شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

شمس الدين بلبل - پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

پروفيسر محمد اسحاق ابڙو

اسان جي سنڌ سونهاري اهڙا سگهڙ ۽ سالڪ، عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ درويش، سورهيه سرويچ، بهادر ۽ بي بها دُرّ پيدا ڪيا آهن، جن ديس واسين کي اوج ۽ اقبال، عروج ۽ جلال جو اتم نمونو ڏيکاريو. انهن مان ڪي مانجهي مرد ڌارين جي ظالماني حڪومت سان سينو ساهي ساڻيهه لاءِ سر ڏئي سرها ٿيا ته ڪن اٿاهه ساگر سوجهي ملهائتا ماڻڪ موتي ميڙي، سهيڙي سنڌ جي ساهت کي سينگارڻ جي جاکوڙ ڪئي. انهن سڄڻن جا اهڙا ڪارنامه، جن اسان جي جيءَ کي جياريوآهي، انهن کي ور ور ڏئي ورجائڻ اسان جو وڙ آهي. ميهڙ جي مردم خيز مٽيءَ مان به هڪ اهڙو بانڪو بهادر، سورهيه سردار، آزاديءَ جو ڪوڏيو، ناميارو عالم، اديب شاعر، سڄاڻ صحافي ۽ سياستدان پيدا ٿيو، جنهن انگريزن جي ڀيانڪ ۽ ڀوائتي دور ۾ همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺي، ماڻهن ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو ۽ سندن شاندار ماضيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سنڌ جو هيءُ سورهيه سپوت شمس الدين “بلبل” آهي، جيڪو سن 1857ع ۾ ميهڙ جي هڪ عزت ڀرئي ۽ مڇي مانيءَ واري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، اتي ئي نپنو ۽پڙهي اوج کي رسيو. هيڻن سان همدردي ڪرڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس نثر توڙي نظم ۾ سرويچي ۽ سورهيائي، جرئت ۽ مردانگيءَ جون اَمٽ خوبيون جهلڪنديون نظر اچن ٿيون، جن جو امرت رس وٺڻ سان مئل دليون به جيئريون ٿيو پون.

مرحوم بلبل اهڙي سمي ۾ وڌي وڏو ٿيو، جنهن ۾ انگريزي دور جا جاگيردار ۽ زميندار غفلت جي سيج تي اکيون ٻوٽيون ويٺا هئا ۽ غريبن جي نيڻن مان لال لڙڪ وهي رهيا هئا، هيءُ اهو وقت هو جڏهن ڪانگريس جي اڳواڻن هوم رول هلچل جي آڙ ۾مسلمانن کي ڇيهو رسائڻ جي سازش ڪئي ۽ کين علمي، مالي، سياسي ۽ پنگتي حيثيت سان فنا ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، پر اهو قدرت جو قانون آهي ته هر سمي ۾ گهرج آهر موليٰ جو مرد پيدا ٿيندوآهي، جنهن جي لام لڳي ڀٽڪيل ماڻهو سنئين دڳ تي لڳندا آهن، بلبل سنڌ به قوم جو هڪ اهڙو سونهون پيدا ٿيو، جنهن ستل کي سجاڳ ڪرڻ ۽ سجاڳ کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪانگريسين جو مردانگيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ سندن چالبازين جي پت وائکي ڪندو ويو. ان مان اسان کي سڌ پوي ٿي ته بلبلِ سنڌ ۾ قومي غيرت ۽ وطن جي ورونهن جو امٽ خزانو موجود هو ۽ سندس لونءَ لونءَ ۾ سنڌ جي ستايل مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس جو جذبو ڇوليون هڻي رهيو هو. ڪانگريسين به سندس سخت مخالفت ڪئي، پر هيءُ مٿير مڙس دڙڪن ڀر ڪين ڊنو ۽ هن پنهنجي ڪلا دار قلم سان سنڌ واسين آڏو اهڙو آئينو پيش ڪيو، جنهن ۾ مسلمانن جي حقيقي تصوير بکڻ لڳي.

