شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

بلبل مرحوم جو اصلاحي ڪردار

ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ

سنڌ جي پاڪ زمين هر هڪ دور ۾ ڪي اهڙيون هستيون پيدا ڪيون آهن جن جي علم و فن ۽ فڪر سان دنيا جو هي خطو هر وقت روشن رهيو آهي. تاريخ جي شروعات کان وٺي اڄوڪي دور تائين سنڌ ڪئين عالم ۽ فاضل شخص پيدا ڪيا آهن جن جي قابليت ۽ ڪمال مان نه فقط سنڌ جو عوام پر سڄي دنيا جا ماڻهو فيضياب ٿيا آهن، شاعرن جي به هتي ڪا گهتائي ڪانهي. اهو صحيح آهي ته ڪيترن شاعرن جو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي، پر ان هوندي به جيڪو هٿ چڙهيو آهي، سو ڪنهن به حالت ۾ ٻين ٻولين جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. شاعرن جا گهڻيئي قسم هوندا آهن، ڪي تعميري ته ڪي تخريبي، ڪي اصلاحي ته ڪي عاشق مزاج، ڪي طنزيه ته ڪي ڳنڀيرڪي ٽچ ميٿڊ (يعني في البديهه) ته ڪي وري چٽ ميٿڊ (يعني جڙتو)، ڪي عوامي ته ڪي وري علائقائي شاعر هوندا آهن. انهن سڀني ۾ عوامي ۽ تعميري يا اصلاحي شاعر جو درجو سڀ کان اعليٰ ۽ بلند رهيو آهي.

ميان شمس الدين “بلبل” جي تصنيفن مان ظاهر ٿو ٿئي ته هو طنزيه ۽ اصلاحي شاعر هو. عاشق مزاجي جي به ڪجهه چٽ سندس ڪلام ۾ مليل ٿي ڏسجي، جنهن ڪري اهو وڌيڪ سهڻو ۽ دل لڀائيندڙ ٿيو پوي. “بلبل سنڌ” لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته هو اترادي هو ۽ ميهڙ شهر جو رهاڪو هو. سندس وڏا مڪران جي طرف کان آيا هئا ۽ چينه يا (شينه) قوم مان هئا. (1)، پر سندس ديوان جي ديباچي ۾ کيس ذات جو ابڙو ڪري لکيو ويو آهي. بلبل جي تعليم سنڌ جي پراڻي رسم موجب قرآن شريف، نور نامي ڪريما، گلستان بوستان، ديوان حافظ وغيره تي مشتمل هئي، جا انگريزن جي سڄي دؤر ۾ سڄي سنڌ ۾ رائج هئي، پر هاڻي گهٽجي چڪي آهي. جوانيءَ ۾ هن وڃي ڪراچي وسائي، جتي حسن علي آفنديءَ کيس “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ڪري رکيو. انهيءَ اخبار ۾ سنڌي شاعرن جا بيت ۽ غزل وغيره شايع ٿيندا هئا، ان ڪري هن به انهيءَ صنف تي ڪراچي ۾ طبع آزمائي شروع ڪري ڏني. جيئن ته سندس ذهن جو لاڙو شعر ۽ شاعري ڏانهن اڳيئي هو ۽ ويتر ڪا عشق جي چپيٽ به لڳي ويئي هيس، ان ڪري ٿوري عرصي اندر هو هڪ سٺو شاعر ٿي پيو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته بلبل پنهنجي شعر جي شروعات فارسي ڪتاب جي نظم جي طرز ۽ وزن تي ڪئي هئي، جن سان ڪيتريون ئي سٽون پنهنجي نظم ۾ آزادانه استعمال ڪيون آهنس. مثال طور:

پيارج ڪو اڄ بير وسڪي جو پا

“ڪريما به بخشائي بر- حال ما”

وڏا مان ڪيان ٿو ولايت لئي وس

“نداريم غير از تو فرياد رس”

متان هي اسان کي منجهائن ملا

“نگهدار مارا ز راهه- خطا” (2)

اهڙي طرح ٻئي هنڌ وري هيئن ٿو چوي:

ٻڌي وارن ۾ وانگوڙو هلي ٿي “مس” جڏهن بلبل،

“زتاب جعد مشڪينش چه خون افتاد در دلها” (3)

هن شعر ۾ “مس” جي وانگوڙي کي انهيءَ خوشبوءِ دار چڳ سان تشبيهه ڏني آهي، جا هڪ خاص قسم جي هرڻ ۾ هوندي آهي ۽ جنهن مان مشڪ پيدا ٿيندو آهي.

