سنڌ جو قابلِ فخر فرزند
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب خليل
(آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ميهڙ جي موقع تي پڙهيل مقالو)
داستان عہد گل بشنواز مرغ چمن زاعہا آشفتہ کہ گفتند این افسانہ را
هيءُ سنڌ جو مايا ناز اديب ۽ قابل فخر شاعر ۽ عالي دماغ اخبار نويس سال 1857ع ۾ تولد ٿيو. ابتدائي عمر ۾ قومي رواج موجب، اسڪولي سنڌي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪيائين. هن کي قدرت اهڙي ذهني قوت عطا ڪئي هئي، جو اها مروج ۽ معمولي تعليم سندس ڪامياب مستقبل جو پيش خيمو ثابت ٿي. جڏهن سال 1872ع ۾ اسڪول کان ٻاهر نڪتو، تڏهن سندس شاعرانه طاقت ازخود ظاهر ٿيڻ لڳي. اگرچه ننڍي هوندي به وڏن وڏن شاعرن سان مشاعرا ڪندو هو، جن سندس طبيعت جي رواني ۽ شعر جي بي ساختگي کي ڏسي سمجهي ورتو هو ته هي اسڪول جو شاگرد آئينده هڪ زبردست شاعر ۽ قابل سخن دان ثابت ٿيندو ۽ واقعي ٿيو به ائين. اڄ بلبل مرحوم جي ڪلام کي ڏسي مڃڻو ٿو پوي ته بيشڪ ان وقت جي قابلن جو چوڻ سچ ثابت ٿيو. بلبل مرحوم کان اڳ به سنڌي شاعري هلندي هئي ۽ هن کان پوءِ به هلي رهي آهي، پر جيڪڏهن قديم ۽ جديد شاعريءَ ۽ بلبل مرحوم جي سخن سازي تي غائر نظر ڪبي ته پڌري طرح معلوم ٿيندو ته هن کان اڳي جي شاعري بي لطف، ڦڪي ۽ سنئين سڌي سنڌيءَ ۾ لکيل هئي.
جهڙوڪ گل محمد هالائي، فاضل شاهه ۽ محمد قاسم حيدرآبادي جي، بلبل سليس سنڌي ته لکي مگر ان جي شعرن جي بيساختگي شاعري کي پر لطف ڪيو ۽ ان جي شعرن ۾ هڪ جداگانه مزو اچڻ لڳو. ٻيو هي به معلوم ٿيندو ته بلبل جي طبع روان ۽ موجد دماغ، شاعري جي فن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ايجادون ڪيون ۽ اصناف سخن ۾ هن جا اوليات ڪهڙا ڪهڙا آهن ۽ هن شاعريءَ کي ملڪ لاءِ ڪيتري قدر ڪارائتو ثابت ڪيو؟ ان سان گڏ هي به ڏسڻو ۽ جاچڻو آهي ته ملڪي معاشرت جو بلبل جي ڪلام تي ڪهڙو اثر پيو ۽ خود بلبل جي ڪلام ملڪ تي ڪهڙو اثر وڌو؟
هي پويان ٻه سوال بلڪل دقيق ۽ باريڪ آهن، جن جي حل ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ بلبل جي هر قسم جي شعر کي چڱي نموني غور ۽ خوض سان جاچي وري ان وقت جي ملڪ جي معاشرتي، تمدني ۽ اخلاقي تاريخ به جاچبي تڏهن مس مس اهو نڪتو وڃي معلوم ڪري سگهبو.
بلبل جي ولادت انهيءَ پر آشوب زماني ۾ ٿي جنهن کي غدر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جنهن ۾ مسلمانن جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو. ايتري قدر جو سندن ذهني ۽ دماغي طاقت به ناس ٿي وئي. ساڳيو حال سنڌ جو به هو. 1843ع ۾ ٽالپرن جو خاندان تاراج ٿي ويو. هي سڀ ڪجهه ٿيو پر فارسي علم ڪجهه اهڙو سخن جان ثابت ٿيو جو ايترن لوڏن ايندي به سلامت بچي ويو.