تاريخ شاهد آهي ته مرحوم بلبل جنهن دور ۾ اکيون پٽيون، اهو دور وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو دور هو. جيئن ته انگريزن مسلمانن کان حڪومت هٿ ڪئي هئي، ان ڪري کين هر وقت اهو ئي الڪو هوندو هو، ته متان مسلمان ٻيهر اسان سان سينو ساهن، ان ڪري انگريزن پڪو پهه ڪيو ته مسلمانن کي اهڙو ناس ڪجي، جو وري اڀري نه سگهن. انهيءَ ڪري مسلمانن جا اڳواڻ جيلن ۾ وڌا ويا، ڪن کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ته ڪن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. مطلب ته انگريزن انتقام وٺندي مسلمانن کي هر طرح پينهي ڇڏيو. ڌڻيءَ وري به ٻاجهه ڪري سڻائو واءُ واريو، جو اهڙي حالت ۾ سنڌ جي هن سورهيه سپوت، بلبل سر سيد احمد خان، شبلي، حالي ۽ اڪبر الهه آبادي وانگر اوندهه ۾سوجهرو بڻجي، ڪِريلن جا هٿ وٺي، هڪ سڌارڪ جي حيثيت ۾ مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ کين احساس ڏياريو ته هندن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ڪرڻ ۽ گورن جي راڄ ۾ اوج ماڻڻ جو راز انهيءَ مام ۾ مڙهيل آهي، پر ساڳئي وقت بلبل مرحوم مسلمانن کي مذهبي روايتن کي هٿان نه ڇڏڻ جي هدايت ڪري ٿو ۽ انگريزن جي نقاليءَ کان هوشيار ڪري ديسي صاحبلوڪن جي به لاک لاهي ٿو. اهڙي قسم جا آدرشي اهڃاڻ سندس اندرمان اڌما ڏئي ٻاهر نڪرن ٿا، جن کي لفظي لباس پهرائي، من موهيندڙ انداز ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي اتساهه ۾ ڀاڱي ڀائي بنائڻ جا جتن ڪري ٿو. هن مسلمانن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي ڀليءَ ڀت پروڙيو ۽ پرکيو ۽ هڪ سڄاڻ صحافيءَ جي حيثيت ۾ حقيقت جا اهڙا چٽ چٽيا، جو پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجيو وڃن. هندو مهاسڀائي اها ڳالهه سهي ڪونه سگهيا، ان ڪري بلبل مرحوم تي مسلمانن کي هندن جي خلاف ڀڙڪائڻ جي ڏوهه هيٺ مقدمو داخل ڪيائون. انهيءَ هوندي به هيءُ بانڪو بهادر وندر کي ووڙيندو، انهيءَ تار جي تنوار پٺيان لڳو رهيو ۽ پير پٺتي ڪونه ڌريائين. وري قدرت به هن مٿير مڙس جي قلم ۾ اها ڪلا سمائي هئي جو هن پاڻ هندن جي اخبارن مان اهڙي قسم جا حوالا لکي عدالت ۾ پيش ڪيا، جو فاضل جج نه رڳو کيس بي ڏوهي ٺهرايو، پر اٽلندو هندن لاءِ فتويٰ ڏنائين ته اهي بنگال جي هندو وڳوڙين سان سهڪار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ چندو گڏ ڪري رهيا هئا. ان فتويٰ تي هر هڪ مسلمان جي ڏکن ڏڌي منهن مان سرهائي بکڻ لڳي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خوشيون ملهايون ويون. اهڙيءَ ريت بلبلِ سنڌ جي سياسي سجاڳي، قومي غيرت ۽ ساڻيهه جي سچي سڪ بابت هر هنڌ هاڪ ٻڌڻ ۾ آئي.

مرحوم بلبل جي سياسي سجاڳيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو ته هن هوم رول هلچل واري سمي ۾ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “جام جم” ۾ انگريزن جي ڪانگريس نوازي ۽ مسلمانن جي حق تلفيءَ بابت ڪارائتو مواد ميڙي مسلمانن کي هوشيار ڪيو ته پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪريو. بلبل مرحوم هيءُ ڪتاب سن 1918ع ۾ جوڙي راس ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو هاڻي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ بلبل مرحوم لکي ٿو ته:

“گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن، بازن سان چڙيون نه اڏامن!

