شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

مري ٿيا نه مات: شمس الدين”بلبل“

غلام محمد ”گرامي“

سلسلو مطبوعات نئين زندگي نمبر-8
مرتب: سيد حسام الدين راشدي-1965

مرحوم رئيس شمس الدين بلبل پنهنجي حيثيت توڙي فني ۽ شاعراڻي حيثيت سان سنڌ جو اهو سپوت آهي، جنهن تي سنڌي ادب جيتروبه فخر ڪري اهو ٿورو آهي. مرحوم بلبل هڪ صحافي، هڪ شاعر، هڪ اديب ۽ هڪ مزاح نگار جي حيثيت سان جيڪي سنڌي ادب ۾ پنهنجي وطن جون خدمتون ڪيون آهن، اهي اڻ مٽ ۽ امرآهن. مرحوم بلبل، 1857ع ۾ ميهڙ جهڙي مردم خيز شهر ۾ ڄائو. اتي نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پڙهيو ۽ ڪمال تي پهتو.

مرحوم بلبل جنهن دؤر ۾ اکيون پٽيون اهو دؤر پنهنجي تاريخ ۽ سياسي پس منظر جي ڪري جنگ آزادي وارو درو چيو وڃي ٿو. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ وطن جي آزاديءَ لاءِ هندن ۽ مسلمانن پاڻ ۾ گڏجي ڪري انگريزن جي خلاف آزاديءَ جو جهنڊو کنيو هو. افسوس جو اها مهم ڪامياب نه ٿي ۽ انگريز پنهنجا پير اڳي کان به وڌيڪ پختا ڪري ويا.

جڏهن ته هندستان جي حڪومت انگريزن، مسلمانن کان ئي حاصل ڪئي هئي، تنهنڪري انقلاب جي ناڪاميابيءَ کانپوءِ انگريزن سمجهيو ته مسلمان قوم ٻيهر اسان کان حڪومت کسڻ جو خيال رکي ٿي تنهنڪري ان قوم کي اهڙو ته ناس ڪجي جو ٻيهر ڪنڌ به کڻي نه سگهي.

انهن ارادن کي سانڍيندي انگريزن هر طرح سان مسلمانن کي پيڙڻ ۽ لتاڙڻ شروع ڪيو. مسلمانن جا ليڊر ۽ عالم جيل ۾ وڌا ويا ۽ ڪيترن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو ۽ ڪيترن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون، اهڙي طرح ملازمتن، تجارت ۽ تعليم ۾ به مسلمانن کي نظر انداز ڪيو ويو. مسلمان اڳي ئي پيڙجي چڪا هئا، ويتر جو کين تجارت ۽ تعليم، روزگار ۽ معاشي حيثيتن ۾ ڌڪ هنيو ويو تنهن کين ناس ڪري ڇڏيو. انگريزن جي انتقامي روش کي اڳتي هلي سر سيد احمد خان ٿڌو ڇنڊو هنيو ۽ مسلمانن متعلق سندن غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سر سيد احمد اهو فيصلو ڪيو ته مسلمان جيستائين انگريزن جي پيدا ڪيل ڪاليجن ۾ جديد تعليم  حاصل نه ڪندا تيستائين هنن جي راڄ ۾ خوش وقت نه گذاري سگهندا ۽ نه ڪو هندن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ڪري سگهندا.

سر سيد اصل ۾ ان دؤر جو هڪ وڏو سڌارڪ ۽ مصلح ٿي پيدا ٿيو. سندس جدوجهد ۽ سرجوشيءَ سان علي ڳڙهه ڪاليج برپا ٿيو ۽ مسلمان جديد تعليم جي تحصيل ۾ جنبي ويا.

ان دؤر ۾ جن جديد تعليم حاصل ڪئي، تن ۾ هڪ نئون ڦيرو آيو ۽ انهن ۾ هڪ اهڙو گروهه به پيدا ٿيو، جن انگريزي تهذيب جي نقالي اکيون ٻوٽي شروع ڪئي. وضع قطع، توڙي اخلاق ۽ اطوار ۾ ديسي ماڻهو هوبهو صاحب لوڪ بڻجي پيا. اهو ظاهر آهي ته ٻاهرين چک ۽ مک، بودو باش، لباس ۽ خوراڪ جي پيروي ڪرڻ کانپوءِ منجهن نه پنهنجو مذهبي شعور رهيو ۽ نه منجهن اهي مشرقي طور طريقائي رهيا.

