شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

تصويرون


حضرت بلبل ۽ سندس فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين ضيا، هي فوٽو ڪڍرائڻ وقت حضرت بلبل جي عمر 60 سال هئي، اٽڪل ٽن سالن بعد يعني 63 سالن جي عمر ۾ حضرت بلبل وفات ڪئي. هن فوٽو کي نڪتي اٽڪل 100 سال گذري چڪا آهن پر پوشاڪ ۽ وضع قطع جو سليقو ۽ انداز ڏسو، اڄ جي زماني جهڙو پيو لڳي.

____


بلبل بنگلو ۽ لائبريري- احاطي واري ڀت تي ويٺل کاٻي کان- مرتب شمس الدين، سندس ننڍو ڀاءُ نظام الدين، وچون ڀاءُ صلاح الدين، بيٺل محمد فقير
__


مرحوم رئيس شمس الدين بلبل جي برپا ڪيل تعليمي اداري مدرسة السلام ميهڙ جي 1913ع جي تعليمي اسٽاف ۽ شاگردن جو گروپ فوٽو، سيپٽمبر جي پرچي ۾ اسان مرحوم رئيس بلبل بابت وڌيڪ مضمون ۽ فوٽا ڏيئي رهيا آهيون، نئين زندگيءَ جو ايندڙ پرچو هن مخلص ۽ قومي همدرد جي ياد ۾ شايع ٿيندو. (هن تصوير لاءِ رئيس ضيا الدين ايس بلبل جا شڪرگذار آهيون)
__

مرحوم شمس الدين بلبل، سنڌي ٻوليءَ جو مشهور صحافي، اديب، شاعر، سنڌي ۾ مزاحيه ۽ طنزيه شاعريءَ جو موجد ۽ سنڌي صحافت ۾ پيشرو ۽ سنڌ جي تعليمي رهبر مرحوم حسن علي آفنديءَ جو دست راست هو.
__