اسان جي هستي، اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا، انگريزن جي چاپلوسيءَ ڪري هاڻي اسانجا حاڪم ٿيا آهن. اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ گهرن ٿا. اسان جاانهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا حق هئڻ گهرجن، پر جدا ۽ نه گڏ.”

بلبل جي هيءُ صدا هڪ عليحده اسلامي رياست ۽ مسلم قوميت جي واٽ سونهائي ٿي. ساڳيءَ ريت سن 1919ع ۾ جنهن مهل سندس روح خاڪي پڃري مان نڪري پنهنجي حبيب سان هيڪاندو ٿيڻ وارو هو، ان بلڪل پوئين پساهن ۾ مرحوم بلبل چئي رهيو هو ته “هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪاڌار ڪريو.” بلبل جا اهي لفظ پاڪستان جي سياسي ۽ تاريخي پس منظر ۾ خاص حيثيت رکن ٿا. سچ پچ ته مرحوم بلبل جي ڳڻ ڳوت ۽ اڳ ويچاريءَ جو داد ڏيڻ گهرجي، جنهن سن 1919ع ۾ اهڙي قسم جي پيشنگوئي ڪئي هئي. مرحوم بلبل مسلمانن ۾ بهترين امت هئڻ جي پروڙ پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ناصحانه ڪلام وسيلي مسلمانن کي اخلاق جي واٽ وٺي هلڻ جو سبق ڏنو ۽ وحدت ۽ رسالت تي ڪامل ايمان آڻڻ واري سچي سنيهي ذريعي مسلمانن جي دلين ۾ توحيد ۽ رسالت جي جوت جاڳائي. سندس ڏنل تعليم ۾ انسانيت، وطنيت، قوميت، اورچائي، سرويچي ۽ سورهيائيءَ جي سکيا سان گڏ عمل ۽ جاکوڙ جي اپٽارڪيل آهي، جيڪا هر ديس واسيءَ ۾ نئين حياتي ڦوڪي ٿي. سندس قومي ۽ اسلامي غيرت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو ته هن ترڪيءَ جي مسلمانن لاءِ چندو ڪرڻ ۾ به پاڻ موکيو ۽ بلبلِ سنڌ جي چوڻ تي مرحوم حاجي عبدالله هارون جي اڳواڻيءَ ۾ انجمن هلال احمر جو وفد مارچ 1913ع ۾ ميهڙ ۾ آيو ۽ ترڪيءَ جي مالي مدد لاءِ چڱو چوکو چندو گڏڪيو. مرحوم شمس الدين بلبل جو لائق ۽ فائق فرزند رئيس ضياءُ الدين “ضيا” ان ڏس ۾ لکي ٿو، ته “انهيءَ موقعي تي زميندارن ۽ آفيسرن جي موجودگي ۾ سندس ڪيل ولوله انگيز تقرير جادو جهڙو اثر ڪيو ۽ ترڪي جي فنڊ لاءِ رپين جا ڍير لڳي پيا، ايتري قدر جو هڪ صاحب ته بي اختيار ٿي، پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڏنو، جو نيلام ڪري 120 رپين ۾ وڪيو ويو، تقرير کان پوءِ، مرحوم بلبل، جيڪو في البديهه نظم پڙهيو، اهو سندس همعصر ماڻهن کي اڄ به سڄو ياد آهي، جنهن جو هڪ شعر هن طرح آهي:

هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هئين چوڻ گهرجي،
اجهي هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر اجهي هي سر.

هن شعر تي جو رقت انگيز نظارو پيدا ٿيو، ان جو حال وڏڙا اڄ به بيان ڪري رهيا آهن.”

