شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم شمس الدين بلبل سنڌ جو حالي

احمد خان.ايم. سيال


ڪيان بلبل جي ٿو اڄ بات تان ڳيرو ٻڌي ان کي 
ڪري نازڪ بدن پنهنجي ۾ شاهين جو جگر پيدا

دهلي جي غدر هندستان جي مسلمانن کي مرحوم سر سيد احمد ۽ ان جو رفيق ڪار مولانا حالي عطا ڪيو ته سنڌ جي مسلمانن کي وري انهن جو نعم البدل مرحوم حسن علي آفندي ۽ رئيس شمس الدين بلبل نصيب ڪيائين. جيئن هنن تعليم ۽ تدريس جي اشاعت ۽ تصنيف جي ذريعي هندستان جي مسلمانن کي بيدار ڪيو ۽ انگريز جي لانگ بوٽ جي ٺوڪر کان هنن کي پنهنجي دل جي پرزن کي پامال ٿيڻ کان بچائي وٺڻ ۾ مدد ڪيائون تيئن هنن به سرزمين سنڌ ۾ ساڳو ڪم سر انجام ڪيو.

سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب خليل، مرحوم و مغفور حافظ بسمل ٽکڙائي، جناب حاجي محمود صاحب خادم، پير جناب حسام الدين صاحب راشدي، جناب غلام محمد صاحب گرامي ۽ ٻين بزرگن مرحوم بلبل کي سنڌ جو اڪبر (الهه آبادي) سڏيو آهي مگر هنن سڳورن جي راءِ گرامي کي وزن ڏيندي آءٌ عرض ڪريان ٿو ته اڪبر الهه آبادي سان مرحوم بلبل جي رڳو ظرافتي طرز شاعرانه جي لحاظ سان همسري هئي پر هوڏانهن مولانا حالي سان هن جي ڀيٽ نه رڳو زبان جي سلاست ۽ رواني ۽ روءِ سخن عوام ڏانهن هجڻ جي بنياد تي بيهاري سگهي ٿي پر هڪ سياسي پروگرام جي مد نظر هجڻ، مسلمان وضع قطع ۽ اسلامي نيڪ اطوار ۽ هڪ خاموش ۽ خوشگوار اخلاقي ۽ ادبي انقلاب آڻڻ جي پهلوئن پٽاندر پڻ مرحوم بلبل کي “سنڌ جو حالي” سڏجي ته بجا آهي.

مرحوم بلبل جي پر حيرت ۽ جامع خصال شخصيت ثابت ٿي ڪري ته شاعر ڄمندو آهي، بنايو نه ويندو آهي. بلبل جي حيات ۾ ڪوبه بظاهر اهڙو عنصر نظر نه ٿو اچي، جنهن کي هن جي ڪمال لاءِ ذميوار سمجهجي. ميهڙ جي ننڍڙي واهڻ جنهن ۾ بلبل 1857ع ۾ تولد ٿيو سو ميرن جي مال جو ٿان ۽ ٿم هو. هن ۾ رڳو سرسبز ۽ شاداب وڻن ٽڻن جي جم گهٽا رکڻ ۽ ٻن واهڙن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي وادي هجڻ کان سواءِ ٻي ڪابه حيثيت نظر نه ٿي اچي. شايد ان جي مٽي مردم خيز آهي. پنهنجي والد ماجد بهادر خان جو بلبل پڇاڙي وارو ۽ ستون ٻارهو. هن کي ٻيا چار ڀائر ۽ ٻه ڀينر هيون. سندس وڏا ناڙي جي طرف کان لڏي ميهڙ ۾ آيا. بهادر خان ۽ سندس والد ڪمال خان شيني جون زمينون ۽ واهه اڃا سوڌو موجود ۽ ڌارين جي قبضي ۾ آهن، جي بلبل مرحوم جو دوست ۽ عزيز رئيس فقير محمد خان شينو ڏسي آيو هو ۽ جن بابت ڳالهه اڃا سوڌو ڀليڏنه آباد وارو ميان محبت خان ماڇي ڪندو آهي. اتان لڏڻ جو سبب رڳو اڻاٺ ۽ ڏڪر نه ٿو ڏسجي پر قدري پنهنجن جي ناسازي به ان لاءِ جوابدار ٿي سمجهجي. ميهڙ جي آس پاس زمينون وٺي، پنهنجو ڳوٺ ٻڌائي آبادگاري جي ڌنڌي کي ورتائون. هاڻي ديهه جي چڪ ۾ اهو ڳوٺ رئيس شمس الدين بلبل جي نالي داخل آهي. پوءِ ميهڙ ۾ پهرين پهرين بهترين عمارت تيار ڪري اچي سڪونت پذير ٿيا. بلبل جي بنگلي کي ڏسڻ لاءِ پسگردائي جا ننڍا ۽ وڏا ايندا هئا ۽ اچرج کائيندا هئا. خالده اديب خانم جو چوڻ درست آهي ته ڪنهن جي گهر کي ڏسي ان جي ڌڻيءَ جي شخصيت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. پوءِ ته هندن جي دور حڪومت ۾ ميهڙ ۾ خوب محل ماڙيون موجود ٿيون پر بلبل جي آشيانه جو رنگ ۽ ڍنگ اڃا به جداگانه حيثيت رکيون بيٺو آهي.