بلبل، اهو سارو دؤر پنهنجي اکين سان ڏٺو، جديد تعليم جا ادارا به ڏٺائين ۽ انهن مان پيدا ٿيل ماڻهو به ڏٺائين. اڳي هلي بلبل پنهنجي ظرافت آميز ۽ مزاحيه شاعريءَ سان انهن ديسي صاحبلوڪن جا خوب ڇوڏا لاٿا. سندس طنزيه اسلوب نهايت تعميري ۽ افادي هو. پاڻ ڪنهن به هڪ شخصيت تي ڪابه انفرادي طرح سان جرح ۽ طنز نه ڪيائين. سندس جرح ۽ طنز جو رنگ عوامي ۽ اجتماعي رهيو. سندس فن ۾ زهر خند سان گڏ تبسم زير لب جي ملاوت به هئي. بلبل پنهنجي دؤر تي کلندي کلندي نشترون هڻي ڪڍيون ۽ سندس فاسد مواد وهائي ڇڏيو. سندس فن اهڙو ته انفراديت پسند آهي جو اڄ تائين سندس فن جي تقليد ڪوبه ڪري نه سگهيو آهي. بلبل، امر کي زهر ۽ نفيءَ کي اثبات جي رنگ ۾ رڱي پيش ڪيو. سندس مواد، موضوع، پيشڪش، اسلوب ۽ مقصد کي اڳيان رکي سڀني نقادن اهو فيصلو ڏنو آهي ته بلبل جو ان فن ۾ مقام نهايت بلند آهي. بلبل جي ظريفانه نڪته سنجي ۽ بذله گوئيءَ ۾ تعمير ۽ افاديت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هن “وادي سنڌ” جي مسلمانن کي نئين تهذيب جي زهر کان بروقت خبردار ڪيو ۽ پنهنجي مذهبي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

بلبل اهو ڪم ان دؤر ۾ ڪيو، جنهن ۾ صحيح معنيٰ ۾ سوچيندڙ ذهن وارا ماڻهو ايترا هئا جيترو اٽي ۾ لوڻ!

بلبل جي فن کي ڏسبو ته کيس کل ڀوڳ،مسخري ۽ خنده زنيءَ سان ڪو دلي چاهه نه هو، پر ان جي مقابلي ۾ ڪنهن به مسئلي کي ظريفانه، طنزيه ۽ مزاحيه رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو استاد هو. سندس مهارت ان مان صاف ظاهر آهي ته سندس فن ۾ طنز موجود آهي، پر اها آهي مزاح ۽ ظرافت جي رنگ ۾، جنهن کي هڪ فنڪار ۽هنرمند جي هٿ لڳڻ سان سندس فني رنگ زياده ديده زيب ۽ دلڪش پيو لڳي. ٻيو ته ڪنهن فرد يا پوري سماج تي ان قسم جي ڪڙي تنقيدڪرڻ، جنهن سان ذوق سليم کي ڪابه ناگواري محسوس نه ٿئي ۽ ظرافت جي اصولن جي پابندي به قائم رهي، هزارن مان ڪو هڪ اڌ ظريف ۽ دانشمند ئي اهڙي فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. باقي هر ڪو ان فن کي نباهي نه ٿو سگهي. هن فن جي خاص اصولن ۾ اها ڳالهه به ضروري آهي ته فنڪار ۾ خلوص هجي، سندس ذاتي لاڙن ۾ تعصب نه هجي، دشمني نه هجي ۽ ڪنهن سان به عناد نه هجي، ڇا لاءِ ته هن فن جو وڏو تعلق فنڪار جي خلوص سان آهي، جيڪڏهن فنڪار ۾ خلوص موجود آهي ته پوءِ سندس فن اثرائتو به ٿيندو ۽ ٻين کي پسند به پوندو. باقي شخصي ڇيڙ ڇاڙ يا گار گند کي ته هر ڪو نٿو پسند ڪري، ٻيو ته ان کي نه طنز سڏبو نه مزاح. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن فن جي استادن جو چوڻ آهي ته فنڪار فرد يا معاشري جا عيب ڀلي بيان ڪري انهن جي مرضن ۽ غلطين تي ڀلي نشترون هڻي پر کيس هر حال ۾ دانشمنديءَ ۽ بصيرت کان ڪم وٺڻو پوندو.

ان حيثيت سان ڏسبو ته بلبل جو فن، زندگيءَ جي اونداهيءَ سان گڏ سندس بي معنيٰ گوشن کي به ظاهر ڪري ٿو. تعلق رکندڙماڻهو سندس اشاري ۽ ڪنايي کي سمجهي لذت به حاصل ڪري ٿو ۽ کلندو به رهي ٿو. ڇا لاءِ ته سندس نگاهه، فرد ۽ سماج جي ڳجهن عيبن تائين به پهچي وڃي ٿي. بلبل جو اهو عمل آهي ته نهايت دردناڪ، پر اهڙي مخلصانه ۽ دوستانه انداز سان ڪيو وڃي ٿو جو هر حال ۾ پريت رهجي ٿي اچي، ڪابه رنجش پيدا نه ٿي ٿئي.

