شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

رئيس شمس الدين ”بلبل“جو صحافتي سوانحائي خاڪو

پاويل جوڻيجو

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي

سنڌ ۾ مڻيادار ۽ اهل علم عظيم ماڻهن جي ڪا کوٽ ناهي، جن پنهنجي زندگي پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي خدمت، انهن جي فلاح و بهبود ۽ ڀلائي لاءِ وقف ڪري پوري زندگي انهن ماڻهن کي تعليم ڏيڻ، انهن کي زندگي گذارڻ، انهن کي حاصل ڪرڻ جو شعور نه ڏنو هجي ۽ انسانن کي سماج ۾ پنهنجا بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد نه ڪئي هجي. اهڙن مڻيادار اهل علم ۽ اهل دانش ماڻهن مان شاهه لطيف، سچل سرمست، شاهه عنايت شهيد، شهيد مخدوم بلاول جي ماتر ڀومي سنڌ جي مينديءَ جي مهڪ ۽ مائي جي ميٺاج ڪري مشهور شهر ميهڙ جو ڄائو ۽ رهواسي رئيس شمس الدين “بلبل” به هڪ هو.

رئيس شمس الدين “بلبل” 1857ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو رئيس بهادر خان سندس ڏاڏي جو نالو جناب رئيس ڪمال خان هو. سندس وڏڙا اتر کان ناڙيءَ طرف کان آيل هيا. رئيس شمس الدين “بلبل” پاڻ ۾ پنج ڀائر هيا، جن ۾ رئيس شمس الدين بلبل پنجن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو ڀاءُ هيو. سندس خاندان جي سماجي ڪرت زميداري هئي. کين ميهڙ تعلقي جي ديهه واهه گاهي، روجهاڻ منگواڻي، ڪڏڻ، انبار ڇلو ۽ ٻين ديهن ۾ سوين ايڪڙ زرعي زمين هئي، جنهن مان سندس پونئرن کي اڄ به ڪافي زمين آهي. رئيس شمس الدين “بلبل” شروعاتي تعليم ميهڙ تعليمي ۾ حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاٽ شريف ويو هو. هن ۾ خداداد ذهني صلاحيتون هجڻ سبب هو انتهائي ڏاهو ۽ ذهين شاگرد هيو. علم، ادب ۽ تعليم سان عشق جي حد تائين چاهه کيس 1889ع ۾ مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي جي صحبت ۽ سرپرستي عطا ڪئي ۽ ان وقت مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي هنڌ ۽ سنڌ ۾ ڌاري انگريز سامراج کان مسلمانن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو ۽ مسلمانن (سنڌين) کي تعليم پرائڻ لاءِ تدبيرون سوچيندو هيو ۽ رٿابندي ڪندو هيو ۽ سنڌي مسلمان آبادگارن، زميندارن ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو.

رئيس شمس الدين “بلبل” سيپٽمبر 1919ع ۾ 62 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميهڙ شهر ۾ سندس حويلي جي ڀرسان سندن ٺهرايل مسجد جي احاطي اندر تربت ۾ موجود آهي. رئيس شمس الدين بلبل انسان دوست، علم دوست، ادب دوست هڪ انساني شخصيت نه پر تحريڪ هيو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ انسان جي زندگيءَ جي خوشحالي لاءِ انهيءَ کي علم جو شعور ڏيڻ لاءِ لازوال جدوجهد ڪئي. سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري، ادب جي ترقي لاءِ اهڙو ڪردار ادا ڪيو، جو هو سنڌ ۾ تعليم، ادب جو اڻ مٽ ڪردار بڻجي ويو آهي. جسماني طور اسان سان نه هوندي به پنهنجي ادا ڪيل ڪردار ڪري اسان جي موجوده پيڙهي کي به پرائمري تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين سندس شخصيت ۽ زندگيءَ جي جدوجهد بابت سبق پڙهايو پيو وڃي ۽ يقين آهي ته اسان کان پوءِ ايندڙ پيڙهين کي به سندس زندگي، شخصيت ۽ ڪردار بابت اسڪولن ۾ سبق پڙهايو ويندو. ڇو ته رئيس شمس الدين “بلبل” علم، تعليم و تدريس ۽ ادب جي دنيا جو اڻ مٽجندڙ امر ڪردار آهي. جنهن هڪ ئي وقت انسان جي سماجي زندگيءَ جي خوشين، غمين، ڏکن، دردن، پيڙاءَ، مسائل مسئلن بابت فلسفي توڙي طنز و مزاح ۾ طبع آزمائي ڪئي. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ سٺو مضمون نگار به هيو ته سٺو شاعر به هيو ته اعليٰ پائي جو سٺو صحافي به هيو.