بلبل جي والده هڪ باشرع ۽ علم دوست آخوندن جي خاندان مان هئي. بلبل جو مامو آخوند نهال خان جڏهن ميهڙ ۾ آيو تڏهن بلبل کي ڄاول ڏسي هن جي نوراني چهري مان هن جو روشن مستقبل پروڙي ويو ۽ بلبل جي والدين کي صلاح ڏنائين ته هن ننڍڙي نونهال جو نالو “پريل” مان بدلائي شمس الدين رکيو وڃي. هنن ائين ڪيو جو اڳتي هلي نهايت موزون ۽ مناسب ثابت ٿيو. جناب مرتضائي ٺٽوي ساڳي بشارت پر گهڻو وقت پوءِ هن طرح ڏٺي آهي:

“منهن مبارڪ يا شعاع- شمس تاباني ڏٺم 
آسماني فصل جو ڄڻ ماهه نوراني ڏٺم 
ڪوس يا تلوار يا محراب يا آبرو سندس 
يا هلالي عيد الاضحيٰ بهر- قرباني ڏٺم 
مرتضائي فدوي استاد تنهنجي ڇاچيو 
خوبتر خورشيد بلبل جلوه گر جاني ڏٺم.”

هيءُ شعر جناب الحاج علي محمد صاحب خالدي ٺٽوي کي سڄو ياد آهي ۽ ان ۾ ٻين بزرگن جو به ذڪر خير آندل آهي. ننڍڙي لاءِ ئي بلبل وڏن وڏن عالمن ۽ شاعرن سان طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. بلبل جي فرزند ارجمند رئيس ضيآءَ الدين “ضيا” جي سهري ميان فقير محمد جي وات جي ڳالهه آهي ته هڪ روز ننڍڙي بلبل کي پنهنجي والد کان ٻه روپيا جتي وٺڻ لاءِ مليا. واٽ تي وڏي پڙ تي عاشوره جي ماتامين خوب سر آلاپي مرثيا، مجرا، نوحا ۽ ندبا پئي ٻڌايا.ننڍڙو بلبل اتي بيهي ٻڌڻ لڳو پر ميان فقير محمد جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن هن ڏٺو ته آخر اهي ٻه روپيا جي جتي وٺڻ لاءِ بلبل کي هٿ ۾ هئا سي هن انهن ماتامين مٿان گهوري ڏنا ۽ کيس پيرين اگهاڙو واپس موٽي اچڻو پيو، هيءُ شايد شعر و شاعري ۽ سخنوري جي ڏات جو پهريون ڏاڪو ۽ ابتدائي اهڃاڻ هو.

