شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

شمس الدين”بلبل“ (1857ع-1919ع)

پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي جي الانا 
(سنڌي نثر جي تاريخ)

هيءُ بزرگ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ 1857ع ۾ ڄائو هو. سندس وڏا اصل اتر کان ناڙيءَ جي طرف کان آيل هئا. ابتدائي زماني ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ داروغو هو، پر پوءِ جلدي 1889ع ۾ ڪراچيءَ روانو ٿي ويو، جتي خانبهادر حسن علي آفنديءَ سان سندس ملاقات ٿي، جنهن کيس “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ڪري رکيو. بلبل صاحب نه فقط قابل قدر شاعر هو، پر هڪ بينظير نثر نويس ۽ ڪامياب صحافي به هو. “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن” ۾ هن تمام گهڻي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي. “معاون” اخبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾، سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون سڄيءَ سنڌ ۾ ڏاڍا پسند آيا. دراصل هن بزرگ جي جسارت ئي سنڌي نثر ۾ انقلاب آندو. سنڌ جا ڪي اهل قلم کيس “سنڌ جو حالي” به سڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هن مولانا حاليءَ وانگر نثر توڙي نظم جي ذريعي “سنڌ جي سر سيد” يعني خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي مدد ڪئي. هن جي قابليت ۽ خدمت جو اعتراف ڪندي، مرحوم سردار محمد يعقوب سي. آئي. اي سابق وزير اعظم رياست خيرپور ميرس، 1906ع ۾ لکيو آهي:

“اسان جو اهو ارادو نه آهي ته فقط ظاهري لباس ۾ اوهان جي تعريف ڪجي، مگر سچ پچ ته اوهان جي اخبار جا مضمون اهڙيءَ سنجيدگيءَ ۽ ڪلام جي خوبصورتيءَ سان سينگاريل هوندا آهن، جن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي (1).”

مرحوم نور الدين صديقي، ميمبر سنڌ سروس ڪميشن جي والد بزرگوار، مخدوم انور پاٽائيءَ، “بلبل” بابت هڪ مضمون ۾ لکيو آهي:

“جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن، پنهنجن ناولن ۾ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجيءَ قوم ۾ هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن “بلبل” جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو، سو قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. (2)

تصنيفات: مرحوم “بلبل” سنڌي نثر ۾ جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان ڪي هي آهن: (الف) قلندر جو ميلو، (ب) تيرهن ڄار مڪرن جا مار، (ٻ) بهار عشق، (پ) آئينه تجارت (ت) جهٽ سوال پٽ جواب، (ٿ) حل تجربات يعني شمس اللغات (ٽ) ظريف الدوله ڀاڱو 1 ۽ 2، (ٺ) گلزار لطائف ڀاڱو 1 ۽ 2 ، (ث) بخت بازي، (د) ڪارو نيشن ڪپ، (ڦ) عقل ۽ تهذيب، (ح) قرض جا مرض ۽ ان جا علاج (چ) مد پند سود مند، (جهه) مسلمانِ سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، (ڄ) انگريز ۽ مسلمان، (ڄ) مسلمان ۽ تعليم، (ڇ) حرزالبنياد شرح قانون وقف علي الاولاد، (م) جام جم.


1. قلندر جو ميلو: هن ڪتاب ۾ مرحوم “بلبل” لعل شهباز قلندر جي ميلي جي هر هڪ تماشي جو نقشو چٽيو آهي. ميلي ۾ ماڻهن جي شغلن نانواين ۽ حلواين جي دوڪانن جا منظر چٽيا اٿس.

عبارت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ چڱي حيثيت ٿو رکي، مقفيٰ نثر ڪم آڻي، هن قسم جي عبارت وارن ڪتابن ۾ بيش بها اضافو ڪيو اٿس.

سنڌي نثر ۾ ظرافت جو موجد به “بلبل” مرحوم ئي هو. سندس انداز بيان ۽ طرز تحرير “بلبل” مرحوم کي هميشه زنده رکندي. زبان جي پختگي ۽ حسن ادائگيءَ لاءِ هيٺيون مثال ڪافي آهي:

“هر سال فرح فال، شعبان شهر، ميمنت بحر، سيوستان، عشق بستان، عالم آشڪار، شهره آفاق ميلو حضرت مخدوم قلندر بادشاهه لعل شهباز، بلند پرواز، عليه الرحمة جو، مقرر ميعاد، فرصت سواد، ارڙهين تاريخ کان، مثلث نوتبن جي بدولت، نهايت هجوم، نهايت ڌوم سان وقوع ۾ اچي ٿو، جتي بيشمار، هزار اشخاص، عام ۽ خاص، هر اطراف، هم رڪاب ۽ مڙني اوصاف عالم جا موجود بلڪه شاهد ۽ مشهود ٿين ٿا.”

