شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

شمس الدين بلبل - مولانا دين محمد وفائي

مولانا دين محمد وفائي

تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو پهريون)

سنڌ جو نامور اهل قلم ميان شمس الدين بلبل ميهڙ ۾ 1857ع ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ميهڙ ۾ حاصل ڪيائين. هو هڪ ذهين ۽ هوشيار نوجوان هو تنهنڪري سندس قابليت جي جوهر پڌري ڪرڻ لاءِ ميهڙ پورو نه پيو جنهنڪري 1889ع ڪراچي ۾ مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي وٽ هليو آيو جنهن سندس قابليت مان ڪم وٺڻ لاءِ “معاون” هڪ هفتي وار اخبار سندس ادارت ۾ جاري ڪئي. هن اخبار جي ذريعي مرحوم بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. مرحوم حسن علي جي مددگارن ۾ جيئن مولوي الهه بخش نماڻو هو تيئن بلبل به سندس دست بازو ٿي رهيو. دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ بابت جڏهن مرحوم آفندي کي ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ جي ضرورت پئي تڏهن زمينداري قرض جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو ڪم مرحوم بلبل تي رکيو ويو. جنهن ساري سنڌ جي زميندارن کان احوال گهرائي آفندي مرحوم لاءِ شاهدي جو مواد گڏ ڪيو.ڪميشن پونا ۾ ويٺي جتي شاهدي ڏيڻ وقت آفندي مرحوم بلبل کي به پونه وٺي ويو جتي سندس وڌيڪ مدد ڪيائين. جنهن کان پوءِ سنڌ سان زميندارن جي بچاءَ لاءِ دکن رليف ايڪٽ لاڳو ٿيو.

مرحوم حسن علي جي وفات کانپوءِ بلبل ڪراچي ڇڏي ميهڙ ۾ اچي رهيو ۽ اتان ئي گهر ويٺي ڪن اخبارن جي ايڊٽ ڪندو هو. “معاون” ڪراچي کانپوءِ “ڪراچي گزيٽ” جو ايڊيٽر ٿيو مگر اها اخبار ستت ئي بند ٿي وئي.

1907ع ۾ ميهڙ ۾ لاڙڪاڻي جي “خير خواه” اخبار جو به ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين ۽ “الحق” سکر جي به ٿورو عرصو ادارت ڪيائين. اخبار“مسافر” حيدرآباد ۾ به ڪم ڪيائين. آخر سکر جي سيٺ حاجي احمد ميمڻ جي مشهور اخبار آفتاب جو هميشه لاءِ ايڊيٽر ٿي رهيو جنهن جي ذريعي مسلمانن جي قابل قدر خدمت ادا ڪيائين.

هن جي لکڻي ظرافت آميز ۽ پرمذاق هوندي هئي جنهنڪري هر هڪ ماڻهو سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو. هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين. نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين. جن مان “نيچرل ڪريما”، “ديوان بلبل سنڌي”، “بهار عشق”، “رحيما”، “تيرهن ڄار” شروع زمانه ۾ لکيل اٿس. ان کانپوءِ “مسلمان ۽ تعليم”، “عقل ۽ تهذيب”، “قرض جو مرض”، “صد پند سود مند”، پوئين زمانه ۾ لکيائين “شمس المڪاتيب”، “احسن التواريخ”، “ديوان بلبل فارسي”، “بهادرستان بلبل”، “آئينه ظرافت”، “گنج معرفت” اهي ڪتاب اڃا قلمي موجود آهن. ديني تعليم لاءِ ڪتابن جو سلسلو به لکيو اٿس جو شايد ملڪ ۾ رائج نه ٿي سگهيو.

مرحوم بلبل وقت جي حاڪمن وٽ تمام رسائي وارو هوندو هو. رياست خيرپور جي ميرن ۽ وزيرن وٽ به گهڻو مان ملندو هوس. سندس مطالع تمام وسيع هو ۽ چڱي لئبريري گڏ ڪئي هوائين. نقشبندي طريقي ۾ مخدوم نظام الدين صديقي پاٽائي جو مريد هو ۽ بدعتي پيرن جو سخت مخالف هو، هنن جي برخلاف وقت بوقت آفتاب اخبار ۾ مضمون پڌرا ڪندو رهندو هو.

1906 ۾ هن ميهڙ ۾ مدرسة الاسلام جو بنياد وڌو جو سندس حياتي ۾ اي وي اسڪول جي درجي تي آيو، اڄ اهو مدرسو هاءِ اسڪول ميهڙ جي نالي سان آهي. سندس وطن ۾ اهو بهترين تعليمي يادگار آهي.

1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا ايجوڪيشن ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو تڏهن فارسي زبان کي سرڪاري تعليم کاتي ۾ رائج ڪرائڻ تي هڪ ٺهراءُ آيو جنهن جي تائيد ۾ مرحوم بلبل تقرير فرمائي جا فصاحت بلاغت جو هڪ بهترين نمونو هئي جنهن جو هندستان جي وڏن وڏن اڪابرن نواب وقار الملڪ پارن داد ڏنو.

هو مذهب سنت جماعت جو پڪو پابند هو تان جو پنهنجي آخرين وصيت ۾ لکي ويو آهي ته سندس اولاد مان جيڪو سنت جماعت جي مذهب تي نه هلندو سو محروم الوراثت آهي. پنهنجي املاڪ کي وقف علي الاولاد جي ايڪٽ هيٺ محفوظ ڪرائي سيپٽمبر 1919ع ۾ 62 ورهين جي ڄمار ۾ هن دنيا مان رحلت ڪري ويو.* سندس فرزند ميان ضياءَ الدين بي اي (عليگ) مرحوم جو صحيح جاءِ نشين نوجوان آهي.

* شمس الدين بلبل جا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، سندس ديوان جو انتخاب سندس فرزند مرحوم ضياءُ الدين بلبل ايڊٽ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.