”بلبل“ سنڌ جو هڪ ناقابلِ فراموش فرزند
تحرير: شعبان بخت
هن سال به سيپٽمبر جي مهيني اچڻ سان، سنڌ جي جن نه وسرندڙ فرزندن جي ياد اچي ٿي، تن منجهان مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” به هڪ آهي.
مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نه آهي.
رئيس شمس الدين “بلبل” سن 1857ع جي پر آشوب زماني ۾، اڄڪلهه واري ضلعي دادو جي ڳوٺ ميهڙ ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي جي مقامي مدرسن مان تعليم پرائي، پنهنجي خداداد صلاحيتن سان ايترو نامور ٿيو جو سنڌ جي سر سيد مرحوم حسن علي آفندي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَجي باني جو رفيق خاص بنجي ويو ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نڪرندڙ اخبار “المعاون” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو جنهن جي وسيلي سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي مقصدن جي وڏي حد تائين پورائي ٿي.
سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي ماهوار رسالي “جامع العلوم” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته ان کي عوام جو مقبولِ عام رسالو بنائي ڇڏيائين. ان کانسواءِ ڪيترن قومي اصلاحي ڪمن ۾ پڻ پيش پيش رهيو. مرحوم حسن علي آفندي سنڌ جي آبادگارن جي ڀلائي لاءِ، سنڌ سان “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” لاڳو ڪرائڻ لاءِ سرگرمِ عمل ٿيو ته “بلبل” مرحوم سڄي سنڌ جو دورو ڪري زميندارن جي قرضن جا سچا انگ اکر ۽ ڪورٽ جي ڊڪرين هيٺ ضبط ٿيل مسلمانن جي ملڪيتن جا تفصيل گڏ ڪيا. آفندي صاحب جي معاونت لاءِ “بلبل” ساڻس گڏ پونا تائين به ويو جتي اهو ڪيس ڪجهه اهڙي اثرائتي ۽ مدلل نموني سان پيش ٿيو جو سنڌ سان به دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو جنهن مان زميندار اڄ تائين فائدو وٺي رهيا آهن.
مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” جي لاءِ آفندي صاحب جي دل ۾ وڏي جاءِ هئي جنهن جو اندازو ان خط مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو مرحوم حسن علي آفنديءَ ڏانهس 22 آگسٽ 1893ع تي لکي موڪليو هو:
“ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو ته اسان جي پرچي کي اوهان ليک موڪلڻ صفا بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ترقي جو مدار اوهان جي مضمونن جي قابليت تي هو. جيڪڏهن اوهان خود مختيار رهڻ گهرو ٿا ته پوءِ اسين پرچي کي مدرسي مان انجمن ڏي منتقل ڪري ڇڏيون. اوهان جهڙي تجربيڪار ماڻهو جو اسان سان شامل رهڻ نهايت ضروري آهي. گهڻي اچرج جي ڳالهه آهي ته هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ اوهان جهڙي لياقت وارو انسان ڪيئن پيدا ٿيو آهي. اِتي انهن قابليتن کي اهڙا موقعا نه ملي سگهندا جهڙا ڪراچيءَ ۾ جو سنڌ جو هڪ وڏو ۽ مشهور شهر آهي. جيڪڏهن هتي اچي اسان سان گڏجي ڪم ڪرڻ پسند نه ٿا ڪريو ته پوءِ اِتان ئي پيا ڪم ڪريو، اوهان مهرباني ڪري اسان سان پنهنجا تعلقات نه ٽوڙيو.”
“بلبل” مرحوم هڪ نهايت ئي باصلاحيت اهلِ علم، انشا پرداز، اديب، شاعر، صحافي، سياستدان، عوام جو گهڻگهرو، مسلمانن جو هڏ ڏوکي ۽ سچو محبِ وطن هو. محمد بخش “واصف” حيدرآبادي جي لفظن ۾ “مرحوم “بلبل” کي، قسامِ ازل کان، ڪيتريون ئي خوبيون قسمت ۾ آيون هيون، جيئن شعرو شاعري جي فصاحت ۽ بلاغت، نثر نويسي جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت ۽ فنِ صحافت جي قابلِ قدر لياقت ۽ قابليت. انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم“بلبل” پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جي سر سيد آقاء حسن علي آفندي مجيديءَ جو سچو ساٿي، سنڌجي گلزار صحافت جو عندليب، سنڌ جي ادبي بوستان جو هزار داستان، سنڌ جي سياسي گلستان جو خوش نما گل هو.”
