بلبل جو مطالعو ۽ مشاهدو
شعبان بخت
“فڪر هڪ ڪس بقدري همت اوست”
جنهن جي جيتري همت اوترو فڪر جي مصداق، ڀٽائي ڀلاري مطابق مطالعو آهي:
ڪيو مطالعو مون هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون ٻي لات نه لحظي جيتري.
۽ مشاهدو آهي:
پاٻوهه هيو، پڇن ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نيھ جي، پاسي پاڻ نه ڪن،
ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
مطالعو ۽ مشاهدو ٻيئي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل عمل جي تحصيل جا ذريعا آهن، مطالعو آهي پڙهڻ ته مشاهدو آهي ڏسڻ وائسڻ يا پرجهڻ ۽ پروڙ لهڻ، مطالعي کي انگريزي ۾ Study ۽ مشاهدي کي Observation چئبو آهي، اسٽڊي آبزرويشن يا مطالعي ۽ مشاهدي کان سواءِ حقيقت تائين رسائي حاصل نٿي ٿئي، ڇو ته عمل ڏٺل ڏانهن وڃڻ جو نالو آهي، انهيءِ ڪري مطالعو ۽ مشاهدو ئي ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن اهل عمل واري جي عالمانه ۽ ادبيانه يا انهن سان نسبت رکندڙ ڪنهن به هنر جي ميدان ۾ قد ۽ قامت جو، مرتبي ۽ مقام جو تعين ڪري ٿو، مطالعي ۽ مشاهدي جي انهيءَ اهميت جي مد نظر ، سنڌي ادب، صحافت، شاعري ۽ خطابت جي شمس رئيس ميان شمس الدين بلبل مرحوم بابت ادب جي مڃيل مڃايل نامور نقادن ۽ محققن جا رايا ڏيکارين ٿا ته ميان شمس الدين بلبل وڏي مطالعي ۽ مشاهدي جو مالڪ هو، اخبار مرغ فلڪ جي نامور مدير مولوي حڪيم نور محمد نورل نظاماڻي کان وٺي دور حاضر جي مستند عالمن ۽ ادب شناسن جي اها ئي متفقه راءِ آهي ته بلبل مرحوم پنهنجي وقت ۾ وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارو اهل قلم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو.
بلبل مرحوم جو ديوان ڇپيو ته ان لاءِ تعارف ۽ تبصري طور خانبهادر ميان محمد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سالانه رپورٽ 32-1931ع ۾ جيڪا پوءِ هن “ادبي تحفه” ۾ به شامل ڪئي لکيو:
“رئيس ميان شمس الدين “بلبل” انهن چند شخصن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي ايتري ته ٿوري وقت ۾ ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي جيتري مرحوم شمس الدين ابڙي، ميهڙ واري کي حاصل ٿي سندس ڪاميابي جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي، سندس علميت غير معمولي هئي، پاڻ پارسي ۽ عربي مان چڱي طرح واقف هو، سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر ڏي مائل هئي ۽ پريندي ئي اردو ۽ پارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين تنهن کان پوءِ سندس خيال اباڻي ٻولي سنڌي ڏانهن مبذول ٿيو، سندس ديوان گو مختصر آهي، مگر آهي وڻندڙ جنهن ۾ رسمن رواجن، اجائي نٽ شٽ ۽ مغربي تهذيب جي پيچ ۾ آيل نوجوانن تي بعض جاين تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي، ديوان ۾ آخر ۾ ڪريما نئچرل آهي، باقي غزلن ۾ اعليٰ درجي جي شاعرانه مذاق آهي، سندس خيالن جي شستگي، مضامين جي پختگي ۽ لفظن جي بيهڪ، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دلين کي هڪ دم پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺي.
