شمس الدين بلبل
محمد امين مگسي
رئيس شمس الدين بلبل سنڌ جو مايهء ناز صحافي، سماجي ڪارڪن، زبردست شاعر ۽ حقيقت ۾ سنڌ جوغالب هو. بلبل جي شاعري، صحافت ۽ علمي صلاحيتن سنڌين ۾ جيڪا سجاڳي، بيداري، علمي ذوق پيدا ڪيو آهي. ان جو هر اهل علم معترف آهي. جيئن محترم علي محمد راشدي سندس لاءِ لکيو آهي ته سنڌ جي علم و ادب ۾ دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. دادو ضلعي ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا جن ۾ صحافت ۾ جناب بلبل به شامل آهي. سندس پيدائش ميهڙ ۾ 1857ع ڌاري ٿي. بلبل صاحب ڪنهن خاص اداري ۾ ته ڪونه پڙهيو. سندس تعليمي سلسلي ۾ سندس لائق فرزند جيڪو پڻ ان دور جو وڏو اديب هو هيٺين طرح رقمطراز آهي:
شمس الدين بلبل ميهڙ جهڙي مردم خيز علائقي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ننڍن مڪتبن ۾ ان زماني جي مروج مدرسن ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي پڙهيو، پر پوءِ ڪتابن جي محدود دنيا کان جلد بيزار ٿي هن دنيا جي جامع جذبات ۽ احساسات جو درس حاصل ڪيائين ۽ ڪائنات جي ڪتاب جي ورق گرداني شروع ڪيائين. بلبل اهو علمي سفر پنهنجي خداداد صلاحيتن، ذهن ۽ ذڪاءَ جي ذريعي حاصل ڪيو ۽ ان سالن جي سفر کي مهينن ۾ ۽ مهينن واري کي ڏينهن ۾ پورو ڪيو”.
بلبل مرحوم جو دور حقيقت ۾ مسلمانن جي حيات نو ۽ جدوجهد جي سلسلي ۾ نازڪ ۽ تاريخي دور هو. ليڪن بلبل پنهنجي قلم سان ان دور ۾ جيڪي نوان لاڙا ڏنا اهي هڪ تاريخي حقيقت بنجي چڪا آهن. بلبل پنهنجي زندگيءَ جو آغاز 1872ع ۾ انجنيئريءَ کاتي ۾ داروغي جهڙي ننڍڙي ملازمت سان ڪيو، پر سرڪاري نوڪري آزاد بلبل کي ڄڻ ته ٻوساٽڻ لڳي، سندس قابليت، ذهانت، ڪم جي سليقي، ڪلام جي فصاحت، طبيعت ۽ مزاح ۾ اديبانه آداب کي هڪ انگريز سڃاڻي ورتو. جنهن ساڻس دوستي پيدا ڪري کيس قديم زماني جو هڪ نادر ۽ قيمتي شاهنامه فردوسي تحفي طور ڏئي بلبل جي زرخيز علمي زمين ۾ اضافو آڻي ڇڏيائين. اهو نسخو اڄ تائين دهليءَ جي عجائب گهر ۾ موجود آهي، جيڪو بلبل صاحب حامد علي ڪليڪٽر معرفت تحفي طور ڏنو هو.
جيئن ته ميهڙ جهڙو ننڍو شهر بلبل جي ادبي علمي قابليت لاءِ پورو پئجي نه سگهيو، کيس ڪراچيءَ جي علمي، ادبي، ملڪي، سماجي ۽ مرڪزيت پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ڇڪي ورتو.