“بلبل” نه رڳو بي مثال قادر الڪلام شاعر، معامله فهم صحافي، صاحب طرز انشا پرداز، باخبر دانشور ۽ ڀرپور سماجي ۽ سياسي شعور رکندڙ قومي رهنما هو، بلڪ هڪ سحر طراز فصيح البيان مقرر به هو، سندس قابل تحسين ڪارنامن مان ڪجهه هن ريت آهن:
خاندانن جي ملڪيت بچائڻ لاءِ، قائد اعظم محمد علي جناح جي پيش ڪيل مسودي مان استفادو ڪندي، سنڌ لاءِ وقف علي الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرائي ۽ ان تي عمل در آمد ڪرائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، پهريائين پنهنجي ملڪيت وقف ڪري عمدو مثال قائم ڪيائين ۽ عوام جي معلومات لاءِ ڪتاب، “حرز البنياد، شرح قانون وقف علي الاولاد” ڇپرائي پڌرو ڪريائين.
آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي 1907ع ۾ مدلل اثرائتو ٺهراءَ پيش ڪري فارسي کي نصاب تعليم ۾ شامل ڪرايائين.
مسلمانن ۾ تعليم جي شوق پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب جهڙوڪ “مسلمان ۽ تعليم” ڇپرائي تقسيم ڪيائين.
سن 1904 ع ۾ انجمن اتفاق الاسلام ميهڙ، جو بنياد رکي، انجي اهتمام هيٺ ميهڙ ۾ انگريزي تعليم جي درسگاهه مدرسة الاسلام ميهڙ جو 1906 ع ۾ بنياد وڌائين، جنهن کي 1919ع تائين نهايت جفاڪشي سان هلائيندو رهيو. ان جي عمارت ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ زمين هٿ ڪري، ان جا نقشا وغيره به ٺهرائي چڪو هو، پر پوءِ سندس حياتي جو جام ڀرجي ويو. اهو مدسو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو جيڪو اڄ تائين قائم آهي ۽ ان مان سوين شاگرد علم پرائي پار پيا آهن.
بنگال جي ورهاڱي وارن فسادن دوران، سنڌ جي هندن هڪ مخفي سازش سٽي ته انجو ڀانڊو ڦوڙي، هندن طرفان مقدمه بازي جي وڏي مصيبت ۾ مبتلاٿيو ۽ پوءِ پنهنجي سچائي ۽ صلاحيت سان ان مان باعزت بري ٿيو، جنهن تي سنڌ جي مسلم حلقن وڏي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.
جنگ بلقان (ترڪي) جي دوران سنڌ ۾ تحريڪ “هلال احمر” کي متعارف ڪرائي زور وٺرايائين.
مسز ايني بيسنت جي هوم رول تحريڪ جي فريب ڪاري واري حقيقت کان عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ايتري زوردار تحريڪ هلايائين جو هوم رول سنڌ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي.
مسلمانن جي جداگانه قوميت ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريائين ۽ 1918ع ۾ پنهنجي ڪتاب “جام جام” وسيلي مسلمانن جي الڳ آزاديءَ جي جدوجهد جي خواهش جو اظهار ڪيائين.
انگريز عملدارن ۾ مسلمانن لاءِ اعتماد پيدا ڪري، سنڌي مسلمانن کي ملازمتون ڏياريائين.
“معاون” کان علاوه ٻين ڪيترين ئي اخبارن جهڙوڪ “ڪراچي گزيٽ” ڪراچي، “الحق” سکر، خير خواهه لاڙڪاڻه”، مسافر حيدرآباد، “آفتاب سنڌ سکر” وغيره جو ايڊيٽر رهيو.
علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ شريڪ رهڻ سان گڏ سياسي، سماجي، تعليمي ۽ مذهبي سرگرمين ۾ به هڪ جهڙو حصو ورتائين.
سابقه رياست خيرپور ميرس جي درسي ڪتابن واري ڪاميٽي جو اهم رڪن هو.
ميهڙ تعلقي جي مئجسٽريٽن جي بينچ جو آنريري چيرمين هو.
اخبار نويسي کي ڪڏهن به پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال نه ڪيائين بلڪ سندس زندگي سدائين قوم جي خدمت لاءِ وقف رهي ۽ ان ۾ هميشه ڪامياب ۽ ڪامران رهيو.
راسخ العقيده مسلمان، پنهنجي ٺهرايل مسجد جو متولي ۽ پيش امام به رهيو ته شهر جو چڱو مڙس ۽ سياسي رهنما به هو.
سندس ذاتي ڪتب خانو، تفسير، تصوف، حديث، فقه، سيرت، مناظرهه، فلسفه، شعر، عروض، لغت، معاني ۽ ڇپيل اڻ ڇپيل تاريخن ۽ ٻين اهم موضوعن جي بي حساب ڪتابن تي مشتمل هو جنهن لاءِ پاڻ وڏي فخر سان چوندو هو ته پنهنجي اولاد لاءِ هي بي بها خزانو گڏ ڪيو اٿم.
سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل املهه تصنيفن جو تعداد اٽڪل 38 آهي، جن مان ڪيترائي ڪتاب هينئر اڻ لڀ آهن.
مرحوم کي اعليٰ پايه جي ناصحانه، ظريفانه شاعري، سليس نثر نويسي، عام فهم اثرائتي صحافت جي آغاز، جرئت اظهار، خاص طور عيسائي مشنرين ۽ متعصب هندن جي ريشه دوانين خلاف ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ اوليت جو شرف حاصل ٿيو، جن جو تفصيل مرحوم حافظه عبدالله بسمل، مرحوم حاجي محمود خادم، مرحوم رحميداد خان مولائي شيدائي، مرحوم سيد علي اڪبر شاهه، مرحوم غلام محمد گرامي، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم“خليل”، مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي، مرحوم حاجي خان بلوچ، مرحوم محمد صديق ميمڻ جي يادگار تحريرن ۽ پير علي محمد شاهه راشدي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر وفا راشدي ابن احمد، شري لال رام ديوان داس ڀارت، ابن سيار، حافظ محمد احسن چنه، حافظ محمد موسيٰ ڀٽو، ميمڻ بشير احمد، عبدالرئوف عروج، محمد نواز محزون ۽ ٻين نامور اهل قلم اديبن ۽ علم نوازن جي ڇپيل مضمونن ۾ موجود آهي.
ٿوري ۾ ته بلبل مرحوم پهريون سنڌي شاعر هو جنهن جديد شاعري جو بنياد رکيو جنهن کي سنڌ ۾ اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم مڃيو ويو آهي، هي پهريون سخنور هو جنهن کي اهلِ علم حضرات حالي، اڪبر الهه آبادي، سعدي، “شبلي” ۽ “اقبال” جهڙن جليل القدر قومي رهنما شاعرن جي هم پله قرار ڏنو آهي. هو پهريون سنڌي اهلِ قلم هو جنهن جي مضمونن جا ترجما هند ۽ پنجاب جي مشهور اخبارن اوڌ پنچ، پيسه، زميندار، پنجئه فولاد، انتخاب لاجواب، وطن ۽ حقيقت وغيره ۾ شايع ٿيندا رهيا.
پير علي محمد شاهه راشدي صاحب جي لکڻ مطابق “هو سنڌ جو بلبل” هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙهو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو هو، جنهن جي احسانن جو قرض، ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ، ميهڙ جو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکڻ سان ادا ڪندي.”
پر جيستائين ائين ٿئي تيستائين سنڌ جي مسلمانن جي هن مخلص محسن جي ياد ۾ سال بسال سيپٽمبر جي 13 تاريخ تي مجلسون ۽ مذاڪرا منعقد ڪيا وڃن ته به چڱو، جو چڱن جي ذڪرِ خير سان به چڱائي اسري ٿي ۽ چڱائي جي تحريڪ ٿئي ٿي.
مضمون حوالا:
- ماهنامو “نئين زندگي” جنوري 62ع، ڊسمبر 57ع، نومبر 61ع، سيپٽمبر 1960ع، آڪٽوبر 1964ع، آڪٽوبر 1964 ۽ آگسٽ 1952، آگسٽ 53ع، مئي 53ع
- روزانه “مهراڻ” سالگره نمبر تاريخ 5 جنوري 1962ع
- “حالات سفرِ سنڌ” از ابو الفرح پاني پتي، ماهنامه “علمي دنيا” اپريل 1930ع،
- “بلبل سنڌ” از شيخ محمد ابراهيم “خليل”، الوحيد سنڌ آزاد نمبر تاريخ 15 جون 1936ع،
- سنڌي ادبي مطبوعه اداره مطبوعات پاڪستان 1953ع
- اهي ڏينهن اهي شينهن جلد 1 ۽ 2 از پير علي محمد راشدي
- سنڌي نثر جي تاريخ از ڊاڪٽر غلام علي الانا، ٽماهي مهراڻ جلد 12 شماره 3 ۽ 4 سال 1963ع،
- سالنامو هلال پاڪستان ماهوار ايڊيشن ڊسمبر 1957ع
- روزانه مڊ ويڪ ميگزين 12 اپريل 1981ع، 9 جون 1982ع، 11 جولاءِ 1984ع ۽ 19 سيپٽمبر 1984ع
- روزانه عبرت 15 سيپٽمبر 1982ع
- رهبر ڊائجيسٽ (سالنامو) اپريل 1973ع
- ساليانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سال 33-1932ع
- خود نوشته سوانح حيات حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
- سنڌي ساهت ۾ مذاق-ليلا رام ديوان داس سنڌو وديا ڀون امبا واڙي احمد آباد (ڀارت) 1982ع
- روزانه حريت تاريخ 18 آڪٽوبر 1982ع ۽ روزانه جسارت 19 اڪٽوبر 1982ع