مرحوم بلبل هڪ سڄاڻ صحافي جي حيثيت سان سن 1889ع ۾ عملي ميدان ۾ پير پاتو ۽ ڪراچي جي هفتيوار اخبار “معاون” جي ادارت کيس سونپي وئي. هن اخبار وسيلي مرحوم بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ  محمدن ايسوسيئيشن جي جهجهي خدمت ڪئي، مرحوم حسن علي آفندي جي وفات کانپوءِ، لاڙڪاڻي جي اخبار “خيرخواهه” ۽ حيدرآباد جي اخبار “مسافر” جو مدير ٿي رهيو ۽ آخر ۾ سکر مان “آفتاب” اخبار سندس ادارت ۾ نڪرندي رهي، هيءَ اخبار مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي ۽ مذهبي ڄاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي وئي هئي، هيءُ اهو سمو هو جڏهن عيسائيت جي پرچار لاءِ سکر جي چؤسولن تي عيسائي پادري پوليس جي پهري هيٺ پنهنجي مذهب جو پرچار ڪندا هئا ۽ اسلام تي حملا ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مرحوم بلبل آفتاب وسيلي عيسائين جا دليل رد ڪيا ۽ مزاحيه ڪالم ذريعي عيسائين جا ڇوڏا لاٿا، ان ڏس ۾ مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي هڪ مضمون ۾ سندس مزاحيه رنگ جو هيءُ اقتباس پيش ڪيو آهي: 

“ڪالهه مارڪيٽ جي چؤسول تي سفيد جبو پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو، افسوس مون وٽ دمشق جي خمدار تلوار نه هئي، جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگي ڌڙ کان ڌار ڪري، سنت ايوبي کي تازو ڪريان ها”.

هتي مرحوم بلبل جو اشارو سلطان صلاح الدين ايوبيءَ ڏانهن آهي. جنهن صليبي جنگين ۾ عيسائين جي چڱي لاک لاٿي ۽ ٻيهر فلسطين تي قبضو ڪيو هو، بلبل جي هن ڪالم جو اهو نتيجو نڪتو، جو مسلمان عالم تقريرن ذريعي عيسائين کي سختيءَ سان نندڻ لڳا، جنهن ڪري فوجدار هر داس مل عيسائين جي چرچ تي مڇرجي پيو ۽ مسلمان عالمن کي پاڻ وٽ گهرائي هيسائڻ لڳو، جڏهن بلبل کي اها سڌ پئي، تڏهن هُن مزاحيه ڪالم ۾ فوجدار سان اهڙي ويڌن ڪئي جو هو ڀؤکان ٻاهر نه نڪرندو هو ۽ پوليس وارو ساڻ ڪري هلندو هو، ان بابت مرحوم غلام محمد گرامي اخبار “آفتاب”جي مزاحيه ڪالم جو هي نقل چونڊي پيش ڪري ٿو:

“مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو، توهان کي خبر هجي، ته تعليم پرائڻ سان اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بڻجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙيو، گڏهه تي ڪوهرن جو ڪنو رکي، ڪوهر وڪڻندو هو، پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت، جا کيس پتا ٽوپڻداس کان ورثي ۾ ملي هئي، سا پوءِ به مٽجي نه سگهي .”

بلبل مرحوم طنز ۽ مزاح جو شهنشاهه، کلمک ۽ زندهه دل اديب هو، قدرت سندس ڪلادار قلم ۾ اهڙي ته سگهه سمائي هئي، جو هو پنگتي اوڻاين ۽ مسلمانن جي مسئلن کي سهڻي ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ سلجهائي اهڙي ته روح ريجهائيندڙ انداز ۾ اجاري چٽو ٿو ڪري، جو طنز هوندي به سندس نصيحت ٺار ٺري پئي لڳي، هن پنهنجي لکيت وسيلي فرنگي رهڻي ڪهڻي جون اوڻايون بيان ڪري، سنڌ جي مسلمانن کي اباڻي زندگي جي طرز عمل جا فائدا ٻڌايا آهن ته جيئن اهي فرنگي سڀيتا جي وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ کان بچي پون، سندس ڪلام ۾ عمل ۽ حڪمت جا دل لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ نڪتا بيان ڪيل آهن، جيڪي رس ڀري سندر سلوڻي سنڌيءَ ۾ سمجهايا ويا آهن، سندس جوڙيل ڪتابن ۾ سلڇڻائي ۽ سچائي جا آدرش اهڙن ته وندرائيندڙ ۽ کلائيندڙ ٽوٽڪن وسيلي بيان ڪيا ويا آهن جو پڙهڻ سان اندر جي اساٽ لهيو وڃي ۽ هر ڪو پڙهندڙ ان مان چڱو لاڀ پرائي سگهي ٿو. طنز ۽ مزاح جي ذريعي هن نه رڳو گوندر کي گنوائڻ ۽ پريشانين کي وندر ورونهن ۾ ٽارڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، پر ڪامورن جي ڏاڍاين ۽ ڪانگريس جي سازشن کي کلمک انداز ۾ نندڻ ۽ سنوارڻ جو سعيو پڻ ڪيو آهي، هن زميندارن جي ظلم، ڪمدارن جي ڪپت، گورن جي انڌي پيروي، چورن جي راڱن، پوليس جي ارهه زوراين ۽ هارين نارين جي مظلوميت کي چهر چٽڻي واري لهجي ۾ پڌرو ڪري، پنگتي مورت جا اهڙا چٽ چٽيا اٿس جو پڙهڻ سان اکين جا پلڪ به پسيو پون، ان مان بلبل جي ادبي ڄاڻ ۽ ٻولي تي دسترس جي سڌ پوي ٿي، ته ڪيئن نه هو هڪ اٿاهه ساگر ۾ ٽٻي هڻي، پنهنجي اپند ۾ پاتال مان جرڪندڙ ۽ املهه ماڻڪ ميڙي سلامتي سان ڪنڌي تي پهچي ٿو، ان لاءِ بلبل مرحوم، لوليءَ جيان مٺڙي ۽ سوادي سلوڻي ۽ ٻاجهاري ٻولي ڪتب آڻي کيرون لهڻيون، ٻولي ۾ انگريزي گفتا ۽ فارسي نڪتا پڻ ڏاڍا سهائيندڙ ۽ موقعي پٽاندر ڪتب آندا اٿس، سچ پچ ته اها سندس ساڻيهه جي سڪ هئي، جو سنڌين ۾ سورهيائي ۽ سرويچي، آزادي ۽ وطن جي ورونهن جو روح ڦوڪي، پنگتي ۽ اخلاقي اوڻايون نروار ڪري، انهن کي سنوارڻ ۽ سلجهائڻ لاءِ اصلاحي نڪتن جي اهڙي اپٽار ٿو ڪري جو پڙهڻ سان روح پيو ريلا کائي. سندس لکيت ۾ سنڌ ساڻيهه جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، سچائي ۽ سورهيائيءَ جا داستان جهلڪندا نظر اچن ٿا، جن جو اسلوب ڏاڍو پيارو ۽ جيءَ جيارو، من موهيندڙ ۽ زيبائتو آهي، جنهن ۾ سادگي ۽ رنگينيءَ جا جرڪندڙ مائيدار موتي اندر جي اونهائيءَ ۾ جوت جاڳايو ڇڏين. هر هڪ لفظ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ائين پيو لڳي، جهڙي منڊيءَ تي ٽِڪَ.

مرحوم غلام محمد گرامي لکي ٿو ته “مرحوم بلبل سنڌ جي ساده لوح ۽ مفلوڪ الحال عوام جي تهذيبي نفسيات کي برمحل سڃاتو، خواص جي منافقانه نقاليءَ کي بروقت ڄاتو. بلبل ڏٺو ته ماڻهو مغربي تهذيب جي ٻاهرئين چک ۽ مک، جاذبيت ۽ ڪشش تي مري رهيا آهن، ڪوٽ ۽ پتلون، گهڙي ۽ هنٽر، جوراب ۽ هيٽ ۾ گرفتار ٿي، پنهنجي اصليت، جزالت، مشرقيت، تهذيبي شرافت، بزرگن جي وراثت، دين جي اطاعت، الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي محبت، جهاد ۽ جهد کان پاسيرا ٿي رهيا آهن، منجهن غلط قسم جي آزاد خياليءَ ۽ بي علميءَ جا جراثيم سلو پوائزن بڻجي سرايت ڪري رهيا آهن ۽ سر تا پا ماديت ۾ گچي، رڻ رلي رهيا آهن، بلبل ان قسم جي نقالي ۽ بي روح ترقيءَ معڪوس تي دل کولي ڌڪ هنيا.” ان ڏس ۾ پڙهندڙن لاءِ مرحوم بلبل جي هڪ نظم بعنوان “نئون زمانو” مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا، جن جي ميٺاج ۽ نرمائيءَ جو اثر نه رڳو اندر جي اساٽ لاهيو ڇڏي، پر امالڪ اندر مان ٽهڪڙو نڪريو وڃي:

