محسنِ قوم، شمس العلماءَ رئيس شمس الدين بلبل رحه
تحرير: سراج شمس بلبل
سنڌ سونهاري پنهنجي ڪک مان هر دور ۾ پرهه جا پرچارڪ پيدا ڪندي رهي آهي، جيڪي پنهنجي حصي آهر صبح صادق ٿيڻ جي پڪ ڪرائيندا آهن ۽ پنهنجن پنهنجن زمانن ۾ پنهنجو پنهنجو حصو ڳڻائيندا آهن. سندن آواز صدين تائين پڙاڏن جي روپ ۾ موجود رهندا آهن ۽ سندن پيغام ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. اهي ماڻهو لفظن کان وڏا هوندا آهن. جن جي تعارف لاءِ لفظن جي اڻاٺ هوندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته سندن شخصيتن تي لکندي ساڻن انصاف ڪري نه سگهبو.
سنڌو ماٿري صدين کان تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي، سنڌ جا پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، هوائون ۽ قدرتي منظر صدين کان تخليقي عمل سان لبريز ۽ سرشار رهيا آهن. هتان جا اهلِ علم ۽ اهل ادب هميشه صادق ۽ سچن جذبن جا امين رهيا آهن ۽ سنڌو ماٿري جو ادبي منظر پنهنجي تخليقي عمل جو سچو عڪس پيش ڪندو رهيو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ سنڌ جو “حالي”، سنڌ جو اڪبر الهه آبادي يعني سنڌ جو بلبل حضرت “رئيس شمس الدين بلبل” به اهڙن پرهه جي پرچارڪن مان هڪ هستي آهي. سندس تعلق ضلعي دادو جي شهر ميهڙ سان هيو. جنگ آزاديءَ جي دور ۾ جنم وٺندڙ بلبل 1857ع ۾ رئيس بهادر خان شينو ولد رئيس ڪمال خان شينو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندن پهرين نالو محمدپريل خان رکيو ويو، پر سندس مامي آخوند نهال خان جيڪو هڪ برگزيده بزرگ هيو، ٻارڙي جي پيشاني ڏسي هن بخت واري ٻالڪ جو نالو شمس الدين تجويز ڪيو ۽ واقعي به شمس الدين هن دنيا جي افق تي مثلِ شمس ٿي اڀريو.
شاعر، اديب، مفڪر، دانشور، سماجي ورڪر ۽ قومن جا هڏڏوکي فرد قومن جو جيئرو جاڳندو ضمير هوندا آهن. جيڪي قومن تي ٿيندڙ هر وار کي پنهنجي وجود تي وار سمجهندا آهن. سي ئي پنهنجي قوم کي صحيح ۽ سڌو دڳ ڏيکاريندا آهن. جنهن دڳ تي هلندي اها قوم فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪندي آهي.
حضرت بلبل به اهڙن هڏڏوکي انسانن مان هئا، جن شاعريءَ ۽ عملي جدوجهد ذريعي پنهنجي قوم کي سجاڳ ڪيو ۽ وقت سر خبردار ڪيو. جيئن ته شاعري پنهنجن احساسن ۽ امنگن کي ٻين تائين رسائڻ جو حسين ذريعو آهي ڇو ته شاعري شعور جي سگهه جو نالو آهي. جنهن سگهه سان رازن ۽ رمزن کي پاڻ ۾ اوتي سگهجي ٿو. جيئن شاعري سرجڻ وقت سمورو جسم روح ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ روح زندگي جو اهم حصو هوندو آهي. جنهن کي تمام وڏي سگهه ۽ قدرت هوندي آهي. ان قدرت سان هو پنهنجو پيغام چٽي نموني سان پيش ڪري سگهندو آهي. روح بذات خود ڪائنات هوندو آهي. جتي حق ۽ سچ جي حمايت هوندي آهي. حضرت بلبل رحه به روح جي سچائي سان قوم کي شاعريءَ ذريعي پيغام ڏنو ۽ کيس سئون دڳ ڏيکارڻ ۾ سو فيصد ڪامياب ويو.
حضرت بلبل سنڌ جي مسلمانن کي جديد تعليم جي زيور سان آراستا ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ حسن علي آفنديءَ سان ملي عملي ڪم جي شروعات ڪيائين. بلبل سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جي حيثيت سان تحريڪ آزادي جي سلسلي ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ “معاون”، “آفتاب سنڌ” ۽ “الحق” اخبارن جي ايڊيٽر جي حيثيت سان ايڊيٽوريل، مقالا ۽ نظم لکي قوم کي هر خطري کان نه صرف آگاهه ڪيو، بلڪه دڳ به ڏيکاريو.
مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ “مسلمان ۽ تعليم” ڪتاب لکي مفت ورهايائين. بلبل تدريسي عمل ۾ سنڌ ۽ خيرپور رياست سان سلهاڙيل ۽ ڳنڍيل رهيو. پاڻ 1906ع ۾ ميهڙ شهر ۾ هڪ جديد مدرسو “مدرسة الاسلام ميهڙ” جي نالي برپا ڪيائين. جيڪو اڄ هاءِ اسڪول آهي ۽ سنڌ جي سٺن ۽ وڏن هاءِ اسڪولن مان هڪ آهي.
بلبل مرحوم مسلم ايڊيوڪيشن ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائي سنڌي اسڪولن ۾ فارسي ٻولي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو.
بلبل جنگ بلقان يعني ترڪي جي جنگ دوران سنڌ ۾ هلال احمر هلچل کي زور وٺايو. ملڪ ۾ هلندڙ تحريڪ “هوم رول” جيڪا مسلمانن جي مفادن خلاف هئي تنهن کي سنڌ ۾ ناڪام بڻايائين ۽ ان تحريڪ جي مٽي پليد ڪيائين. مسلمانن کي نوڪرين ۾ حصو وٺي ڏيڻ لاءِ هميشه ڪوششون ورتائين.
حضرت شمس الدين بلبل رحه تعلقي ميهڙ جي مئجسٽريٽ بينچ جا چيئرمين هئا. انهيءَ حيثيت سان زمينن جي ڪافي مقدمن جا فيصلا وٽس ايندا هئا. جن ۾ اڪثر ڪيس وياج خور هندن خلاف هوندا هئا، جيڪي ڳري وياج عيوض مسلمانن جون زمينون ڦٻائي ويندا هئا. بلبل ڏٺو ته مسلمانن جون زمينون مسلسل هندن حوالي ٿي رهيون آهن ۽ اندازو لڳايائين ته اڳتي هلي هندو سڄي زمين جا مالڪ ٿي ويندا. بلبل ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ حسن علي آفنديءَ ۽ قائد اعظم محمد علي جناح معرفت اهڙا بل پيش ڪيا ۽ بل پاس ڪرائي انهن کي قانوني حيثيت ڏياري “وقف علي الاولاد” ۽ “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” ۽ انڪمبرڊ اسٽيٽ ايڪٽ سنڌ سان لاڳو ڪرايائين. اهڙي نموني سنڌ جي مسلمانن جون زمينون نه صرف محفوظ ٿيون پر وياج خورن کان به بچي ويون.
حضرت بلبل رحه جي سڄي زندگي مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ وقف ٿيل هئي، پاڻ زندگيءَ جي آخري دم تائين اخبارن سان وابستا رهيا ۽ اخبارن وسيلي عوام سان جڙيل هئا. کيس صحافت جو ڏاڏو آدم ڪوٺيو وڃي ٿو. بلبل سنڌي ٻوليءَ جو مشهور صحافي، شاعر، اديب ۽ سنڌيءَ ۾ مزاحيه ۽ طنزيه اصلاحي شاعري ۽ تعريضي شاعري جو موجد، تعليمي رهبر ۽ سنڌي صحافت جو پيشرو هيو.
هي سنڌي سليس صحافتي ٻوليءَ جو موجد، سنڌي تهذيب جو رکوالو، سنڌي صحافت جو امام، ممتاز اديب ۽ شاعر، طنزيه مزاح ۽ تعريضي ڪلام ذريعي مسلم قوم جي اصلاح ڪندڙ، جديد علوم جي روشني ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ، سياسي مدبر، مفڪر ۽ قومي رهنما ۽ عالم دين، سنڌ جو شمس سنڌ جي افق تان 13 سيپٽمبر 1919ع تي هميشه لاءِ غروب ٿي ويو، پر پنهنجن قولن ۽ تحريرن ۾ هميشه زنده جاودان ۽ روشن رهندو.