رئيس شمس الدين بلبل- بلبلِ سنڌ
تحرير: شمس ابن ضيا ابن بلبل
بني نوع انسان جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ خداوند ڪريم، پنهنجا صالح ٻانها هن ڌرتيءَ تي هميشه پئي موڪليا آهن، جن انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي، سندن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پئي ڪئي آهي، اهڙن صالح ٻانهن کي الله تعاليٰ خوبيون ۽ خاصيتون به خاص پئي عنايت ڪيون آهن، جن جي طفيل کين فرائض جي تڪميل ۾ گهڻي آساني رهي آهي. حضرت رئيس شمس الدين بلبل به الله تعاليٰ جي موڪليل اهڙن صالح ٻانهن مان هڪ هو، جنهن جي قابليت قدرت جي ڪرم نوازي هئي، جنهن تي اچرج کائڻ جي ضرورت ناهي.
انسان جي ترقي، انسان جي ذريعي ئي ٿي آهي. اها ترقي چاهي علمي هجي يا اخلاقي، مذهبي هجي يا معاشرتي، روحاني هجي يا جسماني ۽ تخليقي هجي توڻي تخيلي، مگر قدرت جو پسنديده طريقو اهوئي رهيو آهي يعني انسان جي ترقي انسان جي ذريعي ۽ هن ئي طريقي ۾ انسان جي عظمت جو راز رکيل آهي.
مثال طور الله تبارڪ و تعاليٰ ڪنهن قاريءَ کي خوش الحانيءَ جي خوبي عطا ڪئي ته وري ڪنهن مقرر کي جادو بياني ۽ سحر طرازيءَ جي سمڪ ڏني، ڪنهن شاعر کي سخن ۾ سرهاڻ سموهڻ، نفاست، نزاڪت ۽ سلاست سمائڻ جي سگهه ۽ سمجهه عنايت ڪئي ته وري ڪنهن فلسفيءَ کي تخيل جي طاقت ڏني، ڪنهن اديب کي قلم جي ڪلاڪاريءَ جي قوت ڏيڻ جو ڪرم ڪيو ته وري ڪنهن سياستدان کي منجهيل سٽ کي سلجهائڻ جي سوچ ۽ سرت القا ڪري، ان بعد کين هن ڌرتيءَ تي خدمت خلق لاءِ موڪليو ويو، جن پنهنجو پنهنجو حق بيشڪ احسن طريقي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي اصل ماڳ تي واپس موٽي ويا، جتان آيا هئا. مطلب ته انسان جي ڄاڻ جو ذريعو انسان ئي ٿي رهيو آهي، جنهن مان سندس اشرف المخلوقات هجڻ جو پتو پوي ٿو. الله تعاليٰ جل شاندُ جو هي طريقو پنهنجي مخلوق جي بهتري، بهبود ۽ ڄاڻ جو جاري وساري آهي ۽ رهندو. نبي بيشڪ نه ايندو مگر الله تعاليٰ جا صالح ٻانها ننڍن ننڍن ڪمن لاءِ اچڻ بند نه ٿيندا. انسان جي مادي ترقي سائنسي ايجادن جي ذريعي ٿيندي رهندي باقي دين اسلام مڪمل ٿي چڪو.
الله تبارڪ و تعاليٰ جڏهن به ڪنهن ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته ان لاءِ پهريائين اهڙا اسباب پيدا ڪندو آهي، اهڙيون شخصيتون وجود ۾ آڻيندو آهي ۽ کين ضروري خوبين سان سنواري خدمت خلق جو ڪم وٺندو آهي. هن موقعي جي مناسبت سان هي مقالو پيش ڪري سگهجي ٿو:
”اذا اراد الله شيئا هيئاً“’’اسبابه“
حضرت بلبل جو مثال ڪجهه مختلف ۽ خاص آهي. الله تبارڪ و تعالى حضرت بلبل کي پنهنجي خاص ڪرم نوازين سان نوازيو هو. اهي سموريون خوبيون جيڪي هڪ قاري، هڪ مقرر، هڪ شاعر، هڪ فلسفي، هڪ اديب، هڪ سياستدان ۽ هڪ صحافي لاءِ قدرت مخصوص ڪيون هيون، اهي سموريون خوبيون، خاصيتون ۽ صلاحيتون ۽ اهي به سڀ جون سڀ ڪمال درجي جون خداءِ عزوَ جل بلبل کي عطا ۽ عنايت ڪيون هيون ۽ پوءِ کيس خدمت خلق لاءِ موڪليو ويو هو.
اهڙيون شخصيتون تاريخ ساز هونديون آهن ۽ تاريخ جو منهن موڙي ڇڏينديون آهن ۽ دنيا جي هن اڻ کٽ شاهراهه تي پنهنجن قدمن جا اڻ مٽ نشان پنهنجن پوين جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ ڇڏي وينديون آهن. اهڙيون شخصيتون صدين بعد پيدا ٿينديون آهن ۽ سندن خوشبوءِ به صديون قائم رهندي آهي، انهن ئي ماڻهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي:-
‘‘ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.’’
مختلف اديبن، محققن ۽ اهل قلم حضرات جي ڇپيل تاثرات موجب حضرت بلبل هڪ صاحبِ طرز اديب، قومي و اصلاحي شاعر، صف اول جو جرئتمند ۽ بي باڪ صحافي، هڪ عظيم انشا پرداز، هڪ عذب البيان ۽ رطب اللسان مقرر، هڪ سياسي بصيرت رکندڙ رهنما، هڪ معامله فهم ۽ دور انديش مدبر ۽ مسلم قوم جو سچو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي ۽ هڪ کرو انسان هو. هو دوستن جو دوست ۽ دشمنن لاءِ تلوار بي نيام مثل هو. سندس اندر ۽ باطن هڪ جهڙا هئا. منهن جي مشابهت ۽ موقعي جي مطابق مصلحت کان ڪم وٺڻ کين ايندو ئي نه هو. جهڙي سندن شخصيت پرڪشش ۽ پروقار هئي تهڙي سندن سيرت قابلِ رشڪ و افتخار هئي. سندن گفتار ۾ اهڙو ته رس رچيل ۽ ميٺاج مچيل هو جو سندس دوست احباب سندن ديدار ۽ ملاقات لاءِ ماندا ۽ مشتاق نظر ايندا هئا. سندن جرئت ۽ قوت ايماني بي مثال هئي. صاحبِ ديوان به هئا ته اٽڪل پنجاهه کن ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جا مصنف به، اٽڪل اڌ ڊزن اخبارن جا مدير پڻ هئا ته ڪجهه رسالن جا ايڊيٽر به هئا. تعليمي ماهر به هئا ته عالم دين به هئا. دل جا سخي، سخن جا سچا ۽ دسترخوان جاڪشادا هئا. مجلس جا مور به اهڙا جو جنهن به مجلس ۾ موجود هجن ته ان مجلس جو نقشو ئي نرالو ٿي وڃي ۽ پوري مجلس ۾ ممتاز ۽ نمايان نظر اچن.
حضرت بلبل جي همه پهلو شخصيت تي سنڌ، پنجاب توڻي هندوستان جي اهل قلم حضرات تمام گهڻو لکيو آهي مگر اڃا گهڻو ڪجهه لکڻ جي گنجائش ۽ ضرورت آهي. سنڌ جو ڪو سڄڻ سپوت اهي وڃايل وٿون ڳولهي هٿ ڪري ۽ حضرت بلبل کي سندس اصل شڪل و صورت ۾ پيش ڪري. اهڙو ڪافي مواد سنڌ ۽ سنڌ جي سپوتن متعلق دهلي، بمبئي، حيدرآباد دکن ۽ لنڊن جي انڊيا آفيس لئبريري ۾ ضرور موجود ۽ محفوظ هوندو. هينئر ته انٽرنيٽ جي به سهولت ميسر آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي سنڌ يالاجي ۾ اهڙا ڪارنرس قائم ڪري سنڌ متعلق سمورو مواد پاڻ وٽ محفوظ ڪري وٺي.
بلبل جي زماني ۾ جيڪي به چوٽيءَ جا قومي رهبر ۽ رهنما موجود هئا، انهن ۾ بلبل جي شخصيت نهايت نمايان، منفرد ۽ ممتاز حيثيت واري هئي. ان وقت جا اهي ئي رهبر ۽ رهنما، پاڪستان قائم ٿيڻ بعد نهايت اهم ۽ ڪليدي عهدن تي فائز ٿيا، جيڪڏهن حضرت بلبل پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد به زنده هجن ها ته سندن مان ۽ مرتبو انهن کان گهٽ نه هجي ها، ڇو ته حضرت بلبل انهن سڀني قائدين ۽ عمائدين جو منظور نظر ۽ دل گهريودوست هو ۽ سڀ سندس مداح هئا، مگر الله تبارڪ تعاليٰ کي جو ڪم کانئس وٺڻو هو اهو وٺي کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. اهڙن صالح ٻانهن کي اجورو الله تعاليٰ پاڻ ڏيندو آهي، اهڙا صالح بندا ڪنهن انسان جي اجوري جا محتاج نه هوندا آهن ۽ نه وري دنيوي فائدن جا ضرورتمند هوندا آهن. جنت سندن جوءِ، فائق هليا فردوس ڏي.
حضرت بلبل، سر سيد احمد خان جي تعليمي ۽ اصلاحي حڪمت عملي ۽ نظريي جا بي انتها قائل ۽ حامي هئا. سر سيد احمد خان جي نقشِ قدم تي هلي، مسلمانن ۾ جديد علوم و فنون لاءِ شوق پيدا ڪرڻ خاطر پوري عمر پنهنجي مسلم قوم جي اصلاح لاءِ وقف ڪري سندن ڀلائي ۽ بهتريءَ جي ڪمن ۾ ڪوشان رهيا. پنهنجي پسمانده قوم ۾ علم جي چاه پيدا ڪرڻ سان گڏ سياسي شعور به پيدا ڪيائون. مسلمانن کي پنهنجي آبائي ورثي يعني پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪرڻ کان به روڪيندا رهيا ۽ هي سمورو ڪم پنهنجي اصلاحي ۽مزاحيه تحريرن ذريعي انجام ڏنائون. سندن ڪلام ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي پهلو نهايت نمايان نظر ايندا. ڪلام جي ذريعي اصلاح آڻڻ جو سندن طريقو به نهايت نرالو هو. سندن تعريضي (ironical)طرز بيان سنڌ ۾ ناياب ۽ ناپيد آهي، ادبي دنيا اندرهي خال اڄ تائين ڪير به ڀري نه سگهيو آهي.