مٿئين شعر مان ظاهرٿو ٿئي ته وانگوڙو ڪڍڻ انهيءَ دور ۾ ڪراچيءَ ۾ فيشن هو، پرهاڻي ته ڳالهه ئي اور آهي. ٽيڊي ڇوڪريون وار ننڍا ڪيو ٺوميون ٿيو وتن يا ته وري چوٽن جا وار اهڙي طرح مٿي چاڙهي ٿيون ٺاهين جو مٿي مان ٻه مٿا ٺهيو پون. جوانيءَ کي جس آهي، جيڪي ٺاهين سو ٺهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيئي مثال آهن، جن۾ بلبل فارسي شاعرن جي بيتن ۽ غزلن جون ڪيئي سٽون پنهنجي ٺاهيل نظم سان گڏ استعمال ڪيون آهن.

بلبل جي ڪلام کي چڱي طرح جاچ پڙتال ڪري ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته سندس شاعري ٽن قسمن جي آهي: طنزيه، عشقيه ۽ اصلاحي، پر سندس شاعريءَ مان اهو پڻ ظاهر ٿو ٿئي ته هو پراڻن خيالن جو ماڻهو هو، جنهن تي سندس مائٽن ۽ ماحول جو ٽالپري عهد وارو سچائي، اخلاص، شرافت ۽ مانَ ڀريل ثقافت جو اثر هو. اهوئي سبب آهي جو هو انگريز ۽ سندن زبان انگريزيءَ ۽ پڻ مغربي تهذيب جي سنڌين مٿان اثر انداز ٿيڻ جي خلاف هو. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ غير مسلم قومن کي ڏاڍو زور وٺايو ۽ مسلمانن جي تذليل ڪئي. نه فقط ايترو، پر اڃا سنڌ تي قابض ئي ڪونه ٿيا هئا، تڏهن به هنن پنهنجي وت آهر سنڌ جي اميرن، نوابن، عهديدارن وغيره جي بي عزتي ڪئي هئي، جنهن جو اعتراف ڪرنل ايسٽوڪ پنهنجي مشهور ڪتاب”Dry leaves from young Egypt“۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. (4) ٻيو سبب وري هي هو جو بلبل صاحب هو فارسي ۽ سنڌي پڙهيل ۽ڪراچي ۾وڏا عهدا مليل هئا انگريزي پڙهيل ماڻهن کي، ان ڪري سندس انگريزن سان عداوت قدرتي طور هئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:

جي ڪندين ڪين تون انگلش کي ادا ياد

ته ترڪ ترقي کي ڏيئي بيهوده بيڪار ٿي هل

علم عربي ۾ ڪيئي عمر اجائي ضايع

جي پڙهيئي فارسي ته ڪمتر ڪوٽار ٿي هل (5)

اهو فقط بلبل جو طريقيڪار ڪونه هو، پر سنڌ جي مسلمانن جي وڏي حصي ۾ به انگريزن جي خلاف نفرت هئي. اهو انهيءَڪري جو انگريزن غير مسلم عناصر کي سندن غداري ۽ ملڪ دشمني جي صلي ۾ وڏا عهدا ۽ انعام اڪرام ڏيئي نوازيو هو. بلبل جيئن ته انهيءَ دور جي پيدائش هو ان ڪري کانئنس اهو ڏٺو نه ٿيو. ان ڪري انهيءَ بي انصافي جي خلاف هن هيءُ آواز اٿاريو:

“مسلمان هندن ۾ آڻيو تميز

ته ڪيئن پست هي ٿيا ۽ ڪيئن هو عزيز

لقب واهه “ديوان صاحب” وڻيو

ننڍو ۽ وڏو راءِ صاحب بڻيو

ڪيائون ترقي ته تعليم ۾

پکڙجي ويا ساري اقليم ۾

جو هڪڙا ته جج ۽ اسسٽنٽ ٿيا

ڏسو ٻيا ته بيرسٽر بڻيا

جو هڪڙاته ڊپٽي ۽ مختيارڪار

ته ڪي ڪليڪٽر ڪي دفتر مدار

جي هڪڙا هيڊ منشي ته ٻيا اورسيئر

جي هڪڙا سپروائيزر ته ٻيا انجنيئر

جي هڪڙا سب رجسٽرار ته ٻيا فوجدار

سول جا ڪي ناظر ته ڪي سرشتيدار

جي هڪڙا پليڊر ته ٻياپبلشر

جي هڪڙا مينجر ته ٻيا ايڊيٽر

مڙيئي آفيسون ڄڻ انهن جون خريد

ٿين ڪونه کاتو ۽ عهدوبعيد.” (6)

بلبل صاحب هندن جي انگريزن هٿان همت افزائي ۽ انهن جي ترقيءَ جو جيڪو نقشو چٽيو آهي تنهن جي هر هڪ سنڌي مسلمان کي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته آزادي کان اڳ مسلمانن کي ڪلارڪي جي نوڪري به مشڪل سان ملندي هئي ۽ جيڪي هن وقت وڏن عهدن تي فائز آهن سي ڪنهن به حالت ۾ڪلارڪي کان مٿي چڙهي نه سگهن ها. پاڪستان نه ٿئي ها ته مسلمانن جي حالت به نه بدلجي ها پر دنيا جوعجب رنگ آهي:

اسپ تازي شده مجروح زير پالان

طوق زرين در گردن خر مي بينم

ظاهر آهي ته بلبل جو قلم انگريزن ۽ انهن جي تهذيب جي خلاف هليو، جن جي رهڻي ڪرڻي، لباس ۽ فيشن وغيره سنڌ جي مشرقي ماحول ۽ روايات جي خلاف هو. انڪري هن مسلمانن کي انگريزن جي انڌي تقليد کان باز رکڻ خاطر ٽوڪ ۽ طنزيه نموني جي روش اختيار ڪئي آهي، جنهن جامختصر حوالا هيٺ ڏجن ٿا:

پڙهو انگريزي ڪيو اوج اعليٰ

وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو

وٺي فيمليون پنهنجون فرحت سان ٻاهر

صبح سير ڪارڻ بگين ۾ بٺايو

شرم ۽ حيا کان ڪيو پنهنجو پاسو

ڦري مال بينڪن ۾ پيسا بچايو

ڪيو ڪوڙ ۽ سچ جي ڪوشش نه ڪائي

لکو هڪ ته تنهن کي پڙهي ٻي ٻڌايو

ڏيو ڪن نه ڪنهن کي جي ڀونڪن ٿا ڪتا

اوهان پنهنجي بلبل بنا پر اڙايو (7)

وري ٻئي هنڌ هيئن ٿو چوي:

وڃي هڪ شاپ تي ويهي برانڊي کي ڪيو هاها

“الا يا ايها الساقي ادرکا ساوناولها”

زمينون زر ڦرائي پو وڃي پئو قرض ۾ ڪاهي

“که عشق آسمان نموداول ولي افتاد مشڪلها”

ولايت ڏي وڃي ٿو ميل اسٽيمر ڪيو جلدي

“جرس فرياد مي دارد که بر بنديد مهملها”

ڏني آهي پير مون کي پادري لڪچر تنهنجي لذت

“که سالڪ بي خبر نه بود زراه ورسم منزلها” (8)