ٽاپ ٽيپ ۾ آڪڙ شاڪڙ، ڏاڙهي ڪوڙي مڇون ماڪڙ
سواري بائيسڪل جي سر سر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڪالر ڪوٽ، قميصون، جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۾ پاڪٽ،
چيچاٽي بوٽن جي چرچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽ مٽ، گٽ مٽ وات ۾ وائي،
يوسي، آءِ سي، مسٽر مسٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
چمچا ڪانٽا،کٽ پٽ، کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙ،
شاش ڪرڻ ۽ بيٺڙ شرشر،تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا،
گينڊي صابڻ، برش طرازي، بوس و ڪنار، ڪتن سان بازي،
فوٽو، فونو، پيانو، پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
جنٽلمين مسين جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر، ڏوڙا سوڙا
نچ وي باندر، نچ وي باندر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڏسج نئون تهذيب نمونو، “بلبل” باطل فيشن جهونو،
بابو يابو ميم مڪسچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.

بلبل مرحوم اڪيلي سر مغربي تهذيب جي خلاف جنگ جوٽي ۽ مسلمانن کي سجاڳ ڪندي چيائين ته جيڪڏهن اوهين پنهنجي تاريخي ۽ اباڻي ورثي کي ڇڏي فرنگين جي لام لڳندؤ ته پڪ سان توائي ٿي سلامتيءَ جي ڪناري کان پري ٿي ويندؤ. ان مان بلبل مرحوم جي اها مراد ڪونه هئي ته جديد علوم کان پاسو ڪجي، پر هن جي گهر هئي ته ديني اڀياس سان گڏ سائنسي علم پڻ حاصل ڪيووڃي ته جيئن مسلمان پاڻ کي لائق ۽ فائق بنائي پنهنجي حياتي ۽ آخرت سڦلي ڪري سگهن. انهيءَ ڪري هو مدرسن جي پراڻي تعليمي ڍانچي ۾ تبديليءَ جو خواهشمند هو. ان ڏس ۾ هن پنهنجي ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” ۾ چڱيءَ طرح وضاحت ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ديني ۽ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مرحوم بلبل آل انڊيا ايڊيوڪيشن ڪانفرنس جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته: “هن ملڪ ۾ ديني علوم سان گڏ جديد علوم جي آميزش ڪرڻ گهرجي، محض جديد علوم اسان جي ديني شعور، مذهبي طبع ۽ روحاني حيات لاءِ ناڪافي ٿيندا.” مرحوم رئيس ضياءُ الدين “ضيا” لکي ٿو ته “مرحوم بلبل جي تعليمي ۽ سماجي خدمات جو سلسلو پڻ وسيع آهي. تعليمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت، پر اثر تقريرون، نصاب جا درسي ڪتاب، ڪانفرنسن جا ٺهراءُ، پمفليٽ، اخبارن جا مقالا، آفيسرن جا مشورا، اهي سڀ عملي ڪم آهن، جي تاريخي حيثيت رکن ٿا... اسڪولن جي نصاب ۾ فارسي داخل ڪرائڻ جو ريزوليشن به مرحوم بلبل جي ڪتاب تان ورتل هو. ان جو محرڪ خود کيس بنايو ويو ۽ نواب وقار الملڪ ۽ مولانا حاليءَ جي فرمائش تي پاڻ نهايت رنگين ۽ شيرين، فصيح ۽ بليغ فارسيءَ ۾ برمحل، برجسته مدلل ۽ پرزور تقرير ڪري ساري ڪانفرنس کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. نيٺ اهو ٺهراءُ پاس ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي فارسي نصاب اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو موجود آهي.”

