رئيس شمس الدين”بلبل“ - ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو
ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو“هندن جا بجڪا ڌار ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪيو.”
جنگ آزادي واري سال يعني 1857ع دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ جنم وٺندڙ، مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” هڪ دور رس نگاهه رکندڙ يا سياسي مفڪر جيان، مٿيون اظهار مرڻ کان ٿوريون گهڙيون اڳ ڪيو هو ۽ سندس وفات 13 سيپٽمبر 1919ع تي ٿي هئي.
سندس آخري ايام واري دور کي جڏهن اسين ڏسون ٿا ته (جنهن ۾هندستان جون مکيه سياسي پارٽيون ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪ ٻئي کي گهڻو ويجهو اچي چڪيون هيون ۽ هوم رول تحريڪ به زورن تي هئي) هن قسم جي راءِ عبرت ۾وجهندڙ سياسي صلاح جي حيثيت ۾ اکين اڳيان اڀري ٿي ۽ بعد جي حالات ۾ رونما ٿيندڙ ڳالهيون ان کي عجيب اڻ گسندڙ اڳڪٿي ثابت ڪن ٿيون. اڪثر ماڻهن جي اها راءِ آهي ته تاريخي طرح ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي شڪل ۾ جدائيءَ جي جانب اهو پهريون چٽو اعلان تصور ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مشورو مرحوم “بلبل” ايڏو صاف لفظن ۾ جرئت سان مرڻ مهل ڏنو سچ پچ ته هن جملي جا لفظ ڪيڏا نه توريل تڪيل ۽ ڪيڏا نه معنيٰ خيز آهن!
اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ ويجهو سٻنڌ آهي ۽ سياست مناسب موقعا ۽ وارداتون مهيا ڪري “صحافت جي تلوار” کي تيز ڪندي آهي ۽ چمڪ ۽ جلا بخشيندي آهي، پر جڏهن سياسي سوجهه ٻوجهه وارو ماڻهو صحافت جي ميدان ۾ لهي پوي ته اهو ڪهڙي پائي ۽ بلنديءَ جو قلم ڪار بنجي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. اهائي خوبي ۽ خصوصيت مرحوم شمس الدين “بلبل”۾ هئي جنهن هن کي پنهنجي صحافتي پيشي جو بي مثال ۽ منفرد مقام حاصل ڪرايو ۽ هن قلمي قوت سان مخالفن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. منهنجي خيال ۾ ان ساڳي خصوصيت جو ڪرشمو اسان ويجهڙائي ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جناب علي محمد راشديءَ جي شخصيتن ۾ ڏسي چڪاآهيون. لطف جي ڳالهه اها آهي ته “بلبل” جي عظمت جو اعتراف، ساڳئي زمري ۾ ايندڙ راشدي صاحب هن طرح ڪيو آهي ته مرحوم شمس الدين “بلبل” “سنڌ اندر اخبار نويسيءَ ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو.” سندس همعصر صحافي ۽ شاعر مرحوم محمد هاشم “مخلص” وري هن طرح داد ڏنو آهي:
“بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو جنهن صحافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هوئي هڪ صحافي هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجوده سليس ۽ پر اثر رنگين مضمون نويسي جو سڪو ڄمايو.”
اسان جي محترم ۽ برزرگ صحافي جناب حافظ خير محمد اوحدي جو چوڻ آهي ته صحافي لاءِ اديب هجڻ ضروري آهي، جيتوڻيڪ اديب لاءِ صحافي هجڻ غير ضروري آهي، ان حساب سان به ڏٺو وڃي ته مرحوم “بلبل” هڪ اعلي! قسم جو اديب، انشاپرداز، پنهنجي منفرد تحرير جو مالڪ ۽ ان سان گڏ بي مثل شاعر به هو ۽ شاعر به اهڙو جيڪو مزاح ۽ طنز کي به شاعري ۾ نباهي سگهيو ٿي.