بلبل جي فن جو ٻيو وڏو ڪمال اهو به آهي ته هو سماج جي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن جي تهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.

هو ايترو ته باريڪ بين آهي، جو پاڻ سان گڏ پڙهندڙن جي نگاهه کي به سماج جي جهرندڙ ديوارن تائين پهچائي ٿو ڇڏي، تان جو هو ٻاهران رونق وارن محلن جي دريچي مان جهاتيون پائي ڏسي ٿا سگهن ته اندر ڪاريءَ وارا ڪک آهن. ان سلسلي ۾ بلبل پنهنجو انداز بيان جڏهن ڀرپور تنقيد وارو ٿو ڪري تڏهن سماج جي بي روح ۽ کوکلي ڍانچي کي پنهنجي قلم سان نه فقط کڙڪائي ٿو ڇڏي پر ان مان ٽڙڪاٽ ڪڍائي ٿو ڇڏي.

بلبل جو اهو به ڪمال آهي ته هو سماج جي اوڻاين کي هڪ چغلخور بد بخت وانگر پڌرو نه ٿو ڪري، پر ياران شاطر ۽ حريفانه بذله سنج وانگر کلندي ۽ کلائيندي چٽڪيون هڻي ٿو ڪڍي. پر جتي ضرورت آپريشن جي ٿئي ٿي، اتي گهاءُ به گهرو ٿو ڪري، پر جتي نرميءَ ۽ شفقت جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي کلندي تبسم زير لب ۾ زهر ملائيندي به نه ٿو گسي. فرق اهو آهي جو اهو زهر به مريضن لاءِ ترياق ٿي پوي ٿو. معاشري جي مطالعي کانپوءِ جڏهن بلبل ڏٺو ته چڱا چوکا ماڻهو نقاليءَ ۾ مبتلا آهن، تڏهن سندس قلم ڪينچيءَ وانگر وهي ٿو ۽ نقالن جا پڇ ڪتري وڃي ٿو مٿي چڙهي!

بلبل جي فن کي غور سان مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اهو به نظر ايندو ته سندس سماجي مطالعو نهايت تيز آهي، سندس نگاهه سماج جي معمولي کان معمولي مسئلي کي به نٿي ڇڏي. ان طرح سندس فن جو ڪمال اهو به آهي جو سندس زبان ۾ لطافت آهي. سندس زبان اهڙي سليس ۽ شسته، شيرين ۽ نمڪين آهي جو ماڻهو پيو پڙهي ۽ گونگي وانگر ڳڙ جا چسڪا وٺي پيو کلي ۽ ٽڙي! سندس تنقيد ۾ تلخي ته هر حال ۾ هوندي، پر ان سان گڏ تلخيءَ جو احساس ستائي نه ڪو ڪڙيءَ ستيءَ جي پيئڻ وانگر منهن ئي بڇڙو ٿئي!

بلبل جي فن جي تعارف کانپوءِ سندس ڪلام مان ڪجهه مثال ٿا ڏيون.

سندس ڪلام ۾ اهوئي نظر ايندو ته بلبل هڪ طرف فرسوده ۽بي روح، بي ذوق ۽ بي ڪيف مشرقيت تي طنز ٿو ڪري ته ٻئي طرف مغرب جي انڌي تقليد ۽ بيجا تڪلف، خوشامدانه رنگ ۽ غير مخلصانه مک چک واري منافقانه چال، “ٻاهر زيب زبان سين، اندر هيچارو” واري اندرڪارائي تي به خوب گرفت ٿو ڪري. ان سلسلي ۾ ليڊرن ۽ انگريز پرست ديسي صاحب لوڪن جي چڱي لاک لاٿي اٿس. پنهنجي فن متعلق ٻڌائي ٿو:

پنهنجا عيب سڀ ڪو ڏسي ٿو سگهي 
ڏسي نه ته هي اعمال نامو پڙهي 
هي کل مسخريءَ ۾ نه آڻيو شمار 
مگر هي ڏسي ٿيو گهڻو شرمسار 
چوڻ جو چوڻ کل جي کل آهه 
ذهن ۽ ذڪاء لئي وڏي ذل آهه 
رڳي کل ڄاڻي سو آ ڪم فهم 
پسي حال ٿئي، غور واري کي غم 
ڪڍيم ساري دنيا جو نقشو شفاف 
ته اخلاق فاسد جو فوٽو گراف.

