شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

مرتب طرفان

ضروري التماس

مان حضرت بلبل جي سوانح لکڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه اهڙي شئي لکي چڪو آهيان، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو: ڪک ڪاڊيرا ڪاٺيون ميڙي ٻڌم مڏ، 

حقيقت هيءَ آهي ته نه آءٌ قلمڪار آهيان ۽ نه ئي ڪو شهپار و تخليق ڪرڻ جو ارادو اٿم، بس! پنهنجن بزرگن جي متعلق جيڪا منهنجي ڄاڻ آهي اها قلمبند ڪري عوام آڏو آڻڻ چاهيان ٿو ۽ جيڪو مواد مون وٽ موجود آهي اهو به منظر عام تي آڻڻ چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ ته اها ڄاڻ عوام جي امانت آهي ۽ حق حقدارن تائين پهچڻ گهرجي. اميد اٿم ته ڪتاب“محسن قوم” کان جلد پوءِ “سوانح حضرت بلبل” به شايع ٿي ويندو.

آءٌ حضرت بلبل جي سوانح ۾ واضح ڪري چڪو آهيان ته مان هڪ ترديدي مضمون لکي رهيو هيس جيڪو اهڙي شڪل اختيار ڪري ويو جو نه ترديدي مضمون رهيو ۽ نه سوانح جو ڪتاب، بهرحال سموري گهربل معلومات هڪ جاءِ تي ڪٺي ٿي وئي آهي، مون کي اميد آهي ته منهنجا پٽ ايتري صلاحيت رکن ٿا جو ان کي روايتي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ۽ شايع ڪرائي سگهن. اميد اٿم ته سندن جينيٽيڪل ڪامپوزيشن ۾ اهڙا جين کين ضرور ورثي ۾ مليا هوندا جو هي ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهن.

حضرت بلبل جي سوانح ۾ مون هڪ سؤ کان وڌيڪ اهل قلم حضرات جي مضامين مان استفادو ڪيو آهي. ڪن صاحبن جا هڪ کان وڌيڪ مضمون يا ڪتاب حضرت بلبل متعلق شايع ٿيل آهن جنهن ڪري مضامين جو تعداد اڃا به گهڻو ٿي ويندو. سوانح جي ڪتاب ۾ ته صرف چونڊ ٽڪرا ڏنل آهن انڪري اهو ضروري آهي ته پورا مضمون به قارئين ڪرام جي سامهون پيش ڪجن جيئن هو تفصيل معلوم ڪري سگهن. ان ڏس ۾ سنڌ جي برک اهل قلم حضرات جا مضامين ڪٺا ڪري هي ڪتاب “محسن قوم” جي شڪل ۾ ٺاهي اهل ذوق آڏو پيش ڪريان ٿو. سمجهو ته هيءَ هڪ انمول مالها پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪا هن وقت اوهان جي مطالع هيٺ آهي، جنهن جو هر موتي آبدار ۽ بيش بها آهي. اميد اٿم ته اهڙا اڌ درجن کن ڪتاب انهن مضامين مان ٺهي ويندا، جيڪي آهستي آهستي اوهان تائين پهچايا ويندا. مکيه ڪتاب سوانح بلبل جنهن جو ذڪر شروع ۾ ڪيو اٿم، اهو ڪجهه دير سان قارئين ڪرام تائين پهچندو.

هن ڪتاب جي منڍ ۾ مون حضرت ضيا جا 3 مضمون ڏنا آهن ۽ انهن جي پٺيان پنهنجو مضمون ڏنو آهي جيئن حضرت بلبل جو مفصل احوال پڙهڻ ۽ معلوم ڪرڻ ۾ قارئين ڪرام جو تسلسل قائم رهي ۽ گهڻي معلومات شروع ۾ ئي کين معلوم ۽ ميسر ٿي وڃي.