حضرت بلبل جي نجي زندگيءَ جا ڪجهه اهم پهلو جيڪي اڃان تائين منظرِ عام تي اچي نه سگهيا آهن، انهن مان چند ضروري ڳالهين جي اپٽارڪجي ٿي. حضرت بلبل ميهڙ جي هن مردم خيز شهر ۾ تاريخ 21 فيبروري 1857ع ۾ پيدا ٿيا ۽ اتي ئي پليا، نپنيا ۽ ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. ڳوٺ گاهي مهيسر، ڳوٺ باغو تيوڻو ۽ ڳوٺ رهڙو شريف جي علمي، ادبي ۽ ديني مدارس مان تعليم حاصل ڪيائون. ان وقت ڳوٺ گاهي مهيسر جي مدرسي جو باني ۽ مهتمم مولوي عصمت الله پيرزادو هو، جيڪو شهدادڪوٽ جي مشهور و معروف ديني درسگاهه جو فارغ التحصيل عالم هو ۽ ڳوٺ شيخ ماڌوجو باشندو هو. مولوي صاحب عربي ۽ فارسيءَ جو جيد عالم هو ۽ حضرت مولانا نور محمد شهداد ڪوٽيءَ جو شاگرد رشيد هو. مولانا حضرت نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو فرزند ارجمند مولانا گل محمد به پنهنجي والد محترم جيان نامور عالم ٿي گذريو آهي. مولوي پيرزادو صاحب کان پوءِ هن مدرسي جو باني مولوي عبدالوهاب گلال ۽ ان کان پوءِ مولوي عبدالڪريم ڏيرو مدرس ۽ مهتمم ٿيو. ڳوٺ باغو تيوڻو جي مدرسي جو ان وقت باني ۽ مهتمم مولوي نبي بخش مهيسر هو، جيڪو هڪ بلند پايه جو عالم هجڻ سان گڏهڪ اهل الله ۽ درويش صفت بزرگ هو. رهڙو شريف جي مدرسي جو ان وقت باني ۽ مُدرس مولوي محمد صالح مهيسر هو جيڪو پڻ اهلِ الله ۽ درويش شخص هو ۽ مولوي نبي بخش مهيسر جو شاگرد رشيد ۽ فيض يافته هو.
حضرت بلبل ابتدائي تعليم هنن مدرسن مان پرائي وڌيڪ ڪنهن خاص علم جي تحصيل لاءِ پاٽ شريف پهتا، جتي مولوي مخدوم فضل الله صديقي جيڪو ان وقت جو عارف باالله هو ان وٽ اهو رهيل خاص علم حاصل ڪري دستار بند مولوي ٿيڻ جي فضيلت ۽ سند حاصل ڪيائون. مخدوم صاحب جو ڀائٽيو مخدوم حاجي حسن الله صديقي بلبل جو دوست خاص هو جنهن جي ايماء ۽ اصرار تي بلبل کي اتي وڃڻو پيو. بلبل، حضرت مخدوم نظام الدين صديقيءَ جا معتقد ۽ مريد هئا ۽ پاٽ شريف توڙي سيوهڻ شريف جي سڀني علماءِ ڪرام ۽ اهل الله بزرگانِ دين سان سندن تعلقات نهايت گهرا ۽ پنهنجائپ جهڙا هئا. ان سلسلي ۾ مخدوم حضرت بصر الدين ۽ مخدوم ميان احمدي، جناب فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جا نالا قابل ذڪر آهن. مولانا صغير سيوهاڻي ۽ علامه صاحب، بلبل کان عمر ۾ گهڻا ننڍا هئا. محترم حڪيم محمد مراد صديقي صاحب سان بابا سائين توڻي راقم التحرير جا سٺا تعلقات هئا. حڪيم نور محمد صاحب وٽ به آءٌ گهڻو ويندو هيس، بابا سائين توڻي ماما حاجي پيرمحمد شينو جا سٺا دوست هئا. ڪن اهل دل حضرات بلبل کي وقت جو ولي مڃيو ۽ لکيو آهي.
حضرت بلبل جي پهرين شادي سندس مرضيءَ جي خلاف سنه 1873ع ڌاري سندن وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي پسند موجب ڳوٺ ڪنڊيور (لڳ راڌڻ اسٽيشن) جي هڪ غريب شريف سنڌي پٺاڻ گهراڻي مان ٿي، حضرت بلبل کي هن اهليه مان ٽي نياڻيون ۽ هڪ فرزند تولد ٿيا. وڏي صاحبزادي کان سواءِ باقي سڀ ٻار ننڍي ڄمار ۾ ئي فوت ٿي ويا. سندن وڏي اهليه جي وڏي نياڻي بيگم خاتون جي وفات تاريخ 25 جنوري 1966ع تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ ٿي. کيس گهر ۾ جيجي ڪوٺيو ويندو هو بلڪه ميهڙ جي پوري شهر ۾ کيس جيجي رئيسياڻي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. ڀائپي برادري ۾ شادي غمي جي موقعن تي اٿڻي ويهڻي جو بار مٿس هو، گهر جي وڏي ليکي ويندي هئي ۽ سڄو ميهڙ جو شهر سندس عزت ڪندو هو. شادين جي موقعي تي مٺائي ورهائڻ لاءِ کيس خاص طرح دعوت ڏئي وٺي ويندا هئا. مٺائي پاري يا چاڏي ۾ وجهي ورهائبي هئي. هن رسم جي پوري ٿيڻ بعد اهو پارو يا چاڏي ڪجهه مٺائي ۽ ريشمي شال کيس ڏنا ويندا هئا. هاڻي هي رواج ۽ رسمون ختم ٿيندا پيا وڃن. نياڻي کي پوتي اوڍائڻ جو رواج به ختم ٿيندو پيو وڃي. اڳي نياڻيءَ کي ستن قرآنن برابر عزت ۽ توقير ڏني ويندي هئي. نياڻيون ميڙ ڪري وڃڻ تي خون به بخشيا ويندا هئا. هاڻي نياڻين جي عزت نه ٿي ڪئي وڃي بلڪه سندن عزت لُٽي وڃي ٿي. روز الائي ڪيتريون نياڻيون حوس جو شڪار ٿين ٿيون. هاڻي معاشري مان فضيلت ۽ شرم حياءُ موڪلائيندو پيو وڃي. برائي جي ڪمن کان مذهب ۽ مذهبي تعليم روڪيندي آهي، اسان جي مدرسن ۾ ته دهشتگرد پيدا ڪيا وڃن ٿا، پوءِ علم دين جي ڄاڻ ڪير ڏيندو؟ ٻهراڙين جا ماڻهو ته اڻپڙهيل آهن انهن جو ڪو قصور ڪونهي مگر 60 سيڪڙو شهري پڙهيل تعليم يافته ماڻهن کي نه صحيح ڪلمو پڙهڻ اچي ٿو نه غسل ڪرڻ جو صحيح طريقو اچي ٿو.
حضرت بلبل جي ٻي شادي سندس پسند موجب ۽ ڀائرن جي مرضيءَ جي خلاف سنه 1875ع ۾ محترمه گل خاتون عرف گل سان ٿي. در حقيقت هن گل ئي شمس کي بلبل بڻجڻ تي مجبور ڪيو هو ورنه شمس الدين مان شمس ٿيڻ وڌيڪ مناسب ۽ موزون هو. شمس مان بلبل ٿيڻ جي راز ۾ گل جو مرڪزي ڪردار هو. بهرحال شمس کي گل جي محبت بلبل بنائي ڇڏيو. سائنس چوي ٿي ته هر هڪ انسان جي بدن مان مقناطيسي شعاع (Rays) نڪرن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مرد جا اهڙا شعاع (Rays) ڪنهن عورت جي جسم مان نڪرندڙ اهڙن شعاعن (Rays)لاءِ مقناطيسي ڪشش رکن ٿا ۽ اهو جوڙو هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو، نه ته ڪهڙو لاچار پيو هو فرهاد کي جو شيرين لاءِ ٽڪر ٽاڪي ها، ياڪهڙو لاچارپيو هو سهڻيءَ کي جو ميهارلاءِ مست مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي واڳن ۽ سيسرن جو کاڄ بڻجي ها. حضرت ضيا جي مستيءَ واري فلسفي موجب هي به مستي جو مظهر يا هڪ نمونو آهي. لطيف سائين تڏهن ته چيو آهي:
گهڙيا سي چڙهيا، ايهين اٿيئي، مئي متي مهراڻ ۾ پو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
مطلب ته اهڙي قسم جي محبت واري معاملي ۾ ويچارو انسان بيوس ۽ لاچار ٿئي ٿو. ساڳي طرح بلبل بيوس به، گل سان لڪ چوري، گل جي مائٽن جي رضامنديءَ ۽ مدد سان عقد ڪيو. جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر بلبل جي ڀائرن کي پئي ته سندس گهر جو ماحول سندس لاءِنهايت ڪشيده ۽ مشڪل ٿي پيو. اهڙي صورتحال ڏسي بلبل سنڌ کي خير آباد چئي سنه 1975ع ۾ پنهنجي اهليه گل خاتون سميت وڃي لاهور پهتو. اتي سال کن رهي دهليءَ هليو ويو جتي پڻ هڪ سال کن رهڻ بعد حيدرآباد دکن وڃي مستقل رهائش اختيار ڪيائون ڇو ته ان وقت حيدرآباد دکن علم و ادب جي واڌاري لاءِ گهڻو اڳرو ۽ مشهور هو، خاص طور تي مسلمانن ۾ جديد علوم و فنون کي عام ڪرڻ لاءِ ۽ سندن معاشي، معاشرتي ۽ سياسي ترقي ۾ جناب نظام دکن ذاتي طرح دلچسپي وٺندڙ فرمان روا هو ۽ پاڻ به اهل علم هو ۽ اهلِ علم شخصيتن جو قدر دان هو. هيءَ مسلم رياست جنهنجي آدمشماريءَ جو وڏو حصو غير مسلم قومن تي مشتمل هو، مسلمانن جي فلاح و بهبود جو هڪ مشهور مرڪز هئي.