رئيس شمس الدين “بلبل” جي تعليمي خدمتن، ادب شاعري، مضمونن جي صنفن تي اعليٰ پائي جي اديبن ۽ شاعرن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ان ڪري مان ان جي ان تعليمي ۽ ادبي خدمتن کي ڇڏي ڪري ان جي صحافتي زندگيءَ بابت ڪجهه مختصر سوانحائي خاڪو پيش ڪيان ٿو. جيئن اسان جو سنڌ جو ايندڙ نسل اهڙي عظيم انسان دوست، علم دوست شخص جي زندگيءَ جي ان پهلوءَ کان به واقف ٿي سگهي.

رئيس شمس الدين “بلبل” جو صحافتي سوانحائي خاڪو.

رئيس شمس الدين “بلبل” پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي جي سرپرستي ۾ 1889ع کان شروع ڪئي ۽ حسن علي آفندي پاران جاري ڪيل “معاون” نالي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. مرحوم حسن علي آفنديءَ جي وفات کانپوءِ ڪراچيءَ ڇڏي وري ميهڙ موٽي آيو. ڪيترن اخبار وارن کيس پنهنجي پنهنجي اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جي آڇ ڪئي. پر هن ٻاهر وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ آخرڪار هن ڳالهه تي راضي ٿيو ته هو، ميهڙ کان ئي کين مضمون لکي موڪليندو ۽ گهر ويٺي شمس الدين “بلبل” ڪراچي جي “گزيٽ” اخبار جو ايڊيٽر بڻيو، پر مالڪ اخبار نه هلائي سگهيو ۽ جلد ئي اها اخبار بند ٿي وئي. ان کانپوءِ سنڌ جي لاڙڪاڻي ۾ شهر مان نڪرندڙ “خير خواهه” اخبار جو ٻه، چار سال ايڊيٽر رهيو ۽ سکر مان نڪرندڙ هڪ ٻي اخبار “الحق” ۾ به بطور ايڊيٽر ڪم ڪيو. ان کانپوءِ حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ اخبار “مسافر” ۾ به ايڊيٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ان کانپوءِ آخر ۾ سکر جي هڪ سيٺ حاجي احمد ميمڻ پاران ڪڍيل مشهور اخبار “آفتاب” جو آخري گهڙي تائين ايڊيٽر هيو. رئيس شمس الدين “بلبل” پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ ان وقت جي انگريز سامراج جي زيادتين، سماج جي مختلف طبقن خاص ڪري ان وقت جي آبادگارن سان درپيش مسئلن بابت گهڻو ڪجهه لکيو. سندس بي باڪ لکڻي ۽ صحافتي ڪردار ڪري سن 1909ع ۾ “الحق” اخبار جي مالڪ شيخ عبدالعزيز ۽ بطور ايڊيٽر جي رئيس شمس الدين “بلبل” تي ڪراچيءَ جي سٽي مئجسٽريٽ (Mr. E Sands) وٽ هڪ وڏو مقدمو سندس خلاف قائم ڪيو ويو. جنهن جو فريادي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال مسٽر پهلاج راءِ هو. هوُ نالي ماتر فريادي هو، پر دراصل اهو مقدمو قائم ڪرائڻ ۾ ان وقت جي حيدآباد ۽ ڪراچي جي متعصب هندو ليڊرن ۽ عيسائي پادرين جو هٿ هو. جن رئيس شمس الدين بلبل تي انڊين پينل ڪوڊ 153 هيٺ مقدمو داخل ڪري رئيس شمس الدين “بلبل” تي الزام لڳايو ته هو، “الحق” اخبار جي ادارين ۾ هندن کي هروڀرو ذليل و خوار ڪري ٿو ۽ مسلمانن جي جذبن کي هندن خلاف اڀاري ٿو. فريادي ڌر جو ڪراچيءَ جو مشهور وڪيل هرچند راءِ هو ۽ جوابدار ڌر پاران ناميارو وڪيل مسٽر ريمنڊ هيو. جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو. ان شمس الدين “بلبل” کي راءِ ڏني ته هو فريادي ڌر کان معافي وٺي پر رئيس شمس الدين “بلبل” اها راءِ قبول نه ڪئي ۽ آخرڪار ڪيس هليو ۽ رئيس شمس الدين “بلبل” وڪيل مسٽر ريمنڊ کي ڇڏي ان وقت حيدرآباد جي وڪيل مسٽر غلام حسين کي وڪيل مقرر ڪيو. مسٽر غلام حسين اهو آهي جيڪو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر رهڻ سان گڏ سنڌ جو وزير اعليٰ به رهيو آهي. اهو رئيس شمس الدين بلبل جو گهاٽو دوست هيو. جنهن قومي جذبي تحت بنا فيس وڪالت ڪئي. جنهن سبب اهو ڪيس قومي اهميت حاصل ڪري ويو.

