شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

شمس الدين”بلبل“

تحرير: ڌڻي بخش مگسي

سنڌ جي سٺي شاعر، صحافي، سماجي و علمي ڪارڪن شمس الدين بلبل ولد رئيس بهادر خان ذات شينه ويٺل شهر ميهڙ ۾ سن 1857ع ۾ جنم ورتو. سندس والد اصل بلوچستان ڀاڳ ناڙي جي ڳوٺ ڪمال خان جا رهواسي هئا. جتي سندس والد کي ٻه هزار کن ايڪڙ زمين هئي. جيڪا برسات تي آباد ٿيندڙ هئي، پر ڪيتري وقت کان برسات نه پوڻ ڪري اتي سخت ڏڪر پيو. جنهن ڪري ماڻهن لڏ پلاڻ ڪري ٻيا ڳوٺ ۽ شهر وسايا. اهڙي طرح رئيس بهادر خان به اصلوڪي ڳوٺ کي ڇڏي اچي ميهڙ ۾ ويٺو ۽ ميهڙ کي ئي پنهنجو وطن بنايائين. کيس هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو شمس الدين رکيائين. شمس الدين اڃا چئن پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد کيس عربي، فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ديني مدرسي ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ ڇڏي آيو. پاڻ اتي قرآن شريف ناظره پڙهي پورو ڪيو ۽ بعد ۾ عربي و فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين. ان بعد سندس والد کيس باگي خان تيوڻي جي ڳوٺ ۾ مشهور عالم دين مولانا عصمت الله پيرزادي شهدادڪوٽي وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏي آيو، انهي وقت مدرسي ۾ مولانا عبدالوهاب ۽ مولانا عبدالڪريم ديروي جن پڻ پڙهائيندا هئا. ان مدرسي جو باني مولانا نبي بخش خان مهيسر هو. اهو پڻ الله وارو بزرگ ۽ جيد عالم هو. ان بعد پاٽ شهر جي مشهور ديني مدرسي ۾ مولانا حسن الله صديقي وٽ پڙهيو ۽ عربي ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪري دستاربندي ڪئي. سندس هم ڪلاسين ۾ مشهور عالم مخدوم امير محمد جوڻيجو، مولوي خير محمد جوڻيجو، مخدوم پير غلام مجدد سرهندي، علامه آءِ آءِ قاضي، سيد علي مراد شاهه سيتائي، مخدوم غلام محمد جتوئي، محمد قاسم مشوري، مولوي عبدالغفور سيتائي، مولوي دين محمد وفائي ۽ ٻيا شامل آهن.

مخدوم نظام الدين صديقي شمس الدين بلبل جا مرشد هئا. شمس الدين بلبل بهترين شاعر، صحافي ۽ سوشل ورڪر پڻ هو.پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندا هئا. سندس شاعري ۾ “بلبل” تخلص هئس. سندس هي تخلص خانداني طرح مشهور آهي. سندس شاعري جي شهرت ان وقت هڪ عورت “گل ناز” ذات جي شيخ هئي، ان تائين پهتي، گل ناز پاڻ به سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندي هئي. جيڪا پوءِ بلبل تي موهت ٿي پئي ۽ کيس محبت ڪرڻ لڳي. انهيءَ ڪري سندس گهر وارن سندس پهرين شادي سنڌي پٺاڻ گھراڻي مان ڪرائي. ليڪن گل ناز ۽ بلبل جي محبت جي ڪري پهرين شادي سبب بلبل کي گهرو سڪون ميسر نه آيو. آخر شمس الدين بلبل ۽ گل ناز محبت جي شادي ڪئي. گل ناز بيگم جو اباڻو ڳوٺ سيد پير محمد شاهه هو جيڪو ميهڙ شهر کان چار ميل پنڌ جي مفاصلي تي آهي. بلبل صاحب کي گل ناز بيگم مان هڪ پٽ نالي عبدالفتاح ڄائو. سندس فرزند پڻ سٺو شاعر ۽ اديب هو. سندس شاعري جي استاد سندس والده ماجده هئي. عبدالفتاح جو تخلص “عبد” هو. بلبل صاحب جي مٽي مائٽي جي لحاظ کان ڳانڍاپو شينا، کوکر ۽ ابڙن سان هو. گهرو مسئلن ۽ پريشانين سبب بلبل صاحب مجبورٿي پنهنجي ٻي گهرواري گل ناز ۽ پٽ عبدالفتاح کي وٺي سفر تي روانو ٿيو. پهريائين لاهور ويا، ان بعد دهلي ۽ حيدرآباد دکن جو سفر طئي ڪري موٽي اچي دهليءَ ۾ قيام پذير ٿيا. اتي بلبل صاحب صحافت جي پيشي سان وابستا رهيو. ان وقت جي مشهور صحافين مرزا ناطم علي غازي، منشي محبوب عالم ۽ منشي دين محمد “فوق” قابل ذڪر آهن.

صحافت جي دنيا ۾ محنت ۽ قابليت جي ڪري بلبل صاحب جون ملاقاتون سر سيد احمد خان، نواب وقار الملڪ، مولانا حالي، مولانا شبلي نعماني، اڪبر الهه آبادي جهڙين شخصيتن سان ٿيون. انهن سان ڪافي ڪچهريون ڪيائين، بلبل صاحب انهن شخصيتن مان گهڻو پرايو. اهي مشهور شخصيتون پڻ بلبل صاحب جي ادب، فن و فڪر، شاعري ۽ صحافت کان متاثر ٿيا.

وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي بيماريءَ جو ٻڌي يڪدم پنهنجي وطن ۾ موٽي آيو. هت حسن علي آفندي ۽ الهه بخش اٻوجهي سان تمام گهرا تعلقات رکيائين. بلبل صاحب سياسي ۽ قانوني ماهر جي حيثيت ۾ اڪثر وفدن سان بمبئي تائين ويندو رهيو. هميشه بمبئي ۾ سنڌ جو ڪيس مضبوط انداز ۾ پيش ڪندو رهيو. پاڻ سماجي خدمتن جي حوالي سان ۽ علمي واڌاري لاءِ ميهڙ شهر ۾ هاءِ اسڪول کولرايائين. جيڪو اڄ به سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو.

شمس الدين بلبل کي پهرين گهرواري مان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ نالي ضياءُ الدين ڄائو. جيڪو پڻ سٺو شاعر ۽ اديب هو. صحافت ۾ شمس الدين بلبل اخبار “خير خواهه” لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ هفتيوار اخبار “مسافر” حيدرآباد جو ايڊيٽر ۽ “آفتاب” اخبار سکر جو ايڊيٽر پڻ رهيو. شمس الدين بلبل 1919ع ۾وفات ڪئي. کيس سندس اباڻي قبرستان ميهڙ ۾ دفن ڪيو ويو.