هن سموري عرصي دوران بلبل صحافت کي پيشي طور اختيارڪيو. پنجئه فولاد لاهور، انتخاب لاجواب لاهور، پئسه لاهور ۽ زميندار لاهور جي نوڪرِيءَ سان بلبل پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ انهن اخبارن ۾ سندس مضامين ۽ڪالم شايع ٿينداهئا. انهن اخبارن جي ايڊيٽرن ۽ مالڪن سان بلبل جي ڄاڻ سڃاڻ گهري دوستيءَ ۾ بدلجي وئي، جڏهن سڀني بلبل جي صحافيانه قابليت ڏٺي ۽ پوءِ اها دوستي آخري دم تائين قائم رهي. پنجئه فولاد جي ايڊيٽر ته بلبل جي مڪمل سوانح بمع تصاوير پنهنجي مذڪوره اخبار مورخه 7 مئي 1906ع ۾ شايع ڪئي. ان لکت کان متاثر ٿي مسٽر گپت راءِ مئنيجر البرٽ پريس سکر، بلبل جي سوانح انگريزي زبان ۾ لکي شايع ڪرائي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو حضرت بلبل خود ڪيو هو. هن ترجمي جا چند ورق بلبل مرحوم جي هٿ جا لکيل، جيڪي اڏوهيءَ اوبر طور بچايا آهن، انهن مان پتو پوي ٿو ته حضرت بلبل جي مڪمل سوانح ٽن زبانن، اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ شايع ٿيل هئي مگر زماني جي گردش سبب، گهڻيون شيون ضايع ٿي ويون آهن. حضرت بلبل جي هٿ جا لکيل چند ورق، جيڪي تمام سهڻي صورتخطي ۾ مختلف رنگن سان مزين آهن، مگر اڏوهي جا نيم خورده بطور تبرڪ و سند بلبل لائبريري ۾ سانڍي رکيا ويا آهن. حضرت بلبل دهليءَ ۾ به ٿورو عرصو رهيا جتي پڻ مختلف اخبارن جهڙوڪ دهلي پنچ، خير خواه عالم ۽ ڪشف العلوم وغيره ۾ ڪم ڪيائون مگر حيدرآباددکن ۾ گهڻو عرصو رهيا جتي پڻ ڪجهه اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هڪ اخبار جا سب ايڊيٽر ۽ پوءِ ٻي اخبار جا ايڊيٽر ٿي رهيا. اهي اخبارون شايد دکن پنچ ۽ خورشيد دکن هيون. خاص ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي هيءَ آهي ته پنچ نالي واريون اخبارون طنزيه ۽ مزاحيه قسم جون اخبارون هيون جن ۾ ڪم ڪرڻ جو بلبل کي ڀرپور موقعو مليو، سندس طبيعت به اهڙي قسم جي تحرير طرف اڳيئي مائل هئي وري اهڙين اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ بلبل لاءِ ائين ثابت ٿيو جيئن سون لاءِ سهاڳو.
هندوستان جي وڏن وڏن شهرن جهڙوڪ ڪلڪتو، لکنئو، دهلي، حيدرآباد دکن، ميرٺ ۽ پنجاب وغيره مان آيل اخبارن جا انبار حضرت بلبل جي اخبارن واري گهوڙي (Rack) تي رکيل هئا. پنچ اخبارن ۽ پنج ميگزين جا ٿلها ٿلها فائيل ٺهيل هئا، هنن اخبارن ۽ ميگزينن ۾ لکت سان گڏعجيب عجيب ڪارٽون به ڏنل هئا. هي فائيل راقم الحروف ڏٺا هئا ۽ اسان جي زماني ۾ ئي ڏسندي ڏسندي ڳري پرزا پرزا ٿي ويا. حيدرآباد دکن واري عرصي دوران بلبل پنهنجن ايڊٽ ڪيل اخبارن جا پرچا باقاعدگيءَ سان پنهنجي وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان کي موڪليندو رهندو هو مگر ٻين اهم دستاويزات وانگر اهي ڪاغذات به سنڀالجي نه سگهيا. اڄ ته عام ماڻهو اخبارپڙهڻ بعد ان کي بيڪار سمجهي رديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهي اخبارون پڪوڙن وارن جي دوڪانن تي نظر اينديون آهن. ان وقت به ماڻهن ۾ ايتروشعور ئي ڪونه هو جو اهڙين شين جو قدر ڄاڻي انهن کي محفوظ ڪن ها. افسوس ته ان ڳالهه جو به آهي ته ان وقت اهڙين شين کي محفوظ ڪرڻ جو نه علم هو ۽ نه عقل. بلبل لاهور، دهلي ۽ حيدرآباددکن ۾ قيام دوران اخباري دنيا توڻي علم و ادب، شعر و شاعري ۽ سياسي بصيرت رکندڙ شخصيت جي حيثيت سان وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ برصغير جي بيشمار نامور هستين سان سندن گهرا تعلقات استوار ٿيا جن ۾ قومي ليڊر، اخبارن جا مالڪ ۽ ايڊيٽر، صحافي، شاعر، اديب ۽ عالم دين وغيره وغيره سڀ شامل هئا. حيدرآباد دکن جو وزير اعظم نه صرف سندن دوست بلڪه مداح هو. سندن خاص دوستن ۾ جسٽس امير علي سيد، مسٽر اي-ايم دهلوي، سر شاهنواز ڀٽو، خواجه الطاف حسين حالي، مولانا شبلي نعماني، جناب اڪبر الهه آبادي، جناب محمد علي جوهر، مولوي محبوب عالم، منشي نول ڪشور، مولانا ظفر علي خان، مرزا ڪاظم علي غازي، مولانا فوق، مولوي ذوق ۽ جناب حسرت موهاني وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. باقي صرف تعلقات وارن نامور شخصن ۾ سر سيد احمدخان، نواب سليم الله خان، جناب وقار الملڪ ۽ جناب محسن الملڪ جا اسماء گرامي ڳڻائي سگهجن ٿا. حضرت بلبل جي دوستن احبابن جو دائرو تمام گهڻو وسيع هو. ڪجهه خاص الخاص دستاويزات جيڪي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي ۾ ڳنڍ ٻڌل هئا اهي حضرت بلبل محترم قادر بخش وٽ امانت طور رکايا هئا انهيءَ تاڪيد سان ته جڏهن سندس فرزند ضيا الدين وڏو ٿئي ته اها ڳنڍ سندس حوالي ڪجي، انهن ڪاغذات جي ڏيکارڻ سان کيس وڏي عزت ملندي مگر افسوس اها ڪاغذات واري ڳنڍ به ضايع ٿي وئي ۽ اسان تائين نه پهتي.
حضرت بلبل کي محترمه گل خاتون مان صرف هڪ فرزند رئيس عبدالفتاح حيدرآباد دکن ۾ تاريخ 22جنوري 1882ع تي پيدا ٿيو. هن اهليه مان کيس ٻيو اولاد نه ٿيو، جنهن ڪري حضرت بلبل ٽئين شادي ڪئي. رئيس عبدالفتاح به پنهنجي وقت جو هڪ نهايت عمدو شاعر، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. حضرت بلبل جي وفات بعد بزم بلبل ميهڙ جو روح روان ۽ جنرل سيڪريٽري هو ۽ پنهنجو تخلص “عبد”لکندوهو. اخبار شمشير الاسلام جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هو. مرحوم رئيس عبدالفتاح جي وفات (تاريخ 17 جنوري 1931ع) بعد هن اخبارجي ادارت خلافت تحريڪ جي سرگرم رڪن وڏيري رضا محمد مهيسر وٽ رهي جيڪو حضرت بلبل جو دلي دوست هو، جنهن کانپوءِ محترم عطا محمد مهيسر ۽ ان بعد هن اخبار کي محترم عبدالغفار صابريءَ سنڀاليو. مولوي صابري مرحوم فيض اخبار به جاري ڪئي هئي. هنن سڀني شخصن جي ويجهي مٽي مائٽي محترمه گل خاتون سان هئي. محترمه گل خاتون جي هڪ ڀيڻ وڏيري رضا محمد مهيسر سان پرڻيل هئي، ٻئي جي شادي ڪراچيءَجي ارب کرب پتي سيٺ ايڊلجي مهتا سان ٿيل هئي ۽ ٽئين ڀيڻ جي شادي ڊڀرئي واري مخدوم جسٽس عبدالوالي جي ڏاڏي سان ٿيل هئي. محترمه گل خاتون جي پيءُ جو نالو حاجي خانڻ شيخ هو. سندس کاتي تي اٽڪل 1500 ايڪڙ زرعي زمين ديهه ڪناروڪڪول، ديهه گاهي مهيسر ۽ ديهه کوندي ۾ موجود هئي. سندن وڏن جا نالا نبي بخش ۽ مير محمد هئا جن جي نالن تي ديهه ڪناروڪڪول جي نقشي۾ڪڙيو نبي بخش ۽ ڪڙيو مير محمد موجود آهن. محترمه گل خاتون جون ٻه ڀينر سيد جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ کوندي جي کوسن ۾ ڏنل هيون. هن خاندان مان الهه جڙيو ۽ غلام حسين سان منهنجو رستو هو مگر ڪجهه سال ٿيا ته وفات ڪري ويا آهن. سندن اولاد موجود آهي، جن سان به تعلقات آهن.
حضرت بلبل ٽئين شادي تڏهن ڪئي جڏهن سندس وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان وفات ڪئي، جنهن سبب کيس ڪراچيءَ کي مستقل طور ڇڏي ميهڙ ۾ رهڻو پيو. هن اهليه مان کيس هڪ نياڻي عائشه خاتون ۽ هڪ فرزند رئيس ضيا الدين ضيا تولد ٿيا. چوٿين شادي مادر ضيا جي وفات بعد ننڍڙي ضيا جي پرورش خاطر ڪيائون، جنهن مان کين ڪوبه اولاد پيدا نه ٿيو. هيءُ مائي محمد مراد شينه جي بيوه هئي. محمد مراد پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هو ۽ اسان جو ذات وارو هو. ميهڙ شهر ۾ ٽڪنڊي لڳ سندن چار پنج گهر اڃا سوڌو موجود آهن ۽ شينا سڏبا آهن.