متعصب هندو ليڊرن ۽ فريادي ڌر جو زور هيو ته رئيس شمس الدين “بلبل” کي سزا ملي ۽ “الحق” اخبار ضبط ٿئي. پر وڪيل مسٽر غلام حسين، رئيس شمس الدين بلبل جا اخبار ۾ لکيل اهڙا مضمون ڳولي پيش ڪيا، جن جي ڪري آڏي پڇا ۾ اهڙو ته فائدو پيو، جو مئجسٽريٽ نه صرف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، بلڪه فريادي ڌر کي ڇنڊ پٽي ۽ ڪيس کٽيو ويو ۽ متعصب هندن، عيسائين، پادرين کي شڪست ملي ۽ جنهن کان پوءِ رئيس شمس الدين “بلبل” کان حيدرآباد، ڪراچي جا سڀ متعصب هندو ۽ عيسائي پادري ائين ڊڄندا هئا جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان.

رئيس شمس الدين “بلبل” جون لکڻيون ڪمال جون هيون، سندس نظر سماج جي معمولي کان معمولي مسئلي تي به تيز هوندي هئي. سندس لکڻين جي ٻولي اهڙي ته سادي، آسان ۽ مزيدار هوندي هئي جو کيس پڙهندڙ جڏهن سندس لکڻي کي پڙهڻ ويهندو هيو ته ان ۾ کوئجي ويندو هيو ۽ سندس لکڻي مصري وانگر مٺي لڳندي هيس، جو ان کي پڙهي پيو چپن سان چسڪي وٺندو هو. رئيس شمس الدين “بلبل” پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي منجهيل ۽ پيچيده مسئلن کي کل ڀوڳ ۾ پيش ڪري هڪ نئين فن کي تخليق ڪيو، شمس الدين بلبل پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ جي مسلمانن کي نئين تهذيب جي زهر کان بروقت خبردار ڪيو ۽ پنهنجي مذهبي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن مان ڪجهه هيٺيان آهن. 

  1. نيچرل ڪريما
  2. ديوان بلبل سنڌي
  3. بهار عشق
  4. رحيما
  5. تيرهن ڄار
  6. مسلمان ۽ تعليم
  7. عقل ۽ تهذيب
  8. قرض جو مرض
  9. صد، پند، سود مند
  10. شمس المڪاتيب
  11. احسن التواريخ
  12. ديوان بلبل فارسي
  13. بهارستان بلبل
  14. آئينه ظرافت
  15. گنج معرفت

بهرحال رئيس شمس الدين هڪ اعليٰ پائي جو مدبر ۽ سماج جو اوڻاين ۽ مسئلن ۽ ان جي اٿل، پٿل تي باز واريون عقابي نظرون رکندڙ عظيم صحافي هيو، جنهن کي صحافت جي دنيا ۾ ائين ئي ياد ڪيو ويندو آهي، جيئن کيس ادب جي دنيا ۾ سنڌ جي بيوس لاچار مسلمانن جي حقن واري جدوجهد ۾ ادا ڪيل ڪردار ڪري عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ياد ڪيو وڃي ٿو.