ديوان بلبل جو مقدمو (حضرت ضيا جو لکيل) جيڪو مون هن ڪتاب جي شروع ۾ ڏنو آهي ۽ ٻيو ديباچو جيڪو جناب گرامي جي ايڊٽ ڪيل ڪلام بلبل ۾ ڏنل آهي انهن ٻنهي جي صحت ۾ معمولي فرق آهي. ڪجهه جملا جن ۾ محترم گرامي صاحب کي بابا سائين اهڙو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته هو ڀلي حضرت بلبل جي لکڻين ۾ پنهنجي مرضي موجب ردو بدل ڪري. اهي جملا بابا سائين جا لکيل قطعي ٿي نه ٿا سگهن. آءٌ پنهنجي والد محترم جي طبيعت ۽ احساسات کي تمام گهڻو ڄاڻندڙ آهيان. پنهنجي پيءُ جي لکت ۾ ردو بدل ڪرڻ جي منجهن به سگهه نه هئي ۽ اهڙي امر کي هو گستاخي سمجهندا هئا، ته پوءِ اهڙي اجازت حضرت گرامي صاحب کي ڪيئن ٿا ڏئي سگهن. هونءَ به ڪنهن اهل قلم جي لکت کي پنهنجي مرضيءَ مطابق بدلائڻ ادبي توڙي اخلاقي حدن جي لتاڙ سمجهجي ٿي.

بابا جن وفات 1966ع ۾ ڪئي آهي ۽“ديوان بلبل” ۽“ڪلام بلبل” مولانا گرامي صاحب جا ايڊٽ ڪيل سن 1969ع ۾ شايع ٿيا آهن. مقدمه ۽ پيش لفظ انهن ڪتابن لاءِ بابا سائين ضرور سن 1965ع ۾ لکي ڏنا هوندا مگر ڪلام ۾ تصحيح ۽ ترميم ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ٿا ڏئي سگهن. ڪنهن انسان کي ته ٺهيو ڪنهن ملائڪ کي به اهڙي اجازت نه ڏيندا. آءٌ سندن طبيعت کان بلڪل سورهن آنا صحيح طرح واقفيت رکندڙ شخص آهيان.

هونءَ به حضرت گرامي صاحب جيڪا تصحيح ڪئي آهي اها اهڙي آهي جو ان تي ڪافي وڏو طوفان برپا ٿي ويو هو. شيخ محمد ابراهيم خليل صاحب، جناب عبدالله خان چانڊيو همدم، جناب قربان بگٽي وغيره ته دفتر ڪارا ڪري ڇڏيا. خليل صاحب“ادب ۽ تنقيد” جي سري هيٺ “ديوان بلبل ۽ ان جو مرتب” تي ڊزن کن قسطون رهبر ڊائجسٽ ۾ لکي ڇڏيون. راقم التحرير به “اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا” جي عنوان تحت “ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ” جي سلسلي ۾ اٽڪل 5-6 قسطون نئين زندگيءَ ۾ لکيون هيون. انهن قسطن جو لبِ لباب اهو هو ته تصحيح ادب جي مقرر ڪيل حدن اندر ٿيڻ گهرجي، مصنف جي لکت کي الٽ پلٽ نه ڪجي ۽ نه نوان لفظ ان ۾ ٽنبجن، بلڪه غلط لفظ جي جاءِ تي صحيح لفظ هٿ ڪري لکڻ تصحيح آهي. مثال طور حضرت بلبل جو اصل شعر آهي: ٿيو ڪلام الهام، امر و نهي جو جنهن تي نزول. پنجابي ڪاتبن ان کي لکي ڇڏيو: ٿيو ڪلام احڪام، امرو نهي جو جنهن تي نزول. هاڻي اصل لفظ “الهام” هٽائي “احڪام” لکڻ تصحيح نه آهي. اهڙو ئي ٻيو مثال به ڏجي ٿو: لاهور جي پنجابي ڪاتبن لکي ڇڏيو: همدم و همراز هردم، هم مصاحب يار غار. محترم مولانا گرامي صاحب واري ايڊٽ ڪيل ديوان بلبل ۾ اڃا سوڌو لفظ “هم مصاحب” لکيل آهي. مگر حضرت گرامي صاحب دعويٰ ٿو ڪرڻ فرمائي ته هن ديوان بلبل مان غلط الفاط ڪڍي ان کي غلطين کان پاڪ صاف ڪري ايڊٽ ڪيو آهي. مگر غلط لفظ مصاحب درست نه ڪيو اٿس. هاڻي غلط لفظ هم مصاحب جي جاءِ تي صحيح لفظ ڳولهي هٿ ڪرڻو آهي، جنهن سان بحر وزن به خراب نه ٿئي. اهو لفظ آهي “هم مصائب”. هاڻي هيءَ سٽ هن طرح صحيح ٿيندي: همدم و همراز هردم، هم مصائب يار غار.