نئين حڪومت جي ڪري معاشري ۾ جيڪي خرابيون اچي پيون هيون تن جي ازالي جي به ضرورت هئي،ٻيو ته انگريزن اچڻ سان اسان جي هنر ۽ صنعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. اهو انهيءَ ڪري جو کين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مال جو وڪرو وڌائڻو هو.نتيجو اهو نڪتو جو ديسي صنعتڪارن ۽ ڪاريگرن جي تذليل ڪئي ويئي ۽ سندن پيشي ۽ ڌنڌي کي ننديو ويو نه فقط ايترو پرکين گهٽ ذات جو تصور ڪيو ويو. اڄ تائين اوهان ڏسندؤ ته واڍو، موچي، لوهار، حجام ۽ کنڀاٽي وغيره نهايت ئي گهٽ سمجهيا وڃن ٿا، ان ڪري اهي پنهجي ذات بدلائڻ تي مجبور ٿيو وڃن. انهيءَ مصيبت جو بلبل هن طرح نقشو چٽيو آهي:

آهي نئين تعليم گڙ ٻڙ درجهان انداخته

حرڪتون شيطان آڻي درجهان انداخته

عمر ساري علم انگريزيءَ ۾ پوري ڪري

اڄ هنر ۽ڪسب کي گهر ۾ نهان انداخته

علم انگلش جو ڏسي اڄ زور بلبل بيگمان

عقل اهڙي وقت در تاب و توان انداخته (9)

انگريزي تعليم سان گڏ انگريزي نظام جي اچڻ ڪري انتظام ۾ جيڪا ڦير گهير پيدا ٿي سا به بلبل کي ڪانه وڻي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ رڳو هئي غريبان مار ۽ انصاف به ڏاڍو ڏکيو ٿي مليو. رشوت ملڪ ۾ ڪاهي پيئي هئي، جنهن ۾ چور ۽ ڀاڳئي سان ساڳي روش اختيار ڪئي ويندي هئي. سو هن سهڻي طرح تمثيلي حوالا ڏيئي اهڙن واقعن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مثال طور پوليس جي جاچ جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:

ڏسو پوليس جو تلبيس ملڪ الموت جان مارو

مثال گرگ ڳاڙهو وات سر ۽ ٻيو بدن ڪارو

هجي سوناري جو سو ڌڪ لوهر ٿو هڻي هڪڙو

ڪٿي جهرڪيون ڪٿي ٿيو گرڙ پک جولهس لامارو

رهن ٿا ديو هيبت ناڪ جان ڪرڙا ڪنسٽيبل

ڏسو جو وارداتن تي لڳي ٿو تن سندو وارو

ستمگر سنگدل ٿيا صاف صوبيدار صاحب جن

رکن ٿا جور جمعدار جابر سي جفا ڪارو

هجن راڪس اهي رهزن سپاهي سڀ وڏاننڍا

انسپيڪٽر بهادر “برڙ باڪس” جان رکن بارو

ڀلي ڀاڳئي ڏنو اطلاع جي چوري چڪاري جو

اچي ٿيندو مٿي ان گند گارين ويڻ وسڪارو

“يڪي نقصان مايه” “ٻيو شماتت راز همسايه”

ٽيون پادر پليسي پيو اچي منجهه ويچارو

گهرن ٿا گاهه ۽ داڻو آڻيو ڪاٺيون ڪڪڙ ڇيلا

ڪرن ميڙي ڪٺا ماڻهو، وجهن تن جي مٿان مارو

ڀري چالان ڪوڙو ڪيس ڪورٽ ۾ ڪندا داخل

وجهي ڪوڙا سچا شاهد رکي بهتان جو بارو. (10)

مٿين ۽ ٻين انيڪ مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته هن همدردانه نموني ۾ سنڌ جي عوام سان خاص ڪري ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زبردستيءَ کي بي نقاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ڪامورا ڪڙا پنهنجي براين کان واقف ٿي پاڻ سڌارين ۽ خدا جي مخلوق کي ستائڻ کان باز اچن. ٻئي طرف وري عوام کي سندن براين ڏانهن متوجهه ڪيو آهيس ته جيئن اهي بريون عادتون ڇڏي پنهنجي اصلاح ڪن، شراب، ڀنگ وغيره کان پاسو ڪن. شراب واپرائڻ تي سندس طنزيه شعر اڳيئي ڏنل آهي. هاڻي ڀنگ بابت ملاحظه فرمايو:

مرد موالين لاءِ معجون آهي ڀنگ

عشرت ۽ عيش ڪارڻ افزون آهي ڀنگ

ڪونڊو تنهين جو دائر هفت زمين جو

ڏنڊو تهين جو گردش گردون آهي ڀنگ

پنڪي تنهين جي منزل ملڪوت تي رسي

خشڪي تهين جي مقصد مجنون آهي ڀنگ

پرولي تنهنجي ڪو ته پروڙي موالي مرد

بلبل جو معاني مضمون آهي ڀنگ. (11)

انگريزن جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ماڻهن جو رجحان سادگي، شرافت ۽ ديانتداري مان بدلجي، بي ايماني، ٺڳي ۽ اجائي ٺٺ ڏانهن وڌڻ لڳو. جتي ڪٿي پيسي ۽ زر جي ڳالهه ٿيڻ لڳي، زر کانسواءِ ماڻهو لاچار ۽ بيڪار تصور ڪيو ٿي ويو ۽ اڄ به اهوئي رنگ هن ملڪ کي وٺيو بيٺو آهي. بلبل صاحب تمام مزاحيه انداز ۾ زر ۽ زر جي زور بازيءَ جو نقشو چٽيو آهي، جو نه فقط دلچسپ آهي، پر نصيحت آميز به آهي:

 ٿي زر جي زور بازي

ڪر موج روز تازي

زر جي آ ڪامراني

هر ڪائي ماسي ناني

زر سان جهنگ بازار

بي زر شهر ۾ پادر

زر ساڻ سڀڪو گهرو

قربان سس ۽ سهرو

زر سان ڪوجهو ۽ ڪاڻو

چريو به سڏجي سياڻو

زر ٿو وڌائي نالو

صدقي ٿئي پيو سالو

بلبل ڀليا جي هن ۾

دنيا جي گل چمن ۾

 

 زر آهه ته عشق ٺهه پهه

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

جاني سڏي پيو جاني

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

جو گهر ٿئي سو حاضر

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

چاچو ۽ ڀاءُ چهرو

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

اڳ ۾ اهو اگهاڻو

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

توڻي هجي رزالو

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

سي ئي رليا سخن ۾

زر آهه ته عشق ٺهه پهه

بلبل جي اصلاحي تبليغ جو دائرو نه فقط نظم تائين محدود هو پر نثر ۾ به تمام گهڻو مواد موجود آهي. سندس مشهور ڪتاب، “قلندر جو ميلو” ۾ هن عوام جو ڌيان ميڙي ۾ ٿيندڙ خرابين ڏانهن ڇڪايو آهي ۽ کين آگاهه ڪيو آهي ته انهن بدعتن کان باز اچي سٺن ڪمن ڏانهن پنهجو ڌيان ڌرين. هن تڪ بنديءَ تي تمام سهڻي سنڌي ۾ انهن واقعن کي اهڙو ته سٺو بيان ڪيو آهي، جو پڙهندڙ سندس لاثاني قابليت کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. انهيءَ ڏس ۾ هيٺ ڪجهه ٽڪرا ڏسن ٿا:


ڌمال جو نظارو:

ملڪ ملڪ جا فقير فڪريلا، گروهه گروهه گرو ۽ چيلا، ڪي صفا باصفا مست ۽ ملنگ ڪي آرڏونگ آڙٻنگ، ڪي روڏا توڏا يڪ سر دوگوش، ڪي لنگوٽ بند دلق پوش، ڪن کي حال ڌاڳا، ڪن کي ڪنٺا ڪستا، ڪن کي ڳانا لعل، ڪن کي ٽاميون ڇيريون، ڪن کي ڪنٺا ڪڙا، ڪن کي گهنڊ گهڙيال، ڪن کي کنجون چيلهه سان، ڪن کي سونٽا در دست، لعل و لعل، مست و مست، ٻاهر اندر قلندر مست، وڏن ماڻهن جا ڪافين تي وارا، ذري ذري جاءِ تي ماڻهن جا مارا، ٽونٽن جا اهڙا وسڪارا، جو ڦيڙها لنگيون ٻوگهل ٻارا، رنن روڳڙين جا مٿي اوتارا، ڄڻ آسمان ۾ تارا، مرد انهن کي اهڙا اوڏا، جو ڪلهاڪلهن سان، گوڏن ۾ گوڏا، تماشي ۾ اهڙيون محو منظر، جو نه تن جي سڌ نه بدن جي خبر، جي هيٺ ڏسو ته لکين آدمي گهڻا ۽ گهاٽا، ڪن ڌيان ڌمال ۾، ڪن جا مٿي ئي وات ڦاٽا، اکيون مٿي، ڀڳل ڳاٽا، هڪ ٻئي مٿان اوراٽا. (13)

