفتار ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح علم ۽ ادب جو شمس 1919ع ۾ سنڌ مان غروب ٿي ويو. سندس مزار سندس (اڏايل) مسجد ۾ آهي.
(ماهوار “علمي دنيا” اپريل 1930ع جي ٿورن سان)
مضمون موڪليندڙ جناب شمس ابن ضياءُ ابن بلبل طرفان حاشيه:
متعصب هندو ليڊر بلبل مرحوم جي ليکن، مضامين ۽ ادارين مان اهڙا ته اچي اڙيا جو کيس اخباري دنيا مان ڪڍڻ لاءِ باقاعده منصوبه بندي ڪري بلبل مرحوم تي قلم 153 انڊين پينل ڪوڊ هيٺ مقدمو دائر ڪيائون. بلبل مرحوم تي الزام اهو لڳايائون ته هو “الحق” جي ادارين ذريعي هندن کي هرو ڀرو ذليل وخوار ڪري ٿو ۽ مسلمانن جي جذبات کي هندن جي خلاف اڀاري ٿو. هن ڪيس ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال مسٽر پهلاج راءِ نالي ماتر فريادي هو مگر حيدرآباد ۽ ڪراچي جا سڀ متعصب هندو ليڊر سندس مددگار هئا، هن مقصد لاءِ انهن ڪافي رقم چندن ذريعي جمع ڪئي هئي. هي مقدمو جلد قومي اهميت حاصل ڪري ويو. هندو زور لڳائي رهيا هئا ته بلبل کي سزا ملي ۽ “الحق” ضبط ٿئي. مسلمان ليڊر به پنهنجو زور لڳائي رهيا هئا ته جيئن هندن کي پنهنجن منحوس ارادن ۽ عزائم ۾ شڪست نصيب ٿئي. آخر فتح مسلمانن جي ٿي، ان کانپوءِ ته بلبل متعصب هندن ۽ عيسائي پادرين لاءِ ويل ٻاري ڇڏيو. اهي کانئس ائين ڊڄندا هئا جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان.
هرچند راءِ وشنداس ڪراچيءَ جو ممتاز قانوندان ۽ مڇيل وڪيل هو. هن قانون جو امتحان ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان پاس ڪري 1885ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي. هو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو 42 سال ميمبر ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو سيڪريٽري به هو. ڪراچي ميونسپالٽي جو 11 سال قانوني مشير ۽ پوءِ 11 سالن تائين ان جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. (اڳئين صفحي تي هلندڙ) وائسراءِ هند جي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو ۽ کيس آنرايبل جو خطاب پڻ مليو. هو شروع ۾ انتها پسند ۽ متعصب ڪانگريسي هندو ليڊر هو مگر پڇاڙي ۾ حالات جو بدليل رخ ڏسي پاڻ ۾ ڪجهه تبديلي آندائين، سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرائڻ ۾ هن اهم رول ادا ڪيو هو.
مسٽر ريمنڊ ڪراچي جو ماهر قانوندان ۽ مشهور وڪيل هو. پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ جسٽس ريمنڊ جي نالي سان شهرت حاصل ڪيائين. بلبل مرحوم جي سٺن دوستن مان هڪ هو. خط و ڪتابت جو سلسلو بلبل مرحوم جي پونئرن سان پنهنجي حياتي تائين قائم رکيو آيو.
سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جو مايه ناز فرزند ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. هي صاحب سنڌ جو وزير اعليٰ به ٿيو ته بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر به چونڊيو ويو هو، شروع ۾ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ بلبل مرحوم جو تمام گهاٽو دوست هو.
جڏهن ڪيس جو فيصلو بلبل مرحوم جي حق ۾ ٿيو ته مسلمانن ڏاڍيون خوشيون ملهايون. بلبل مرحوم کي ڇهن گهوڙن واري وڪٽوريه بگيءَ ۾ ويهاري هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ ڪارون ۽ ٻيون گاڏيون شامل هيون. هي سرگس ڪراچي شهر ۾ ڪڍيو ويو هو ۽ سرگس دوران بلبل تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ شام جو شعرو شاعري جي محفل مچائي وئي ۽ شڪراني طور حاضرين محفل ۾ مٺائي ورهائي وئي. حيدرآباد ۽ سکر ۾ به ڏاڍيون خوشيون ڪيون ويون ڇاڪاڻ ته مسلمانن لاءِ هي مقدمو سندن عزت ۽ غيرت جو مسئلو بڻجي ويو هو.