ننڍپڻ ۾ مرحوم “بلبل” ان وقت جي مروج عام تعليم سنڌي، فارسي ۽ عربي ۾ حاصل ڪئي پر طبيعت جو ذهين ۽ ذڪي شاگرد هو. پنهنجي ليکي هن گهڻو ڪجهه اڀياس ڪيو ۽ پرايو. 1872ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ، انجنيري کاتي ۾ ، داروغي جهڙي ننڍيڙي حيثيت ۾ نوڪري ڪيائين پر اها طبيعت جي آزادي سان نه آئڙيس ۽ جلد ئي ڇڏي ڏنائين، ليڪن ڇڏيائين ڪيئن جو اهڙي قدم تي اڻ سڌي طرح آمادهه به انجنيري کاتي جي هڪ انگريز انجنيئر هن نموني ڪيس جو سندس خدا داد قوتن ۽ ذڪي ذهن کان متاثر ٿي کيس شاهه نامه فردوسي تحفي طور ڏنائين.
بس ٿوري ئي وقت ۾ “بلبل” مرحوم کي پنهنجي ارد گرد جون حالتون ۽ ماحول ننڍڙو ۽ ساهه کي گهٽيندڙ محسوس ٿيڻ لڳو ۽ اهڙي طرح هو ميهڙ مان نڪري ڪراچي ۾ 1889ع ڌاري پهتو، بقول سندس فرزند مرحوم ضياالدين ضيا، “سنڌ جي سر سيد، مرحوم خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي جوهر شناس نگاهه، مرحوم “بلبل” کي سڃاڻي ورتو ۽ کيس پنهنجي سياسي، علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجو دوست، رفيق ۽ معاون، دست راست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.” خود مرحوم آفنديءَ هڪ دفعو چيو هو ته؛ “مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟”
ڪراچيءَ جي کليل فضا ۾، رهي ڪري، مرحوم “بلبل” شعور جي وسيع ميدان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هر ننڍي وڏي ڪم ۾،مرحوم حسن علي آفنديءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو، مرحوم کي پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو پهريون موقعو تڏهن مليو، جڏهن پونا ڪميشن ۾ سنڌ جي زرعي مسئلن متعلق حاضر ٿيڻ تي، کيس مرحوم حسن علي آفنديءَ لاءِ حقائق گڏ ڪرڻا پيا، سنڌ جي زمينن هارين ۽ زميندارن ۽ سندن حالات جي باري ۾ هن شخص انگ اکر جمع ڪرڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو هو، نتيجي ۾ مرحوم بلبل جي شاهدي کان متاثر ٿيندي پونا ڪميشن سنڌ سان دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ لاڳو ڪيو ۽ اهڙي طرح زميني ملڪيتون بچايون ويون، بلڪ ان جو فائدو اڄ تائين سنڌ ۾ ورتو پيو وڃي، سنڌ صوبي جي ٻئي مجموعي جز جو ڪم مرحوم بلبل وقف علي الاولاد جهڙي مفيد قانون پاس ڪرائڻ جو هو جنهن سلسلي ۾ پنهنجي ملڪيت وقف ڪري بهترين مثال قائم ڪيائين.
دراصل مرحوم “بلبل” کي عملي ميدان ۾ آڻن لاءِ اهو درد ذميدار هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو هو، ان زماني ۾، مسلمانن جي حالت واقعي افسوسناڪ هئي، هر طرح ۽ هر طرف هندو ڇانيل ۽ اثر انداز هئا، جهڙا واپار ۾ تهڙا نوڪرين ۾، هندو اقليت ۾ هئڻ جي باوجود، تعليمي ترقيءَ سبب، هر هنڌ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ واري پوزيشن ۾ هئا ۽ پنهنجي مفادن کي محفوظ رکڻ لاءَ بعض اوقات ته زياديتن ۽ ارهه زوراين تي به لهي ٿي آيا، مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ کين پنهنجي حقن جي حفاظت جي هنر ڄاڻڻ لاءِ، هو مرحوم حسن علي آفنديءَ سان اچي شريڪ ٿيو هو.