سنڌيدان جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:

سنڌيدان جاهل، سيه رو ۽ سخت 
نجس، نااهل، ناخرد، خفته بخت 
سنڌيدان ايڊئٽ، سنڌيدان فول 
رڳا جانور جهنگلي ۽ جهول 
سنڌيدان جي ڪهڙي آ دسترس 
سنڌيدان جو مان، گوڊيم، بس! 
سنڌيدان بي دانش و بي عقل 
انهن ساڻ صحبت نه گهرجي اصل 
سنڌيدان جو ورڪ، ويري خراب 
ويچاري کي آفيس ۾ ڀي نه آب 
سنڌيدان کي ڪين ملندو گريڊ 
سنڌي ڊل ۽ ويڪ، بيڪار، بئڊ! 
سنڌيدان جو لسٽ ۾ لاسٽ پي 
سنڌيدان کي هڻ بندوق ڀري!

سنڌيدان جي مقابلي ۾ انگريزن جي هيءَ حالت آهي: 

جي ڀانئين ته مولا ٿئي مهربان! 
ته سک علم تون انگريزي زبان 
انهيءَ علم ٻاجهون، هجي جاهلي 
شقاوت، نحوست ته بي ڪاهلي 
جي سنڌي ۽ عربي، پڙهيئي پارسي 
ته سڏبين وڏو سست ۽ آرسي 
ٽڪر لاءِ محتاج، بيروزگار 
هجين حاڪمن وٽ وڏو بيوقار 
پٽيوال ڀي ڪين، توکي پڇن 
ڪلارڪ ته جاهل ۽ احمق سڏن 
جي عزت جهان جي رکو، ٽنڊٽس 
پڙهو انگلش، انگلش، انگلش! 
بنائي اهو علم، حاڪم حريف 
رسائي اهو علم، لنڊن شريف!

جديد تهذيب لاءِ چوي ٿو:

لباس، نفيسن جي ٿي ٽنڊ ٽانءِ 
مڪانن جي زينت سندي زيٽ زانءِ 
گلابند، ڪالر، لڪڙ، هاف بوٽ 
گهڙي، ڪوٽ، پتلون، چشما چروٽ 
قميصون، ڪفندار، جاڪٽ جراب، 
سليپر، سپاٽا سبائڻ ثواب 
ڏنگي سينڌ، ننڍڙا ڇتا، مڇ دراز 
ٽوال ۽ ڪنگي، برش، صابڻ جو ساز 
صفا سر، ته ڏاڙهي، چپڙ چٽ، قلم 
زبان تي به گٽ مٽ رهي دمبدم 
گلي ۾ هجي نيڪٽائي سياه 
نه پرشن، يا ٽرڪش، ڪرسچن ڪلاه 
سڄو ڏينهن سيٽي، صبح شام واڪ 
هجي هٿ ۾ هنٽر، ته ٽم ٽم ٽڙاڪ 
رکڻ هڪڙو بل ڊاگ آهي ضرور 
نه تان، ٿيندو وڏ ماڻهپي ۾ قصور 
مقرر هجي، چاءِ بسڪٽ جو ٽيم 
ته جاين جو سينگار، پڪچر، فريم 
نصارن جو کاڌو، نصارا لباس 
ڪٻٽ، ميز، ڪرسي، بتي ۽ گلاس 
نئين طرز پوشاڪ جو ڊيل ڊول 
پراڻي ڪيائين ته ٿيو، ڊيم فول!

اخلاق ۽ مذهب مان پيدا ٿيل اطوار، صبر ۽ شڪر، زهد ۽ تقويٰ وارن لاءِ چوي ٿو:

هي سنڌي نمونا، ڪٿان تو وڌا 
جو چارئي لڳو لڳ، بلا تي بلا 
وفا، شڪر، صبر ۽ راستي 
جفا، قهر ۽ زهر جان ڪاستي 
اهي غير جنسون نه قابل شنيد 
اسان وٽ نه ڪي ديده دهر ديد

ڪوڙ جي تعريف ۾ چوي ٿو:

اها ها ها! نالي مٺو نامور 
اسان جو ته لارڊ، اسان جو ته سر 
اسان جو ته ديوان صاحب دروغ 
لياقت فضيلت جو آهي فروغ 

نئين تعليم تي چوي ٿو:

آهه نئين تعليم، گڙ ٻڙ، درجهان انداخته 
حرڪتون شيطان آڻي، درميان انداخته 
عمر ساري، علم انگريزيءَ ۾ پوري ڪري 
اڄ هنر ۽ سڀ کي گهر ۾ نهان انداخته 
علم انگلش جو ڏسي اڄ زور “بلبل” بيگمان 
عقل اهڙي وقت، وتاب و توان انداخته

(آڪٽوبر –1965)