شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

ديباچو

(ڪلام بلبل-ڇاپو سال-1969ع-ايڊٽ ڪيل=گرامي)

از قلم: رئيس ضيا الدين ”ضيا“بن مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“


“ديوان بلبل” جي مقدمي ۾، بلبل جي سيرت ۽ سوانح سان گڏ سندس فن تي به ڪافي بحٿ ڪيو اٿم. اميد ته ان جو مطالعو “بلبل” جي فن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ ڪافي ثابت ٿيندو.

“ديوان بلبل” کان علاوه “بلبل” جي باقي ڪلام جي تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي به ڇپيل ۽ اڻڇپيل چيزون، دستياب ٿي سگهيون، اهي نقل ڪرايون ويون. افسوس اهو آهي ته سنڌ مان تمام ٿورن دوستن “بلبل” جي مواد متعلق امداد ڪئي آهي. ان مان ڪجهه حصي مان ڪجهه چيزون مختصر طرح سان ڇپائڻ جي ڪوشش به ڪيل آهي، پر سارو ڪلام اڃا يڪجا نه ٿيو آهي.

ان سلسلي ۾ جناب گرامي صاحب جي صلاح ۽ ترتيب تي آخرڪار اتفاق ڪرڻو پيو، جو پاڻ رحيما، ڪريما نيچرل، پليگي ڪريما جو انتخاب ۽ باقي اخلاقي، اصلاحي ۽ قومي ڪلام، “ڪلام بلبل” جي عنوان تي جمع ڪيو اٿس. خيال هو ته هر هڪ حصو جدا نموني ۾ آڻجي ها، پر باقي ڪلام جي ناياب هجڻ ۽ قلت محسوس ٿيڻ تي جو ڪجهه به موجود ٿي سگهيو، ان کي “ڪلام بلبل” ۾ آندو ويو آهي.

مرحوم “بلبل” جي فن ۽ سندس ظريفانه، تنقيدي ۽ تخريبي پهلوءَ لاءِ هن کان اڳ سمجهاڻي ڏئي چڪو آهيان ته “بلبل” جديد فيشن جي مضر اثرات جي ازالي لاءِ، ان قسم جو اسلوب پيدا ڪيو، جو سنڌي ادب ۾ جديد هو جنهن جو اعتراف سڀني محققن ۽ اديبن ڪيو آهي.

“ڪلام بلبل” ۾ آيل سارو ڪلام متفرقات کان سواءِ، ان تخريبي ۽ تنقيدي پهلوءَ تي آهي. رحيما، ڪريما، پليگي ڪريما وغيره.

ان حصي کي مطالع ڪرڻ سان “بلبل” جي فن ۽ ان جي افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جنهن سان مرحوم جو ڪلام معمور آهي.

ٻئي حصي ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي ڪلام آهي، جنهن ۾ توحيد، رسالت، تصوف ۽ اخلاق کان سواءِ، وقت جي قومي اڳواڻن لاءِ قصيده ڏنل آهن. انهن قصيدن مان قوم ۽ اڳواڻن جي وچ ۾ باهمي تعاون ۽ محبت پيدا ڪرڻ مقصد آهي. اها قوم جا پنهنجن محسنن ۽ خادمن جا رڳا عيب جاچيندي رهندي، سا ترقي ڪري نه سگهندي. اهي قصيده پڻ ساراهيا ويا آهن. انهن جي افاديت، مطالعي کان پوءِ محسوس ٿي سگهندي.

البت ڪلام ۾ موجوده جديد شاعريءَ جي مقابلي ۾ چند فني ۽ لغوي خاميون رهيل نظر اينديون، يا بحر ۽ وزن ۾ ڪٿي ڪٿي شڪستگي ۽ ناپختگي نظر ايندي يا ٽه-حرفا لفظ ختم ، فهم، وهم، صبر، قبر وغيره غلط ٻڌل نظر ايندا، ان کانسواءِ، ڪاتين جي لغزش به اصل عبارت کي بگيڙيو آهي. ٻيو ته اهي ٿوريون گهڻيون خاميون ان زماني ۾ نظر انداز ڪندا آيا آهن.جيئن موجوده شاعر پنهنجي شاعريءَ کي باڪمال چئي رهيا آهن، تيئن آئينده ايندڙ شعراءِ جي نظر ۾، سندن ڪلام ائين ئي نظر ايندو، جيئن اسان جي نظر ۾ اسان جي وڏن جو ڪلام آهي، جنهن ۾ لغت، قافيه، بحر، وزن، حرڪات، سڪنات وغيره جون خاميون نظر اچي رهيون آهن.

ان سلسلي ۾ هڪ جدا بحث لکڻ جو ارادو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ “ڪلام بلبل” جي عظيم ادبي خوبين جو اندازو بخوبي لڳائي سگهندا.