پهريائين ته مرحوم“بلبل” ان قسم جا مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي پر اثر ۽ اپيل ڪندڙ نوع سبب، مختلف رسالن ۽ اخبارن وڏي جوش ۽ شوق سان ڇپيا ۽ پڙهيا ايندا هئا، ستت ئي کيس سنڌ مدرسته السلام ڪراچي واري ماهوار رسالي “مجمع مدرسه” جي ايڊيٽري سونپي وئي جيڪو هن ڪراچي کان اڳ مشهور تصنيف “تنوير الايمان” جو مصنف ۽ فقه جو استاد مرحوم مولوي ميان محمد عثمان نورنگ زاده ڪڍندو هو، اتان “بلبل” مرحوم جي صحافتي ميدان ۾ عملن گهڙڻ جي ابتدا ٿئي ٿي ان رسالي ذريعي مرحوم “بلبل” انهن تنقيد ڪندڙن کي به اثرائتا جواب ڏنا جيڪي لا علمي سبب، مرحوم آفندي جي پروگرام تي غلط نڪته چيني ڪري رهيا هئا، اهڙي طرح ان پروگرام لاءِ مددگار ماحول هموار ٿيندو ويو ۽ مسلمان انگريزي ۽ ٻيا علوم سکڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻ لڳا، هن کي سندس جرئتمندانه ۽ حقيقت پسندانه لکڻين سڄي سنڌ ۾ مقبول ڪيو ۽ بلبل مرحوم کي اکين ۾ جايون ملڻ لڳيون، هن کي هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جون ايڊيٽريون آڇيون ويون ۽ متعدد اخبارن کي سندس سهڻين صلاحيتن ۽ هدايتن جي ضرورت محسوس ٿي. مرحوم “بلبل” کي “ڪراچي گزيٽ” ، “هفتيوار خيرخواهه” لاڙڪاڻه، “هفتيوار مسافر” حيدرآباد، آفتاب سکر ۽ الحق سکر جنهن سان ڪنهن مرحلي تي چڱي خاص ڏي وٺ ٿي هئي جي ايڊيٽر ٿي رهڻ جو شرف حاصل آهي، “آفتاب سنڌ” سکر جو ته مرڻ گهڙيءَ تائين ايڊيٽر رهيو. ايڏين مصروفيتن جي باوجود به مرحوم شمس الدين “بلبل” ڪمال جي شعر و شاعري، تعليمي ڪانفرنس ۾ دلچسپي، مختلف ٺهراءُ تيار ڪرڻ ۽ تقريرن ۾ بيحد مشغول رهيو. ساڳئي وقت مسلمان ٻارن لاءِ نصاب تيار ڪرڻ، مفيد پمفليٽ لکڻ، شايع ڪرڻ ۽ تقسيم ڪرڻ جو ڪم به گهڻي ڀاڱي سندس حصي ۾ رهيو. سندس ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن جو پتو مرحوم “بلبل” جي ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” مان پوي ٿو جو پاڻ لکي مسلمانن ۾مفت ورهايائين. 1907ع ۾ ڪراچي ۾، آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ٿي هئي جنهن جو روح روان مرحوم “بلبل” ٿو نظر اچي، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪرايائين ۽ فارسي زبان ۾ بهترين تقرير ڪري هندستان جي ڪيترن آيل عالمن فاضلن (جن ۾ نواب وقار الملڪ ۽ مشهور شاعر حالي به شامل آهن) کان داد ورتائين. سنڌي زبان سان گڏ هن فارسيءَ ۾شعر و شاعري ڪئي آهي. پنهنجي ڳوٺ ميهڙ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيائين جيڪو بعد ۾ سرڪار هاءِ اسڪول بنايو ۽ وڌايو.
اسلامي همت ۽ غيرت ڪيتري قدر مرحوم “بلبل” ۾ هئي، ان جو اندازو ان واقعي مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جيڪو مارچ 1913ع ۾ ترڪي جي مدد لاءِ “انجمن هلال احمر” جي وفد پاران ميهڙ آمد جي شڪل ۾ رونما ٿيو هو. ان موقعي تي تقرير ڪندي مرحوم “بلبل” في البديهه نظم پڙهي هئي، جنهن جون نهايت اپيل ڪندڙ ۽ دل کي لڳندڙ ٻه سٽون هن طرح هيون:
“هنن جي خير مقدم ۾ اسانکي هيئن چوڻ گهرجي،
اجهي هي زر اجهي زيور، اجهي هي گهر اجهي هي سر.”
وڌيڪ چيائين:
“ڀلي آيا ڀلي اي سرگروه قوم دين پرور
مجاهد في سبيل الله فائز في هلال احمر
اوهان جي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ورنه
ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا ڪٿي هي بر.”