خان بهادر ميان محمد صديق ميمڻ مرحوم اهو تعارف ۽ تبصرو بلبل صاحب جي مطالعي ۽ مشاهدي تي پهرين مهر تصديق ڪري ٿو. خاص ڳالهه جيڪا هن تبصري ۽ تعارف ۾ ڌيان طلب آهي سا آهي، بلبل صاحب جي ادبي وصفن جي نشاندهي جيڪا پوءِ تقريباً مڙني اهل علم و ادب شناس اديبن ناقدن ۽ محققن ڪئي آهي، انهن ۾ وڏا وڏا معتبر ۽ مستند نالا شامل آهن، مزو به تڏهن آهي جو ڪو اهل داد ڏئي ۽ مڃي، باقي نااهل ۽ ناشناس جو ته داد ئي بيداد ٿو ٿئي، دور حاضر جي مڃيل مڃايل صاحب طرز برزگ اهل، قلم، سڄاڻ صحافي ۽ جڳ مشهور سڄاڻ سياستدان سائين پير علي محمد شاه راشدي صاحب کي ڪير نٿو سڃاڻي، صاحب موصوف پنهنجي شاهڪار تصنيف “اهي ڏينهن اهي شينهن” جي حصي پهرين ۾ لکي ٿو ته: “بلبل” سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. ان ڪتاب جي حصي ٻئي ۾ ڄاڻائي ٿو ته مون مرحوم کي اکين سان ڪو نه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساري سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گهڻيئي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جي مٽ ڪو نه هو.”
راشدي صاحب ان جي وضاحت ۾ “بلبل” جي اديبانه، صحافيانه ۽ شاعرانه مقام ۽ مرتبي جي وضاحت لاءِ سندس ڀيٽ ان وقت جي هڪ چوٽي جي اديب، صحافي ۽ شاعر سان ڪندي لکي ٿو ته صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌيا هئا، لاڙ ۾ محمد هاشم مخلص ۽ اتر ۾ شمس الدين بلبل. ٻئي اخبار نويس هئا ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اُگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. “مخلص” جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، پر “بلبل” کي قوم جي مستقبل جو خيال به هوندو هو، تنهن ڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي.”
راشدي صاحب جي اها راءِ بعد جي آهي، ان کان اڳ ۾ خود مخلص صاحب، “بلبل” صاحب جي وفات تي، پنهنجي رسالي “ڪشڪول”، ۾ پوري خلوص سان پنهنجي محترم مد مقابل جي حق ۾ لکيو ته، “بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.”
سچ ته داد به اهو آهي جيڪو مدمقابل به بيوس ٿي ڏئي. اعتراف به اهو آهي ته اعتبار به اهو.
اهڙيءَ طرح مرحوم مخلص ۽ سائين راشدي صاحب کان علاوه جن اعليٰ اديبن “بلبل” صاحب جي انهيءَ اعليٰ اهليت ۽ ادبي مقام ۽ مرتبي کي سندس اعليٰ لياقت، فهم فراست، معاملي فهمي، مطالعي ۽ مشاهدي جي نسبت سان دل کولي بنا ڪنهن جانبداري جي ساراهيو آهي، بنا ڪنهن رک رکاءُ جي تحسين ۽ داد جي ورکائن سان ياد ڪيو آهي، تن مان مرحوم محمد بخش “واصف”حيدرآبادي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم حاجي مخدوم “خادم”، مرحوم مير رحميداد خان مولائي شيدائي، مرحوم سيد علي اڪبر شاهه صاحب، مرحوم حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي، مرحوم جمع خان غريب، مرحوم سائين پير حسام الدين راشدي، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل”، مرحوم مولانا غلام محمد “گرامي”صاحب،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جن جا نالا قابل ذڪر آهن، اهي پاڻيٺ پرکڻن مستند عالمن ۽ اديبن جا نالا آهن جن جي هر راءِ هڪ سند جي حيثيت ٿي رکي،. انهن جي هر هڪ تحرير وڏي وقعت رکي ٿي ۽ بلبل صاحب جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي تائيد ڪري ٿي.”