مرحوم بلبل سن 1904ع ۾ ميهڙ شهر ۾ مدرسة الاسلام جو بنياد وڌو، جيڪو سندس ئي حياتيءَ ۾ مڊل اسڪول ٿيو ۽ سن 1934ع ۾ هاءِ اسڪول جي درجي کي پهتو. هيءُ اسڪول سندس تعليمي خدمتن جو ساراهه جوڳو ڪارنامو ڄاتو وڃي ٿو. جنهن مان سڌ پوي ٿي ته سنڌ جي مسلمانن لاءِ هن جو هڏ ڪر ڪيو ٿي. بلبل جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي انگريزن پڻ ساراهيو آهي. سنڌ جي ڪمشنر مسٽر لارينس هڪ خط ۾ کيس لکيو ته: “سرڪار محسوس ڪيو آهي ته اوهين مسلمان قوم جا هڏ ڏوکي ۽ سڄڻ آهيو ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري ۽ واڌاري بابت اوهين جيڪي رايا ڏيندا آهيو انهن کي اسين قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيون.” مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ سان گڏ هن سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِپڻ پاڻ پتوڙيو. ڪيترائي ڪتاب جوڙي راس ڪيا. 

انهن مان: (1) قلندري ميلو (2) تيرهن ڄار مڪرن جا مار (3) چٽ سوال پٽ جواب   (4) بخت بازي(5) گلزار لطائف (6) نيچرل ڪريما (7) ديوان بلبل (8) مسلمان ۽ تعليم (9) ڪلام بلبل (10) جام جم (11) انگريز ۽ مسلمان (12) رحيما (13) بهارِ عشق (14) عقل ۽ تهذيب (15) قرض جا مرض ۽ ان جا علاج (16) مداح سرور (17) صد پند سودمند  (18) شمس المڪتوب (19) احسن التواريخ (20) آئينه تجارت مايه ظرافت (21) ديوان بلبل (فارسي) (22) بهارستان بلبل (23) گنج معرفت (24) مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار (25) حل تجربات يعني شمس اللغات خاص طور ڄاڻائي سگهجن ٿا. انهن مان ڪجهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ بورڊ جا اختيار وارا کير ون لهڻن. اهي ڪتاب پڙهڻ سان ائين ٿو ڀائنجي ته هن نامياري اديب سنڌ واسين لاءِ انهن ڪتابن ۾ اهڙا ته سهڻا ۽ من موهڻا ماڻڪ ميڙي گڏ ڪيا آهن، جن جي جوت جهلڪڻ سان مهراڻ جي ماٿري ٻهڪڻ لڳي ٿي، هو سچي سونهين جي حيثيت سان قوم جي رهنمائي لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ۽ ان کي دردناڪ آواز ۾ سنئين واٽ ڏانهن سڏي ٿو. هن نصيحت جا رس ڀريا نڪتا سموهي ٻاجهاري ٻولي ۾ اهڙي ته وندرائيندڙ اسلوب ۾ پيش ڪيا آهن، جو پڙهڻ سان روح پيو ريلا کائي ۽ تسليم ٿو ڪجي ته هن سنڌي ساهت کي سينگاريندڙ سرواڻ جي حيثيت سان پاڻ موکيو آهي، اهو اسان جو فرض آهي، ته اسين سندس جوڙيل ڪتابن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن کي ڇپائي پڌرو ڪريون، ته جيئن پڙهندڙ ان مان لاڀ پرائين. افسوس آهي جو اسان بلبل جهڙي بانڪي سورمي کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مسلمانن کي انگريزن جي لڙهه لڳڻ کان روڪيو . هن مسلمانن جي ديني، سياسي، ادبي ۽ مالي مسئلن کي اهڙي ريت سلجهايو آهي، جو پڙهندڙن جون دليون موهيو ڇڏي. سندس اثرائتو ڪلام اڄ به اسان جي دلين کي جنجهوڙي ذهني غلامي کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو، سنڌ جي اديبن ۽ عالمن جو اهو فرض آهي ته سندس تعليم ۾ جا سچائي، سادگي ۽ محبت آهي، ان جي روشني ۾ کوجنا ڪري بلبل جي زندگي ۽ ڪارنامن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ته جيئن عام ماڻهو ان مان جهجهو لاڀ پرائي سگهن.