بلبل جي ڪا خاص تعليم ۽ تدريس ڪانه ٿي. معلوم ٿو ٿئي ته ان وقت جي معمولي مدرسن ۾ رائج سنڌي ۽ فارسي جا ابتدائي ڪتاب پڙهي بس ڪيائين. پر هيءُ ٿورڙي تعليم به هن جي ذاتي جوهرن جي جلوه ڏيکارڻ لاءِ ڪافي ٿي. ممڪن آهي ته ان وقت ڳوٺ گهاڙي ۾ بختيار پور جو هڪ ڀلارو بزرگ درس ۽ تدريس جو شغل رکندو هو ان جي خدمت ۾ ڪجهه وقت دوزانو ٿي سبق پڙهڻ جي سعادت کيس نصيب ٿي هجي پر قطعي طرح ڪو پتو نه ٿو پوي ته سندن استاد ڪير هو؟ اتفاق راءِ سان ائين مڃجي ٿو ته سندن علمي ۽ شاعرانه استعداد هڪ قدرت جي عطا ۽ ملڪو هو. اهوئي سبب آهي جو هر پهلو ۾ هن کان جدت ۽ ندرت نمودار ٿئي ٿي. ظرافت ۾ هن اها طرز اختيار ڪئي جنهنجي ابتدا ۽ انتها مٿس موقوف ٿي. اخبار نويسي ۾ به هو اول نمبر هو. بقول حضرت خليل جي ته جناب مخلص صاحب به هن جي طرز تحرير جو مقلد ۽ خوشه چين هو. سياست هن جي اهڙي هئي جو جڏهن هندستان جا وڏا وڏا مسلمان ليڊر اڃا هوم رول جي ڏياٽي جي ارد گرد پروانه وار پئي ڦريا تڏهن هن ان وقت ئي مسلمانن لاءِ جداگانه حڪومتي حقن جو آواز بلند ڪيو. جام جم (ڇاپيل 1918ع البرٽ پريس سکر) جي صفحي 56 تي هيئنءَ لکي ٿو:

“گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن. بازن سان چڙيون نه اڏامن. اسان جي هستي اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا. هاڻي اهي اسان جا حاڪم آهن. اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ ٿا گهرن. اسان جا انهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا مطالبا هئڻ گهرجن پر جدا، نه گڏ”.

ساڳئي ڪتاب ۾ مسٽر گوڪلي، ائني بيسنٽ، مسٽر ڀرڳڙي ۽ ديوان مرليڌر ۽ ٻين تي جيڪا زبردست تنقيد ڪيل آهي ان مان ئي ثابتي ملي ٿي ته بلبل جي بالغ نظري ۽ آزاد خيالي ڪيتري قدر هئي.

بلبل حسن علي آفندي سان مددگار ٿي “سنڌ مدرسة الاسلام” کي اوج تي رسايائين. مستر وائينس جا خط اڃا تائين موجود آهن. پوني وڃي سنڌ ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ آبادگارن جي بچاءُ جو قانون لاڳو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سنڌ جي اسڪولن جي نصاب ۾ پارسي کي مستقل طرح جاءِ ڏيڻ جي رٿ پيش ڪري بحال ڪرايائين. مخدوم جلال الدين صديقي مرحوم (ميهڙ ۾ ايڪسائيز کاتي جو انسپيڪٽر) 7 اپريل 1952ع تي هي بيان ڪيو ته سندس ڀاءُ مرحوم مخدوم ميان نور الدين جڏهن سال 1902ع ڌاري بي.اي پاس ڪري آيو تڏهن کيس ڪابه مناسب ملازمت نه ٿي ڏني وئي. بلبل مرحوم ڪوشش ڪري کيس ڊپٽي گيري جي جاءِ وٺرائي ڏني ته اها مسٽر آڏواڻي کسي ويس. ان تي بلبل هڪ وفد وٺي بمبئيءَڪاهي ويو جتي وڃي انگريز گورنر جو در کڙڪايائين. مسٽر نور الدين کي ساڳئي عهده تي مقرري جو حڪم وٺي آڻي ڏنائين. سنڌ جي ڪمشنر مستر لارينس هڪ خط ۾ مڃيو آهي ته بلبل جيڪي مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ خدمتون ڪيون آهن، سي قابل تحسين آهن. سيد سرور شاهه ولد سيد حيات شاهه ساڪن سعدپور تعلقي ميرپور ماٿيلو چشم ديده واقعو بيان ٿو ڪري ته ميهڙ جي هر دل عزيز پوليس انسپيڪٽر ميان گل شير لنڊ جي بدلي بلبل جي ڪوشش سان بند ٿي. ان جي خوشيءَ ۾ هڪ دعوت ڪيل هئي جنهن ۾ انوقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا قليچ بيگ به شرڪت ڪئي. مرزا صاحب هڪ پوليس واري کي سسپينڊڪيو هو جنهن ڪيل ڏوهه جي تلافي ڪري معافي گهري پر مرزا صاحب ٺڪرائي ڇڏيس. هن دعوت جي موقعي تي پري ڪچهري ۾ مرزا صاحب جي هن سخت روش تي بلبل وجهه وٺي تقرير جي دوران ۾ هن تي نڪته چيني ڪئي جنهن جو جواب مرزا صاحب کي ڏيڻو پيو ۽ پنهنجو اصول ٻڌائڻو پيو، پر ساڳئي مرزا صاحب بلبل جي وفات تي هي قطعه تاريخ لکيو:

“شاعر- ملک- سندهه شمس الدين 
که از و بود عالمي شگفت 
بلبل بود او که با منقار 
در- معنيٰ عجيب ترمي سفت 
بود او “شمس” بر سپهر- سخن 
کرد آخر غروب و روئي نهفت”

مولانا فتح محمد صغير سيوستاني به مرحوم بلبل جو سياسي مخالف هو پر هو به بلبل جي واکاڻ ۾ رطب اللسان آهي. (ڏسو صفحه 14 بلبل- سنڌ تاليف ڪيل جناب شيخ محمد ابراهيم صاحب خليل) ٻيو مد مقابل جناب غلام محمد صاحب ڀرڳڙي به هو جو کين پنهنجي هڪ خط ۾ تاريخ 3 نومبر 1914ع ۾ هيئن لکي ٿو:

“بخدمت جناب عاليجاه رئيس صاحب ميان شمس الدين صاحب سلمه.”
بعد سلامن جي واضح هجي ته جناب اعليٰ ڪليڪٽر صاحب بهادر لاڙڪاڻه جي فرمايو آهي ته هر هڪ ڊويزن ۾ هلندڙ جنگ جي بنسبت ڪي احوال ميٽنگ ۾ ٻڌائڻا آهن جنهن لاءِ... ماڻهن تعلقي جي ۽ ٻين معزز ماڻهن زميندارن ۽ انجمن جي کي ڪوٺ ڪندا.
اسان به تاريخ 5 نومبر 1914ع جي ميهڙ ۾ 12 بجي مهل حاضر هونداسون. مگر مٿين ماڻهن جي سڏڻ لاءِ حضور جن اوهان صاحبن تي بار رکيو آهي. جنهن لاءِ ماڻهو موڪلي خبر ڏجي.
دعاڳو خادم القوم
غلام محمد


جڏهن بلبل جا همعصر جهڙوڪه نجفي، خادم، شاهه محمد صوفي، مرتضائي ٺٽوي،جمعا خان غريب، واصف مرحوم، صغير سيوستاني، (جنهن پوءِپنهنجو تخلص ڪبيرڪيو)، بسمل ٽکڙائي، نياز لاڙڪاڻوي، حضرت غلام سرور قادري لاڙڪاڻوي، مرزا قليچ بيگ، جناب شيخ محمد ابراهيم وزير، جناب خان بهادر نانا غلام علي صاحب، مخلص مرحوم، مولانا شفيع محمد صاحب مسجدي، مخدوم محمد انور پاٽائي، نورل نظاماڻي، شيخ عبدالمجيد صاحب، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڪليڪٽر حامد علي ۽ ٻيا سندس خداداد قابليت جو اعتراف ڪن ٿا.

حقيقت ته هيئن آهي ته مرحوم بلبل جهڙو تقرير ۾ تهڙو تحرير ۾ يگانئه روزگار هو ۽ سندس جو جهڙو علمي ادبي شغل عالي شان هو تهڙو هو سياست، دين ۽ انسانيت ۾ افضل ۽ اڳرو هو. هن جي طبع جامع الضدين هئي. جهڙو دنيا ۾ ڪامياب هو اهڙو دين ۾ صاحب ڪمال ثابت ٿيو. هڪ گشت جي دوران مرحوم دين محمد صاحب وفائي، بلبل جي لائبريري ۾ مذهبي ڪتابن جو ذخيرو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ غالب گمان آهي ته ان جو ذڪر خير پنهنجي غير مطبوعا ڪتاب مشاهير سنڌ ۾ ڪيو اٿس. مرحوم بلبل کي روحاني فيض مخدوم مرحوم ميان نظام الدين صاحب پاٽ واري وڏي ڀلاري بزرگ وٽان نصيب ٿيو. بلبل جي مجلس ۾ هميشه حافظ، عالم، فاضل ۽ اديب موجود هوندا هئا. مولانا مولوي غلام محمد صاحب اشرف سوڍر واري جهڙي تارڪ الدنيا ۽ اهل الله به وٽس سڪون ۽ قرار حاصل ڪيو. گويا شينهن مڙس کي قرب جي ڪچڙي تند ۾ قابو ڪري من اندر محبوب جي مشاهدي ماڻڻ جو ماڻ موکي ڇڏيائين. جناب حاجي علي اڪبر شاهه صاحب ڳالهه ڪندو آهي ته حافظ ڪمال الدين ڏيپر سندس روحاني طاقت کان اهڙو ته متاثر ٿيو جو وصيت ڪيائين ته سندس جنازي جي نماز بلبل مرحوم پڙهائي ۽ ٿيو به ائين. ڪيترن مولوين حافظن عالمن به سندس پويان هيءُ نماز جنازي جي ادا ڪئي.