مرحوم شمس الدين “بلبل” هڪ قادر الڪلام شاعر هو، پنهنجي انفرادي طرز تحرير جو مالڪ هو، بهترين مقرر ۽عالم اديب هو. ليڪن جنهن ڳالهه کيس مقبوليت جي معراج تي پهچايو سو هئي سندس ظريفانه مذاق ۽ مزاحيه روش جنهن جو کليل ۽ دلبندي اظهار هن پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ پرڪشش ۽ پر اثر انداز ۽ جرئت سان ڪيو. ان فن کي جنهن نموني هن ترقي ڏياري ۽ نباهيو، اهو مرحوم “بلبل” جو ئي ڪم هو ٻئي جي وس کان ڳالهه ٻاهر هئي. هن مزاحيه ۽ طنزيه انداز ۾ ان وقت جي معاشري ۾ مروج غلط ڳالهين، بدعتن ۽ ڪمزورين کي ظاهر ڪيو ۽ هڪ دور رس نگاهه رکندڙ رهنما وانگر، مرحوم “بلبل” عام ماڻهن کي صحيح رستي جي نشاندهي ڪري ڏني. هن هڪ طرف مغرب جي انڌي تقليد تي حملو ڪيو ۽ ٻئي طرف مشرقيت جي نالي ۾ اختيار ڪيل بدعتن ۽ بدڪارين جي بيخ ڪني ڪئي ۽ انهن کان پرهيز ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ان سلسلي ۾ هن غلط قسم جي ملن مولوين، وڏيرن ۽ واڻين ۽ مختلف ماڻهن جا خوب ڇوڏا لاٿا آهن. بدعتي پيرن جي خلاف به خوب ڇوهه ڇنڊيائين. خود آفتاب اخبار ۾ به بدعتي پيرن جي خلاف وقت به وقت مضمون پڌرا ڪندو رهندو هو. مختلف موضوعات تي اٽڪل ست ننڍڙا ڪتاب لکيائين جيڪي 1896ع کان وٺي 1915ع تائين لکيل سندس ڀوڳ ۽ طنز سان ڀريل مواد تي مشتمل آهن، جن کي “مزاحيات” جي هڪ نالي هيٺ بعد ۾ ڇپيو ويو. سندس شعر و شاعريءَ تي “ديوان بلبل” شايع ٿيل آهي. ليڪن سندس سياست ۽ صحافت جو بهترين ۽ لازوال انڪشاف ۽اظهار مرحوم شمس الدين “بلبل” جي تصنيف “جام جم” ۾ ٿئي ٿو. ائين کڻي چئجي ته سندس سياسي ۽ صحافتي تجربي جو نچوڙ“جام جم” ۾ نروار ٿئي ٿو. دراصل “جام جم” ۾ آيل مواد “آفتاب سنڌ” اخبار ۾ 1918ع ڌاري ڇپيل ادارين جو مجموعو آهي. جڏهن “هوم رول تحريڪ” زورن تي هئي ۽ ان جي تيز وهڪري ۾ ڪيترائي هندستان جا ناميارا اڳواڻ وهي ويا هئا. اهو اهو زمانو هو جڏهن هندن ۽ مسلمانن جون ٻه مکيه سياسي جماعتون ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪٻئي کي گهڻو قريب اچي چڪيون هيون ۽ ڪيترن ئي مسئلن ۽ مطالبن تي متفق ۽ متحد ٿي ويون هيون. ائني بيسنت جي ڪوشش جي نتيجي ۾ ۽ سندس شخصيت جي اثر هيٺ، “هوم رول تحريڪ” سنڌ ۾ پنهنجا پير کپايا ۽ ان ڪم ۾ هتي جا ڪيترائي قومي خيالن وارا ليڊر جهڙوڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي وڏو بهرو وٺي رهيا هئا. سنڌ ۾ ان وقت مسلمانن جي آزاد خيالي جي ترجماني سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ڪري رهي هئي جنهن جو مکيه دليل هو ته تعليم گهٽ هجڻ سبب سياسي حقن جو حصول سنڌي مسلمانن کي ڪو خاص فائدو ڪونه ڏيندو. تنهنڪري هندن سان گڏجي آزاديءَ جا حق وٺڻ ٿيندو انگريزن جي ارهه زوراين مان نڪري هندن جي ٻوهي ۾ اچڻ جيڪا صورتحال نسبتاً وڌيڪ خطرناڪ هئي ڇو ته انگريز ته وري به هڪ ڏينهن وڃڻ وارا هئاپر هتي