مقابلي ۾ ماڻهن جا قسم: “پير فقير امير نواب، چڱا مٺا غريب ڪساب، ذرڙا زميندار، چور چڪار، ڪڙا ڪامورا، رئيس سردار، بازيگر رانديگر، نامي ملهه، جوڳي ٺوڳي دلبائي دل، لنگها ڏوم ڀٽ دلال، کدڙا پانڊي، ڪڃريون قوال، ٽاٽر ٽوٽر آڪڙباز، ڳنڍيڇوڙ جواباز، غرض ته هر هڪ ملڪ جا هر انسان، هر سوداگر هر سامان، هر جنس هر حيوان، هر ساز هر باز، هر حسين، هر ناز اچي گڏ ٿين ٿا.”

2. تيرهن ڄار مڪرن جا مار: هي ڪتاب ظريفانه انداز ۾ قوم جي اصلاح لاءِ لکيو هئائين، جنهن ۾ پيرن، فقيرن سرڪاري عملدارن تي آزاديءَ ۽ بيباڪيءَ سان تنقيد ڪئي اٿن.

عبارت ۽ ٻولي: هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ظرافتي رنگ آهي پر اصليت ۽ حقيقت نگاريءَ جي ڪري هر ڪنهن کي وڻي ٿو. زبان فارسي آميز لفظن واري آهي. هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا.

(الف) پيرن فقيرن جو ڄار: بسم الله هادي! بابا اسين پير فقير، چم چير بوسا گير، آزاد آدمي، خدا کان سواءِ نه ڪنهن سان غرض نه واسطو، پير فقير جي قدمن تان قربان وڃان. جاتي وڃن اتي هر نعمت، ٻوڙ پلاءُ، داڻو گاهه، ڀنگ تماڪ، دلا ڌڪڙ، ناچ راڳ، رن روڳڙي، سڀ مٿو ٽيڪي، مٺ مروڙا ڏين، خواهه ساڻ بيهن، ته به پير فقير جي ذات بي عيب ۽ غني مريد رڳو هن درگاهه تخت اشتباهه تان چڳ وڍائي ۽ ٻارهين مهيني دعوت ۽ روڪ ٺوڪ کائي، پوءِ بيپرواهه بڻيو وتي. خدا کي ڪا عملن جي ڪاڻ ڪانهي، پير فقير راضي، ته ڪوهه ڪندو قاضي. پير فقير جي هٿ ۾ ايمان ۽ بهشت جي چٺي آهي. پير فقير جي منڪر کي قبر جاءِ نه ڏئي.”

(ب) پوليس جو ڄار: اها ها ها! پوليس جي نوڪريءَ سان ڪهڙي ريس. جمعي اڳيان خميس، لائي بيس ته پائي تيس. هلڪي سلڪي، اوچي نيچي، ذات ڪذات، سڀ انهيءَ پوليس ۾ ڀرتي. سئي لڌائين ته ٿيو سوار، کنڀ مان ڪانوَ جوڙيائين ته جمعدار. اتاهون اڳتي تڙيو ته ٿاڻيدار. پوءِ اڇي ڪاري جو اختيار مختيار، پورو پورو عملدار، ڪانسٽيبل ته گربه مسڪين. منشي صاحب، گرگ درنده، جمعدار، فيل مست، صوبيدار ته شير غران. سندن اختيارات اهڙا وسيع جو ڪنهن جي عزت لاهڻ لاءِ ڪانسٽيبل به ڪافي وافي. پوءِ جي مٺ گرم ته منشي شافي، نه ته سڌو صافي. جي جاءِ تي ڀاڳئي جو گهر ڀڳو، ته پوليس جو گهر اڏيو.”

  1. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل: “بلبل سنڌ” آزاد بوڪ ڊيپو حيدرآباد، 1951ع ص 12.
  2. ڏسو مخدوم انور پاٽائيءَ جو مقالو: آفتاب اخبار، 25 اپريل، 1908ع.