ميڙي ۾ خرابيون:

“وري هيڏي ڏسو ته ڪڃري پاٽي جو دئو ٽمڪو گهڙيءَ جو ٽڪي جو ٽوئو، سو کڻي ٽنگيو، هڪ آيو ته ٻيو لنگهيو، تن کي به فرصت نه ساهي، هڪ اندر ته ٻيو ٻاهر واهي، جي واءُ ڏني ڦيري ته ٽوئو هيٺ ته مال ڍيري، ڪي ڄٽ بدڪار ته هاسڪار مٿو رنن جو ٽوئي مان پار ڪريو ڇڏين.”

“هوڏانهن وري ناٽڪ جو ڦاٽڪ کليو، ته ٽڪيٽ لاءِ پاڪٽ خالي، مليو هت وري جادو مثل، نئين نموني جو سڀ نقل، ڏينهن جو ڪارو منهن ته رات جو گل جهڙو منهن، چيلهه چمڙي جي ته رنگ بادام، مڇر مڇر جو اندر نام، ڇوڪر ڇڙي سڀ ڏيڍ گهڙي، جل پري گلتي سون، ڪلاباتي زري، گهڙيءَ جو گهات، پري پري جو پاٽ، عجب ادائون، عجب گانا، عجب سرود عجب پيمانا، سياڻا به ديوانه ٿيو پون.” (14)

نقصان:

“ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهن جو گهوڙو گم، ڪنهن جو پٽڪو لونگي چٽ ته ڪنهن جو اُٺ عدم، ڪنهنکي جوا جي هار ته ڪنهنکي شرط جي مار، ڪنهن کي پير جي پڇاڙ ته ڪنهن کي دعا جي ڌپاڙ، ڪنهن جي هڙ هلاڪ ته ڪنهن جا پيساپاڻي، ڪنهن جو داد نه فرياد ڪنهن جو ڌڻي نه ڌياڻي، ڪنهن جو بسترو چهو ته ڪنهن جو بغچو بيران، هميشه هڪ نه هڪ جان جو نقصان به ضرورٿئي، ڪونه ڪو مڙئي ڇيهو، نه سوڻ جو نه ساٺ جو نه گهر جو نه گهاٽ جو.”

ڳوٺ واپسي:

“ٽن ڏينهن کان پوءِ ماڻهن جي پٺتي تياري ٿي، اسٽيشن آزاري ٿي، مسافر چند در چند، دروازامقفو ته ٽڪيٽ بند، پاسنجرن جي پيهه، موچڙن جي ريهه، بابو يابو ته ماستر ماندو، پوتو پامال ته سنگلر کي سياندو، واٽر مين وائڙو ته ٽڪٽ چيڪر چريو، گارڊ گوڙ بگوڙ ۾ ته ڊرائيور اڙيو، نيٺ جي وڙهي سڙهي پادر کائي وڃي چڙهيا سي چڙهيا، پر هڪ ٻئي مٿئون وڃي ڦڙهيا، ايتري ۾ ريل روان، ٽڪيٽون هٿ ۾، خلق نالان، پڙاءُ پڙاءُ تي موچڙي جو ٺڪاءُ، هر هنڌ تار ته خبردار خبردار، نه ڪلاس جو سنڌو نه پاس جو تڪرار، هڪ هڪ جاءِ تي چارچار، اهڙي دٻ دسڄڻ ٻڪرين جا ڌڻ، ڪي اڌ ويٺا ته ڪي آسيرا، ڪي اڀا ته ڪي پاسيرا، پاڻ ۾ به اٿ ويهه ۽ مٽا سٽاڪنداويا، نيٺ سڀڪو وڃي خير سان يا شر سان ڳوٺ پهتو.