حضرت بلبل سنه 1888ع ڌاري حيدرآباد دکن کي مستقل طرح ڇڏي پنهنجي اباڻي وطن واپس وريو هو جو سندن وڏو برادر رئيس پير بخش خان پنهنجي طويل علالت سبب کين واپس اچڻ لاءِ اصرار ڪندو رهيو. بلبل واپس اچڻ جو راضپوڏيکاريو ته پوءِ سندس چند خاص دوست جهڙوڪ وڏيرو ڌڻي بخش خان ٿيٻو، وڏيرو ڌڻي بخش خان جتوئي ۽ وڏيرو محمد اسماعيل خان مهيسر جو والد وڏيرو محمد قاسم خان مهيسر کيس واپس آڻڻ لاءِ اتي پهچي ويا. واپسيءَ بعد ڪجهه وقت ميهڙ ۾ رهڻ بعد بلبل ڪراچي وڃي اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي، جتي جلدئي کين خانبهادر حسن علي خان آفندي پنهنجي اخبار معاون جي ادارت سونپي ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي کي درپيش نهايت سنگين مسائل جهڙوڪ نام نهاد ملن ۽ مولوين طرفان انگريزي تعليم خلاف پيدا ڪيل طوفان کي ختم ڪرڻ، مسلمانن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَلاءِمستقل آمدني سالياني گرانٽس جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ جو بار خانبهادر صاحب، حضرت بلبل تي رکيو ڇو ته جناب آفندي صاحب جي نظر ۾هنن سمورن ڪمن کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ وارومناسب ۽موزون شخص صرف بلبل ئي هو. خانبهادر حسن علي آفندي، حضرت بلبل جي قابليت، صلاحيت، تجربي ۽ اثر رسوخ کان اڳيئي بخوبي آگاهه هو. ان وقت سنڌ اندر حضرت بلبل تمام گهڻومقبول ۽ معروف شخص طور ڄاتو ويندو هو. سنڌ جا مير، پير، والي، وزير، حاڪم ۽ زميندار سڀ سندس مداح ۽ گرويده هئا.
گمبٽ، راڻيپور ۽ هالا جا گادي نشين، خيرپور ميرس جا والي ۽ وزير، غيبي ديري ۽ لاڙڪاڻي جا نواب ۽ اسراڻ، ماتلي ۽ نصرپور جا نواب ۽ حيدرآباد جا مير وغيره سڀ بلبل جا دلي دوست هئا. اهي سڀئي حضرات بلبل جي ڪوششن سبب هن تعليمي درسگاهه جي مالي سهائتا ۾ پيش پيش رهيا. خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي فرزند ولي محمد آفندي سان گڏجي، بلبل انهن حضرات مان ڪجهه صاحبان سان ملي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ لاءِ مالي امداد جوبندوبست ڪندو رهيو. اهڙو اظهار جناب حڪيم عبدالحميد چانڊيي به پنهنجي ڪتاب “سوانح نواب سر غيبي خان چانڊيو”۾ ڪيو آهي.
بلبل هن وقت شوخ طبع ۽ رنگين مزاج شاعر نه بلڪه هڪ قومي و ملي درد رکندڙ دور انديش ۽ مستقل مزاج مصلح قوم بڻجي چڪو هو. سندس شعر و شاعريءَ ۾ محبوب جي زلف پيچيده جي ذڪر بدران قوم و ملت جي پيچيده مسائل جاءِ والاري هئي. سندن تحرير ۾ سر سيد احمد خان جو تدبر ۽ حڪمت، تقرير ۾ نواب محسن الملڪ ۽ بهادر يار جنگ وارو جوش و جذبو، ڪلام ۾ حالي ۽ اڪبر الهه آبادي وارو اندازِ بيان ۽ اصلاحي طرز تڪلم ۽ جسٽس امير علي سيد وارو فڪر و فهم موجزن هو.
رئيس پير بخش خان، جنهن بلبل کي پنهنجي اولاد وانگر پاليو هو، ان جي وفات تاريخ 9 ڊسمبر 1906ع تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ ٿي ۽ بلبل خاندان جو هي معتبر ۽ مانجهي مڙس وڃي پنهنجي معبودِ حقيقيءَ سان مليو.
وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي. گهر ۾ اڪيلائي، زمينداريءَ ۽ ذميوارين جي مدِ نظر بلبل کي مستقل طور ميهڙ ۾ رهائش اختيارڪرڻي پئي. اخبارن کي ايڊٽ ڪرڻ جو ڪجهه ڪم ميهڙ مان اڪلائيندا هئا، باقي سندن آفيسون ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجود هيون جتي ضرورت مطابق ڏينهن ٻه رهي ڪم مڪمل ڪندا هئا. ان زماني ۾ اخبار معاون کان علاوه ڪراچي گزيٽ ڪراچي، وطن ڪراچي، بلبل ڪراچي، الحق سکر، مسافر حيدرآباد،خير خواه لاڙڪاڻو ۽ آفتاب سکر کان سواءِ چند ٻيون اخبارون ۽ رسالا پڻ سندن ادارت هيٺ شايع ٿيندا هئا. انهن اخبارن ۾ اخبار بلبل ۽ اخبار وطن بلبل جون ذاتي اخبارون ٻڌايون وڃن ٿيون. الحق ڪجهه وقت حيدرآبادمان به شايع ٿي هئي، جتي بلبل ۽ الحق اخبارن تي سنڌ جي وڏن وڏن مشهور هندو ليڊرن هڪ ڪوڙو ڪرمنل ڪيس دائر ڪيو هو جيڪو ڪوڙو ثابت ٿيو. هي ڪيس مسلمانن توڻي هندن لاءِ وقار ۽ عزت جو قومي مسئلو بڻجي چڪو هو. هن ڪيس ۾ هندن جي پيشوا هرچندراءِ وشنداس پارواڻي ڪوٽڙي وارو، جو اهم ڪردار هو باقي مهرا ٻيا گهڻا هندو ليڊر هئا. هن ڪيس ۾ مسلمانن جي طرف جو سرواڻ شيخ غلام حسين هدايت الله هو جيڪو پوءِ سر غلام حسين هدايت الله جي نالي سان مشهور ٿيو، هو هن ڪم ۾ سڀني کان اڳرو هو. هي ڪيس کٽڻ تي مسلمانن سڄي سنڌ ۾ خوشيون ملهايون ۽ مٺايون ورهايون. هي سمورو احوال بلبل جي سوانح ۾ تفصيل سان اچي چڪو آهي.
بلبل کي سنڌ اندر “اخباري دنيا جو بي تاج بادشاهه” ۽ “صحافت جو ڏاڏو آدم ۽ امام” متفق طور تسليم ڪيو ويو آهي. سليس اخباري زبان جو کيس موجد مڃيو ويو آهي، ڇو ته هن قسم جي طرز تحرير پهريان پهريان بلبل ئي سنڌ اندر رائج ڪئي ۽ ان طرز تحرير کي ڪمال درجي تائين پهچائي ڏيکاريائين. بلبل کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي به سنڌي اخبارون شايع ٿينديون هيون انهن جي عبارت فارسي زبان جي طرز تي نهايت مشڪل ۽ ڏکي هئي. هيءَ تحرير عام فهم نه هئي، هر ڪو شخص سولائيءَ سان هن قسم جي لکت پڙهي ۽ سمجهي نه سگهندو هو، صرف اهي شخص جن کي پارسي زبان تي عبور حاصل هو، اهي ئي سولائيءَ سان اهڙي لکت پڙهي سگهندا هئا. ان زماني ۾ سرڪاري زبان پارسي هئي جيڪا پوءِ انگريزن جي اثر هيٺ تبديل ٿي. برصغير جي مکيه ٽن علمي ادبي مرڪزن، لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ بلبل کي هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ سليس اردو زبان لکڻ جو وسيع موقعو مليو ۽ تجربو حاصل ٿيو. جنهن کي هن سنڌي تحرير ۾ دهرايو ۽ سندس هي تجربو نهايت ڪامياب ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو. سنڌي اخباري دنيا تي بلبل جو هي وڏو احسان ليکيو وڃي ٿو. اسلامي لشڪر اندر جا حيثيت حضرت خالد بن وليد کي حاصل هئي اهڙي عزت ۽ شهرت سنڌ جي اخباري دنيا ۾ حضرت بلبل جي پلئه پئي.
حضرت بلبل جي ٽين شادي سن 1907ع ۾ ٿي. هن اهليه مان کيس هڪ نياڻي بنام عائشه ۽ هڪ فرزند ضيا الدين ضياتولد ٿيا. تاريخ 27 جون 1912ع تي مادر ضيا، الله کي پياري ٿي وئي. گويا سندس هيءَ اهليه صرف 5-6 سال سندس زوجيت ۾ رهي.
هلڻ هارا سپرين، رئان تان نه رهن.
ننڍڙي ضيا جي سنڀال لاءِ بلبل کي چوٿين شادي ڪرڻي پئي. هيءَ شادي سن 1915ع ۾ ڪيائون، هن اهليه مان کين ڪو به اولاد پيدانه ٿيو. حضرت بلبل جي ٻيو نمبر اهليه محترمه گل خاتون تاريخ 3 آڪٽوبر 1942ع تي وفات ڪري وئي. ضعيفائي واري حالت ۾ اچي بلبل هائوس ۾ رئيس ضيا الدين ضيا وٽ رهي ۽ سندس انتقال به بلبل هائوس ۾ ٿيو. مون کي هر هڪ ڳالهه چڱي طرح ياد آهي. رات جو حضرت بلبل ۽ پنهنجي متعلق سڀ ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. اسان سڀ ٻار ڳالهين ٻڌڻ جي شوق سبب سندس کٽ تي ويهي کيس زور به ڏيندا هئاسون ۽ ڳالهيون به ٻڌندا هئاسون. حضرت بلبل جي اولاد مان آخرين فرد، همشيره رئيس ضيا الدين ضياجو انتقال سن 1983ع جي جنوري مهيني جي 12 تاريخ تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ ٿيو. سال جو گهڻو حصو مون وٽ رهندي هئي. مون تي نالو جو سندس والد بزرگوار جو آهي ان ڪري مون کي بابا چوندي هئي ۽ مون سان تمام گهڻي دل هيس. منجهند جي ماني کائي رهي هئي، پنهنجي ٻيو نمبر دختر جيڪا منهنجي ننڍي ڀاءُ نظام الدين جي گهر واري آهي، کي پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيائين، چند منٽن ۾ هوءَ پاڻيءَجو گلاس کڻي آئي ته کيس ويهاڻي تي مٿو رکي ليٽيل ڏٺائين. هن سمجهيو ته ٿڪ سبب ليٽي پئي آهي، مگر غورسان ڏسڻ ۽ سڏڻ بعد کيس معلوم ٿيو ته جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ! سندس دم پرواز ڪري وڃي خالقِ اڪبر وٽ پهتو هو ۽ گرهه به سندس هٿ ۾ موجود هو. سندس وڏي نياڻي راقم التحريرجي اهليه به ان وقت ساڳئي ڪمري ۾ سندس ڀرسان موجود هئي مگر انکي به اهڙي خبر نه پئي. بس ائين ئي خاموشيءَ سان بنا موڪلائڻ جي هلي وئي. شوگر جي پراڻي مريضه ته هئي ۽ ڪافي ڪمزور به ٿي وئي هئي مگر سندس حالت ڳڻيءَ جوڳي نه هئي، کلندي کائيندي هلي وئي.
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي.
تون پڻ آهين تيئن، دنيا۾ ڪو ڏينهڙو.
محترمه ۾ پنهنجي والد ماجد حضرت بلبل جون سموريون خوبيون موجود هيون. الله تعالى کيس حافظو به حضرت امام غزاليءَجهڙو عطاڪيو هو. پنهنجي خاندان متعلق سندن معلومات نهايت وسيع، جامع ۽ هر ڳالهه ذري پرزي برابر به کين ياد هئي. رات جو سمهڻ وقت روزانو اهڙيون ڳالهيون اسان کي ننڍي هوندي ٻڌائيندي هئي. حضرت بلبل جو تمام گهڻو ڪلام ڇپيل توڻي اڻ ڇپيل کين بر زبان ياد هو. اسان قلمبند نه ڪيو جو ايترو شعور ان وقت هيو ئي ڪونه. مرحومه پاڻ به سٺي شاعره هئي. صبر شڪر ڪرڻ واري نهايت صابرين، حوصله مند ۽ بردبار ۽نيڪ خاتون هئي. اسان جي پوري خاندان ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ کان پوءِ هوءَ محترم شخصيت هئي، کيس ننڍا وڏا سڀئي ڏاڏي امان جي نالي سان ياد ڪندا هئا. سندس پٽ، نياڻيون، ننهون ۽ راقم الحروف به ڏاڏي امان جي نالي سان مخاطب ٿيندا هئاسون. سن 1970ع ۾ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي حج بيت الله جو شرف حاصل ڪيائين ۽ پنهنجو وارو وڄائي وئيِ.
پاڻيٺ جي پرکنان، ويا سي وينجهار.
حضرت بلبل جي ڪارنامن ۽ قومي خدمات جي ذڪر خير لاءِهي موقعو مناسب ته آهي مگر وقت جي ڪمي سبب اڄ واري هن تقريب جي مناسبت مطابق صرف هڪ اهم خدمت جو ذڪر ضروري سمجهي پيش ڪجي ٿو. جنهن اسڪول جي هن سينٽرل هال ۾ جشن ميهڙ جي سلسلي ۾هيءَ ادبي مجلس منعقد ڪئي وئي آهي ۽ آءٌ ناچيز هي مقالو پيش ڪري رهيو آهيان، دراصل هيءَ درسگاهه حضرت بلبل جي ئي قائم ڪيل، سندس حياتيءَ جو هڪ شاندار يادگار ۽ هن خطي جي ماڻهن لاءِ هڪ انمول تحفو آهي. مون کي يقين آهي ته هن وقت به سوين اهڙا شخص هن ادبي ميڙ ۾ موجود آهن جيڪي، حضرت بلبل جي پوکيل هن باغ جا ثمر آهن.
حضرت بلبل، سر سيد احمد خان ۽ خانبهادر حسن علي آفندي جي سياسي بصيرت، فهم و فراست ۽ مسلم قوم جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ واري دور انديشانه سوچ ۽ لوچ کان متاثر ٿي سندن نقشِ قدم تي هلندي سن 1904ع ۾ انجمن اتفاق اسلام ميهڙ جو پايو وڌائون ۽ ان جي زير اهتمام هڪ جديد طرز جو هيءُ تعليمي ادارو بمع هڪ فري بورڊنگ هائوس، ٻهڙارين کان آيل شاگردن جي طعام و قيام لاءِ قائم ڪيائون.
شروع ۾هيءَ ڊرسگاهه وڏيري ڌڻي بخش خان ٿيٻو جي اوطاق ۾ قائم ڪئي وئي هئي جيڪا بلبل هائوس جي سامهون چند قدمن جي مفاصلي تي موجود هئي. ميهڙ شهر ۾ اسان جي خاندان جي آمد کان اڳ هي پاڙو وڪن جو پاڙو سڏبو هو ۽ اسان جي اچڻ کان پوءِ شينن جو پاڙو سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ بلبل محلا، ڪاسائي محلا ۽ هاڻي ڀٽائي محله سياسي بنياد تي سڏجي رهيو آهي. پويان ٻئي نالا وڏن ماڻهن ۽ انهن جي چمچن کي خوش ڪرڻ لاءِ وڏن ماڻهن جي واٺن پنهنجي مرضيءَ سان رکيا آهن. هاڻي جنهن رستي جو نالو اهڙن لوسي چمچن پاڻ مرادو VIP روڊ رکيو آهي ان رستي جو نالو اڄ سوڌو سٽي سروي رڪارڊ ميهڙ ۾ شمس الدين بلبل رستو لکيل آهي.
جنهن زماني ۾ هي پاڙو وڪن جو سڏبو هو ان زماني ۾ محترم وڏيري ڌڻي بخش خان ٿيٻو اها جاءِ وڪن کان خريد ڪري پنهنجي اوطاق ڪئي هئي. انهيءَ جاءِ سان لڳو لڳ ٽي جايون ميان قادر بخش سهتو، ميان ربن سهتو ۽ ميان علي بخش سهتو خريد ڪري اچي ويٺا. اهي ٽئي جايون به وڪن جون هيون. انهن جاين ڀرسان ٽي جايون وري وڪن کان شينن خير محمد شينو ولد الهه رکيو شينو، شفيع محمد شينو ۽ جان محمد شينو خريد ڪيون. انهن جاين سان لاڳيتو وري ٻيون ٽي جايون سهتن، وڪن کان خريد ڪيون، اهڙيءَ طرح وڪن جي هن پاڙي ۾ ٿورائي ٿي وئي، راقم التحرير جا آباء و اجداد به هن ئي پاڙي ۾ سرڪاري پيل زمين اٽڪل 15 ايڪڙ خريد ڪري جايون ٺهرائي ويٺا۽هن پاڙي ۾ گهڻائي ۽ اڪثريت شينن جي ٿي وڃڻ سبب هي پاڙو شينن جو پاڙو سڏجڻ لڳو. شينن جي مسجد شريف سان لڳ ٻه ٽي گهر وڪن جا بچيا آهن ۽ اهو حصو اڃا وڪن جا گهر سڏجي ٿو. ان کان پوءِ انڙ واهه لڳ وڏو ويڙهو ماڇين يا سولنگين جو آهي. اهي سڀ ماڇي ڀاڳ ناڙيءَ ۾ اسان جا هاري ۽ راڄ هئا ۽ اسان سان گڏ لڏي آيا هئا.
جڏهن حضرت بلبل جو قائم ڪيل شروع وارو اسڪول وڏيري ڌڻي بخش خان ٿيٻو جي جاءِ مان شفٽ ٿي نئين عمارت ۾ سن 1933ع ۾ قائم ڪيوويو ته پوءِ اها جاءِ وڏيري صاحب ميان قادر بخش سهتو کي ڏئي ڇڏي. ميهڙ اسڪول جي شروع واري بورڊنگ هائوس جي ڪچي عمارت زبون حاليءَ جو شڪار ٿي ڊهي وئي ۽ گهڻن ماڻهن انهيءَ پلاٽ مان ٽڪرا ٽڪرا پلاٽ جا ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي کان حاصل ڪري پنهنجون جايون ۽ دوڪان ٺهرايا. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هندن جون تمام سٺيون ۽ وڏيون عمارتون گهڻي تعداد ۾ خالي پيون هيون. هڪ ٻه منزله عمارت جنهن ۾ 25 ڪمرا هيٺ ۽ 25 ڪمرا مٿي ٺهيل هئا، اها جاءِ اسڪول بورڊ روينيو کاتي جي آفيسرن جي مدد سان هٿ ڪري ان کي بورڊنگ هائوس طور استعمال ڪيو، جنهن ۾ شاگردن سان گڏ ڪجهه پرديسي هيڊ ماستر ۽ ماستر به رهيا. هيءَ جاءِ اصل ۾ سيٺ تلوڪ چند جي ملڪيت هئي. سندس هڪ ڀاءُوڪيل هو جنهن جو نالو نهالچند هو. بابا سائين جو دلي دوست ۽ همدرد ساٿي هو. ٿي سگهي ٿو سندس ڪلاسي هجي. هندن جي لڏي وڃڻ بعد هيءَ عمارت سيٽلمينٽ کاتي جي حوالي ٿي وئي جتان سيٽلمينٽ کاتي مان وڏيرو فيض محمد مهيسر مٺائي وارو کڻي آيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هيءَ عمارت ڊاڪٽر ولي محمد ٻڙرو ڏيڍ لک رپين ۾ وڏيري فيض محمد مهيسر کان خريد ڪئي. هن عمارت لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن عمارت مان هڪ زمين دوز سرنگهه ٽڪاڻي تائين وڃي ٿي ۽ انهيءَ عمارت ۾ سون سان ڀريل هڪ ديڳ به دفن ٿيل آهي مگراهي ٻئي شيون اڃا تائين لڌيون ڪونه آهن. ٻئي وڏي جاءِ ڊاڪٽر لعل چند (عرف ڊاڪٽر لالو) جي آهي جيڪا هن وقت سيٺ تولا رام وٽ آهي. ڊاڪٽر لعل چند هن جاءِ تي نالو لکايو هو “پرساد محل” جنهن جي معنيٰ هئي سندس پنجن پٽن جي نالن جي منڍ وارن اکرن جو جوڙ، يعني 1. پرتاب، 2. رميش، 3. سريش، 4. اشوڪ ۽ 5 دليپ. پ ر س ا د. ڊاڪٽر لعل چند نهايت سادو، شريف ۽ همدرد قسم جو پرش هو. منجهندٽاڪ هجي يا آڌي رات هر مريض غريب توڻي امير هجي، ان وٽ وڃڻ ۾ قطعي نه ڪيٻائيندو هو. ويچارو وزٽ في به نه وٺندو هو. رنگ جو ڳاڙهو هو جنهن ڪري کيس عام طرح ڊاڪٽر لالو سڏيو ويندو هو. جنهن جو مطلب هو پٺاڻن جهڙو سرخ و سفيد.