سنڌ ۾ ڪيترائي مشهور عالم ۽ فاصل جيئرا هئا، ڪيترا هندو قابل، ٽالپرن جي عهد حڪومت ۾ عدالتي، مالي ۽ تعليمي کاتي جا معزز منصبدار هئا جن جي سرڪاري لکپڙهه فارسي زبان ۾ هوندي هئي. مگر انهن زماني جي حالتن کي تاڙي يڪدم انگريزي زبان سکي ورتي. مسلمانن جي دماغ تي فارسي جو اثر ايتري قدر ويٺل هو، جو انگريزي تعليم ڏي راغب ته نه ٿيا پر مرڳو ڪفر سمجهڻ لڳا. مگر مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي خان اهو پهريون شخص هو، جنهن پوري استقلال ۽ راسخ عزم سان مسلمانن کي تعليم جي رغبت ڏياري ۽ سنڌ مدرسة الاسلام جو بنياد وڌو.
مسلمانن کي وڌيڪ فائدي پهچائڻ جي خيال سان ان هڪ اخبار “معاون سنڌ” جي نالي سان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي سهاري هيٺ جاري ڪرائي، جنهنجو پهريون ايڊيٽر بلبل مرحوم ٿيو. اسان کي اهو حوالو قاضي عبدالرزاق جي “علمي دنيا” 1930ع جي اپريل واري پرچي مان ملي ٿو. بلبل مرحوم اخبار جي ايڊيٽري جو قلمدان سنڀاليندي ئي انشا پردازي جي فن جون اهي قابليتون ۽ فصاحت وَ بلاغت جا اهي جوهر ڏيکاريا جن تي سنڌ جا قابل اديب حيران ٿي ويا. آفندي جي جان ٽوڙ ڪوشش جي ڪري مسلمان انگريزي پڙهڻ ته لڳا پر مصيبت هي ٿي جو مسلمان يا ته انگريزيءَ کان ڀڳا پئي يا انگريزي تعليم جي اثر کان انگريزي فيشن جي نقالي جي دام ۾ ڦاسي اسلام کان بلڪل غافل ٿيڻ لڳا. ملڪ جي انهيءَ حالت بلبل کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو ۽ هن مسلمانن جي اصلاح ڏي ڌيان ڏنو. مرحوم بلبل اهڙي زماني ۾ نشو نما پاتي هئي جنهن ۾ سنڌي شاعري توڙي نثر نويسي مطلب ته سمورو سنڌي علم وادب پراڻي نموني جو هلندڙ هو. سنڌي نثر جو ڪنهن نامعلوم وقت کان وٺي مقفيٰ نمونو هليو پي آيو، جنهن کي اڄ ڪلهه نظم ڪري لکيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ نثر آهي جو ٻيو روپ وٺي، مقفيٰ نموني ۾ ظاهر ٿيو. جيئن ته ابو الحسن جي سنڌي يا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عليه الرحمت جا جوڙيل ڪتاب، جن جي عبارت جي هر هڪ سٽ ۾الف يا نون زائد وجهي ان کي مقفيٰ بنايو ويو آهي، انهيءَ نموني جي نثر جا پڌرا مثال ڪتاب “گل خندان” مرحوم آخوند لطف الله حيدرآبادي جو جوڙيل يا مرحوم قاضي هدايت الله مشتاق جو ڪتاب “هدايت الانشا” ۽ ٻيون تصنيفون آهن. نثر مقفيٰ جي اها سڌريل صورت اگرچه نهايت دلچسپ ۽ بامذاق هئي پر اخبار نويسي لاءِ ڪارائتي نه هئي، ڇاڪاڻ ته اخبار لاءِ مضمون لکندڙ کي قافين جي تلاش ۽ عبارت کي موزون بنائڻ لاءِ درد سري ڪرڻي ٿي پئي، جنهن لاءِ سنڌ ۾ بلبل ئي پهريون اديب آهي، جنهن انهيءَ درد سري کي دفع ڪيو ۽ موجوده سليس نثر نويسي جي طرز ايجاد ڪئي.
