رئيس شمس الدين بلبل
حڪيم عبدالحميد چانڊيو
مرحوم بلبل ڪنهن تعريف جو محتاج ناهي، سندس مختصراً احوال لکجي ٿو.
مرحوم بلبل دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ 1857ع ۾ ڄائو. ان زماني جي رواج موجب سنڌي، فارسي ۽ عربي مختلف مدرسن ۾ پڙهيو پوءِ شعر ۽ شاعري جو کيس شوق پيدا ٿيو ۽ شعر چوڻ لڳو.
آخر سرڪاري ملازمت ڪيائين، جنهن ۾ انجنيئري کاتي ۾ داروغو ٿيو. 1873ع ۾ ان ملازمت دوران هن جي هڪ انگريز انجنيئر سان دوستي ٿي وئي، انجنيئر صاحب بلبل جي علمي شوق ۽ لياقت مان ڏاڍو متاثر ٿيو، کيس قديم زماني جو هڪ قيمتي ڪتاب شاهنامو فردوسي تحفي طور ڏنو، ڄڻ ته بلبل جي علمي شوق کي تازيانو لڳو. انکان بعد ڪراچي پهتو، 1889ع ۾. اتي خان بهادر حسن علي آفندي جي جوهر شناس نگاهه بلبل کي سڃاڻي ورتو، کيس پنهنجي سياسي، سماجي، علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجو دوست ۽ رفيق معاون ڪيو ۽ بلبل ان وقت ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي پاران اخبار جي چارج مرحوم آفنديءَ صاحب جي چوڻ تي ورتي، ان کانپوءِ ڪيترن ئي اخبارن رسالن جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف.
نواب سر غيبي خان کان عمر ۾ گهڻو وڏو هو. نواب صاحب جي والد ماجد سان به بلبل مرحوم جا گهر اتعلقات هئا ۽ نواب سر غيبي خان به بلبل کي وڏو مان ڏيندو هو ۽ نواب صاحب ڪچهري وارن سان مخاطب ٿي فرمائيندو هو ته، “ير شمش الدين (شمس الدين) پنهنجو نالو بلبل سڏايو بروبر سائرن (شاعرن) سڀني جي مٿان هي بلبل وانگي ٻولي ٿو پيو، واهڙي بلبل واهه! بروبر بلبل آهي”. نواب صاحب بلبل جي معرفت ڪيترن تعليمي مدرسن، اسڪولن لاءِ پئسا ڏنا مثلا 1911ع ۾ ميهڙ جي هاءِ اسڪول (ون) جو خرچ گهڻي ڀاڱي نواب صاحب جي طرفان ڪيو ويو ۽ سائنس هال، ٽيچرس روم سڀ نواب صاحب جي خرچ سان ٺهيا. بلبل جي شاعريءَ جو نمونو:
سر سخن جي سونهن اول پاڪ پرور جي ثنا
خلق جي رزاق ۽ خلاق داور جي ثنا
ٿيو ڪلام الهام امرو نهي جو جنهن تي نزول
واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا
همدم همراز هر دم هم مصاحب يار غار
صدق دل سان چئو سدا صديق اڪبر جي ثنا
هو دلاور دين جو حضرت عمر ابن خطاب
زينت دل زينت محراب و ميمبر جي ثنا
ڪامل الايمان ۽ صاحب حيا جامع القرآن
ڪر عجب عثمان ذوالنورين انورجي ثنا
جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پيئن
ڪرتون اسد الله غالب شاهه حيدر جي ثنا
مالڪ جنت سندي سيدة النساءِ العالمين
رڪن ٿي ايمان جو شبير و شبر جي ثنا
حمزه وَ عباس اعليٰ مرتبه افضل امير
ڪر سندي ٻارهن امامن سلڪ گوهر جي ثنا
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي
تابعن ۽ تبع تابع هوءِ هر هر جي ثنا
عالمن ۽ صالحن ۽مومنن ۽ ڪاملن
چار مذهب جي امامن دين گستر جي ثنا
۽ طريقي معرفت جي سلسلن چئني سندي
پر تنهين ۾ نقشبندي خضر رهبر جي ثنا
پاسبان اسلام جو سلطان اعظم شاهه روم
سنڌ ۾ ڪو نسل تنهين جي خان بهادر جي ثنا
مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا
يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ
خويش اقرب صله رحمي هر برادر جي ثنا
ٿو وطن ميهڙ سندو وهه واهه جو دل کي وڻي
هر درو ديوار شجر باغ بازر جي ثنا
هي ثناخواني نه ٿيندي هونءَ ته هرگز دلپسند
جي ڪندين تون ڪين بلبل دوست دلبر جي ثنا
هيٺيون بيت زر جي زور بازي تي چيو اٿس، سئو فيصد سچ آهي، پهاڪو آهي ته: جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا ان جا چريا به سياڻا...
ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه
ڪر موج روز تازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر جي ٿي ڪامراني، جاني سڏي پيو جاني
سڀ ڪائي ماسي ناني، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ساڻ ڪوجهو ڪاڻو، اڳ ۾ اهو اگهاڻو
چريو به ٿئي سياڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ساڻ عيب هاڻو، سهڻن اندر سماڻو
نر ٿو نوائي ناڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ساڻ سڀ ڪو گهرو، چاچو ۽ ڀاءُ چهرو
قربان سس سهرو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
بازر ته جهنگ بازر، جو گهر ٿئي سو حاضر
بي زر شهر ۾ پادر، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ٿي وڌائي نالو، توڻي هجي رزالو
صدقو ٿئي پيو سالو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
بلبل ڀليا جي هن ۾، سيئي رليا سخن ۾
دنيا جي گل چمن ۾، زر آ ته عشق ٺهه پهه
هيٺين بيت ۾ نواب صاحب ۽ سندس خاندان جي تعريف ڪئي اٿس مگر پورو بيت ناهي، اڏيهي جو نشانو ٿي ويو، چند سٽون هيٺ لکجن ٿيون:
وهه واهه نواب غيبي، وهه واهه غيبي ديرو
سخاوت شجاعت عدالت ۾ آهي ناليرو
اتي سريمڻ سورهه سالار آهي
اتي ملڪ سهڻو مڻيادار آهي
اتي ولي محمد جوڌو جنگي جوان آهي
اتي مثل حاتم غيبي خان آهي
اميرن غريبن اٻوجهن ۽ يتيمن جو شب روز ڀيرو
وهه واهه نواب غيبي، وهه واهه غيبي ديرو
آخر هي سنڌ جو بلبل ۽ سخن جو بلبل 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم تارڪ نجفي مرحوم بلبل کي استاد چئي سندس ولادت ۽ وفات جو سن هينئن چيو.
در تولد شمس الدين بلبل بگوئي اخترا 1273هه
هم چراغ مجلس آمد رحلت آن استاد ما 1337هه
مرحوم بلبل جي نشاني پاڻ فرمائي ٿو:
ڏسي دلبر منهنجو ديوان گلشن ۾ چيو
بس رڳي هي رهي بلبل جي نيشاني افسوس