ميهڙ جي جاين ۾ ٽڪنڊي مشهور عمارت آهي، جنهن جي ٽنهي طرفن کان گول بالڪونيون ٺهيل آهن ۽ هر طرف کان وڏيون دريون سائي رنگ جي شيشن واريون موجود آهن. هن قسم جي عمارت ڪراچيءَکان سواءِ سنڌ ۾ ڪٿي به موجود نه آهي. اندر مرڪزي هال ۾ شري رامچندر ۽ سيتا ديوي جي شاديءَ جي پوري ڄڃ ديوارن تي پلاسٽر آف پيرس سان ٺهيل آهي. هي ڪم آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي. تصويرون 3-D اهڙيون ٺهيل آهن ڄڻ زنده ماڻهن جي ڄڃ هجي. ماڻهن جي ڪپڙن ۽ زيورن جا رنگ به ڏاڍادلڪش آهن. هن عمارت جو مالڪ منهنجي سانڀر ۾ سيٺ پرتومل هو. ان کانپوءِ سندس ڏوهٽو ڪنيا لعل هن جاءِ جو مالڪ ٿيو، جنهن کان محترم فيض محمد ٻرڙو وڪيل هيءَ جاءِ خريد ڪئي. مسٽر صوڀراج مل وڪيل به بهترين ماڻهو هو سندس پٽ گلاب ۽ ڌيئون اندرا ۽ مايا اسان سان گڏپڙهنديون هيون. مسٽر صوڀراج مل جو شمار ميهڙ جي سٺن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. بابا سائين جو سٺو دوست هو. سندس جاءِ محترم عطا محمد ڪانڌڙو وڪيل سيٽلمينٽ کاتي مان خريد ڪئي. سيٺ لولومل ريواچند ديالو قسم جو منش هو ۽ ديا وارن ڪمن ۾ اڳرو هوندو هو. بابا سائين جو سٺو دوست هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي جڏهن انگريزي اسڪول پئي قائم ڪيائين ته بابا جن وٽ نالو تجويزڪرائڻ لاءِ آيو هو. بابا سائين کيس L.R.Mohd High School نالو تجويزڪيو. هي اسڪول ان وقت هاءِ اسڪول نه هو مگر نالو اهڙو تجويز ڪيو ويو جو معلوم ٿئي پيو ته هاءِ اسڪول آهي. پاڪستان قائم ٿيڻ بعدهي اسڪول ختم ٿي ويو. اهڙا سٺا هندو هت ڪافي هئا. ڏياٽين واري عيد تي مسلمان ڇوڪرا ۽ نوجوان کينهوڙا ٻاري رستن تي وڏي واڪي چوندا وتندا هئا “عيد عيد مشعلو ڪافر جو منهن ڪارو” مگر هندو چڙندا اصل ڪين هئا، بلڪه چوندا هئا اسين ڪافر نه آهيون اسان الله کي مڃون ٿا مگر سندس نالو اسان وٽ ايشور آهي. مطلب ته رواداري ۽هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ برداشت جو مادو هو.
پراڻي بورڊنگ هائوس واري جاءِ تي هن وقت آغا پيٽرول پمپ، ڀر وارا پڪوڙن ۽ مٺائي جا دوڪان، پريس ڪلب، محترم عبدالرحمان عباسي جي کري (ڇڙهائي ۽ پيسائي جي مشين)، آرا مشين ۽ نوراني مسجد شريف اهي سڀ جايون انهيءَ پلاٽ تي ٺهيون آهن. اها جاءِ شروع شروع ۾ مسافر خاني طور ڪتب ايندي هئي. انهيءَ پلاٽ جي ڏکڻ واري ڪنڊ تي جتي هن وقت محترم نظير احمد ايري جو ميڊيڪل اسٽور موجود آهي اتي سيمينٽ جي اڏاوت وارو هڪ بهترين کوهه ٺهيل هو جنهن جي مٿان ڇت سيمينٽ جي ٿنڀن ذريعي پيل هئي. هن کوهه مان هن پاڙيجا سمورا رهواسي پاڻي ڀرينداهئا. هن کوهه سان لڳ هڪ سيمينٽ جو ٺهيل پاڻي جو هڪ حوض پڻ هو جنهن مان بگين وارا پنهنجن گهوڙن کي پاڻي پياريندا هئا. اهڙا اٽڪل چار کوهه ۽ حوض ميهڙ شهر جي مختلف هنڌن تي موجود هئا. اهڙو هڪڙو کوهه ڪڪول جي شهر واري مکيه پراڻي موري لڳ اڃا شايد موجود آهي. حوض دوڪاندارن ڊاهي اتي سبزيءَ جو دوڪان کوليو آهي. صرف پاڻي ڀرڻ وارا شخصي ۽ ذاتي کوهه ميهڙ شهر ۾ تمام گهڻا هئا. مسلمانن جي گهرن، اوطاقن ۽ باغن ۾ ڪافي کوهه موجود هئا ميهڙ جو تڙ مٺو هو. جنهن زماني ۾ محترم محمد صالح ٻٽ ميهڙ ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو محترم عبدالرحمان عباسي جي کريءَ جي ڀر وارو کوهه محترم امان الله ايري کي الاٽ ڪرائي ڏنو هيائين، ٻئي پاڻ ۾ سٺا دوست ۽ ٿڃ ڀائي به هئا.
انهيءَ زماني ۾ گهوڙي گاڏين جو رواج عام هو. سڀ وڏا ماڻهو ۽ زميندار بگين ۾ سفر ڪندا هئا ۽ وٽن بهترين گهوڙي گاڏيون ۽ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. موٽر ڪارن جو گهڻو رواج نه هو. ڦول ڀائي وٽ ٻه موٽر ڪارون هونديون هيون جيڪي هو ٽيڪسي طور هلائيندوهو. هي ڪارون رولس رائس ڪمپني جون ٺهيل هيون. ان وقت شايد ٻي ڪابه ڪمپني وجود ۾ نه هئي. ميهڙ تعلقي جي زميندارن مان سڀ کان پهريائين ڪار وڏيري شيرمحمد خان ٿيٻو خريد ڪري آيو ۽ ان کانپوءِ ڪار وڏيرو ڌڻي بخش خان ٿيٻو وٺي آيو. هي ٻئي ڪارون به رولس رائس ڪمپني جون هيون مگر ڦول ڀائي وارين ڪارن کان گهڻيون وڏيون يعني 8 سلينڊرن واريون گاڏيون هيون. وڏيرو ڌڻي بخش خان ٿيٻو بمبئي جي مشهور گلوڪاره ملڪه پکراج سان شادي ڪئي هئي ان لاءِ اها ڪار خريد ڪري آيو هو. وڏيري صاحب جي حياتي تائين ملڪه پکراج ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ رهي. وڏيري صاحب جي وفات بعد بمبئي واپس هلي وئي. وڏيرو لطف الله خان ٿيٻو ملڪه پکراج مان پيدا ٿيو هو. وڏيرو لطف الله خان جڏهن جوان ٿيو ته ملڪه پکراج کيس بمبئي گهرايو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کيس پاڻ وٽ رهائي واپسيءَ وقت کيس اهي سمورا زيورات واپس ڏنائين جيڪي وڏيري صاحب کيس ڏنا هئا. ملڪه پکراج وڏي دولت مند خاتون هئي. وڏيري ڌڻي بخش خان سان شادي جي موقعي تي بلبل اهم شخص جي حيثيت سان شامل هو. وڏيري ڌڻي بخش خان جي وفات بعد وڏيرو لطف الله خان اسان وٽ رهندو هو ۽ ميهڙ اسڪول ۾ ڇهه جماعتون پاس ڪري حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين. حيدرآباد ۾ شيخ محمد اسلم وٽ رهندو هو. بابا سائين سنڌ مدرسه ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ته وري وڏيري لطف الله اتي اچي داخلا ورتي. اسان کي رهڻ جي جاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي چار ديواري اندرملي ۽ لطف الله خان به اسان سان گڏ رهندو هو ۽ ماني به اسان سان کائيندو هو. انٽر جو امتحان اتي ڏنائين. ان بعد بابا سائين هيءَ نوڪري ڇڏي آيو ۽ لطف الله خان به پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي ڳوٺ زمينداريءَ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ان وقت سندس زمينون به انڪمبرڊ اسٽيٽ مان آزاد ٿي چڪيون هيون. هن خاندان سان اسان جا تعلقات تمام پراڻا ۽ مائٽن جهڙا رهيا. وڏيرو دوست محمد خان ٿيٻو به حضرت بلبل جي دلي دوستن مان هڪ هو. کيس چار گهر واريون هيون مگر اولاد بلڪل نه هيس. چوندو هو ته افسوس مون سان زال جي مرڻ جي ڪير رضا الله ڪرڻ به نه ٿو اچي۽ نه وري ڪير ٻارڄمڻ جي مبارڪ ڏيڻ اچي ٿو. سندس مطلب هو ته ڀلا ڪا هڪ گهر واري ئي مري پوي ته هو ٻي شادي ڪري من ان مان ئي ڪو اولاد ڄمي پوي. سندس هڪ گهر واري مائي حاجاڻي اسان وٽ مهينو مهينو به رهي پوندي هئي.
