سنڌيءَ جو مشهور مزاح گو شاعر مرحوم شمس الدين بلبل
احمد خان ايم سيال
هند ۾ مزاحيه شاعري مرحوم اڪبر الهه آبادي تي ختم ٿي ۽ سنڌ ۾ مرحوم بلبل تي. مزاحيه شاعري ائين آهي جيئن گلن ۾ گلاب ۽ ميون ۾ انگور. سچ ۽ حق جي انڪشاف ڪرڻ جي طاقت هر ڪنهن طبيعت کي حاصل نه هوندي آهي، جيڪا طبيعت ورلي هن خداداد نعمت ۽ لياقت کان بهر ور بنبي آهي، ان ۾ وري سخن سنجي ۽ ظرافت جو هئڻ ائين آهي جيئن کير ۾ کنڊ. انهن ٻنهي وصفن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ هڪ اهو انساني ڪمال پيدا ڪري وجهي ٿو جنهن لاءِ جيڪر اقبال جي لفظن ۾ هيئن چئجي ته:
سخن ور هجڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي ڏات آهي، پر سخن سنجي ۾ سچ ۽ حق جي جهلڪ هجڻ وري ائين آهي جيئن سون تي سهاڳو! پر اهڙي راست گوئي اڃا جيڪڏهن مزاح جي رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿي ته پوءِ ان جي حامل شخصيت کي ائين سمجهڻ گهرجي جيئن عمارتن ۾ تاج محل. اهوئي سبب آهي جو دنيا اڄ تائين نه تاج محل جو مٽ پيدا ڪري سگهي آهي ۽ نه هند يا سنڌ ڪو اڪبر يا بلبل جو ثاني پيش ڪري سگهي آهي. سچ هونءَ به اڪثر تلخ چيو ويندو آهي.
انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته سڄي دنيا عاشق سان عشق ڪري ٿي پر آءٌ چوان ٿو ته سڄي دنيا مرڪندڙ ۽ مشڪائيندڙ سان به پيار ڪري ٿي، پر طنز، ٽوڪ، هزل هجو ۽ تمسخر هڪ شيءِ آهي ۽ مزاح ظرافت بذله گوئي بلڪل ٻي چيز آهي. ٻنهي ۾ ايترو تفاوت آهي جيترو ٽوهه ۽ گدري ۾ يا کٽي اُڀري ۽ ٽپڪي جي انب ۾. هڪ جو بنياد ڪيني، فوقيت ۽ تخريب تي آهي ته ٻئي جو راست بازي ۽ تعمير تي. هڪ مان ٻئي جي خودداري کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو ته ٻيو ڄڻ ان کي ڪن کان وٺي اٿاري بيهاري اڀاري ۽ سنواري ٿو. هڪ اڪ جو کير آهي ۽ ٻيو مادر جو شير آهي.
هند ۽ سنڌ مزاح جا ماڻڪ به پيدا ڪيا ۽ طنز جا تير به، انهن مان مزاح جا ٻه بي مثال هيرا اڪبر ۽ بلبل آهن. اڪبر الهه آبادي پنهنجي لاثاني مزاحيه شاعري سان هند جي مسلمانن کي انگريزن جي فتنه ۽ هندو جي ڪالي ديوي کان بيدار ۽ خبردار ڪيو. هن سر سيد احمد جي پورهئي کي صاب ڪيو. ساڳيو ڪم سنڌ ۾ مرحوم بلبل پنهنجي پر لطف شاعري سان سر انجام ڪيو ۽ حسن علي آفندي جي ڪم کي ڪامياب بنايو، تنهن هوندي به ٻئي نه ناصح هئا ۽ نه واعظ. ٻئي اعليٰ درجي جا آرٽسٽ (فنڪار) هئا. ٻنهي شاعري کان شير ۽ شڪر جو ڪم ورتو. هنن جي شاعري اڻٿڪائيندڙ، زود هضم ۽ جزو بدن بنجڻ واري هڪ روحاني غذا مثل هئي. ان ۾ جيڪو حق ۽ سچ ۽ پند جو پهلو هو سو ائين ته خوش طبعي ۽ فني ڪمال جي کنڊ ۾ ويڙهيل هو جيئن “يو ڪونين” ٻڌندڙن ائين هرگز محسوس نه ٿي ڪيو ته ڪو هنن کي ليڪچر ڏنو پيو