حقيقت ۾ مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد آهي. البته ڪٿي ڪٿي مرحوم بلبل مقفيٰ عبارت جي طرف به لاڙو ڪيو آهي جو ان وقت جو دستور هو، جهڙوڪه قلندري ميلي جو ڳچ ڀاڱو مقفى آهي پر سندس ايڊيٽري ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور، فصيح ۽ بليغ نثر نويسي نمايان آهي. هن کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر “مسافر” يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم مخلص سي سڀئي بلبل مرحوم جا مقلد ۽ خوشه چين آهن. سال 1890ع ۾ سکر مان اخبار “آفتاب سنڌ” شايع ٿي جنهن جو ايڊيٽر به بلبل مرحوم مقرر ٿيو. آفتاب سنڌ جا اهي پرچا ڏسي هر ڪو بلبل جي زور قلم جو اندازو ڪري سگهندو. اهڙي طرح “الحق اخبار” جي ايڊيٽري به گهڻو وقت سندس هٿ ۾ هئي ۽ ان جا پرچا به ثابت ڪندا ته بلبل جي انشا پردازي ڪهڙو رتبو رکي ٿي.
استاذي مرحوم حڪيم فتح محمد صاحب “حڪيم” فرمائين ٿا:
شمس دین بلبل جو ہے شیرین مقال-سندھ میں شاعر ہے عالی مرتبہ
ہے ایڈیٹر آفتابِ سندھ کا- جلوہ گر جسکا سخن ہے ہمچومہ
پرچئہ الحق ہوا ہے اور بھی- حضرت بلبل کے اب زیرنگہ
کہدو یوں سالِ تقرر اے صغیر- روشن الحق آفتاب دین سے وہ
بلبل جا ايجادات: بلبل جي ايجادات جي ڊگهي فهرست ۾ پهريون نمبر سندس ظرافت آهي جا نه رڳو نثر تائين محدود آهي بلڪه نظم کي به عجيب رنگ سان رنگين ڪيو اٿس. ظرافت جو اهو رنگ سنڌ ۾ صرف بلبل جي ايجاد ڪيل ۽ ان تي ئي ختم ٿيل آهي. سنڌ جي اديبن مان ڪوبه بزرگ ظريفانه طرز ۾ بلبل جو همدوش ٿي نٿو سگهي. بلبل جي ظرافت مذهبي ۽ معاشرتي توڙي تمدني مضمونن ۾ اصلاحي رنگ رکي ٿي. اهو ظرافت جو رنگ بلبل جي خاص ايجاد، خاص حصو ۽ سندس خاص طبع زاد هئي ۽ مٿس ئي ختم ٿي. الا ماشاءَ الله“اخباري دنيا کان جدا ٻين مضمونن ۾ بلبل جي ظرافت جو رنگ“تيرنهن ڄار مڪرن جا مار” جنهن ۾ پيرن فقيرن، پوليس عملدارن وغيره جي ڄار جو ظريفانه رنگ ۾ صحيح بيان ڪيو اٿس.
