شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

رئيس شمس الدين”بلبل“

ظفرڪاظمي

1857ع... هن سن جو تصور ڪندي ... “انقلاب” جي تصوير سامهون اچي وڃي ٿي... انگريزن سان مغلن جو مقابلو... يا “هند ۽ سنڌ” جو پنهنجي بنيادي حقن لاءِ جهاد چئجي... انهيءَ انقلاب دوران ساڳي ئي سال هڪ انسان هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو ۽ انقلابيءَ جي صورت ۾ اديب جي حيثيت سان ۽ شاعر جي روپ ۾ سنڌي صحافت جو پيش رو، طنز و مزاح جي شاعريءَ جو باني بڻجي مشهور سياسي ۽ سماجي سڌارڪ ٿي نروار ٿيو، سو هو شمس الدين “بلبل”.

انقلاب جي انهيءَ وهڪري ۾ڪيتريون شخصيتون نروار ٿيون. ڪيتريون سياسي و سماجي تحريڪون اڀريون. انجمنون بڻيون. سڄي هند ۽ سنڌ جتي به انسان هئا، جتي به ايمان هو، اتان مختلف روين ۾، مختلف رستن کان مجاهدن پنهنجي تحريڪن کي تيز تر ڪرڻ شروع ڪيو.

هندوستان ۾ 1857ع ۾ سيد احمد بريلوي شهيد انگريزن جي خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ مسلمانن ۾ جن جهاد پيدا ڪيو. انهيءَ تحريڪ سر سيد احمد خان کي جاڳائي هندوستان ۾ مسلمانن لاءِ علي ڳڙهه ۾ يونيورسٽي ٺاهي هند ۽ سنڌ جي مسلمانن کي هڪ نئين دور جي تعليم کان روشناس ڪرايو، جيئن هو اڳيان وڌي چالاڪ ۽ رهزن دشمنن کي منهن ڏئي سگهن.

سر سيد سان گڏ سندس دوست، شاعر، اديب ۽ صحافي مولانا الطاف حسين “حالي” به هو، جنهن اڳيان هلي “مسدس حالي” لکيو.

سر سيد، الطاف حسين “حالي” ۽ معزز مسلمانن هند ۽ سنڌ جي “نيشنل محمدن ايسوسيئيشن” قائم ڪئي. 1884ع ۾ سنڌ مان حسن علي آفنديءَ انهيءَ ايسوسيئيشن جو سرگرم رڪن هو. ان سر سيد جي نقش قدم تي هلندي 1885ع ۾ سنڌ جي ڪراچيءَ شهر ۾ سنڌ مدرسة الاسلام قائم ڪيو.

جهڙيءَ طرح “حالي” سيد جو ساٿي هو اهڙيءَ طرح حسن علي آفندي جو ساٿي مولانا الهه بخش“اٻوجهو” هو.. جهڙيءَ طرح الطاف حسين “حالي”، “مسدس حالي” لکيو اهڙيءَ طرح “اٻوجهي”، “مسدس اٻوجهو” لکيو ۽ سنڌين جي پنهنجي علمي ذوق ۽ لياقت سان وقت آهر خدمت ڪئي.

1885ع ۾ “ڪانگريس” جو به وجود پيو. ڪانگريس ۾ هندو ۽ مسلمان سڀ گڏ هئا... 1898ع ۾ سر سيد احمد خان فوت ٿي ويو، جو مسلمانن جو ڪانگريس ۾ سرگرم ڪارڪن هو. هندن مسلمانن سان ڪانگريس ۾ گڏ هوندي به مسلمانن جي مفادن کي مسلسل نظرانداز پئي ڪيو ۽ پنهنجي مطلب پرستيءَ کي اڳيان پئي رکيو. انهيءَ ماحول کان متاثر ٿي شمس الدين “بلبل” سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي قلم سان سجاڳ ڪرڻ شروع ڪيو.

1889ع ۾ حسن علي آفنديءَ جي دعوت تي شمس الدين “بلبل” ڪراچيءَ مان پهرين سنڌي مخزن “المعاون” جاري ڪئي.... جنهن ۾ سنڌ جي برک اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون شامل هونديون هيون. “بلبل” جي خداداد شخصيت هندن جي مسلمانن سان غلط روش ۽ انگريزن جي ڊپلوميسي، جنهن کي منافقت چئجي ته غلط نه ٿيندو، تن کان عاجز ٿي پنهنجي صلاحيتن کي بيدار ڪري چڪي هئي، هن هندن ۽ انگريزن خلاف لکڻ شروع ڪيو، بلبل سکر مان وري “آفتاب” نالي اخبار شروع ڪئي ۽ حق جو نعرو بلند ڪري ڏنو ۽ مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جو خيال رکي جدوجهد شروع ڪئي ۽ پنهنجي معاصرين، ۽ پنهنجي قوم جي علمي، ادبي، تعليمي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي ڪمن ۾ پنهنجي شعور سان پوري پوري مدد ڪئي ۽ سنڌجي مسلمانن کي پنهنجي اصليت ڏانهن واپس آڻڻ ۽ پنهنجي ورثي کي پاڻ سنڀالڻ ۽ غلاميءَ جي ڳٽ مان آزاد ٿيڻ لاءِ منجهن ذهني انقلاب آندو.

شمس الدين “بلبل” جو نظريو، جو اسانجي سامهون آهي، سو انهيءَوقت جي تعليمي ۽ تهذيبي ماحول جو عڪس، تصوير ۽ رد- عمل آهي. انهيءَ وقت اردو جا مشهور اديب، شاعر، مولانا شبلي ۽ اڪبر الهه آبادي، جي سر سيد جي سرگرم ساٿين مان هئا، تن به جدت پسند سرگرمين جي مخالفت ڪئي، مولانا حالي موافقت ڪئي.

سنڌ ۾ حسن علي آفندي ۽ مولانا الله بخش “اٻوجهو” مخالفت ڪئي پر صرف شمس الدين “بلبل” شبليءَ ۽ اڪبر الهه آباديءَ جي موقف جي تائيد ڪئي ۽ آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ پنهنجي زوردار ۽ پرجوش تقريرن ذريعي پنهنجي موقف کي مڃرايو، جنهن کي سڀني ساراهيو. سندس اهي تقريرون ۽ تجويزون سندس ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” ۾ موجود آهن، ڪانفرنس جي ريڪارڊ ٿيل ڪاررواين ۾ پڻ ڄاڻايل آهن. انگريزن جي مشينرين جي تبليغن کان “بلبل” غافل نه هو، طنز و مزاح سان نقالن، چمچن ۽ ٽوڊين تي تنقيد ڪندو رهيو ۽ مشنريز پادرين کي به منهن ڏيندو رهيو. ڪيئي ڀيرا مسيحي پادرين سان روبرو مناظرا به ڪندو رهيو. انهيءَ جدوجهد بابت “آفتاب” ۾ ڪيئي مضمون پڻ لکيائين.

“ڪلهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جبي پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو. افسوس، مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي، جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگر ڌڙ کان ڌار ڪري “ايوبي سنت” کي تازو ڪريان ها!”

مولائي شيدائي لکي ٿو:

“عيسائي پادرين لاءِ “آفتاب” ويل ٻاري ڏنو. اڃا ٻه هفتا اخبار کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان وعظ ڪندڙ پادرين کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداري تي گهرائي دٻائڻ لڳو، “بلبل سنڌ” کي خبر پئي ته آفتاب جي ڪالم ۾ فوجدار جي اهڙي لاک لاٿائين جو ٻاهر نڪرندو هو ته وردي وارو سپاهي ساڻ کڻندو هو.” (روزانه “مهراڻ” 62ع).

ان متعلق مرحوم بلبل مزاحيه ڪالم ۾ هن طرح لکيو:

“مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو. توهان کي خبر هجي ته تعليم پرائڻ سان اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بنجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙئو، گڏهه تي ڪوهرن جو ڪنو رکي ڪوهر وڪڻندو هو. پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت جيڪا کيس پتا ٽوپڻداس کان ورثي ۾ ملي هئي سا پٽيءَ مٽجي نه سگهي، سياڻن سچ چيو آهي:

“گڏهه گهوڙو نه ٿئي، جي سونا وجهينس سنج، 
توڙي پاٽيون وجهنيس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گند تي”. 
(روزانه “مهراڻ” ساليانه نمبر 62ع).

بلبل جا الفاظ تيرن وانگي انگريزن جي تبليغ ڪندڙ مسيحي پادرين کي چڀڻ لڳا، اها تلخ ڪلامي اگرچه ناگوار آهي، پر اسلام دشمن جهڙي طرح اسلام ۽ بانيء اسلام تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، تڏهن بلبل جي اها روش جوابي طور مناسب ۽ صحيح هئي، جنهن ڪري سکر مان انگريزي پادرين جا پرچار ڪندڙ پادري ائين گم ٿي ويا جيئن گڏهه مٿان سڱ.

“بلبل” جو ڪلام خدائي ڏات تي مبني آهي. سندس شاعري ٽن قسمن جي هئي: عشقيه، طنزيه ۽ اصلاحي، پر جائزو وٺبو ته ڏسبو ته عشقيه گهٽ ۽ طنز ۽ اصلاح گهڻائيءَ تي نظر ايندي.

انسان سان “عشق” جو جز ضروري آهي، عشق جو جذبو زندگي بگاڙي به ۽ بنائي به. “طنز” ڏنڀ آهي جا گمراهه کي سجاڳ ڪري ٿي. “اصلاح” روشني آهي جا انسان کي منزلِ مقصود تي پهچائي ٿي ۽ زندگيءَ جو اولين مقصد حاصل ڪرائي ٿي.

“بلبل” انگريزن جي وڌندڙ اقتدار ۽ اثر کي پرکي ورتو هو. انهيءَ ڪري ڪيترا انگريز پسند آفيسر، تعليمي ڪارڪن ۽ خود انگريز عملدار سندس نقطئه نگاهه کان شرمسار ٿيندا هئا...

آخر ڪيئن هو هن قسم جي طنز پسند ڪندا:

آهي نئين تعليم گڙٻڙ در جهان انداخته 
حرڪتون شيطاني آڻي در جهان انداخته 
عمر ساري علم انگريزيءَ ۾ پوري ڪري 
اڄ هنر ۽ ڪسب کي گهر ۾ نهان انداخته

يا

گرچه ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ نانهه 
ٽوپلو پائي، حماقت ٿو گهران 
عقل ۾ آڻي شريعت کي تمام 
دين ايمان پنهنجو غارت ٿو گهران 
ڀل مرتد هي چون ملان مگر 
مان ته انگريزن ۾ عزت ٿو گهران 
پائي چشمو چست چاڙهي سوٽ بوٽ 
مثل صاحب لوگ صورت ٿو گهران.