ميهڙ کان ٻاهر نڪرڻ جو خاص سبب اهو هو ته بلبل جا وڏا چڱا مڙس هئا. تنهنڪري سندس وڏا چار ڀاءُ زمينداري ۽ راڄن جي ڇيڙي نبيري ۾ مصروف هئا، پر بلبل جيئن ته ننڍو ۽ پنجون نمبر ڀاءُ هو. سندس توجهه صرف مطالعي ۽ علمي مشغلن ڏانهن هيو، رئيسي ۽ وڏيرائپ سان سندس دلي وابستگي نه پيدا ٿي سگهي. زمينداري جي ڪڪ ڪندڙ ڪاروبار، راڄن جي ڇيڙي نبيري ۽ روز مرهه جي ڪلڪل، پٽ سٽ کان آجي ٿيڻ لاءِ نيٺ ميهڙ کي خيرآباد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيائين ۽ پنهنجي شعر تي عمل ڪيائين، جنهن ۾ چيو اٿس ته:
“دنيا سندا تماشا گهر کان نڪر ته ڏسندين”
نيٺ بلبل 1889ع ۾ ڪراچيءَ پهتو، سنڌ جي سر سيد خان بهادر حسن علي آفنديءَ جي جوهر شناس نگاهه بلبل جي ذهانت، ذڪاوت ۽ سندس شخصيت ۾ مخفي صلاحيتن کي پروڙي ورتو ۽ پنهنجي تعليمي، سماجي، سياسي تحريڪ کي ترقي وٺرائڻ خاطر کيس پنهنجو دوست، همسفر، معاون ۽ دست راست بنائي ڇڏيو. بلبل جي علمي قابليت ۽ صلاحيت کان متاثر ٿي خود آفندي صاحب چوندو هو ته:
“مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان ميهڙ جهڙي ننڍي شهر ۾ ڪيئن پيدا ٿيو.”
بلبل صاحب آفندي صاحب جي سڀني ڪمن ۽ تحريڪن ۾ ڀرپور نموني سان حصو ورتو. “دکن ايگريڪلچرل ايڪٽ” جو جڏهن سوال پيدا ٿيو تڏهن بلبل صاحب مشير خاص جي حيثيت سان سندس رفيق ڪار، معاون ۽ مددگار رهيو. پوني جي ڪميشن جڏهن آفندي صاحب کي گهرايو تڏهن ڪاغذن جي تياريءَ جو ڪم سمورو بلبل جي ذمه ڪيو ويو ۽ ان کي بهترين انداز سان پايه تڪميل تي پهچايائين. بلبل ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن آبادگارن جو احوال گهرايو ۽ ضلعي وار انگن اکرن سان يادداشتون تيار ڪيون جن ۾ ڊڪرين جي ذريعي آبادگارن جي زمين ۽ ان جي ملڪيت جي نيڪالي جا انگ اکر گڏ ڪيل هئا. اهڙي طرح قرض ۾ جيڪي وياجن تي وياج وصول ٿيندا هئا سي بلبل مرحوم وڏي محنت سان گڏ ڪيا. آخر آفندي صاحب کيس پوني ڏانهن پاڻ سان گڏ وٺي ويو، وقت به وقت ڪميشن ۾ شاهدي ڏيندي، بلبل کان نوٽس وٺندو رهيو. جنهن محنت جفاڪشيءَ سان انگ اکر گڏ ڪيا ويا هئا ۽ هر فقري ۾ جيڪي حوالا ڏنا ويا هئا ۽ انهن ۾ حيرت انگيز دليل بازي کي ڏسي ڪري خود انگريز ميمبر پڻ حيران رهجي ويا.
نيٺ بلبل جي محنت رنگ لاتو ۽ ڪميشن سندس دليلن جي وسيع و عريض دنيا کان متاثر ٿي سنڌ سان اهو “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” لاڳو ڪيو. جنهن جو فائدو مسلمانن ان دور ۾ به حاصل ڪيو ۽ پنهنجيون ملڪيتون بچايون ۽ سنڌ جا آبادگار اڄ تائين سول ڪورٽن ۾ ان جو فائدو وٺي رهيا آهن. ان جي اهميت قانون جي پيشي سان وابستا افراد ۽ وڪيل حضرات چڱي طرح ڄاڻن ٿا.
بلبل کي سنڌ جي صحافت ۾ اوليت جو مقام حاصل آهي. جنهنڪري ممتاز اديب، سياستدان، صحافي پير علي محمد راشدي صاحب کيس سنڌي صحافت جو ڏاڏو آدم سڏيو آهي.