حضرت بلبل اسڪول جي نئين عمارت جي اڏاوت لاءِ نقشو تيارڪرائي، پنهنجي حويليءَ جي پٺيان موجود سندس زرعي زمين مان اٽڪل ڇهه ست جريب زمين سڪني ڪرائي هن ڪم لاءِ مخصوص ڪئي. اٽڪل ڏهه لک پڪيون سرون، ڪجهه لوهه ۽ ٻيو عمارتي سامان خريدڪري هن عاليشان عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جڏهن عمارت جا بنياد ئي مس ڀريا ته اوچتو حضرت بلبل کي اجل جو سڏ ٿيو ۽هي ڪم اتي ئي رهجي ۽ رڪجي ويو.
مار پوئي موت تون اڻ مندائتو آئين،
گهايئي اهڙا گهوٽ جن مند نه هئي مرڻ جي.
مسلمانن هن ڪم کي پايئه تڪميل تائين پهچائڻ جي پاڻ ۾ سگهه نه ساريندي، سماجي ڪمن جي حوالي سان مشهور چند هندو سيٺين کي هن نيڪ ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي. انجمن اتفاق اسلام ميهڙ جي تعليمي ڪاميٽي پنهنجن سمورن اثاثن، فنڊن ۽ حقن واسطن سميت، هندن ۽ مسلمانن طرفان ٺاهيل نئين تعليمي ڪاميٽيءَ ۾ ضم ٿي وئي ۽ پوءِ هن عاليشان عمارت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪم ڪيو. هيءَ عمارت سن 1933ع ۾ جڙي راس ٿي. جيئن ته تعميراتي ڪم جي لحاظ کان هندو گهڻو متحرڪ ۽ مستعد رهيا، اهڙي طرح انتظامي امور ۾ به هو اڳرا ۽ فعال رهيا. حضرت بلبل جي مقرر ڪيل هيڊ ماستر مسٽر هاساسنگ جي جاءِ تي هندن پنهنجي پسند جو هيڊ ماستر مسٽر تلجا رام نانگراڻي آندو. هن کان به وڌيڪ دل ڏکوئيندڙ ۽ ارهه زورائي وارو ڪم هنن اهو ڪيو ته درسگاهه جو اصل نالو مدرسة الاسلام ميهڙ مٽائي A.V School (اينگلو ورنيڪيولر اسڪول) رکيو. مدرسة الاسلام اسلامي نوعيت جونالو هجڻ ڪري شايد کين نه وڻيو. وري جلد ئي هيءَ درسگاهه J.A High School Mehar ميهڙ جي نالي سان سڏجڻ لڳي.مطلب ته هندن پنهنجو تسلط مضبوط ڪرڻ لاءِ هي حربا هلايا. هي نالو صرف هڪ هندو ڪليڪٽر جي نالي پٺيان رکي کيس خوش ڪيو ويو هو مگر جڏهن ان جي بدلي ٿي وئي ته وري هن تعليمي اداري جو نالو T.C High School رکيو ويو، در اصل هن خطي اندر ٻيو ڪو همت ڀريو مسلمان هيو ئي ڪونه جيڪو هندن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه رکندڙهجي، بس جيئن کين وڻيو پئي اوئين پئي ڪيائون. حضرت بلبل کان پوري سنڌ جا وڏا وڏا هندو ليڊر ائين ڊڄندا هئا جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان. هندو ته هن ملڪ ۾ رعايا جي حيثيت رکندڙ هئا مگر خود انگريز حڪمران به کانئس ڪئو ڪندا هئا ۽ نياز نوڙت سان پيش ايندا هئا. هنن ڳالهين ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، اهڙو سمورو مواد رڪارڊ تي موجود آهي. صرف مير رحيمداد مولائي شيدائي جون لکڻيون ئي پڙهي ڏسو. سنڌ جي چوٽيءَ جي سياسي هندو ليڊرن جيڪو فوجداري مقدمو بلبل تي دائر ڪيو هو ۽هنن پوري سنڌ مان چندا گڏ ڪري بلبل کي سزا ڏيارڻ جو تحيه ڪيو هو ان ۾ جيڪا ذلت کين نصيب ٿي اها به رڪارڊ تي موجود آهي. هن ڪيس کان پوءِ هندن جي اهڙي حالت ٿي وئي جهڙي ڀڳل ٻليءَ جي. جنهن پاڙي ۾ بلبل رهندو هو اتان لنگهڻ جي همت به منجهن نه رهي هئي. مسلمان پريس کين ڏاڍو بڇڙو ڪيو هو. محترم نورل نظاماڻي ته سندن نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو. بلبل کي ته ڪجهه به ڪري نه سگهيا مگر سندس فرزند رئيس ضياءُ الدين ضيا کي نه بخشيائون. هو ٻه دفعا ICS امتحان ۾ اول پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود به جج ٿي نه سگهيو. ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾.
اوهان اهو سوچي يقيناًٖ اچرج ۾ پئجي ويندا ته بلبل کي ايڏي مستي ۽ هستي ڪنهن جي زور تي هئي، جو انگريز تبليغي پادرين جا ٻوٿ چٻا ڪري ڇڏيائين، انگريزن جي ڪلچر ۽ تهذيب جي مٽي پليد ڪري کين بلڪل ننگو ڪري ڇڏيائين، انگريز گورنر بهادر کان به ڪين ڊنو ۽ کانئس سندس ئي ڪيل آرڊر هڪ هندوءَ جي فائدي وارو منسوخ ڪرائي پنهنجي هڪ مسلمان ڀاءُ جو منسوخ ڪيل آرڊر بحال ڪرائي اهو هٿئون هٿ کنيون آيو. سنڌ جي چوٽيءَ جي سياسي هندو ليڊرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين، سياسي سوچ ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي قوت ۾ قائد اعظم محمد علي جناح کي به شهه ڏئي ڇڏيائين. بس اهو ئي سبب آهي جو ڪوبه گائيڊ حضرت بلبل تي لکيل ٿيسز صحيح ڪرڻ جي پاڻ ۾ سگهه نه ٿو ساري سگهي ۽ ڀوتو نه ٿو ڀانئين متان سندس نوڪري نه ختم ٿي وڃي. مگر حقيقت کي ڪيترو لڪائبو. سج تريءَ هيٺان لڪي نه سگهندو. تاريخ جي ورقن تي موجود حقيقتون ڪيئن گم ٿينديون؟ لکن ماڻهن کي معلوم آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جهرڪن جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ڪوڙا مورخ پنهنجي پت هرو ڀرو وائکي ٿا ڪن... هندو سياسي ليڊر بلبل سان ته پڄي نه سگهيا مگر سندس فرزند رئيس ضياءُ الدين ضيا مان اهي سڀ خارون ضرور ڪڍيائون. اها حقيقت آهي ته جڏهن بلبل نه رهيو ته پوءِ گلستان به ويران ٿي ويو ۽ چٻن ۽ چٻرن کي وجهه ملي ويو من ماني ڪرڻ جو.
حضرت بلبل جي قومي خدمات توڙي ٻين اهم ڪارنامن جي ذڪر جي هن مخصوص مقالي ۾ گنجائش نه سمجهندي هت صرف هن درسگاهه متعلق ڪجهه آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. هن عظيم درسگاهه لاءِ حضرت بلبل جي ڪيل ڪوششن، ڪاوشن، مالي امداد ۽ بيش بها زمين جي فراهمي جي اعتراف طورهندن صرف هڪ هال (سائنس هال) تي بلبل جي نالي جي سنگ مرمر جي تختي لڳائي. اهو هڪ هال بلبل سان منسوب ڪيو ۽ اسڪول جي باءِلاز ۾ اهو لکيو ته بلبل جي هڪ وڏي تصوير فريم ٿيل سندس خدمات جي اعتراف طور سينٽرل هال جي مکيه ديوار تي هميشه آويزان رهندي. اهي ٻئي شيون اڄ سوڌو اوهان جي اڳيان موجود آهن.
نهايت ضروري آهي ته هن درسگاهه جو بگاڙيل حليو بحال ڪري ان جو نالو ان جي باني ۽ پايو وجهندڙ رئيس شمس الدين بلبل جي نسبت سان “بلبل گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ” رکيو وڃي، مون کي قوي اميد آهي ته اسان جا سنڌي سڄاڻ، صاحبِ اختيار ۽ اربابِ اختيار مسلم رهنما ايترا بي حس اڃا نه ٿيا هوندا جو هن قومي ۽ جائز مطالبي ۾ دلچسپي نه وٺن. زنده ۽ غيرتمند قومون پنهنجن محسنن جي احسانن جو اعتراف ڪندي انهنجي يادگارن ۽ انهنجي نالن کي قائم رکڻ لاءِ ڪوشان رهنديون آهن. اميد رکان ٿو ته سنڌ گورنمينٽ جنهن ۾ هن وقت به بيشمارمحبِ وطن، سٺا ۽ سهڻا مانجهي مڙس موجود آهن جن جي وڏن جا تمام گهرا تعلقات بلبل مرحوم سان هئا، اهي منهنجي هن جائز ۽ ضروري گذارش جو ضرور نوٽيس وٺي پنهنجو نانءُ ۽ ناموس اڃا به وڌيڪ روشن ۽ امر ڪري ويندا.