بلبل جي شاعري: بلبل جي شاعري ٽن قسمن جي آهي. 1. ظريفانه، 2. اصلاحي، 3. عشقيه. بلبل جي شاعري جو اصلي جوهر هن جو ظريفانه ڪلام آهي. هن ڳالهه کان هرگز انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ظريفانه شاعري جو پهريون پهريون موجد بلبل مرحوم آهي، هن جو مخترع دماغ قومي اصلاح بابت ڏاڍي جرئت ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ لڳو. مسلمانن ۾ هڪ طرف انگريزي تعليم جي برخلاف سخت نفرت پيدا ٿيل هئي ۽ ٻئي طرف يورپ وارن جي انڌي تقليد مسلمانن جي ثاني طبيعت ٿي چڪي هئي. بلبل مرحوم ٻنهي خرابين جي برخلاف زور شور سان قلمي جهاد شروع ڪيو پر اهڙي ظريفانه رنگ ۾ وڙهيو جو سندس هر هڪ جملو يا هر هڪ مصرع دل ۾ جاءِ ڪري ٿي ويئي ۽ ڪنهن کي به ضد ۽ چڙ نٿي ٿي، باوجود ذاتي رنجش جي بلبل مرحوم ڪڏهن به پنهنجي ڪلام ۾ ڪنهن ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪونه ڪيو يا ان جي هجو لکي. برخلاف ان جي سنڌ ۾ ڪي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن ذاتي بغض ۽ عناد جي عوض فحش ڪلامي کان ورتو جنهن کي هروڀرو ظرافت جو نالو ڏنو ويو نه ته ظرافت جي علمي معيار نهايت بلند آهي. اهڙي قسم جو ڪلام هجو گوئي آهي نه ظرافت. هندو قوم انگريزي تعليم حاصل ڪري ڏاڍو فائدو وٺي وئي ۽ مسلمان قوم پٺتي رهجي ويئي ڇاڪاڻ ته مسلمان انگريزي پڙهڻ کان نفرت ڪرڻ لڳا. علماءِ سڳورن مسلمانن جي دلين تي اهو اثر پختو ويهاريو ته انگريزي پڙهڻ نصارو ٿيڻ آهي. انهيءَ ڳالهه کي سمجهي بلبل مرحوم انگريزي علم پڙهڻ لاءِ قوم کي متوجهه ڪيو ۽ ان جا فائدا نروار ڪيا ۽ مذهبي جماعت جي اجائي مخالفت کان تنگ ٿي چوڻ لڳو، جيتوڻيڪ انداز مزاحيه آهي پر حقيقت کان خالي نه آهي:
“ملن واعظن ڏي وڃڻ ڪيم وار، “آهن ڪوڙا رڳا قاضي وتن ٿا برهمن بتليا، “ملان هي جي موڙها ۽ سوڙها وتن، “ٿئي ڪنهن جي چوڻ سان ڪين ٿو بدنيڪ پوءِ قاضي، | مکن صحبتِ جاهلان اختيار” اجايو بحث تن سان انگريزي دان ڪيو ڇو ٿا” که دولت بطاعت توان يافتن” ڀلي ڪوٺين ڪاوڙ مون رڳو ڪافر ته ڇا ٿي پيو” |
يعني قاضي جي چوڻ تي بڇڙو چڱو نه ٿيندو. ان جي خبر ته الله تعاليٰ کي آهي. پوءِ انهن جي ڪافر ڪوٺڻ تي نه لڳ، ڇو ته ايمان خدا تعاليٰ جي وس ۾ آهي، مولوين جي اختيار ۾ نه آهي. ڏسو مٿين بيتن ۾ملن جي مخالفت، ڪئي وئي آهي جو هو انگريزي علم سکڻ ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا هئا.