“آيو منهنجي شوقي شير، ڪارو منهن نير اپير، سڀڪو ڀيلو ڀُنو، ميلو پُنو.”

قلندر شهباز جي ميلي کانسواءِ ٻيونثر جوڪتاب جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي اهو آهي: “چٽ سوال پٽ جواب” جنهن ۾ عام معلومات جا ٽوٽڪا ڏنل آهن، جي گهڻو ڪري سڀ نصيحت سان ڀريل آهن. مثال طور:

سوال: ڪراڙي ماڻهوءَ ۽ پراڻي شراب ۾ ڪهڙي مشابهت آهي؟

جواب: ڪراڙو آدمي ذليل ئي رهندو ۽ پراڻو شراب عزيز ئي رهندو.

سوال: سڀ کان تڪليف ڏيندڙ ڪهڙو ڪم آهي؟

جواب:بيڪاري ۾ خوش رهڻ.

سوال: دوست ۽ استقلال ۾ ڪهڙي مشابهت آهي.؟

جواب: اهي ٻئي مصيبت جي وقت ڀڄي ويندا آهن.

سوال: قوم سان بدي ڪرڻ وارو ڇو ڪهاڙيءَ جي ڳن جهڙو آهي؟

جواب: ڇو ته هو پنهنجي هم جنس کي ڪپيندو آهي.” (16)

انهيءَ ڪتاب ۾ اهڙا ٻيا به ڪيئي سوال جواب آهن جن جي پڙهڻ سان نه فقط ڄاڻ ۾ واڌارو ٿو ٿئي، پر ان سان گڏ نصيحت آميز تعليم به حاصل ٿئي ٿي :

آخر ۾ بلبل صاحب جي عشقيه ڪلام جا مثال طورٻه ٽوٽڪا پيش ڪجن ٿا، جن مان بلبل صاحب جي قابليت ۽ سندس سنڌي ادب ۾ مقام جي خبر پوي ٿي:

دل لڳڻ سان دل ڪري جهٽ پٽ

ماه رخن تي وڃي مري جهٽ پٽ

حسن اڳيان هي دل پتاشو ڏس

جيئن پاڻيءَ ۾ ٿو ڳري جهٽ پٽ

جي ڪريان ٿو سوال بوسي جو

هٿ هڻي ٿو وڃي پري جهٽ پٽ

ٻيلي ڏاها مون کي اهو ته ٻڌاءِ

وئي دلڙي سو ڪيئن اڙي جهٽ پٽ (17)

دل کي پتاشي سان تشبيهه آءٌ ڀانيان ٿو ته فقط بلبل ئي ڏني آهي ۽ ڪهڙي ته سهڻي تمثيل آهي، جيئن پتاشو پاڻي ۾وجهڻ سان ڳريو وڃي اهڙي طرح انسان جي دل پنهنجي محبوب کي ڏسڻ سان ڳريو پاڻي ٿيو وڃي. وري ٻئي هنڌ هيئن ٿو چوي:

دونالي دو چشمن ۾ بيني جي مک
نظر لاءِ نيشان آهي عبث
لڄائي ٿو لالي لبن جي پرين
چپن ۾ چٻڻ پان آهي عبث
عبادت ڪرڻ آهي افضل، مگر
بنا عشق انسان آهي عبث (18)

بلبل صاحب سچ چيو آهي ته هر ڪنهن زندگيءَ جي پهلوءَ جي پوئواري ۽ ڪامياب زندگي لاءِ عشق جو هجڻ ضروري آهي، نه ته ماڻهو جو منزل مقصود تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پوي.