هميشه رهندڙ هندن مان جند آزاد ڪرائڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي پوندو. لهٰذا اها آزادي جي ڪوشش ۽ حقن جي گهر ڏاڍي مهانگي پوندي. انهن ويچارن کي ورجائڻ ۽ مسلمانن کي هندن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ کان وڏي واڪي انتباهه ڏيندڙن ۾ مرحوم “بلبل” ممتاز حيثيت والاري ٿو، پر گهڻائي وري به انهن اڳواڻن جي هئي ۽ اڪثريت اهڙين اخبارن جي هئي جيڪي “هوم رول” جي تائيد ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. انهن سڀني جو مقابلو ڪرڻ ان دور ۾ جڏهن اخبار بيني ٿورا مسلمان ڪندا هئا ۽ هندن ۾ سجاڳي زياده هئي، اهو هڪ نهايت ڪٺن ڪم هو. ليڪن اهو ئي ڪم مرحوم “بلبل” پارو دلير ۽ بي باڪ لکندڙ هٿ ۾ کڻي سگهيو ٿي. ان حالت تي افسوس جو اظهار خود “بلبل” هن طرح ڪيو آهي:
“هندن جون ٻه چار روزانيون اخبارون، ٻه ٽي باءِ ويڪلي ۽ ڪيئي هفتيوار آهن، تن سان گڏ چوپڙين جو ٺڪاءُ پيوپوي. هيڏانهن هڪ انڌو ٻيو منڊو، الامين مخالفن جي چنبي ۾ ۽ انهن سان هم راءِ، الحق به نيمي دورن، نيمي برون، بلڪه ان جا خيال به ساڳيا آهن، باقي هڪ اخبار ڇا پٽيندي ۽ ڇا روئيندي؟ هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي. جيڪي قوم جا سربراهه انهن ڳالهين جا مخالف به آهن سي به خواب خرگوش ۾ ستل آهن يا ڀائين ته مسلمان سائو گاهه آهن، سو ڀلي پيا ڪپجن. ائين ئي سائي جا ساوا رهندا. خبر ناهي ته اهو سندن خيال ڪيتري قدر مفيد آهي. يا ته رضا تي راضي آهن ته جيئن خدا کي وڻندو، تيئن ڪندو، مگر خداوند ڪريم هٿ پير، زبان، طاقت، قوت، دولت به ڪنهن ڪم لاءِ ته ڏني آهي، جن کان دين ۽ دنيا جو ڪم وٺون، پر اسين ته پاڻ کي ٻنهي ڪمن کان عاري ۽ ڪورو ٿا ڏسون. الا ماشاءَ الله!
“ان بابت آفتاب ۾ جيڪو مٿو هنيو آهي ۽ هيترن سارن مسلمانن کي سوال جواب ڪياآهن، سو به ناظرين تي روشن آهي. ٽن مهينن کان اها ڌوڻ لڳي اچي پر هڪ نيٺ هڪ آهي، ڪيترين بلائن کي پڄندو...” (1)
ان وقت هندن سان هم خيالي رکندڙ مسلمان ليڊرن جهڙوڪ آل نبي ۽ حسن امام جي دليلن ۽ تقريرن جا جواب، هڪ چوپڙيءَ ۾ مرحوم “بلبل” ڇپائي پڌرا ڪيا هئا، اهي پڙهڻ وٽان آهن. لکي ٿو
“تناسب اعداد 30 في صديءَ تي خوشي ڏيکاري اٿس، سا به ٿي ساري هندستان جي آدمشماريءَ تي. باقي سنڌ ۾ ته انهيءَ تعداد سان مسلمانن جي ٽنگ کڄي پوندي! ليڪن ٻين هنڌن تي هينئر 30 جي بجاءِ 40 في صدي آهي، سا اڃا ڏهه به گهٽائي ٿو. افسوس ته اهو آهي جو اسان جا وڏا معزز مسلمان يا ته ڪجهه نه ڪن، جي ڪن ته حد کان زياده بي نمڪي يا شورا شوري. وڌيڪ افسوس ته اهو به جو هندن جي پيشوائي ڪندڙ گويا اڄ ڪلهه اسان جا اهي ئي امام آهن. ڪو مورتي پوڄا ۾ ديوي بيسنتي مائيءَ جا چرن ٿو چمي ان کي گلن جا هار ٿو پهرائي، ڪو پنهنجي جلسي جو آغاز “بندي ماترم” جي بسم الله سان ٿو ڪري. اسان جو عالي دماغ، آنربل حسن امام ته ياحسين ڪري ڇڏي!