انگريزي زبان سکڻ جي فائدي ۾:
“جي ڀانئين ته موليٰ ٿئي مهربان، ته سک علم تون انگريزي زبان”
“جي سنڌي ۽ عربي پڙهيئي فارسي، ته سڏبين وڏو سست ۽ آرسي”
پٽيوال ڀي ڪين توکي پڇن، ڪلارڪ ته جاهل ۽ احمق سڏن
جي عزت جهان جي رکو ٽند ٽش، پڙهو انگلش انگلش انگلش
اهو علم توکي ڪري عهده دار، ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ۽ مختيارڪار
سنڌي جي پڙهڻ مان نه ميڙيندين زر، چرامي کشي بار محنت چخر
سکي ڪر قلم ياد قانون وار، که حاصل کني دولت پائدار
اگرچه اهڙا نظم مذاقيه هئا پر اثر کان خالي نه هئا. مسلمانن ۾ چڱو پرچار ٿيو ۽ سمجهه وارن سمجهي ورتو ۽ انگريزي ڏي راغب ٿيا. بلبل مرحوم مسلمان لاءِ انگريزي تعليم لازمي ڄاڻي ٿو مگر اهو نٿو گهري ته مسلمان اسلامي ۽ مشرقي معاشرت کي ڇڏي نج يورپي ٿي وڃن، تنهنڪري جتي انهن ۾ غير قومن جون نازيبا عادتون ڏسي ٿو تتي انهن تي ٽوڪ ۽ طنز ڪري ٿو:
شريعت جو شيوو ڏنو سون ڇڏي، وڌو سون گناهن ۾ غفلت گڏي
لباسن نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ، مڪانن جي زينت سندي زيٽ زانءِ
گلا بند ڪالر لڪڻ هاف بوٽ، گهڙي ڪوٽ پتلون چشما چروٽ
قميصون ڪفن دار جا ڪٽ جراب، سليپر سپاٽا سبائڻ ثواب
ڏنگي سينڌ، ننڍڙا ڇَتا، مڇ دراز، ٽوال ۽ ڪنگي برش صابڻ جو ساز
صفا سر ته ڏاڙهي چپڙ چٽ قلم،زبان تي به گِٽ مِٽ رهي دم به دم
گلي ۾ هجي نيڪٽائي سياه، نه پرشن ۽ ترڪش ڪرسچن ڪلاه
سڄو ڏينهن سيٽي صبح شام واڪ، هجي هٿ ۾ هنٽر ته ٽم ٽم ٽڙاڪ
رکڻ هڪڙو بلڊاگ آهي ضرور، نه تان ٿيندو وڏ ماڻهپي ۾ قصور
نصارن جو کانو نصارا لباس، ڪٻٽ ميز ڪرسي بتي ۽ گلاس
ڏسو ته ڪيئن نه يورپ جي انڌي تقليد جو نقشو چٽيو اٿس، پوري پوري منظر نگاري آهي مگر ظريفانه رنگ ۾.انگريزي فيشن جا نقال ۽ انهن جي فعل تي خندو ڏسو:
صفائي سرکي ڏئي پتلون پاتيم، بحمد الله نکو کر دارم امشب
وڃي هڪ ڪلب ۾ کاني تي ويٺس، که سر پوش از طبق برادرم امشب
چيو هڪ ميم مون کي مي ڊير سر، رسيده طالعِ بيدارم امشب
چيم ان کي ته اي جانا جلدي، زڪواتِ حسن ده حقدار امشب
اوباش ۽ شرابين تي خندو:
“پيارج ڪو اڄ بيروسڪي جوپا، کريما به بخشائي برحال ما”
“پئين ڇو نه تون شوق دل سان شراب، مکن خانئه زندگاني خراب”
يا جن، ڪنهن ميم جي دام ۾ ڦاسي پنهنجي مٽي پليد ڪرائي تن تي خندو:
“هَي هَي مِسين اسان کي به مستر بنايو آه، صد شڪر جو اڳي کان به بهتر بنايو آه”
“باجو وڄائي ناچ جو ڪن ٿيون نشاط ۾، صاحب کي ڏس بغل ۾ ڇا باندر بنايو آه”
“غافل وڃي ولايت لنئو ليڊي ساڻ لائج، سئو قرب مان ڪرسچن وڃي چرچ ۾ چوائج”