مرحوم حضرت گرامي صاحب غلط لفظ ته رهڻ ڏنا آهن بلڪه صحيح لفظ ڪڍي ڇڏيا آهن. آءٌ اوهان کي مثال ٻڌايان ٿو: صحيح شعر ديوان بلبل ۾ هن طرح لکيل موجود آهي: “يار ۽ غم خوار، واقفڪار، سڀ سينڌو سڃاپ-خويش اقرب، به صله رحمي، هر برادر جي ثنا.” هاڻي ڏسو هن صحيح شعر سان حضرت گرامي صاحب ڪهڙو ٿو ڪلور ڪري: “يار ۽ غم خوار، واقفڪار، سڀ سنڌ و پنجاب-خيوش اقرب، صلي رحمي، هر برادر جي ثنا.” هاڻي ڏسو چڱو ڀلو صحيح لفظ “سينڌو سڃاپ” ڪڍي غلط لفظ “سنڌ وَ پنجاپ” ٽنبيو ويو آهي. سينڌو سڃاپ سنڌي زبان جو مروج محاورو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ڄاڻ سڃاڻ” هي لفظ نه غير مانوس آهي ۽ نه متروڪ پوءِ مٽائڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟! هاڻي “خويش” لفظ کي مٽائي خيوش لکڻ جو ڇا مطلب؟ صحيح لفظ جي جاءِ تي غلط لفظ ڄاڻي ٻجهي لکڻ مان گرامي صاحب جي مراد ڇا هئي؟ “خويش، اقارب” يا “خويش و اقرب” ته معروف چوڻيون آهن. سنڌي زبان ۾ مشهور چوڻي آهي اڳ ۾ ‘خُويش پوءِ درويش’. ڪم از ڪم آءٌ ته محترم غلام محمد صاحب گرامي جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهان مگر سمجهه ۾ به نٿو اچي ته هن صاحب ائين ڇو ڪيو؟ صحيح لفظ ڪڍي ان جي جاءِ تي غلط ۽ اهڙا لفظ جيڪي ڪنهن به ڊڪشنريءَ ۾ موجود نه آهن اهي رکيا آهن. ان جو فيصلو آءٌ قارئين ڪرام تي ڇڏيان ٿو. هن قسم جا 10-20 لفظ هجن ها ته آءٌ گرامي صاحب جي هن زيادتي کي سندس تعلقات ۽ خدمات جي زير نظر، نظر انداز ڪري ڇڏيان ها مگر هتي ته صفا ڪلور ڪيل آهن. سٽن جون سٽون الٽ پلٽ ڪيل آهن.

گرامي صاحب سنڌ جو ماياناز اديب، عالم ۽ نقاد ضرور آهي مگر سندس سڃاڻپ هڪ عظيم شاعر طور نه آهي. شاعر جي تعريف مون حضرت بلبل جي سوانح ۾ ڪئي آهي ۽ حضرت ضياءُ الدين ضيا به ديوان بلبل جي مقدمه ۾ نهايت وضاحت سان ۽ عالمانه انداز سان ڪئي آهي. اسان ٻنهي جو نظريو اهو آهي ته سچي شاعري ئي شاعري آهي جيڪا الله تعاليٰ طرفان تحفي طور عطا ٿئي ٿي ۽ ان شخص جي جينس (Genes) ۾ ورثي طور اچي ٿي. جيڪو ماڻهو محنت، مشقت ۽ پنهنجي علم جي زور تي ڪو شعر لکندو ته ان ۾ رنگ ته برابر هوندا مگر خوشبو نه هوندي. اهڙو شاعر سچو ۽ فطري شاعر نه آهي. جناب مرزا اجمل بيگ صاحب جي هڪ چونڊ تحرير به مون هتي انهيءَ خاص مقصد لاءِ شروع ۾ رکي آهي ڇو ته ان ۾ سچي ۽ ڪسي شاعر جي سڃاڻپ تي بحث ڪيل آهي. گرامي صاحب جو هڪ خط به شامل ڪيل آهي جنهن مان معلوم ٿيندو ته گرامي کي ڪنهن ڳالهه تان بابا سائينءَ سان ڪا رنجش هئي. مون گرامي صاحب جي زيادتي متعلق پنهنجا تاثرات جيڪي “اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا” جي عنوان تحت نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمون ۾ قلمبند ڪيا آهن اهو مضمون به شامل ڪيو اٿم.

