شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

حضرت رئيس شمس الدين (رحه) بلبل

شاهه محمد صوفي *

حضرت رئيس شمس الدين بلبل صاحب عليه الرحمة وڏا عاقل ۽ فهميده شاعر، زميندار هئا. اسان سندن هم صحبتين مان آهيون. اسان کانسواءِ  ميان امير علي شاهه ۽ رئيس قادر بخش سهتو سندن صحبت وارا ويجها دوست هئا. سال 1901ع ۾ رئيس شمس الدين بلبل سان نهايت ڪمال ۾ هئا، ان وقت اسان جي عمر 20 ورهيه کن هوندي، آءُ شعر چوڏهن سالن جي عمر کان چوندورهيس، 1901ع ۾ هيٺيان شاعر دنيا ۾ موجود هئا، جن سان هيڪڙ ٻيڪڙ ملندو رهيس ۽ ڪي ته رئيس شمس الدين بلبل صاحب وٽ به مونکي ملندا ها، سال 1912ع ۾ رئيس صاحب مون کي ميهڙ ۾ رهڻ جو ارشاد  فرمايو ۽ رئيس صاحب جن جي حڪم جي بجا آوري ڪري آءُ خلافت آفيس ۾ رهي ضلع لاڙڪاڻي جي سيڪريٽري جي حالت ۾ آزادي وطن جو ڪم ڪندو هوس، ان دور ۾ هيٺيان شاعر موجود هئا، عبدالقادر بيوس، علي محمد قادري، حاجي خانڻ چنجڻي، ميهر پتوجو، پير امير علي شاهه ٻٽن وارو، مصري شاهه نئينگ وارو، منٺار فقير، دريا خان فقير، احسان علي، ڇَتو فقير، عثمان فقير، محمد بچل هومو پوٽه، محمد فقير کٽياڻ، غلاه شاهه هٽڙي وارو، محمد هاشم مخلص، فتح محمد صغير سوستاني، مير عبدالحسين سانگي، نواب ولي محمد، مينگهو فقير شر، مولوي غلام محمد سوڍر، مولوي غلام رسول جتوئي، مرتضائي ٺٽوي حقير مسجد سوڍاري، محمد شاهه آمري، نورل سيد، روشن علي، ڪمال فقير نوشهرائي، مرزا قليچ صاحب، شاهه محمد ديدڙ هئا، بلبل صاحب جن مونکي وزن بحر کان وقف ڪيو، ان ڪري منهنجا استاد به هئا، مان ان وقت کان وٺي آزاد شعر کي پسند ڪندو آهيان ڇو ته سنڌ جا صوفي بزرگ سچل ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شاهه نصير الدين نوشهرائي ۽ ٻيا درويش آزاد شعر چئي ويا آهن، وزن ۽ بحر، عرب ۽ فارس ۾ ڄائو سماڻو آهي، ڪيترائي بحر سنڌي زبان ۾ سر تي نه چڙهندا. سنڌي زبان ۾ منهنجو هڪ ڪتاب ضياءُ العروض ڇپايل آهي، جو طالبن خواهه ٻين شاعرن کي ڏسڻ گهرجي. ان تي مون کي ناز آهي، اهڙو ڪتاب ڪنهن به ٻولي ۾ اڄ سوڌو لکيل ۽ ڇاپيل مون کي نظر نه آيو آهي.

رئيس شمس الدين بلبل صاحب کي وڏا قومي ليڊر جهڙوڪ: خانبهادر حسن علي آفندي ڪراچي ۽ ٻيا ليڊر وغيره وڏي عزت ڪندا هئا، هي صاحب قلم جي ذريعي سندس مددگار رهندو آيو ٿي، اخبارن ۾ معاون، آفتاب سنڌ، خيرخواهه لاڙڪاڻو، مسافر، ۽ اخبار الحق جا ايڊيٽر ٿي گذريا آهن، صحافين ۾ شمس الدين بلبل پهريون نمبر صحافي هو، جنهن اخبارن ذريعي مسلمانن ۾ سڌارا آندا ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪائي اسلامي ڪم ورتا. اهڙي ان وقت جي ڪنهن صحافي کي سگهه نه هئي جو بلبل سان ڪلهو هڻي سگهي، هي جيڪي مان چئي رهيو آهيان سو مان پنهنجي اکين ڏٺيون ڳالهيون ڪريان ٿو،

نشو ڪو نه ڪندا هئا، ٻيڙي نه ڇڪيندا هئا.

مهمان نواز اهڙا هئا، جو اهو ڏينهن ندورو هوندو ، جنهن ۾ مهمان نه هوندو هجي، فقيرن، عالمن ۽ صوفي مست درويشن سان گهڻي صحبت هين، نالي حاجي مولوي غلام محمد سوڍر جو هڪ مست درويش هو، اهو ته سدائين سندن بنگلي ۾ رهندو هو.

مون کي ياد آهي ته سال 1912ع يا ڪنهن ٻئي سال ۾ حضرت بلبل صاحب ۽ محمد هاشم مخلص جو هڪ سنڌ ۾ وڏو هوشيار صحافي هو، پاڻ ۾ تنازعه ٿي پيو جو ان وقت آءُ رئيس صاحب مرحوم کان چوري ميرپور خاص ۾ وڃي محمد هاشم مخلص سان ملي کين صلح جون ڳالهيون وڃي سمجهائي ڌرين کي صلح تي آندو پر انهي خاندان مان وچڙندڙ اڻ بڻت جي بيماري هميشه لاءِ نڪري نه وئي، وري حضر ت ضياءُ الدين بلبل ٻئي ۽ محمد خان غني جو پاڻ ۾ تنازع ٿي پيو پوءِ مون وري دوباره غني صاحب جن کي سندس خاندان مخلص صاحب جو احوال لکي ۽ سندس همٿ افزائي ڪري کين صلح تي آندو، ان بعد شمس الدين بلبل جي شاگرد مرحوم ماستر جمعه خان غريب ۽ رئيس ضيا ءُ الدين بلبل ثاني جي پاڻ ۾ تنازع ٿي پيو ان جي مون کي خبر ملي ته استاد گهراڻي سان غريب صاحب سينو ساهيو آهي، مون کي تمام ڏک ٿيو ۽ هن طرح منڪر تي غزل ٺاهي غريب صاحب ڏي موڪليم، انهيءَ طرح تي بزم مشاعره بلبل ميهڙ ۾ رکيم.