اگرچه بلبل مسلمانن کي انگريزي تعليم ڏي راغب ڪرڻ ۾ چڱو زور لڳايو پر تڏهن به دينيات کان غافل نه آهي. عربي علم کي ضروري بلڪه فرض ٿو ڄاڻي، اها سندس روشن خيالي جي ثابتي آهي:
“نه عربي علم نافقه نا اصول، نه ٿي معرفت يا حقيقت حصول،
پڙهياسين نه ڇا سڀ اجايا اکر، لچائي ٺڳي ڪوڙ فريب و مڪر”
بلبل پنهنجي زور قلم سان اخبار معاون سنڌيا آفتاب سنڌيا الحق ۾ مسلمانن جي تعليمي، اخلاقي ديني ۽ مذهبي غلطين ۽ غفلتن جي پوري پوري اصلاح ڪئي يعني هن جي شاعري اصلاحي پهلو وٺيو بيٺي هئي. ڏسو:
“رلايو ته شادين غمين جي رسوم، کڻي قرض ڌوڙيو ڪجي ڌام ڌوم
سوين ناچ نخرا لکين رنگ راڳ، پلاءَ ٻوڙ جا کوڙ لنگهن جا لاڳ
خوشامد تي ڪوڙيو سمورو مٿو، تڏهن ڀي گِلا جو نه گهانگهو لٿو
جي ڏوڪڙ کتا سي نه هڙ هنج ٿيا، پلئي گنج هڪڙي نه ٻيا رنج ٿيا
بها تي گناهن کي ٿا ملهه وٺون، جهڳو چٽ ته ڀي ڪين مٽجون هَٽون”
يعني پئسا ڏيئي ڏوهه خريد ڪيوسون، جهڳو چٽ ڪيوسون ته به هٺ کي نٿا ڇڏيون. محاورن ۾ اها بلاغت ڏسو.
بلبل جي اها اصلاحي نغمه نوازي بيڪار ڪانه وئي. هن قوم کي متوجهه ڪيو ۽ قوم هوشيار ٿي.
بلبل جي مذاق جو انداز نظم توڙي نثر ۾ اصلاح کان خالي ڪونهي،خاص ڪري نظم ۾ هن کي قوم جي اصلاح مد نظر رهي ٿي. سعدي عليه الرحمت جي ڪتاب ڪريما جي طرز تي، رحيما نالي ڪتاب سندس تصنيف موجود آهي جنهن ۾ نصيحت جا موضوع اهي رکيا اٿس جيڪي ڪريما جا آهن. انهي ڪتاب جو هر هڪ موضوع بظاهر مذاق نظر ٿو اچي پر غور ڪبو ته اصلاح جي خيال کان خالي نه آهي. ڪريما نيچرل ۽ مامقيما نيچرل به ناصحانه ۽ ظريفانه رنگ سان ڀريل آهن. ان جو مطالعو ڪبو ته بلبل مرحوم جي خدا داد قابليت ۽ شاعرانه قوت جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀئي ظريف شاعر، بلبل مرحوم جا متتبع ۽ خوشه چين آهن.
عشقيه شاعري: بلبل جي عشقيه شاعري ساڳي پراڻي نموني جي جنهن ۾ رواني، پخته ڪلامي ۽ روز مره جي صفائي جو پورو پورو سرمايو موجود آهي مگر تلاش ڪندڙ اکيون جن تي تعصب جون پٽيون چڙهيل نه هجن:
“عبادت ڪرڻ آهي افضل مگر، بنا عشق انسان آهي عبث”
ڏسو عبادت جي مقابلي ۾ عشق آڻي ان کي ترجيح ٿو ڏئي، هتي عبادت جو فلسفو جيڪڏهن ٻڌائبو ته مڃڻو پوندو ته عشق کانسواءِ عبادت جسم بي جان آهي. عشق جي معنى آهي پيار ۽ محبت، عبادت نماز، روزو وغيره سڀ ظاهر نمائش جو نالو نه آهي بلڪه الله تعاليٰ جي محبت ۽ ان جو خوف رکي دل کي جمع ڪري سڀئي خطرا ۽ وسوسا لاهي نماز پڙهڻ سچي عبادت آهي. هيءُ بحث وڏو آهي، بلبل اهو ڊگهو مضمون فقط هڪ مصرع ۾ سمايو آهي.