قصيدن جي اهميت متعلق مون هن کان اڳ، “ديوان بلبل” ۾ ڪافي لکيو آهي، منهنجو مطلب هي آهي ته “بلبل” پنهنجي زماني جي بزرگن ۽ بابرڪت هستين جي چونڊ ڪري انهن جي مدح ڪئي آهي ۽ انهن جي علم، خدمت ۽ ڪمال فضيلت کان قوم کي آگاهه ڪري سندس دل ۾ عزت ۽ محبت جو بي پناهه جذبو پيدا ڪيو آهي. ان طرح سان ڪارلائل جي “هيرو ورشپ” جو بنياد سنڌي ادب ۾“بلبل” مرحوم ئي وڌو آهي، جو افسوس جو اڄڪلهه نه رهيو آهي.

اهو به عرض آهي ته ڪنهن ٻئي جي تعريف ڪرڻ وڏو فن آهي، انسان جي ڪمزوري هميشه خامين ۽ غلطين کي ڳولڻ لاءِ آماده رهندي آئي آهي ۽ نڪته چيني ڪرڻ آسان ڪم آهي پر عيبن کي ڇڏي هنر ۽ خوبيءَ جي ساراهه ڪرڻ لاءِ دل جي وسعت ۽ دماغ جي طراوت گهرجي. ان طرح مدح ۽ لنڊي خوشامد ۾ به فرق آهي. “بلبل” ڪنهن جي به اجائي خوشامد نه ڪئي آهي. نڪو مالي منفعت لاءِ قصيدا لکيا اٿس. “بلبل” جي فن جي افاديت جو اعتراف، هڪ طرف سندس همعصر عالمن ۽ فاضلن ڪيو آهي ته ٻئي طرف شاعرن ۽ اديبن پڻ تعريف ڪئي آهي، ان طرح سندس سوانح نگارن پڻ مفصل طرح سان تبصرا ۽ جائزا پيش ڪيا آهن، جي مطالع جي قابل آهن.

سنڌ جي مشهور عالم ۽ بزرگ خاندان جي هڪ رڪن مخدوم ميان محمد انور صاحب پاٽائي (مرحوم)، قاضي نور الدين صديقيءَ ميمبر سنڌ پيلڪ سروس ڪميشن جي والد، مرحوم “بلبل” جي ڪلام ۽ فن تي هڪ مفصل جائزو، آفتاب 25 اپريل 1908ع ۾ شايع ڪرايو هو. ان جو هڪ مختصر اقتباس پيش ڪجي ٿو. فرمائي ٿو:

“جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن پنهنجن ناولن ۾ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم ۾ جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي، هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن “بلبل” جي ظرافتي مقالن، تصنيفن ۽ مزاحيه شعرن، جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو، سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي انهن جي مزاج مطابق نه لکندا، تيستائين سندن تصنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون. مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهي ٿو ته اهو اسان جي فخر قوم “بلبل” جي سر تي سونهي ٿو.”

“بلبل جي فن ۽ ڪلام جا شائق، اڄ تائين “بلبل” جي تاليفات کي ساهه سان سانڍيو ٿا اچن. ڪيترا اهڙا اهل ذوق به موجود آهن، جن کي “بلبل” جي نظم ۽ نثر جا ڪيئي ڪتاب اصل برزبان ياد آهن، جن مان ڪافي مشهور ڪتاب، جناب گرامي صاحب ايڊٽ ڪيا آهن.

مون هت “بلبل” جي فن لاءِ چند اشارا ڏنا آهن، اميد آهي ته نظر وارا پارکو، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهندا ته “بلبل” جي فن جي اڄ به ڪيتري نه ضرورت آهي!

هن سلسلي ۾، ٻين عالمن جا مختصر رايا پيش ڪرڻ ڪافي ٿو سمجهان، جن مان مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مرحوم واصف صاحب، مرحوم حاجي محمود “خادم” صاحب، مرحوم حافظ “بسمل” ٽکڙائي، جناب پير حسام الدين راشدي صاحب، محترم مولائي شيدائي، جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب “خليل”، مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي، مرحوم “مخلص” صاحب، مرحوم مرتضائي ٺٽوي، مرحوم حڪيم نور محمد نظاماڻي “نورل” ۽ مرحوم جمعو خان “غريب” قابل ذڪر آهن.

مرحوم “بلبل” جي فن کي هر ڪنهن نقاد ۽ صاحبِ فن تسليم ڪيو آهي ۽ داد ۽ تحسين ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو آهي.

مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکيو آهي:

“ظرافت ۽ مذاقيه ڪلام جي ڪري “بلبل” پنهنجن همعصر، خواهه پيشرو شاعرن کان گوءِ کڻي چڪو آهي، سارو مذاقيه ڪلام ناصحانو ڪلام آهي.” (تاريخ سنڌي ادب جلد 4 ص 515)

مرحوم “واصف” صاحب رقمطراز آهي:

“سرزمين سنڌ جي هڪ مشهور اديب، شاعر عجيب ۽ اهل زبان مرحوم شمس الدين “بلبل” جنهن جي اڳيان بلبل هزار داستان به گنگي ۽ طوطي خوش گفتار کي به عجز جو اقرار هجي... مرحوم “بلبل” کي قيام ازل کان، ڪيتريون خوبيون قسمت ۾ آيون هيون، جيئن شعر و شاعري، فصاحت ۽ بلاغت، نثر نويسيءَ جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت، فن صحافت جي قابل قدر لياقت ۽ قابليت، انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم “بلبل” پنهنجو مٽ پاڻ هو.”

