سنڌي صحافت جو باني- سنڌي صحافت جو محسن رئيس شمس الدين بلبل
تحرير: محمد اسحاق شيخ-ميهڙ
جيڪڏهن سنڌ جي نقشي تي نظر وجهبي ته ادبي لحاظ کان دادو ضلعو مٿانهون نظر ايندو. جنهن جي علائقي ميهڙ جي سرزمين وقت بوقت ڪيترائي عالم، فاضل، اديب، مفڪر ۽ معلم پيدا ڪيا آهن، جن تي واديء مهراڻ کي هميشه ناز رهيو آهي، ان مان بلبل مرحوم جو نالو سرفهرست آهي. ان جي مڪمل شخصيت قدرت جي عنايتن جو هڪ حسين مجموعو ۽ نادر ۽ نه ملندڙ مثال وانگر آهي. بلبل هڪ عظيم مفڪر، محبِ وطن ۽ دور انديش مصلح کانسواءِ هڪ صاحب طرز اهل قلم به هيو، شعر و سخن ۾ اعليٰ قسم جي طنزيه مزاح نگاري، ظرافت، نفيس بذله سنجي ۽ تعريضي اسلوب بيان، جنهن جو مقصد قومي اصلاح هجي، ان جو طره امتياز هيو. قلم جي زور سان گڏ زورِ بيان يعني تحرير ۽ تقرير ٻنهي ۾ يگانو هيو. قومي همدردي سان گڏوگڏ جرئت رندانه ۽ جذبه ايماني به رکندو هيو. دانش ۽ بصيرت سان گڏوگڏ سياست ۽ صحافت جو به شهسوار رهيو.
دنيا جي معاملات سان گڏ ديني حڪمن جي بجا آوري ۾ به مستعد ۽ پيش پيش هيو. وسيع مطالعي سان گڏوگڏ عظيم مشاهدي جو مالڪ پڻ هيو. پروقار ۽ پرڪشش صورت ۽ جاذب نظر شخصيت سان گڏ پاڪيزه سيرت بلبل مرحوم جي خاصيت هئي، جيڪا قدرت ان کي نهايت فياضي سان عطا ڪئي هئي، هو هر محفل جو مور هوندو هيو. دوست احباب هر وقت ان کي ڏسڻ لاءِ مشتاق ۽ ٻڌڻ لاءِ بيتاب نظر ايندا هيا.
سنڌ جي جن اهل قلم مفڪرن ان کي سنڌ جو سعدي، حالي، ۽ اڪبر الهه آبادي ڪوٺيو آهي، تن ۾ پير الاهي بخش، سيد حاجي علي اڪبر شاهه، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر وفا راشدي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام محمد گرامي، ڪريم بخش خالد، حافظ محمد احسن چنا، محمد نواز محزون، مشتاق احمد پٺاڻ، حاجي خان بلوچ، ماسٽر جمعه خان غريب، احمد خان ايم سيال، قاضي ميان جان محمد عارفي ۽ ليلا رام ديوان داس (احمدآباد، هندستان) جا نالا قابل ذڪر آهن.
پير الاهي بخش سابق وزير اعليٰ سنڌ لکي ٿو ته:
جهڙي طرح سر سيد جي ساٿي مولانا حالي مسدس لکي مسلمانن کي انهن جي ڪوتاهين جو احساس ڏياريو، اهڙيءَ طرح حسن علي آفندي جي ساٿي رئيس شمس الدين بلبل “رحيما لطيف” لکي سنڌ جي مسلمانن کي بيدار ڪيو.
(تحريڪ آزاديءَ جا سنڌ ۾ آثار“روزانه اخبار “مهراڻ”، سالگره نمبر تاريخ 5 جنوري 1962ع)
سنڌجي جليل القدر عالم، مقرر، مسلم ليگ جي سرگرم رهنما، سنڌ اسيمبلي جو سابق رڪن ۽ پارلياماني سيڪريٽري، جامع عربيه ۽ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جو باني مرحوم حاجي علي اڪبر شاهه لکي ٿو:
“جهڙي طرح مرحوم اڪبر الهه آبادي پنهنجي شعرن ۽ ظرافت سان قوم جي اصلاح مدنظر رکي بلڪل اهڙي طرح هن به ظريفانه نموني ۾ قوم جي اصلاح ڪئي، جو وڏا اهل دماغ به ان جي قابليت کي داد ڏيڻ تي مجبور ٿيا، سنڌ جي سڀني قومي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ اڪابرين ملت بلبل جي شرڪت ضروري سمجهندا هئا.”
(رئيس شمس الدين بلبل سنڌ، ماهوار علمي دنيا ڪراچي اپريل 1930ع)
سنڌ جو مايه ناز اهل قلم ۽ تاريخدان مرحوم پير حسام الدين راشدي رقم طراز آهي ته: “اڪبر الهه آبادي جو رنگ سڀ کان پهريائين شمس الدين بلبل اختيار ڪيو ۽ طنزيه شاعري جو بي مثال نمونو پيش ڪيو، جو اڄ تائين سنڌ ان جو ثاني پيدا نه ڪري سگهي آهي”.
(“سنڌي ادب اردو”) اداره مطبوعات پاڪستان پمفليٽ نمبر 6 مطبوعه 1953ع)
سنڌ جو بلند پايه اديب، صاحب طرز، اهل قلم، عظيم صحافي، ڪالم نگار، مورخ و سياستدان پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:
“صحافت ۽ ادب ۾ رئيس شمس الدين بلبل يگانو روزگار هو، هو پنهنجي علمي ڪمالن سان ذهني انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن انقلاب جي قيادت به ان خود ڪئي، الغرض بلبل سنڌ جو بلبل هو. بلبل سنڌ جي صحافت جو باني، سنڌي زبان جو محسن ۽ سنڌي تهذيب ُ تمدن جو رکوالو هو. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ غفلت جي خواب مان بيدار ٿي بلبل جي احسانن جو قرض اهڙي طرح لاهيندي جو شهر ميهڙ جو نالو بدلائي ان کي “بلبل نگر” يا بلبل ديرو سڏيو ويندو.
(“رئيس شمس الدين بلبل“ اهي ڏينهن اهي شينهن” پير علي محمد شاهه راشدي). آخر هي سنڌي ادب جو روشن ستارو 13 سيپٽمبر 1919ع تي سنڌ جي افق تان لهي ويو. سندس مزار مبارڪ “بلبل بنگلي” ويجهو سندس تعمير ڪرايل مسجد جي احاطي ۾ ٺهيل آهي.