ڇا چئي ته ڪلڪتي مان ڦيرائي جي ڪانگريس جو جلسو صوبي بهار ۾ ڪن ته يڪدم 30 هزار رپيا نقد ان ديويءَ جي ٻل چاڙهيندو. اهڙو ڪو غضب! جو امام مهديءَ جي نزول تي به هوند ڪو مومن مسلمان ايڏي قرباني نه ڪري. مسلمانن جي احتجاجن ۽ مفلسيءَ جا اهو حال، اسان جي امامن جا اهي ٽوپا! “ڪاٿي چور سڃا، ڪاٿي ڍور سڃا”! اسان وٽ ان جي ٽين پتي هجي ته به هوند ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو ڌام ڌوم سان جلسو ڪري گذرون.
“غرض ته مون چرئي کرئي، پنهنجي ناقص عقل موجب، ڏاڍو ان تي مٿو هنيو آهي. جيڪڏهن سبز باغ مان هڪ ٽاري سائي، يا ڪو گل ٻوٽو ڏسڻ ۾ اچي ها ته منهنجو نالو اڳي ئي “بلبل” آهي، هوند جهٽ پٽ ٽپ ڏيئي ٻک وجهانس ها، مگر خزان ئي خزان، خار ئي خار نظر اچن ٿا، تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته هن بابت مون ۽ آفتاب جي خاطن ڏاڍو گهڻو لکيو آهي ته اسين في الحال ۽ باالفعل هوم رول جي لائق آهيون ۽ نه ان کي خراب ٿا چئون ۽ نه گهرندڙن کي ...” (1)
“هوم رول” جي مخالفت جا ڪارڻ ڳڻائيندي، مرحوم شمس الدين “بلبل” راءِ زني هن طرح ڪئي آهي:
“قياس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ اسين مسلمان 80 سيڪڙو آباد آهيون ۽ هندستان ۾ وري سڀ مسلمان 20 سيڪڙو مس ٿيندا. جيڪڏهن ڪانگريس ۽ ليگ جي ٺهراءَ موجب فقط اسان کي بمبئي سان گڏ ٽين پتي ميمبرن جي ملي ته به اسان کي ڪس نه ته هينئر جن صوبن ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٺهراءَ پاس ڪري 30 سيڪڙو عدد ڏنو آهي، اتي سرڪار 40 سيڪڙو حق ڏئي ٿي. تنهن کانسواءِ خود حڪومت جو اصل اصول ۽ مکيه فائدو آهي عملدارين ۽ نوڪرين ۾، پوءِ جيڪڏهن تعليم ۽ امتحانن جي لياقتن تي نوڪريون ۽ عهدا ٿيا ته به اسان لاءِ نقصان! اوهان خيال ڪري ڏسندؤ ته وڏا عهدا يا عزتون نيٺ ته تعليم ۽ لياقت تي ورهائبا. پوءِ اوهان اهڙو اندازو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترا مسلمان گريجوئيٽ آهن. مون ليکو ڪيو آهي ته بئريسٽرن سان ملائي هر هڪ ضلعي ۾ چئن کان ڇهن تائين مس مسلمان لڀندا جي جملي 20، 30 آهن..... مگر جن ڀائرن جو هي حال آهي جو هاڻي ئي اڃا ڪنهن لائق مسلمان کي قسمت سان ڪا جاءِ ملي ٿي ته هندو اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا پئجي ٿي وڃي، پوءِ جي کين هوم رول مليو ته اسان کي ڏوئين سان نه ڏنڀيندا”. (2)
مرحوم “بلبل” جي اهڙي خيال ۽ سوچ جي صحت، صاف ثابت هئي. هندن جي عام هلت واقعي انهن اهڃاڻن ڏانهن کليل اشارو پئي ڪيو ته کين سياسي آزادي ۽ ملڪ ۾ اندر سوراج اهڙا گهرجن جنهن ۾ هندو جاتي جا انفرادي مفاد محفوظ رهن ۽ جنهن ۾ مسلمان وڌيڪ ننڌڻڪا ۽ ڪمزور رهن.