افسوس جو سنڌ جي سرزمين جو هي روشن ستارو پنهنجي دوست آفندي مجيدي واري ساڳئي مرض ڪاربنڪل جي قهري ڪڪري ۾ دٻجي سنڌ جي آسمان ادب تان غائب ٿي ويو يعني 1919ع ۾ 63 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ جي باغ جو هيءُ بلبل فردوس برين جي بهار جاوداني ۾ وڃي جائگزين ٿيو. سندس مقبرو سندن مسجد جي ويجهو آهي. سندس ڪامياب زندگيءَ جو بهترين يادگار سندس برپا ڪيل مدرسو آهي جو هينئرهاءِ اسڪول جي حيثيت رکي ٿو. ٻي يادگار سندس لائبريري آهي جنهن ۾ فقه، شرع، قانون، سوانح حيات، تاريخ، شعر و شاعري ۽ ادب جا اردو سنڌي ۽ فارسي ڪتاب موجود هوندا هئاپر افسوس جو ڪنهن سنڀاليندڙجي نه هجڻ سبب ڪيترا نسخا دوست پڙهڻ جي بهاني سان هميشه لاءِ کڻي ويندا رهيا ۽ ڪيترا اڏيهي جو شڪار ٿي ويا. ٽيون يادگار سندس مقبول عام تصنيفون آهن جن مان خاص طور قابل ذڪر ديوان بلبل سنڌي، ڪريما نيچرل، رحيما لطيف، پليگي ڪريما، قلندري ميلو، جام جم، عقل ۽ تهذيب، وقف علي الاولاد ۽ بهار عشق آهن. پر افسوس جو اهي به ناياب ٿي ويا آهن، پر انهن جي تانگهه ۽طلب اڄ سوڌو ڪيترائي علم دوست ڪندا اچن. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو جمعيت الشعراءِ سنڌ يا سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي سڌار سوسائٽي سنڌ يا خود مرحوم جو فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين “ضيا” انهن کي وري ڇاپرائي سنڌي علم ۽ ادب جي موجوده جمود ۾ نئين لهر ڊوڙائڻ جو سهرو سر تي ٻڌن. هندن جي تعصب جي ڪري نه مرحوم بلبل کي نه سندس هم رقاب ۽ هم خيال حضرات کي (جهڙوڪ قاضي احمدي پاٽ وارو ۽ آنر ايبل مير الهندو شاهه صاحب ڊڀرئي وارو وغيره) سندن شايان شان شهرت نصيب ٿي. ان وقت جا ڪتاب گهر، سنڌي پريس ۽ سياسي پليٽ فارم سڀ هندن جي هٿن ۾ هوندا هئا تنهن ڪري رڳو انهن مسلمانن جو ناماچار نڪتو جي هنن جي اشاري تي هلڻ وارا هوندا هئا. ضرورت آهي ته بلبل جي شخصيت ۽ بلبل جو اسڪول آف آرٽ برپا ڪيو وڃي. الله توفيق ڏئي مرحوم جي صحيح معنيٰ ۾ جانشين ۽ وارث ۽ هن گلستان جي گل رئيس ضياءَ الدين ايس.بلبل کي جو هو پنهنجي والد ماجد جي علمي ادبي، اخلاقي ۽ روحاني رمزن کي وري رائج ڪري ۽ ان جي جاءِ ڀريون ۽ وسايون اچي. آمين!

لطيف تر هئي حڪايت، جو طول سان ٿي بيان 
اڳين جي حال جو ۽ قال جو ڪيون ڪو ڌيان