وڃي. اهو ئي سبب هو جو هو مايوس ۽ مرده دل نه ٿي ٿيا جيئن نام نهاد قومي يا ناصحانه شاعري ڪندي آهي، پر ان جي برعڪس بيدار، هوشيار ۽ زنده دل پئي ٿيا. ٻنهي جي شاعري ۾ شوخي، فني خوبيون (مدافع بدايع وغيره) ۽ ڪمال سنجيدگي، متانت ۽ ذوق سليم سمايل هو. اهي سڀ خوبيون هڪ هنڌ ٻئي قسم جي مزاحيه شاعري ۾ نه ملنديون. خاص ڪري مزاحيه شاعري ۾ متانت ۽ سنجيدگي جو هئڻ ته ائين آهي جيئن شرطي ڊوڙ جو ڀلو ۽ تيز گهوڙو پر گهوڙي سوار کان سواءِ ميل ماري اچي. مثال طور انگلينڊ جي مشهور شاعر شيڪسپيئر جنهن جي مزاحيه شاعري به مڃي ويندي آهي سو به ڪٿي ڪٿي متانت ۽ سنجيدگيءَ کي سلامت رکي نه سگهيو آهي ۽ مهمل ۽ لغو فقرا ۽ الفاظ ڪم آندا اٿس. چٻري جي ٻولي “تو وٽ ٽو هو”، ڪتي جي ڀونڪ “بائو وائو” ۽ ڪڪڙ جي ٻانگ “ڪاڪڊ دل ڊائو” ۽ “هي هو هي هو سنگ هي هو هي هو” وغيره جهڙا مهمل فقرا آڻي مزاح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. لولي جهڙي مٺڙي راڳ ۾ به ستل شهزادي جي ننڊ ڦٽائيندڙن کي هيٺين تمام سخت لفظن ۾ ياد ڪيو اٿس:
You spotted snakes with double tongue. Thorny hedgehogs, be not seen, Newts and blind-worms, do no wrong, Come not near our fairy queen.
سرد سياري کي مهمان سڏيندي دوستن جي بي رخي ۽ انسان جي احسان فراموشي جو جيڪو نقشو چٽيو اٿس سو نهايت موزون پر مايوس ڪن ۽ همت شڪن آهي. چوي ٿو:
Most friendship is feigning
Most loving (is) merely folly.
دوستي ۽ محبت جهڙي پاڪ پتلن ۾ به پليدي پڌري ڪرڻ سان هن ذوق سليم ۽ صحيح مذاق کي هڪ طرف چوٽي وارو ڌڪ هنيو ته ٻئي طرف انساني سلوڪ ۽ ويساهه سان ويل وهايائين. ائين قبول ڪجي ٿو ته اهڙو عنصر هن جي شاعري ۾ گهڻو نه آهي، پر ٻوڙ کي مڪروهه ڪرڻ لاءِ هڪڙي مک ئي ڪافي هوندي آهي. ڇا شيخ سعدي جهڙي سڳوري به علم ۽ فضل جي جبي ۽ دستار جي باوجود هڪ بادشاهزادي کي راضي بازي بنائڻ خاطر حڪم سوزلي جي ڪتاب جي روش تي هزليات لکيا جي گلستان ۽ بوستان جي مصنف جي منهن تي هرگز نه ٿا پون. (ڏسو مولانا شبلي نعماني جي حيات سعدي) مولانا بخيلين جي باري ۾ جيڪو مثال ڏنو آهي ۽ جو اسان مڪتبن ۾ پڙهندا هئاسون سو به اڄ هت لکڻ جهڙو نه آهي. امير خسرو جي “نرا کرد ام هم زلت را کنم” وارن بيتن جا ٻيا طاق ڪهڙي به طمطراق جا ڇو نه هجن پر ذوق سليم اهڙي شعر کي به شائسته چوڻ ۾ ضرور سڪبو. جڏهن شهره آفاق شاعرن جو مزاح جي معاملي ۾ اهو حال آهي تڏهن ٻين ننڍن وڏن جو ورلن وري ڪهڙو هجي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مزاح ۽ ذوق سليم جي ملاوت ڪهڙو نه ڪٺن ڪم آهي، جنهن کي مرحوم اڪبر ۽ مرحوم بلبل بخوبي نباهيو. ٻنهي جي سڄي شاعري ۾ ته ڪٿي معيار کان ڪريل ڪا ڳالهه نه ملندي ۽ نه مايوسيءَ يا نااميديءَ جو ڪو ترورو نظر ايندو. اڪبر جي سڄي شاعري ۾ هيٺين بيت کان وڌيڪ ڪو ٻيو مايوسي وارو شعر نه ٿو ملي:
راہ چلتا بھی کہہ گیا افسوس
اونٹ گنگا میں بہہ گیا افسوس
پر ان ۾ به غور ڪرڻ سان ڏسو ته دراصل اٺ جي ٿڙي ٿاڦڙي بچڻ جو امڪان صفا بند نه ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ان جي رڳو وقتي لغزش ڏي اشارو ڪيل آهي. ٽيون ته اهو سڄو هڪ رهه گذر جي سرسري نظر جو معاملو بڻايو ويو آهي. شعر ۾ جو خاص نڪتو آهي سو تماشبين جي بي علمي ۽ بي عملي تي چوٽ ڪرڻ بابت سمجهڻ گهرجي. پر مرحوم بلبل ته ايتري قدر به مايوسي پنهنجي شعر ۾ اچڻ نه ڏني آهي. مسلمانن کي يورپ جي دلداده بنجڻ لاءِ امر جي آڙ ۾ اڻ سڌي طرح متنفر ڪري ٿو. هن مغلوبي لاءِ هن جي ڪنهن ذاتي جوهر جي مذمت نه ٿو ڪري جو ائين ڪرڻ سان نصيحت جي بجاءِ نفرائپ نتيجي ۾ نمودار ٿئي ها، پر هن جي رڳو وقتي لغزش ۽ فربتگي جي هادي ڏانهن اشارو ڪري ٿو:
غافل وڃي ولايت لو ليڊي سان لائج
سئو قرب مان ڪرسچن نئين چرچ ۾ چوائج
هن جو سڄي قوم مان رڳو غافلن جي گروهه ڏانهن عتاب خطاب آهي ۽ امر جي آڙ ۾ منع آندل آهي جيئن هڪ قسم جي ابهام ۽ تجاهل عارفانه جي صنعتگيري سان نصيحت خود بخود اخذ ڪئي وڃي. ليڊي ساڻ “لو” ڪرڻ ۽ لنئو لڳائڻ جو لازمي نتيجو پنهنجي دين ڌرم کان هٿ ڌوئڻ ٻڌائيو ويو آهي ۽ فيصلو “غافل” تي ڇڏيو ويو آهي ته ٻنهي مان ڪنهن کي ٿو پيارو ڪري. هن قسم جي نصيحت ٻئي ڪنهن به قومي يا ناصحانه شعر ۾ نظر نه ايندي. بيت ۾ نئين جو لفظ برابر آهي وڃي جي. جيئن ثنائي صاحب فرمايو آهي:
نئين ڪانگل ڏي ته سلام..
بلبل جي شاعريءَ ۾ ڪنهن شخصيت يا ذات يا مذهب يا حڪومت يا ڪنهن پاڪيزه چيز وغيره تي حملو يا لعن طعن هرگز نه لڀندو. تنهن ڪري ئي اها پسند عام ثابت ٿي.
بلبل جو هڪ ٻيو مثال ملاحظه ڪرڻ فرمايو جنهن ۾ هن يورپ جي هوا، مغرب جي روشني ۽ انگريزي تهذيب جي مٽي پليد ڪئي آهي:
سگهو انگلينڊ ڏي ادا ٿي تيار، مکن تکيه بر عمر ناپائيدار
سوا انگريزي هجي جاهلي، که بي علم بودن بود غافلي
ٿيو مهه جبين کان جيڪو جدا، کجا باز زراه- خدا
ڪري وٺ ادا خوب بوس و ڪنار، که فردا نماشي زحق شرمسار
ڪتي پستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور، نباشي زگلزار فردوس دور
تون پيشاب پنهنجي کي هلندي ۾ هار، کجامت بود جائي پرهيزگار
پستڙي ڪتي، ڪور ڪور، پيشاب ۽ بوس و ڪنار جهڙا لفظ به اهڙي ته پيرايه ۽ تلازمي سان آندل آهن جو انهن جي ثقافت ـ۽ تنفر تفريح ۽ مزاح ۾ مٽجي ويو آهي. ان کانسواءِ واقعي نگاري تي مبني آهن جو انگريز واقعي بيٺڙ پيشاب ڪندا آهن ۽ پستڙي ڪتي ۽ بوس و ڪنار هنن وٽ هر وقت جائز ۽ مباح آهي. ادا جي شوخي چست بندش ۽ فن تضمين به قابل داد آهن.