گرامي صاحب مرحوم اسان جو پاڙيسري ۽ عزت ڀريو شخص هو. اسان سان سندس تعلقات تمام پراڻا ۽ پنهنجائپ وارا هئا، هيءَ ڳالهه به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ميهڙ تعلقي جا سمورا طرم خان اسان جي اوطاق تي ايندا هئا، مگر بابا سائين ڪڏهن به ڪنهن جي اوطاق تي نه ويو هو. ڳالهه جو مطلب ته محترم گرامي صاحب جا ۽ سندس مائٽن مٽن جا جهڳڙا ۽ ٻيا گهڻا ڪم بابا سائين حل ڪندو ۽ حل ڪرائي ڏيندو هو، ٿي سگهي ٿو ڪو ڪم نه ٿيو هجي ۽ محترم گرامي صاحب کي رنجش رهي هجي. هي سموريون غلط شيون بابا سائين جي وفات کان پوءِ ٿيون آهن. سندس حياتي ۾ مولانا گرامي ته ڇا ڪو وڏي ۾ وڏو ماڻهو به تڪڙ ڪرڻ جي جسارت جي لائق نه هو. گرامي صاحب محسوس ڪيو ته رئيس صاحب ته هاڻي نه رهيو آهي، باقي اسان ۾ کيس اهڙي ٿوم نظر ئي نه آئي تنهن ڪري ان قسم جي تصحيح ۽ ترميم ڪري ڇڏيائين. بهرحال مرحوم کي الله تعاليٰ بخشي جنت ۾ جاءِ عطا ڪري. آخر هو به ته هڪ انسان هو ۽ غلطي انسان کان ئي سرزد ٿيندي آهي. هر ماڻهو پاڻ کي پوري دنيا کان وڌيڪ عقلمند سمجهندو آهي، ٿي سگهي ٿو گرامي صاحب به اهڙي جذبه تحت بلبل جي ڪلام جي تصحيح ۽ ترميم ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ته هو بلبل جي ڪلام کي به درست ڪرڻ جي لياقت رکي ٿو ۽ پنهنجي اهڙي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ غلط لفظ ڇڏي ڏنائين جيئن ماڻهو سمجهن ته بلبل کي شاعري ايندي ئي ڪونه هئي.

هيءُ سڀ ڳالهيون لکڻ نهايت ضروري سمجهي لکيون اٿم جو مون کان پوءِ انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه شاهد يا ڄاڻڻ وارو نه رهندو ته “ديوان بلبل” سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ويا آهن. مون وٽ ديوان بلبل جا اصل ڇاپا مختلف وقتن تي شايع ٿيل موجود آهن. انهن کي ڀيٽبو ته هڪ صحيح ڪاپي ٺهي پوندي. ڪلامِ بلبل سان به ساڳي ڪارروائي ٿيل آهي. سنڌي پريس ۾ گرامي صاحب جي هن غير مناسب عمل تي جا ڇتي تنقيد ٿي هئي اهو زمانو 1970ع کان 1984ع وارو هو. هن ڳالهه کي اٽڪل 40 سال گذري ويا آهن ۽ هي قصو، قصه پارينه ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن آءٌ اهڙي نشاندهي نه ڪري ويندس ته ڄاڻي واڻي غلط ڪيل ڪلام حضرت بلبل سان منسوب ٿي ويندو ۽ هر ڪو ان کي حضرت بلبل جو ڪلام ئي سمجهندو ان ڪري هيءَ لکت نه چاهيندي به مون کي لکڻي پئي آهي.

هن تحرير ۾ مون سنڌ جي برک ۽ ممتاز اهل قلم حضرات جا شاهڪار مضامين هڪ هنڌ جمع ڪري قارئين اڳيان پيش ڪيا آهن، انهيءَ اميد سان ته حضرت بلبل متعلق سمورو مواد محفوظ به ٿي ويندو ۽ اهلِ قلم حضرات لاءِ به آساني ٿيندي. اميد ته اهڙو ئي هڪ ٻيو ڪتاب به مهيني ٻن اندر اهل علم حضرات لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن جا مضامين اردو زبان ۾ حضرت بلبل تي لکيل آهن. اميد اٿم ته اهلِ علم ۽ اهلِ قلم حضرات هن سلسلي ۾ منهنجي هر طرح جي رهنمائي ڪندا ته احسانمند رهندس.


شمس ابن ضيا ابن بلبل