مطالعو ۽ مشاهدو پنهنجي جاءِ تي، هڪ خاص ڳالهه جنهن ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو، سو آهي بلبل صاحب جو پنهنجي وسيع مطالعي مشاهدي کان ڪم وٺڻ جو ڏانءُ. مطالعو مشاهدو ته هر ڪو ڪري، پر ڪو ان کان ڪم به وٺي ڄاڻي، چئي “پائي هر ڪو پر ٺمڪائي ڪو، سرمو هر ڪو پائي اک اک جو ڦير” سو وڏي مطالعي مشاهدي وارا ته ٻيا به هئا پر جهڙي طرح بلبل صاحب پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم ورتو ان جو مثال نٿو ملي. ڳالهه ڇاهي ته مطالع ۽ مشاهدي جي پٺيان جيڪڏهن ڪا اعليٰ ذهانت، فهم ۽ فراست جي خداداد غير معمولي قوت ٿئي ٿي، ته پوءِ معجزا ڪري ٿي ڏيکاري. معمولي معلومات کي به اهڙو ڪارائتو ڪري ٿي ڏيکاري جو عقل دنگ رهجيو وڃي، هتي خداءِ عزو جل بلبل صاحب کي عقل فهم، فراست ۽ ذهانت جي وافر مقدار سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار ڀريل هئا، سنڌ سان گڏ هند جو به مطالعو ۽ مشاهدو سندس پلئه پيل هو تنهن ڪري ڪيئن ٿي ڪنهن کان پٺتي رهي سگهيو؟ راشدي صاحب جي لکڻ مطابق هجو گوئي ۾ مخلص جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو، برعڪس ان جي بلبل اڪبر الهه آبادي جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو،
مختصر ته بلبل صاحب جو اهو ذهانت ڀريل مشاهدو ۽ مطالعو ئي هو، جنهن هن کي پنهنجي وقت جي اعليٰ اديبن کان ممتاز ۽ مٿڀرو ڪري ڇڏيو هو، ۽ کيس وقت جو نباض ۽ قوم جو مزاج شناس، حقيقت پسند مصنف، محڪم خيال، مدبر، دورانديش صحافي، مخلص، مصلح ۽ قوم جو هڪ مثالي گهڻگهرو بڻائي ڇڏيو هو. هن پنهنجي انهيءِ ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي سان وڏا وڏا معرڪا سرڪيا، جيئن سائين راشدي صاحب رقم طراز آهي: “سندس دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هي هو ته انگريز جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان آجو رکجي ۽ جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه ميسارجن ۽ ساڳئي وقت نين حالتن پٽاندر زماني سازي کان به ڪم وٺبو رهجي، انهيءِ اصول جي بناءَ تي بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جو پايو وجهندڙ مرحوم حسن علي آفندي جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي نثر ۽ ڪلام ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجي قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪندو رهيو، اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو. جنهن جو مقصد هو ته نون تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکيو اچجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻي حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهن ڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بند لڙهي وڃڻ کان بچي ويا.”
محترم پير علي محمد شاهه راشديءَ جي انهيءَ تاثر کان پوءِ بلبل صاحب جي ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي جي تصديق لاءِ غالباً ڪنهن مزيد اپٽار جي گنجائش باقي نٿي رهي. بيشڪ بلبل صاحب پنهنجي وقت جو هڪ نهايت ئي ذهين ۽ فتين، معامله فهم اهل قلم، شاعر، صحافي ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ادب ۾ رائج روايتن سان بغاوت ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو هڪ باغي اديب ۽ صحافي ٿي اڀريو. هن نثر ۽ نظم جي ميدانن ۾ روايتي رياڪارين کي ترڪ ڪري، ديس جي ڌرتيءَ سان ناتوجوڙيو ۽ ان ناتي جي نسبت سان امر بنجي ويو.
هن موقعي تي لازمي آهي ته سائين راشدي صاحب جن جي انهيءَ اجري آس ڏانهن به ڌيان ڏنو وڃي جنهن کي موصوف پنهنجي مضمون جي آخر ۾ هنن لفطن ۾ آندو آهي ته: “بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو. سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو. سنڌي تهذيب جو راکو هو. ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو نالو مٽائي “بلبل آباد” يا “بلبل ديرو” رکندي.”