بلبل جي مشهور تصنيفون هي آهن:

(1) ديوان بلبل ۽ ڪريما نيچرل (2) قلندر جو ميلو (3) چٽ سوال پٽ جواب (4) بهار عشق (5) تيرهن ڄار مڪرن جا مار (6) آئينه تجارت مايه ظرافت (7) شمس اللغات (8) ظريف الدوله (9) گلزار لطائف (10) بخت بازي (11) ڪارو نيشن ڪپ (12) عقل ۽ تهذيب (13) مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار (14) انگريز ۽ مسلمان (15) مسلمان ۽ تعليم (16) جام جم (17) رحيما سنڌي (18) بهارستان بلبل.

مٿين ڪتابن مان فقط پهريان ٽي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي لئبريري ۾ موجود آهن. ٻيا ڪتاب نه ته يونيورسٽيءَ لئبريري ۾ آهن ۽ نه وري سنڌي ڊپارٽمينٽ يا سنڌي اڪيڊمي ۾ آهن. افسوس آهي ته اهڙي شاعر ۽ ليکڪ جا ڪتاب ناپيد آهن،جن کي پڙهي جيڪر ماڻهو فيض پرائي سگهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سونهري دور معلوم ڪري سگهن.


حوالا ۽ سمجهاڻيون

  1. خليل: “بلبل سنڌ” ص-3، فارسي سٽن جي هيءُ معنيٰ آهي:
  2. ڪريما نيچرل: ص 42. (1) اي ڪريم! اسان کي بخش ڪر ۽ اسان جي حال تي رحم ڪر. 02) توکانسواءِ اسان جي فرياد ٻڌڻ وارو ٻيو ڪو ڪونهي. 03) اسانکي خطا جي رستي کان بچاءِ.
  3. ديوان بلبل: ص-7، “جعد” فارسي ۾ مينڍا يا مينڍين کي چئبو آهي، جن جي مٿي تي اڳيان ننڍڙيون چوٽيون هونديون آهن. “جعد مشڪينش” جي معنيٰ آهي خوشبوءِ دار چڳون.
  4. ڪرنل ايسٽوڪ: نئين مصر جا پراڻا ورق: ص-59، 79، 81
  5. ديوان بلبل: ص-27 ڪوٽار تپيدار جي پٽيوالي کي سڏبو آهي. مسلمان حاڪمن جي دور ۾ ڪوٽار سڄي شهر جو حاڪم هوندو هو، پر انگريزن انهيءَ عهدي جي تذليل ڪري انهيءَ کي گهٽائي ڪمتر ڪري ڇڏيو،
  6. مهراڻ: سماهي– 3– 1963: ص-326.
  7. ديوان بلبل: ص-34
  8. ديوان بلبل: ص-1 ۽7، ديوان حافظ جي شعر جي طرز ٺاهيل آهي ۽ انهيءَ سان بلڪل مليو اچي. پهرين سٽ عربي جي آهي، جا حافط، يزيد بن معاويه جي ديوان تان ورتي آهي. چئن ئي سٽن جو مطلب هي آهي: (1) اي ساقي؟ صراحي ۽ شراب جي گلاس کي ڦيرو ڏيندو اچ. (2) عشق جيتوڻيڪ شروع ۾ آسان لڳندو آهي، پر جڏهن ماڻهو ڦاسي ٿو تڏهن ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿيو پوي. (3) گهنڊڻي پئي لڳي ته جلد ڪري ٿپڙ ٻڌو قافلو هلڻ وارو آهي. (4) جو پهتل شخص منزل جي راءِ ۽ رسم کان واقف هوندو آهي.
  9. مهراڻ- سه ماهي 3-1963: ص-201.
  10. مهراڻ- سه ماهي-3-1963: ص 208.
  11. ديوان بلبل: ص-26.
  12. مهراڻ- سه ماهي-3 سهد: ص-209.
  13. مهراڻ-3-1960: ص-325.
  14. مهراڻ-3-1960: ص-325، 326، 327.
  15. بلبل: چٽ سوال پٽ جواب: ص-39، 41.
  16. ديوان بلبل: ص-10.
  17. ديوان بلبل:ص-11.