سال 1933ع ۾ جڏهن هيءَ عمارت جڙي راس ٿي ته پهرئين انتظامي بورڊ جو چيئرمين مسٽر منگتراءِ تلوڪچند هو ۽ هيڊ ماستر جي عهدي جي حيثيت سان Ex-officio سيڪريٽري مسٽر تلجارام-جي- نانگراني هو. مسلمان ميمبرن ۾ خان صاحب الهڏتو خان ڀٽي مختيارڪار ۽ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ميهڙ، خانبهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو، وڏيرو شير محمد خان ٿيٻو ۽ وڏيرو ڌڻي بخش ٿيٻو جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
ٻيو بورڊ جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ بعد شروع جي دور ۾ هندن جي لڏ پلاڻ سبب وجود ۾ آيو. ان جو چيئرمين حضرت بلبل جو فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين ضيا ٿيو ۽ Ex-officio سيڪريٽري مسٽر مينگهراج مل ڌرما ان وقت جو هيڊ ماسٽر هيو. مسلمان ميمبرن ۾ خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي، جناب محمد اسماعيل خان مهيسر، وڏيرو شير محمد خان ٿيٻو ۽ وڏيرو پيارو خان لغاري جا نالا قابل ذڪر آهن. هنن صاحبان جي خاندان سان بلبل جا پراڻا ۽ مخلصانه تعلقات هئا. جڏهن رئيس ضياءُ الدين ضيا کي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر دادو ۽ اسپيشل اينٽي ڪرپشن پليڊر حيدرآباد ڊويزن جي عهدن تي فائز ڪيو ويو ته پوءِ دادوءَ ۾ مستقل رهائش اختيارڪرڻ سبب هن درسگاهه کي پورو وقت ڏيڻ کان قاصر رهيو ۽ سندس ئي گذارش ۽ تجويز تي هيءَ درسگاهه حڪومتِ سنڌ پنهنجي تحويل ۾ وٺي انجو مزيد حليو بگاڙي ان کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ جو نالو ڏنو.
تعليم جي حوالي سان حضرت بلبل جون خدمات بي مثال ۽ لافاني آهن، سنڌ ۾مسلمانن کي جديد تعليم طرف راغب ڪرڻ وارو، واحد ۽ ڪامياب شخص بلبل ئي هو. جهڙي طرح حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم بني اسرائيل کي نيل ندي سلامتيءَ سان پارڪرائي کين ڪفرکان محفوظ مقام تي پهچايو يا حضرت سعد بن وقاص، اسلامي لشڪر جي هڪ عظيم جرنيل ۽ فاتح ايران جيئن پنهنجي لشڪر کي گهوڙن سميت دجله جي مست ۽ پرخطر موجن مان سلامتيءَ سان پارپهچائي فتح حاصل ڪئي، ساڳي طرح حضرت بلبل به پنهنجي مسلم قوم کي جديد توڻي قديم علوم سان بهره ور ڪرڻ لاءِ آماده ڪري کين جهل جي اونداهي ۽ انڌيري مان ٻاهر ڪڍي ڪاميابيءَ جي شاهراهه تي گامزن ڪري پنهنجو مقصد ماڻيائين ۽ اوهان ڏٺو ته انهن ئي ماڻهن جن علم جي روشني حاصل ڪئي هئي، انهن ئي اڳتي هلي پاڪستان ٺاهيو ۽ پنهنجي قوم کي آزادي ڏياري. اهي سڀ شخص جن جي طفيل پاڪستان وجود ۾ آيو اهي سڀ عليڳڙهه يونيورسٽي ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جا تعليم يافته هئا، مطلب ته اسان جي نام نهاد ملن ۽ مولوين جن عظيم رهنمائن خلاف ڪفر جون فتوائون صادر ڪيون هيون، اهي ئي عظيم رهنما پوري مسلم قوم کي غلاميءَجي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ جو باعث ثابت ٿيا.
سر سيد احمد خان عليڳڙهه ۾ جديد علوم جي درسگاهه قائم ڪئي مگر مسلمانن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده جناب شبلي نعماني، خواجه الطاف حسين حالي ۽ جناب اڪبر الهه آباديءَ ڪيو. ملن ۽ مولوين جي مخالفت کي هند جي روشن خيال علماءِ ڪرام ختم ڪيو ۽ ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ مدرسو ته برابر خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ قائم ڪيو،لاڙڪاڻي ۾ مدرسو جناب ٺارو خان لاهوريءَ کوليو، نوشهروفيروز ۾ اهڙوئي مدرسو ته خانبهادر سيد الهندو شاهه برپاڪيو، پٿوري ۾ خانبهادر غلام نبي شاهه اسڪول تعمير ڪرايو ۽ ميهڙ شهر ۾ رئيس شمس الدين بلبل هن درسگاهه جو بنياد رکيو مگر هنن سمورن مدرسن ۾ ڪوبه مسلمان پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جي لاءِ قطعي تيار نه هو ڇاڪاڻ ته اسان جي ملن ۽ مولوين انگريزي تعليم خلاف هڪ طوفان پيدا ڪري ڇڏيو هو. هن طوفان کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر نه ڪو شبلي هو، نه الطاف حسين حالي هو ۽ نه وري اڪبر الهه آبادي ئي موجود هو، صرف ۽ صرف بلبل هو جنهن شبلي نعماني، الطاف حسين حالي ۽ اڪبر الهه آبادي توڻي هند جي بيشمار علماءِ ڪرام وارو رول سنڌ جي هنن سڀني مدرسن لاءِ ادا ڪيو. بلبل مسلمانن کي جديد علم پرائڻ لاءِ مختلف حيلن بهانن ذريعي اڪسايو ۽ آماده ڪيو. بلبل نه صرف پنهنجي ميهڙ شهر واري مدرسي لاءِ تبليغ شروع ڪئي مگر مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي سمورن مدرسن لاءِ به مولانا شبلي نعماني، خواجه الطاف حسين حالي ۽ جناب اڪبر الهه آبادي وارو ڪم ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هي ڪم تبليغي انداز ۽ هنگامي بنيادن تي شروع ڪيائون، زباني، ڪلامي ۽ تحريري هر طريقي سان هن ڪم کي پايئه تڪميل تي پهچايائين. سندس اهڙين ڪوششن ۽ ڪاوشن جو پوري سنڌ اثر قبوليو ۽ مسلمانن جا ٻار سنڌ جي هنن مدرسن ۾جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جوق در جوق ايندا رهيا ۽علم حاصل ڪندا رهيا. اهل علم حضرات مون کي سنڌ اندر صرف هڪڙو نالو ٻڌائين جنهن حضرت بلبل وانگر مسلمانن ۾ جديد علم لاءِ اهڙو جذبو ۽ ولولو اهڙي انداز ۽ رفتار سان پيدا ڪيو هجي ۽ وڏي واڪي آواز بلند ڪيو هجي “پڙهو انگلش انگلش انگلش”.
ميهڙ شهر جي هن عاليشان ۽ جديد درسگاهه جو باني ۽ پايو وجهندڙ ۽ پوري سنڌ ۾ علم جي روشني ڦهلائيندڙ رئيس شمس الدين بلبل، علم و ادب جو هڪ روشن ۽ درخشان شمس، سنڌ اندرعلم جي جوت جاڳائي، تاريخ 13 سيپٽمبر 1919ع تي هن فاني ۽ بي بقا دنيا جي علمي، ادبي ۽ سياسي افق تان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي.
ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون سڃا سامونڊين ري.
1. قطعهِ سيد حاجي غلام محمد شاهه گدا:
نغمه سنجان چمن هر يک ترنم تازه ڪرد.
ليک بلبل بود سبقت از همه اندر صغير.
(دنيا جي هن باغ ۾ ڪيترائي نغما ڳائيندڙ هئا ۽ هر هڪ جو آواز سريلو ۽ رس ڀريو هو، جنهن روح تازو ٿي ڪيو پر بلبل ٿوري وقت ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو.)
2. قطعه: جناب پير رفيع الدين سرهندي نقشبندي شڪارپوري:
آفرين شمس الدين بلبل را-باچنين طبع و فکر فهم نجيب
3. قطعه: جناب سيد مير ميان محمد شاهه ساڪن آمري
بشرط شعشئه ابن شمس الدين بلبل واه، شده درسنده روشن روزگاري
به بستان بلاغت وهم براغت- چو بلبل کس نياد آبياري
نوٽ: هي مقالو صاحب تحرير جشن ميهڙ جي موقعي تي منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ميهڙ ۾ پڙهيو هو. سن 1985ع جي تاريخ 15 ۽ 16 تي جشن ميهڙ ملهايو ويو هو. ادبي ميڙ حضرت بلبل جي قائم ڪيل درسگاهه جي سينٽرل هال ۾ گڏ ٿيو هو. هي مقالو جشن ميهڙ جي موقعي تي شايع ڪيل سووينيئر “سڄڻ ۽ ساڻيهه” ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هي مقالو ضروري واڌارا ۽ وضاحت شامل ڪري ٻيهر شايع ڪرائڻ جي خيال سان لکيو ويو آهي.
هن ڪانفرنس ۾ پهريون نمبر قرار ڏنل مقالي جي مصنف کي راقم التحرير هڪ تولي وزن جو طلائي تمغو “بلبل ايوارڊ” طور ڏنو هو. سيد علي اڪبر شاهه ايوارڊ لاءِ سندس فرزند محترم سيد محمد شاهه طلائي تمغو فراهم ڪيو هو ۽ مرحوم “گرامي ايوارڊ” لاءِ جناب مير محمد پرهياڙ پنهنجي طرفان طلائي تمغو ڏنو هو. هن جشن جو مهتمم ۽ منتظم جناب مير محمد پرهياڙ صاحب، ان وقت جو اسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ هو. هي جشن ميهڙ جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ يادگار پروگرام هو. هن جشن ۾ ثقافتي نمائش، ملاکڙو، ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقيءَ جو پروگرام پڻ ٿيو هو. دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر ۽ ميهڙ تعلقي جا M.P.A ۽ M.N.A به شريڪ ٿيا هئا. ان وقت دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر محترم حاجي محمد هارون ميمڻ، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر محترم علي محمد-جي- شيخ هو. ميهڙ تعلقي جو M.N.A خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ تعلقي جا M.P.A قاضي شفيق احمد مهيسر ۽ محترم حاجي امير بخش جوڻيجو هئا.
شمس ابن ضيا ابن بلبل