ان صورتحال جي تائيد، مرحوم “بلبل” جي سياسي مخالف مسلمانن ۽ سندن اخبار به بعد ۾ ڪئي. سڀني کي معلوم آهي ته ابتدا واري زماني ۾ روزانه “الوحيد” اخبار باوجود ان جي جو خلافت تحريڪ جهڙي خالص مسلمانن جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو بيٺي هئي، هندستان جي اندروني سياسي ليول تي هندو مسلم ٺاهه ۽ اتحاد جي دعويدار هئي. ان اخبار فرقيوارانه ڇيڙ ڇاڙ کان نه رڳو پاسو پئي ڪيو بلڪه ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙن جي دل شڪني به پئي ڪئي. اهڙيءَ اخبار به اڳتي هلي، مجبوراً اهو مڃيو ته هندن جي سياسي چال مسلمانن جي سراسر خلاف آهي ۽ هو ڀروسي جهڙا نه آهن. اهڙي احساس جو اظهار سندس 6 ڊسمبر 1924ع واري اداريي مان صاف نظر اچي ٿو: اخبار لکيو:
“جڏهانڪر حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن تڏهانڪر تعصبي هندن ۽ سندن ڪن اخبارن جي آرام ۾ اچي خلل پيو آهي ۽ سندن مضمونن مان صاف پيو معلوم ٿئي ته هنن کي اها ڳالهه پسند ڪانه آهي ته مسلمان پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي قوم جي تعليم جي ترقيءَ جو خيال ڪن. اهڙي تعصبي هندو اخبارن کي ڀلا مسلمانن جو اهڙو ڪم ڪيئن وڻندو؟ هنن جي ته اصل کان اها مرضي هئي ته مسلمانن کي غفلت جي ننڊ ۾ ستل ڇڏي پاڻ وڃي “هندو سڀائون” ٺاهين ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي “هندو جاتي” جي ترقي ڪندا رهن. ڪنهن کان به اها ڳالهه ڳجهي نه آهي ته سنڌ ۾ جڏهن مسلمان پنهنجون اسلامي جماعتون (مثلاً سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس ۽ سنڌ مسلم ليگ) ڇڏي جوق در جوق ڪانگريس ڪميٽين ۽ خلافت ڪميٽين جهڙين قومي جماعتن ۾ وڃي شريڪ ٿيڻ لڳا جي جماعتون سنڌي هندو ۽ مسلمانن جون گڏيل جماعتون هيون. وڏا وڏا سنڌي هندو ڪانگريسي اڳواڻ مسلمانن کي ڇڏي وڃي هندو سڀا ۽ شڌي سڀا برپا ڪري جداگانه پنهنجي هندوجاتي جو رڳو ڪم ڪرڻ لڳا ۽ قطع تعلقات جي تحريڪ (جا ان وقت زنده هئي) کي خير آباد چئي وڃي موالاتي ۽ سرڪاري ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳا. اسان سندن اهڙي ڪارروائي تي ڪو تعجب ڪونه ڪيو ڇو ته اسين اڳي ئي ائين سمجهي ويٺا آهيون ته سرڪار جي مخالفت هندو جاتي گهڻو وقت ڪري ڪين سگهندي. هنن کي سوراج رڳو اهو گهرجي جنهن ۾ سندن ڪن ڀائرن کي ڪي وڏا عهدا ۽ وڏا پگهار ملي سگهن ۽ پندت مدن موهن مالويه ۽ سوامي شرڌانند جي تجويزن مطابق هندستان جا ست ڪروڙ مسلمان پنهنجو مذهب ڇڏي هندو ٿي وڃن...”
اها حقيقت آهي ته وقت گذرڻ سان ان قسم جو احساس مسلمانن ۾ وڌندو ويو ليڪن ايترو اڳ ان کي سهي ڪري وٺڻ ۽ مسلمانن کي وارننگ ڏيئي هندن کان ڀڄي پري ٿي بيهڻ جي تلقين ڪرڻ جهڙو ڪم مرحوم شمس الدين “بلبل” جهڙو دور انديش ماڻهو ئي ڪري سگهيو ٿي.