مرحوم بلبل پنهنجي شعر ۾ سنڌي مصرع سان گلستان يا بوستان جو ڪونه ڪو زبان زد مصرع ملائي اجتماع ضدين جي صنعت سان مزاح ۽ تفريح پيدا ڪئي آهي، ائين ڪرڻ سان تضمين جو فن هڪ طرف ڏيکاريو اٿس ته ٻئي طرف گلستان ۽ بوستان کي سنڌي زبان ۾ هميشه لاءِجاءِ ڏئي ڇڏيائين. مولانا اڪبر جي بيت ۾ ڏسبو ته هن قسم جي لفظي جادوگري سبب مزاح پيدا ڪيل نه آهي پر واقعات جي تمسخر جي زور تي مزاح پيدا ڪيل آهي. راه چلتا، اٺ يا گنگا ۾ بذات خود ڪو به مزاح ڪونه آهي پر جڏهن اوڳي اٺ جو ٿاڦوڙا هڻندي ٽنگون ٽيڙي گنگا ۾ لڙهي وڃڻ جو منظر پيش ٿئي ٿو تڏهن بي اختيار کل وٺي ٿي وڃي. هن کي چئبو آهي Funny situations يعني واقعات جي تمسخر سان مزاح پيدا ڪرڻ. هن جو گهڻي ۾ گهڻو انداز پي جي موڊ هائوس جي مزاحيه تحريرن مان ملي ٿو. پر ان جي برعڪس بلبل مرحوم جي فني مسلڪ (School of Art) ۾ واقعات جو تمسخر ممنوع ۽ ذوق سليم جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو. مرحوم بلبل نڪته رعايت سان مزاح پيدا ڪرڻ جو حامي آهي جيئن مٿي ڏنل مثال مان ظاهر ٿئي ٿو.
مرحوم بلبل جي هڪ همعصر مولوي غلام رسول صاحب سوڍر ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيسود ثابت ٿي. اهو رنگ ۽ ڍنگ هٿ ڪري نه سگهيو. هڪ بيت ملاحظه ڪريو:
چٽڪو انگور انب جو لاچار چار ڏينهن
لٽڪو لنگور لنب جو لاچار چار ڏينهن
هن ۾ فني پهلو هوندي به لنگور ۽ لنب جهڙا لفظ بغير قريني ۽ تلازمي جي ڪتب آندا ويا آهن جنهن ڪري انهن جي ثقافت ميٽجي نه سگهي آهي. مولوي ميان احمد علي صاحب ڏيروي به انهيءَ تتبع تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر “دهلي هنوز دوراست” وارو قصو نظر ايندو. فرمائي ٿو:
اشراف ڀي لچن جي ته صحبت ۾ لچ ٿيا
ڪارن سان گڏجي ويو آ بدلجي اڇن جو رنگ
ميان امام الدين ضامن بلبل مرحوم جي هڪ شاگرد پنهنجي سڄي شاعري طنز جي طريقي ۾ ڪئي آهي:
مروڙي مڇ اٿيا ميمبر ٿيڻ خاطر گهڻا مسٽر،
اسان جي ڀي متي ٻيگهي اجهو سڻڀو ٽڪر آيو.
جي مفتي مال جو لقمو سڏي گهر ۾ ڏئي جيڪو،
انهيءَ سان سر لڳي هٿ ڄڻ سٺو ساڄو ٻڪر آيو.
هي سڳورو مخلص مرحوم جو به شاگرد آهي جنهن جو مٿس رنگ زياده غالب ٿو ڏسجي. مطلب ته بلبل جي عمده طرز ٻئي ڪنهن کي هٿ نه آئي.