“الائي قدرت ڪيو آ ڇا کئون لتر ڀتر غريب جي منهن ۾”

ان جي جواب ۾ غريب صاحب هڪ غزل رساله اديب لاڙڪاڻي ۾ شايع ڪرايو جنهن ۾ مون کي دعا به ڪيائين ۽ گار به ڏنائين، جنهن ۾ لکيائين ته:

واهه ڙي فرزند منهنجا شل سنڌ جو ٿيندين وزير 
صوفيانه خيال پنهنجا پيو ڀلي اظهار ڪر

جنهن جي جواب ۾ مون غزل ٺاهي هن طرح کيس موڪليو انهيءَ طرحه ته ميهڙ ۾ مشاعره رکيو ويو.“پٽ نياڻي کي چوڻ ڀي آهي شريعت ۾ روا.” پوءَ لاچار ٿي مارجي اچي بلبل ثاني رئيس ضياءُ الدين صاحب کي پيش پيو ۽ مون کي به پرچايو.

5. بلبل صاحب جن وڏا مصنف هئا جن جا اٽڪل ويهارو ٽيهارو کن ڪتاب ڇپيل آهن، هڪ ڪتاب جو پنهنجي ملڪيت پنهنجي اولاد کي وقف ڪرڻ جو جيڪو محمد علي جناح صاحب گورنمينٽ کان گهڻي تڪليف وٺي منظور ڪرايو هو ته متان مسلمانن جي ملڪيت هندو کائي وڃن اهو سمورو ڪتاب حضرت شمس الدين بلبل صاحب جن دستاويزن جي نقلن سميت سنڌي ۾ ڇپرايو جو اميد ته حضرت بلبل ثاني وٽ موجود هوندو ۽ ٻيا پڻ ڪتاب آهن، جن جا مون کي نالا ڪو نه ٿا اچن.

حضرت بلبل صاحب جن نثر لکڻ ۾ به وڏا قابل هئا ۽ نثر لکڻ ۾ پنهنجا مٽ پاڻ هئا. 

مون سال 1935ع کان صوفي ۽ بلبل مشاعره ميهڙ ۾ برپا ڪيا هئا، جو اڄ تائين جاري آهن، جنهن ۾ پهريان  مرحوم رئيس ضياءُ الدين “ضيا” بلبل ثاني مون سان گڏ ڪم کي هلايو ۽ مان سيڪريٽري ٿي رهيس، مون کي ڏک آهي ته هي موقعو وري به ميهڙ ۾ رکيو وڃي ها، جتي شمس الدين صاحب جي مزار مبارڪ آهي.

حضرت شمس الدين بلبل صاحب جن جي روحاني طاقت جو مشاهدو هن طرح ٿيو. هڪ دفعي آءُ صبح جو گهوڙي تي چڙهي ميهڙ ۾ آيس. رئيس صاحب جن مون کي فرمايو ته صوفي شام جو واپس وڃجو ۽ منجهند جي ماني هتي کائيندا، مگر مان حڪم جي انحرافي ڪري صبح جو ڪي دوائون وٺي ڳوٺ موٽيس ته واٽ تي مينهن ۽ ڳڙو اهڙو اچي لٿو جو ڳالهه ڪرڻ جي نه آهي، ماڇين جا گهر مون کي نزديڪ نه هجن ها ته ڳڙو مونکي وڃائي ڇڏي ها.

حضرت شمس الدين بلبل صاحب وڏا غريب نواز، انصاف پسند، سادي طبيعت جا ماڻهو هئا، جڏهن هي صاحب ميهڙ جا چيئرمين، بئنچ ماجسٽريٽ هئا، تڏهن هڪ ماڻهو تي ڪوڙو ڪيس ناحق وٽن ٿيل هو، ان حقيقت جي مون کي ساري خبر هئي، مون ساري سچي حقيقت کين ٻڌائي جو ان نسبت ۾ فريادي تي پنجاهه روپيا ڏنڊ رکي جوابدار کي ڇڏي ڏنائون.

خيرپور رياست جي ميرن سان گهڻي محبت هوندي هين ۽ مير صاحب به کين اعليٰ درجي جو شان ڏيندا هئا، 

الحمدلله جو اهي بلبل صاحب جون سڀئي خصلتون حضر ت ضياءُ الدين ضياءُ سندس فرزند ۾ موجود آهن، ڄڻ ته خصلتن ۾ پيءُ پٽ هڪ آهن، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ شل هن خاندان کي باعزت اهل و اقبال اولاد سميت قائم ۽ دائم رکڻ فرمائي.

< id="p1" p>* شاهه محمد صاحب صوفي جتوئي ساڪن يار محمد جتوئي تعلقوميهڙ، بلبل مرحوم جي شاگردن ۽ دوستن مان هڪ بزرگ آهي، جو اڃا رب جي فصل ۽ ڪرم سان چڱي صحت سان آهي. مرحوم رئيس شمس الدين بلبل بابت سندس چند يادگيريون پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿيون) (ادارو)