شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم شمس الدين ؒ بلبل جا ادبي اوليات

حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي

مرحوم بلبل اهڙي زماني ۾ نشو و نما پاتي هئي، جنهن ۾ سنڌي شاعري، توڻي نثر نويسي، مطلب ته سمورو سنڌي علم و ادب پراڻي نموني جو هلندڙ هو. سنڌي نثر جو ڪنهن نامعلوم وقت کان وٺي مقفيٰ نمونو ٿي هليو پي آيو، جنهن کي به اڄ ڪلهه نظم ليکيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ نثر آهي جو ٻيو روپ وٺي سچي پچي مقفيٰ نموني ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جو پڌرو مثال ڪتاب “گل خندان” مرحوم آخوند لطف الله جو جوڙيل ۽ مرحوم قاضي هدايت الله مشتاق جو ڪتاب “هدايت الانشا” ۽ ٻيون تصنيفون آهن. بلبل مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسي جي طرز ايجاد ڪئي. در حقيقت مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد آهي. البت ڪٿي ڪٿي مرحوم بلبل مقفيٰ عبارت ڏي به لاڙو ڪيو آهي. جهڙو قلندري ميلي جو ڳچ ڀاڱو مقفيٰ آهي، پر سندس ايڊيٽري ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور، فصيح ۽ بليغ نثر نويسي جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر مسافر يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم مخلص سي سڀيئي بلبل مرحوم جا مقلد ۽ خوشه چين آهن.

ظريفانه شاعري: هن ڳالهه کان هرگز انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ظريفانه شاعري جو پهريون پهريون موجد بلبل مرحوم آهي، هن جو مخترع دماغ قومي اصلاح بابت ڏاڍي جرئت ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ لڳو. مسلمانن ۾ هڪ طرف انگريزي تعليم جي برخلاف سخت نفرت پيدا ٿيل هئي ۽ ٻئي طرف يورپ وارن جي انڌي تقليد مسلمانن جي ثاني طبيعت ٿي چڪي هئي. بلبل مرحوم ٻنهي خرابين جي برخلاف زور شور سان قلمي جهاد شروع ڪيو، پر اهڙي ظريفانه رنگ ۾ وڙهيو، جو سندس هر هڪ جملو يا هر هڪ مصرع دل ۾ جاءِ ڪري ٿي ويئي ۽ ڪنهن کي به ضد ۽ چڙ نٿي ٿي ان جو ٿورو تفصيل هن ريت معلوم ڪرڻ گهرجي.

شراب نوشيءَ خلاف بلبل مرحوم مسلمانن کي هن طرح سٽيو:

پيارج ڪو اڄ بيئر وسڪي جو پا
ڪريما به بخشا ئي بر حال ما

مسلمانن جي غفلت ۽ سستي جهڙي طرح کين دنيا ۾ بي وقار بنايو. اهڙي طرح دين کان به غافل رکيو ان بابت فرمائي ٿو:

نمازون نه پڙهه ساڻ مخرج ۽ مد
ڪزو ننگ دنيا و عقبيٰ بود
ملان هي جي موڙها ۽ سوڙها وتن
ڪه دولت به طاعت توان يافتن
مگر قاعدو ڪرمنل بي گمان
ڪشايد در دولت جاودان

يورپ جي تقليد ۾ رڱجي مسلمان اسلامي احڪام کان بي پرواهي ڏيکاري رهيا هئا. انهن کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

ڪتي پستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور
نباشي ز گلزار فردوس دور
تون پيشاب پنهنجي کي هلندي ۾ هار
ڪه جنت بود جائي پرهيزگار
پئين ڇو نه تون شوق دل سان شراب
مڪن خانهئ زندگاني خراب

مغرب زده مسلمان بابت فرمائي ٿو:

ما مقيمان ک کوئي دلداريم
صورت بوز نه به رفتاريم
اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو جو انگلش کان
اوفتاده جداز گلزاريم
هاءِ هاءِ اي مس ولايت پاڪ
اي زبهر تو عالم نمناڪ

ڪريما نيچرل ۽ مامقيما نيچرل سڄي انهيءَ ناصحانه ۽ ظريفانه رنگ سان ڀريل آهي. ان جو مطالعو ڪبو ته بلبل مرحوم جي خدا داد قابليت ۽ شاعرانه قوت جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀئي ظريف شاعر ويندي مخلص تائين بلبل مرحوم جا متبع ۽ خوشه چين آهن.

تضمين: هن فن ۾ بلبل مرحوم پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪوبه ساڻس همدوش ٿي نه ٿو سگهي. مثلاً:

وڃي هڪ شاپ تي ويهي برانڊيءَ کي ڪيو هاها
الا يا ايها الساقي ادرڪلسا و ناولها
آهن ڪوڙا رڳا قاضي وتن ٿا برهمن تبليا
کجا دا نند حال ما سبڪساران سا حلها
وجهي وارن ۾ وانگوڙا هلي ٿي مس جڏهن بلبل
زتاب جعد مشڪينش چه خون افتاد درد لها

..... .....

سانجهي صبح جو چاڙهج ڀنگ جو ڀري پيالو
تابرتو عرض دارو احوال ملڪ دارا
پٽڪو ڳچيءَ ۾ پاتل جي گهلبو ڏسين تون
اي شيخ پاڪدامن معذور دار مارا

..... .....

گهرجي شائق کي هڪ پيالو شراب
الصبوح الصبوح يا احباب
هڪ پري چهره پڻ هجي همدم
المدام المدام يا احباب

ظريفانه رنگ ۾ مرحوم بلبل جو سنڌي نثر خواهه نظم ۾ ڪوئي ثاني نه آهي، تيرهن ڄار مڪرن جا مار توڙي چمن قربان جان وغيره ظريفانه رسالا ۽ اخبار آفتاب سنڌ سکر جا پرچا پڙهي ڏسو. ڪريما جو تضمين توڙي مامقيما جو تضمين اسان جي دعويٰ جو پڌرو ثبوت آهن.

زبان جي صفائي ۽ فصاحت ۽ بلاغت ۽ اداءِ مطلب ۾ بلبل مرحوم جو مٽ ڪو ورلي پيدا ٿيندو. البت ڪلام جي موزونيت جو گهڻو خيال نه رکيو اٿس، جو ان وقت جي هر شاعر ۾ اها ڪمزوري نظر آئي ٿي. شاعري ۾ حقيقت جو نقشو ڪڍي ڏيکارڻ ڪنهن فطرتي شاعر جو ڪم آهي. بلبل مرحوم جي اها نقش طرازي ڏسو. هو نئين فيشن جي دلداده ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي چال چلت جو نقشو ڪڍي ٿو.

جينٽلمين مسين جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر ڏوڙا سوڙا
نچ وي باندر نچ وي باندر، تاڪِ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
ڪرڪيٽ بال ۾ مرد زنانا، ڊوڙن ڊڪن تال ترانا
هري هري ها ها هر هر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
چمچا ڪانٽا کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙ
شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شر شر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا

هي پوئين مصرعه اهڙي روان ۽ فصيح آهي جنهن تان ڪيترن مزاحيه شاعرن جو ڪلام گهوري ڇڏجي.

انصاف شيوه اينست که بالائي طامت ست

ظرافتي نثر نويسي جي ايجاد به سنڌ ۾ پهريائين بلبل مرحوم ڪئي پر ان ۾ سندس خاص قابليت هي آهي جو مخاطب ڪڏهن به پاڻ ڏي محسوس نه ڪندو بلڪه کلي ڏيندو ۽ سمجهندو ته مخاطب ڪو ٻيو آهي.