بلبل جي بلاغت جو هي مثال ڏسو، قاعدو آهي ته جڏهن انسان کي تڪليف پهچي ٿي ته هو آسمان جي گلا ڪندو آهي، فارسي ادب ۾ ته آسمان کي ڏوراپن جي تيرن سان ڇلي ڇڏيو اٿن، بلبل اهو مضمون دلآويزي سان بيان ڪري آسمان کي بري الالزام بنائي ٿو:
“عُسرت ٿي رسي عشق کان، ايذاءَ ۾رهي اُڀ،
سو طرح سخندان جا، طعنا ٿو سهي اُڀ”
يعني عاشق کي ڏک عشق کان پهتو ۽ طعنا ڏئي ٿو اڀ کي. اونڌو عقل اهو آهي نه
“ڪهڙي آءٌ بينوا بها ڪريان، آهي قربان زلف تان ڪونين”
حافظ شيرازي ته هڪڙي تِر تان سمرقند ۽ بخارا گهوريا پر بلبل ان کان بدرجها وڌي ويو آهي.
بلبل مرحوم جي شاعريءَ تي جيڪي ڪي چيو يا لکيو اٿم سو فقط مشتي نمونه از خرواري آهي.جيڪڏهن گهران ها ته گهڻو ئي ڪجهه لکي سگهان ها مگر مضمون طويل ٿي پوي ها پر ايتري چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته مون کي ڪن اديبن جو سخت افسوس آهي، جي بلبل مرحوم جي شاعري تي بنا سوچ ۽ ويچار جي اعتراض وٺي رهيا آهن ايترو چوندس.
سخن شناس نه اي دلبرا خطا اينجاست
مون کي پڪ آهي ته جنهن زاويه نظر سان مون بلبل جو ڪلام ٻَئي نثر ۽ نظم مطالع ڪيو آهي جيڪڏهن هو به ڪن ها ته شايد انهن کي مون وانگر پنهنجو رايو مٽائڻو پوي ها. هن جي طبيعت جي رواني، شعرن جي بيساختگي، پخته ڪلامي ۽ روز مره جي استعمال کي ڏسي هن جي شاعرانه حيثيت کي مڃڻو ٿو پوي.
هن جا ادبي اوليات جهڙوڪ ظرافت ۽ طنز، ان سان گڏ اصلاحي پهلو، مقفيٰ عبارت کي ڇڏي سليس سنڌي لکڻ مجبور ڪن ٿا ته اسين هن جي قابليت مڃون.شعرن جي تضمين جي خوبي، شعرن ۾ تشبيهه، استعاري، ڪنايه ۽ صنعتن جي استعمالي اسان کي ٻڌائي رهي آهي ته جيتوڻيڪ پراڻي طرز جو مقلد آهي مگر ڪهنه مشق شاعر آهي. بلبل سنڌ جي قديم ۽ جديد شاعري جي وچ جي هڪ ڪڙي آهي.جيڪڏهن گل محمد هالائي، فاضل شاهه ۽ محمد قاسم حيدرآبادي جي ڪلام ۽ هن جي ڪلام کي جاچي ڏسبو ته پهرين ڳالهه، جا محسوس ٿيندي، سا آهي انهن جي ڪلام جي سادگي ۽ رواجي سنڌي، جا بلڪل ڦڪي پئي معلوم ٿئي مگر بلبل جو ڪلام پختو، ان جي بندش ۾ چستي ۽ لفظن ۾ تيزي ۽ شوخي نظر ايندي.
(آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ميهڙجي موقعي تي پڙهيل مقالي مان ورتل)