سنڌ جا ٽي عالم ۽ اديب
خانبهادر حسن علي آفندي
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ
رئيس شمس الدين بلبل
از: مشتاق احمد پٺاڻ
(نئين زندگي، 15 صدي هجري نمبر)
رئيس شمس الدين”بلبل“
1857ع جو ناڪام انقلاب جتي پنهنجي دامن ۾ ڪيئي ڀيانڪ ۽ خونخوار تصويرون کڻي ظاهر ٿيو، اتي ساڳئي سال سنڌ جي مردم خيز زمين هڪ اهڙي مانجهي مرد کي به جنم ڏنو، جنهن هڪ انقلابيءَ صحافيءَ جي روپ ۾ پنهنجي قومي ڪمزورين جي نه فقط نشاندهي ڪئي پر پنهنجي دشمنن سان به سٺي ويڙهه کاڌي. سندس قلم ڄڻ ته ويرين لاءِ ڪو خمدار خنجر هو يا اها تکي تلوار، جنهن جي ڪاٽ چئني پاسين پئي ٿيندي آهي. ساڳئي وقت هو سنڌي صحافت جو منهندار ۽ طنز و مزاح جي شاعريءَ جو باني پڻ هو.
1885ع ۾ هڪ انگريز نالي ايلن هيوم جي رٿ تي “آل انڊيا ڪانگريس” جو بنياد پيو، جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ هئا. هندن پنهنجي ذهنيت جو اتي به مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ڪٽرپڻي سبب ساڳي پارٽيءَ ۾ شامل هوندي به مسلمانن جي مفادن کي مسلسل نظرانداز ڪيو ۽ پنهنجي مطلب پرستيءَ کي اڳيان پئي رکيو. ان وقت کان وٺي رئيس شمس الدين “بلبل” جو قلم جنبش ۾ اچي ويو ۽ سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي تحريرن جي اثر سان سجاڳ ڪرڻ شروع ڪيو.
1889ع ۾ محسن سنڌ خانبهادر حسن علي آفندي جي دعوت تي شمس الدين “بلبل” ڪراچيءَ مان پهرين سنڌي مخزن “المعاون” جاري ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي برک اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون شامل هونديون هيون، شمس الدين “بلبل” پنهنجي قوي دشمن، انگريز ۽ هندن جي سڃاڻپ نهايت چابڪدستيءَ سان پنهنجي قوم کي ڪرائي ۽ سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي اصل ڏانهن آڻڻ، پنهنجي ورثي کي سنڀالڻ ۽ غلاميءَ جي ڳٽ ڪڍڻ لاءِ هڪ ذهني انقلاب آندو.
المعاون کانپوءِ “بلبل” سکر مان “آفتاب” نالي هڪ اخبار جاري ڪئي ۽ مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ جو تصور رکي جدوجهد شروع ڪئي ۽ انگريزن، هندن ۽ مغربي تهذيب جي شيدائين تي خوب لکيو.
ان وقت هندستان ۾ اڪبر الهه آبادي جو قلم به پاڻ ملهائي رهيو هو. هو علي ڳڙهه جي بانيءَ جو قدردان ته هو پر ان جي مغرب پرستيءَ جي خلاف هو. هن نٿي چاهيو ته مسلمان مغربي تهذيب جي انڌي تقليد ۾ گرفتار ٿي پنهنجي اصلي راهه تان ڀٽڪي وڃن. شمس الدين “بلبل” جو نظريو به ساڳيو ئي هو. آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ پنهنجي پرجوش ۽ زوردار تقريرن ذريعي، هن پنهنجي موقف کي مڃرايو، سندس اهي تقريرون ۽ تجويزون سندس ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” ۾ موجود آهن.
“بلبل” جي تحرير جو دائرو فقط سياست تائين محدود نه هو، پر دشمن جي هر چرپر تي سندس ڪڙي نظر هوندي هئي. ان وقت سنڌ ۾ عيسائي مبلغن جي ڄڻ ٻنڌ ٽٽي پئي هئي ۽ هو سنڌ جي هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ رلندا وتندا هئا ۽ عيسائيت جي پرچار ڪندا هئا. شمس الدين “بلبل” انهن کي به منهن ڏنو ۽ پاڻ هلي وڃي پادرين سان مناظرا به ڪندو هو. “آفتاب” ۾ اهڙا ڪيئي مناظرا ملن ٿا:
“ڪلهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جبي پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو. افسوس مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگي ڌڙ کان ڌار ڪري “ايوبي سنت” کي تازو ڪريان ها!”
مشهور سنڌي مورخ مولائي شيدائي رقمطراز آهي ته، “عيسائي تبليغين لاءِ “آفتاب” ڄڻ ويل ٻاري ڏنو. اڃا ٻه هفتا اخبارکي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان، پادرين کي کليوکلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداريءَ تي گهرائي دٻائڻ لڳو. “بلبل سنڌ” کي جا ان جي خبر پيئي ته “آفتاب” جي ڪالم ۾ فوجدار جي اهڙي لاک لاٿائين جو ٻاهر نڪرندو هو ته ورديءَ وارو سپاهي ساڻ کڻندو هو.
فوجدار بابت لکيائين: “مسلمانو! ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهايو، توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته تعليم پرائڻ سان اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بنجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙيو، گڏهه تي ڪو هرن جو ڪنو رکي ڪوهر وڪڻندو هو. پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت جا کيس پتا ٽوپڻنداس کان ورثي ۾ ملي هئي، سامور مٽجي نه سگهي. سياڻن سچ چيو آهي:
“گڏهه گهوڙو نه ٿئي، جي سونا وجهينس سنج،
توڙي پاٽيون وجهينس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گند تي”
انگريزي تهذيب تي لکيائين:
گرچ ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ نانهه، ٽوپلو پائي حماقت ٿو گهران،
عقل ۾ آڻي شريعت کي تمام، دين ايمان پنهنجو غارت ٿو گهران،
پائي چشمو چست چاڙهي سوٽ بوٽ، مثل صاحب لوگ صورت ٿو گهران.
“بلبل” جو ڪلام پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته خدائي ڏات تي مبني آهي. سندس شاعري ٽن موضوعن تي جوڙيل آهي: عشقيه، طنزيه ۽ اصلاحي. پر ڏسبو ته منجهس عشقيه گهٽ، طنزيه ۽ اصلاحي جي گهڻائي نظر ايندي. ڏٺو وڃي ته انسان جي فطرت ۾ “عشق” جو اهو جز سمايل آهي جنهن جو جذبو اجاڙي به ڇڏي ته بنائي به، جڏهن ته “طنز” ڏنڀ مثل آهي، جيڪو گمراهه کي به بيدار ڪري سگهي ٿو ۽ اصلاح اها روشن راهه آهي جنهن تي هلي انسان پنهنجو گمشده متاع حاصل ڪري سگهي ٿو. مطلب ته “بلبل” جي شاعري جو بنياد فطرت جي انهن اصولن مطابق آهي جن جي رهنمائي ۾ زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو.