شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم شمس الدين”بلبل“

شيخ عبدالرزاق راز

شمس الدين بلبل اوائلي دور جي مشهور ۽ معروف غزل گو شاعرن سانگي، حامد ۽ گدا وغيره جو همعصر هو. سندس غزل ۾ تغزل گهٽ آهي پر منجهس ثقافتي قدرن جي پائمالي جو ذڪر وڌيڪ آهي. سندس غزل ۾ داخليت گهٽ ۽ خارجيت وڌيڪ نظر اچي ٿي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هن غزل جي صنف ۾ عشق کي فروعي ۽ ثانوي حيثيت ڏني آهي ۽ سندس زور بنيادي طور معاشري جي مختلف رجحانن تي مشتمل رهيو آهي. هن جو انداز نئون ۽ انوکو آهي، تنهنڪري سندس حيثيت غزل گو شاعرن ۾ منفرد آهي جو هن غزل جي رسمي رواج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون سندس ديوان ۾ ڪنهن به وقت حسن جي حڪايت جو ڪو ڀرپور انداز محسوس نه ڪيو آهي. اهو به درست آهي ته سندس دور جي شاعرن يا ان کان اڳ هر ڪنهن پنهنجي ذاتي طبع جي پيش نظر غزل جي خاڪي کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ غزل جي مضمون لاءِ ڪو طريقو وضع نه ڪيو آهي. ڪنهن پندو نصائح کي غزل جو نج مضمون بڻايو آهي ۽ ڪنهن خالص اخلاقي قدرن جي اپٽار ڪئي آهي، پرلکيو سڀني غزل آهي ۽ غزل جي بنيادي اصولن جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي ۽ ان مان ظاهر آهي ته انهن جي آڏو غزل جي ڪا واضح صورت ڪانه هئي، بلبل به ان دور جو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعري لاءِ هڪ جدا جاءِ جوڙي جا روايت کان مختلف، انوکي ۽ نرالي آهي.

سنڌي هڪ عوامي زبان جي حيثيت سان هزارن سالن کان رائج رهي آهي. انهيءَ زبان کي سنڌ جي صوفي درويشن پنهنجي تعليمات ۽ تعينعات جي اظهار جو ذريعو بڻائي کيس وقتاً فوقتاً مائيدار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري سنڌي زبان سندن مقصد ۽ منصب بڻجي پيئي، جن جي تعليم ۽ تبليغ جي طفيل سنڌ جي عوام هڪ روشني جي قنديل ڏٺي ۽ سنڌي شاعري ٻولي کي وڌيڪ جاذب ۽ موثر بڻايو. اسان جي اهڙي شاعري جون جڙون پنهنجي ئي ملڪ ۾ کتل آهن.

غزل جي شاعري هڪ فني ۽ روايتي شاعري آهي ۽ فن جي اعتبار کان عروضي شاعري آهي ۽ مضمون جي خيال کان روايتي عشقيه شاعري آهي. اهڙي شاعري جون جڙون فارسيت جي ميدان ۾ کتل آهن. سنڌي شاعرن اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري اهڙي شاعري جو تجربو ڪيو.  مضمون جي لحاظ کان تصوف جي مقصديت پڻ فارسي شاعري جي پيداوار آهي، جنهن کي اسان جي اوائلي ڪلاسيڪي شاعرن من و عن قبول ڪيو آهي، پر فن جي اعتبار کان انهن درويشن برصغيرجي هندي ٽيڪنڪ کي پسند ڪيو آهي، شايد اها ٽيڪنڪ مضمون سان وڌيڪ مفاهمت ۽ يگانگت رکي سگهي ٿي. بيت ۾ دوهو برصغيرجي هندي زبان جي پيداوار آهي.

بلبل پنهنجي دور جي شاعرن وانگر پنهنجي مضمون کي غزل جو جامو پهرايو آهي. غزل فن جي اعتبار کان شاعري جي هڪ صورت آهي ۽ شاعري جي فن جو شمار فنون لطيفه ۾ ٿئي ٿو. هر ثقافت پنهنجي معاشري ۽ ماحول ۾ زبان کي فروغ بخشيندي آهي ۽ ساڳئي طرح هوءَ پنهنجي فن جي ترقي لاءِ ڪوشان رهندي آهي. هر ثقافت کي پنهنجو پنهنجو فن ٿيندو آهي. فن جي گوشي کان سواءِ ثقافت جو وڻ نستو ۽ ڦڪو لڳي ٿو. هر ثقافت پنهنجي فن کي موثر ۽ واضح بنائيندي آهي. فن جو تنزل ثقافت جو زوال آهي ۽ ثقافت جو زوال قوم جي بربادي جي مثال آهي، غزل جي صنف گذريل صديءَ جي پيداوار آهي ۽ هڪ فن جي صورت ۾ اسان سان روشناس ٿي آهي، جنهن کي ان صديءَ جي اوائلي دور جي ذهن قبول ڪيو آهي. موجوده صديءَ ۾ پڻ ان حيثيت سنڌي ادب ۾ هڪ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. فن جيتوڻيڪ مذهب نه آهي پر هو قدرن ۽ رجحانن کي مقرر ۽ معين ڪندو آهي جنهن ۾ تبديلي جو امڪان هوندو آهي. بلبل جو فن ڪجهه اهڙي نموني جو آهي، هن غزل کي اظهار جو ذريعو بنايو آهي ۽ کانئس هڪ وڏو ثقافتي ڪم ورتو آهي. هن اهڙا موضوع هٿ ڪيا جن ماحول کي بدلائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. ماحول کي بدلائڻ وارو شاعر صدين کانپوءِ پيدا ٿيندو آهي.

عام طرح ائين ڏٺو ويو آهي ته محڪوم حاڪم جو غلام بڻجي آقا جي پيروي ڪندو آهي. سنڌ ۾ فرنگي تسلط قائم ٿي چڪو هو. غلامي جو طوق، ڏينهن پڄاڻان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو هو. حساس طبع انسان وڌيڪ پريشان هو. قوم جو اتحاد ٽٽي پيو هو. قوم پنهنجي عاقبت جو خير انگريزن جي اجهي هيٺ ڏٺو، بلبل انهن سڀني حقيقتن کي غور سان جاچيو هو ۽ سندس آهه قوم لاءِ هڪ طنز بڻجي پيئي. قوم جڏهن پنهنجي ثقافت کان منهن موڙي انگريزي تهذيب ڏانهن مائل ٿيڻ لڳي هئي.

سک ناچ، راڳ تن جو، پڻ بينڊ باجو بلڪل، 
پوءِ خوب بڻجي بابو پيو بينڊ به وڄائج، 
پنهنجا عزيز اقرب بيگانا ڄاڻ احمق، 
سرمست سرخرو ٿي، صاحب سدا سڏائج.

پنهنجن جا اهڙا حال ڏسي بلبل غزل کان پنهنجي مرضي ۽ مقصد موجب ڪم ورتو آهي، غزل جي بنيادي اصول کي ختم ڪري ڇڏيو اٿس. هن معاشري جي رجحان تي حقارت جي نظر اڇلائي سنڌي شاعري ۾ طنزيه انداز کي واضح ڪيو آهي. غزل ۾ شاعر محبوب سان مخاطب ٿيندو آهي، پر بلبل جو خطاب پنهنجي معاشري سان آهي. جتي صاحب ۽ بابو سڏائڻ فخر جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پر بلبل ان کي معاشري لاءِ سم قاتل سمجهيو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي رسمون اسان جي اصولن جي ابتڙ آهن، سنڌ جي مزاحيه شاعري تي بلبل جو اڻ مٽجندڙ ٺپو لڳل آهي.

بلبل پنهنجي محسوسات کي غزل جي ذريعي ظاهر ڪيو آهي، تنهنڪري غزل جي صنف انساني تخيلات جي اظهار جو ذريعو بڻجي اسان جي سامهون آهن. سندس مزاح ۾ هڪ وڏي چٿر لڪل رهي ٿي. ٻڌڻ سان ته هڪ رواجي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مذاق سمجهي ان جي ماهيت ۽ افاديت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن ان تي ويچار ڪجي ته معاشري جي ناسورن جي خبر پوندي، ڄڻ پنهنجي ثقافتي ورثي جو جنازو نڪري ويوآهي.

چمچا ڪانٽا کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي چرپر، 
شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شر شر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا

بلبل جي ڪلام جو وڏو حصو مزاحيه تنقيد سان ڀريل آهي. تغزل جي اعتبار کان بلبل جو غزل سست نظر اچي ٿو. منجهس ڪنهن به قسم جي ڀرپور شعريت نٿي ملي. بلبل معاشري جي ناسورن کي غزل جي قالب ۾ سموهي منجهس هڪ انفرادي رنگ پيدا ڪيو آهي. حالات پٽاندربلبل عشق جي به هڪ عجيب اپٽار ڪئي آهي. عشق تي بلبل هڪ طنزيه نظر اڇلائي آهي:

ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه، 
ڪر موج، روز تازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه

جنهن شاعر عشق کي هڪ وڪائو چيز تصور ڪيو آهي، اهو شاعر عشق متعلق گهرو تاثر قائم نٿو ڪري سگهي، پر هو فرضي عاشق بنجڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي، تنهنڪري بلبل جو عشق فرضي ۽ سطحي آهي.

هو نه عاشق هو نه رند، هو نه صوفي هو، انهن سڀني وصفن کان مٿي هڪ شاعر هو، جنهن کي پنهنجي معاشري جي پامالي جو درد هو، هو ماڻهن جو همدرد ۽ قوم جو مصلح هو. اهڙو اعزاز سنڌ ۾ ٿورن کي نصيب ٿيو آهي. هن عاشق ۽ معشوق تي طنز ڪري غزل جي سموري رسمي ڪائنات کي ڊاهي ڇڏيو آهي. سندس غزل حسن جي لوازمات تي هڪ وڏي چٿر آهي. ان غزل جو مطلع پيش ڪريان ٿو.

جو ويڙهيا وار اڄ ڄڻ مشڪ ٿيو تاتار تهه تهه تهه، 
دلالن دل سندو وڻجو، اهو واپار وهه وهه وهه

وارن، مشڪ ۽ تاتار جهڙن لفظن تي غور ڪجي ته شاعر ڪهڙي تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. غزل جي شاعرن جيڪي اصطلاح ۽ تشبيهون گهڙيون آهن سي غزل ۾ حسن کي وڌائڻ لاءِ آهن.