بلبل پهريون شخص هو جنهن سنڌي ادب ۽ صحافت کي هڪ فن جي صورت ۾ روشناس ڪرايو. اخبارون ته بيشمار نڪتيون، پر انهن ۾ بلبل وارو انداز ۽ دلپذير رنگ ۽ ڍنگ پيدا نه ٿي سگهيو، اخبار “خير خواهه” جيڪا ڀرپور مزاح ۽ مذاق، طنز ۽ ظرافت جي رنگيني ۽ چاشني سان لاڙڪاڻي مان نڪرندي هئي، ان جو چار سال ايڊيٽر رهيو، هفتيوار اخبار “مسافر” حيدرآباد جو پڻ ايڊيٽر رهيو، آفتاب سکر جو آخر تائين ايڊيٽر رهيو، اخبار الحق جو پهرين انڪارڪيائين نيٺ آخر آهستي آهستي ان اخبار جي به ادارت سندس ذمه ٿي ويئي.
مشهور مورخ ۽ محقق جناب مولائي شيدائي به سندس تربيت يافته هيو. جنهن جي علمي ۽ قلمي صلاحيت کي بلبل جي دور رس نگاهه تاڙي ورتو هو،پاڻ کيس پيشنگوئي طور چيائين “مان ڏسان ٿو ته تون اخباري دنيا ۾ چنڊ وانگر چمڪندين.” صحافت سان گڏ علمي ڪمن ۾ پڻ بلبل ڀرپور حصو ورتو. 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي تڏهن مسٽر ٽي. ايڇ وائيس ۽ اسپيشل اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري مسٽر ڪي.اي. دهلوي خط لکي بلبل کان سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ضرورت متعلق رپورٽ حاصل ڪئي ۽ کيس دعوت ڏئي اها رپورٽ ڪانفرنس اندر پيش ڪرائي. اها رپورٽ ايتري قدر ڪامياب ثابت ٿي جو سموري ريزوليشن جي صورت ۾ پاس ڪئي ويئي. ان جو ذڪر ڪانفرنس جي رپورٽ سال 1908ع ۾ مطبوعه علي ڳڙهه جي صفحي 52 تي پڻ آيل آهي. بلبل جي تعليمي خدمات کان سندس ڳوٺ ميهڙ به مستفيض ٿيو، سندس برپا ڪيل عظيم الشان هاءِ اسڪول اڄ تائين موجود آهي.
بلبل صاحب ڪيترن ئي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۽ سماجي جماعتن جو ميمبر رهيو. 1917ع ۾ کيس آنرري مئجسٽريٽ چيئرمين کنيو ويو، سندس شخصيت کان ڪمشنر سنڌ مستر لارنيس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس خط لکيو:
سرڪار محسوس ڪيو آهي ته اوهان مسلم قوم جا همدرد ۽ بهي خواهه آهيو ۽ سنڌي مسلمانن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اوهان جيڪي رايا پيش ڪندا آهيو اسين انهن کي عزت واري نگاهه سان ڏسندا آهيون”
مرحوم بلبل صاحب جي قومي غيرت ۽ اسلامي حميت جو وڏو مثال هي آهي ته 1913ع ۾ انجمن هلال احمر جو وفد ترڪي لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ممتاز مسلم ليگي اڳواڻ سيٺ عبدالله هارون جي اڳواڻي ۾ ميهڙ ۾ آيو، تڏهن زميندارن ۽ آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ سندس پراثر تقرير جادو جهڙو اثر ڪيو، ايتري قدر جو هڪ شخص پنهنجو ڪوٽ لاهي ڏنو جيڪو نيلام ڪري 125 رپين ۾ وڪيو ويو. ان موقعي تي بلبل صاحب في البديهه شعر پڙهيو، جنهن جا ٻه ٽي بند هن ريت آهن.
هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي
اجهي هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر اجهي هي سر،
مٿين نظم وڏي رقت انگيزي پيدا ڪئي. نظم جو مطلع:
ڀلي آيا ڀلي اي سر گروهه قوم دين پرور
مجاهد في سبيل الله فائز في هلال احمر
اوهانجي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ورنه
ڪٿي بستان ڪٿي ويران ڪٿي بنگلا ڪٿي هي بر
بلبل صاحب صوم و صلات جو پابند هو ۽ پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ پاٽ جي بزرگ مخدوم نظام الدين صديقي رحمة الله عليه وٽ بيعت ڪئي. ان دورجي مجذوب ۽ وڏي عالم مولانا غلام محمد سوڍر جوصحبتي پڻ هيو. پاڻ ذڪر اذڪار ۽ مراقبن ۾ مشغول رهندو هو. پنج وقت نماز پنهنجي گهر جي ڀرسان واري مسجد ۾ پاڻ پڙهائيندو هو. لباس باوقار، شرعي سونهاري، ٻٽوان وار، مٿي تي دستار ٻڌندو هو.
سندس لائبريري ۾ بيشمار ڪتاب جنهن ۾ تفسير، حديث، فقه، تاريخ، تصوف، سيرت، سوانح، مناطره، فلسفو، عروض،نعت، منطق تي وڏاوڏا مستند ڪتاب موجود هئا، کيس ڪن دوستن ملڪيت جي واڌاري لاءِ مشورو ڏنو ته پاڻ لائبريري ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته پنهنجي اولاد لاءِ هي دولت گڏ ڪيون ٿو وڃان جيڪا لازوال ۽ بي بها آهي.
جيئن سيدنا علي رضي الله عنه جو مشهور شعر آهي:
فان المال يغنيٰ عن قريب، فان العلم باق لا يزال
جي مصداق ته مال ۽ دولت ته جلدي فنا ٿيڻ واريون شيون آهن، پر علم جيڪو لازوال ۽ نه ختم ٿيندڙ دولت آهي.
قرآن سان سندس دلچسپي ايتري قدر هئي جو هڪ دفعي حافظ تراويحون پڙهائيندي ڀلجي پيو ۽ پوئين آيتن کي دهرايائين پر اڳيون آيتون کيس نه پئي ياد آيون بلبل صاحب کيس لقمو ڏنو ۽ حافظ صاحب روان دوان ٿي ويو.
نماز کان پوءِ حافظ صاحب بلبل کان پڇيو ته سائين اها سورت اوهان کي ياد هئي ڇا؟
بلبل وراڻيو ته نه اوهان جي بار بار سورت جي حصي کي ڦيرايو ته آءٌ مضمون جي معنيٰ تي غور فڪر ڪرڻ سان گڏ عبارت تي به غور ڪندو رهيس ائين ڪندي بي ساختا زبان تي لفظ تري آيا ۽مون چئي ڏنا، خدا ڪيو ته اهي درست نڪتا ورنه اها سورت مون کي بلڪل ياد نه هئي. ان مان ثابت ٿيو ته بلبل کي قرآن جي مطالعي جو وڏو شوق هيو.
بلبل جي دوستن مان هڪ آخوند ميان عطا محمد رئيس اعظم مٽيارن وارو هيو جيڪو ان وقت ميهڙ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هيو، سندس بنگلو بلبل جي بنگلي سان لڳ هيو، اتي هڪ دفعي جناب پير حسن جان سرهندي رحمة الله عليه جن تشريف فرما ٿيا، پير صاحب جن جي اچڻ ڪري سندن مريد ۽ معتقد گڏ ٿيا. ادب کان ڪنڌ هيٺ ڪيو سڀئي حلقه ۾ ٿي ويٺا. اندريون ڪمرو ته ڀرجي ويو، ٻاهر توڙي هال ۾ به ماڻهو ويهجي ويا، پير صاحب جي رعب ۽ ادب خاطر سڀ ماڻهو خاموش هئا، بلبل کي به دعوت مليل هئي، جيئن بلبل ٻاهرين دروازي کان داخل ٿيو ته ڏٺائين ته هر ماڻهو خاموش آهي، سانت طاري آهي، سڀڪو ماڻهو منهن مونن ۾ وجهيو چپ چاپ بي زبان ٿيو ويٺو آهي. اهو عالم ڏسي سندس طبيعت جوش کاڌو ۽ ائين چوندو اڳتي وڌندي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين:
“اڙي بابا! چپ ڇو آهيو، ڪنڌ گوڏن ۾ ڇو هنيا اٿو، چپن کي چونو ڇو لڳايو اٿوَ؟
اڙي رحمت جو ابر اڄ ميهڙ جي ڀونءِ تي وسي رهيو آهي، فيض وٺو خوش ٿيو، ڳالهه ٻولهه ڪريو، ڪڇو پڇو، دل جو غبار ڪڍو، اڙي ڪاريهر نانگ اندر ڪونه ويٺو آهي، جنهن جي ڊپ کان اچي سوڙها ٿيا آهيو.”
ائين چوندي جيئن پير صاحب وٽ پهتو ته پير صاحب اٿي کڙا ٿيا ساڻس بغلگير ٿيا، کيس ڀرسان ويهاريائون ۽ دلي مسرت جو اظهار فرمايائون. بلبل جي اچڻ شرط محفل جو رنگ بدلجي ويو، ماڻهو سرها ٿي گفتگو ۾ شروع ٿي ويا.
هي هڪ مثال آهي جنهن ۾ اسلامي برادري ۽ برابريءَ جي ترجيح ڏني ويئي آهي ۽ مرحوم بلبل جي بي تڪلف شخصيت هجڻ تي پڻ روشني پوي ٿي.
هڪ دفعي مرحوم بلبل پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي لکيو. سندس سامهون سو کن قدمن تي هڪ پينو فقير پنهنجي عادت موجب سين جو دم هنيو، ڏينهن گرم هيو، نوڪرياڻي به ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. پر فقير دانهن مٿان دانهن ڪري اوڙي پاڙي جو سک ڦٽائي ڇڏيو، لازمي طرح بلبل جو به خيال ٽٽو، سو پري کان رڙ ڪري چيائين، فقير بابا هن مهل ماڻهو ڪونهي معاف ڪر، فقير ٺهه پهه جواب ڏنس ته سائين “جهٽ پل لاءِ تون ئي کڻي ماڻهو ٿيءُ”. بلبل کان بي اختيارکل نڪري ويئي، قلم ڇڏي انعام طور کيسي ۾ هٿ هڻي پنج رپيا ڪڍي ڏنائين ۽ چيائين ته فقير بابا لک رپين جو سبق ڏنو اٿئي، هي نذرانو قبول پوي.
ان دور ۾ جڏهن مغربي تهذيب جي وڌندڙ اثر تي اڪبر الهه آبادي ۽ علامه اقبال تنقيد ڪئي ته وري سنڌ ۾ بلبل اهو پارٽ ادا ڪيو ۽ ان ماحول تي ظريفانه انداز ۾ تنقيد ڪئي. ان جو اندازو سندس هيٺين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو.
گهر کان نڪتا نيٽو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا ڌن
سر ۾ ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا ڌن
چمچا ڪانٽا کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي ٿڙ ٿڙ
شاش ڪرڻ ۾ بيٺل شر شر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا ڌن
بقول حاجي محمود خادم جي غزل ۽ رنگين مرصع نثر جو موجد مرحوم بلبل آهي، خود مرحوم مخلص ۽ مرزا قليچ بيگ به سندس تقليد ڪئي آهي ۽ مرحوم مولائي شيدائي جي بقول ته “بلبل پهريون انشا پرداز ۽ صاحب طرز اديب هو جنهن مسلم صحافت جو سنڌ ۾ مقام بلند ڪيو، سنڌي صحافت جو حقيقت ۾ بنياد وجهندڙ شمس الدين بلبل هو.”