“شعر و شاعري ۾ مرحوم “بلبل” پنهنجي همعصر شاعرن جي نقش قدم تي هليو آهي. جيئن ته دؤر جديد جي شاعرن وٽ جيڪا عروض وغيره جي پختگي ۽ پابندي آهي، اها مرحوم “بلبل” ۽ ان جي همعصر شاعرن ۾ ذرا گهٽ آهي. جنهن جا مثال ڳولبا ته گهڻي تعداد ۾ لڀي پوندا.

“درحقيقت هن ۾ مرحوم “بلبل” جو ڪوبه قصور ڪونهي، ڇو ته سندس دؤر جي شاعرن جو اهو دستور ۽ طريقو هو. تنهن هوندي به سندس ڪلام جي رواني، موج، دريا جي نشاني آهي، چوندي چوندي بحر پلٽيو وجهي!”

نظم جي عزم کي ڇڏي سندس نثر نويسيءَ کي وٺبو ته اتي به حيرت تي حيرت آهي. نثر جي نفاست توڙي ان جي نزاڪت لاجواب آهي، جنهن جي حد نڪو حساب آهي.

وري ظرافت جي چاشني چکجي ته اهڙي لذت ٿي وٺجي جو گويا شيخ ڪباب کي بلا حجاب هضم ڪيو ويو...! ظرافت جي لياقت، “بلبل” جي فطرت ۾ بلڪل ڪثرت سان ٿي ڏسجي. فقري فقري ۾ اهڙو رنگ رچايو اٿس ۽ جملي جملي ۾ اهڙو ڍنگ مچايو اٿس. خليل صاحب جو هي قول بلڪل صحيح آهي ته “بلبل” کان پوءِ اهڙي ظرافت ڪنهن کي نصيب نه ٿي...” باقي رهيو فن صحافت، ان جي حڪايت به ڪهڙي ڪجي! پنهنجي وقت جي اخبار نويسن ۾ “بلبل” پنهنجي نوع جو پاڻ مالڪ هو، حضرت خليل جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن ۾ هن بيمثال اخبار نويس جو شان بلڪل بلند ۽ بالا آهي. رب تعالى ان کي اها وڏي ڏات ڏني هئي، جنهن جي ڪهڙي بات ڪجي...” (بلبل سنڌ ص ... مولف ڊاڪٽر خليل ص: ه، و، ز).

مرحوم “بلبل” لاءِ “مخلص” مرحوم فرمائي ٿو:

“‘بلبل’ مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، ۽ پهريون شخص هو جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ اهوئي هڪ هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.”                                     (ڪشڪول رسالو، از مخلص مرحوم)

سنڌ جي مشهور عالمِ دين، محقق ۽ مورخ مولانا دين محمد صاحب “وفائي” مرحوم لکيو آهي:

“بلبل” جي لکڻي، ظرافت آميز ۽ پرمذاق هوندي هئي جنهنڪري هر هڪ ماڻهو سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو.

هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين. نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين... ديني تعليم لاءِ به ڪتابن جو سلسلو لکيو اٿس. سندس مطالعو تمام وسيع هو.

1907ع ۾ آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ فارسي زبان ۽ تعليم تي جا بلبل تقرير ڪرڻ فرمائي سا فصاحت ۽ بلاغت جو بهترين نمونو هئي، جنهن جو هندستان جي وڏن وڏن اڪابرن، نواب وقار الملڪ پارن داد ڏنو.”

(الوحيد، “سنڌ آزاد” نمبر 2، ص 164-165ـ

سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ عالم دين حڪيم مولانا فتح محمد سيوهاڻي مرحوم، “بلبل” جي فن جي تحسين هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:

“اهو محترم شخص سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قلم، رئيس شمس الدين “بلبل” هو، جنهن جي شعر جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو، سندس قلم جو زور ضرب المثل هو. مرحوم “بلبل” “پرگو ۽ بديهه گو” ظريف ۽ صاحبِ ذوق سليم شاعر هو. سندس قلم جون گلڪاريون، “آفتاب” جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون. ظرافت نگاريءَ جو ته استاد هو. سندس ڪلام دلچسپ ۽ دلڪش هو.”

(خود نوشت حيات، از حڪيم مرحوم)

هڪ قطعي ۾ هن طرح ٿا فرمائين:

شمس الدین ‘بلبل’ جو ہے شیریں مقال،

سندھ میں شاعر ہے، عالی مرتبہ،

پرچہء الحق ہوا ہے، اور بھی،

حضرتِ ‘بلبل’کے اب زیرِ نگہ،

کہدو یوں سالِ تقرر، اے ”صغیر“،

روشن ‘الحق’ ‘آفتابِ’ دین ہے وہ!

مرحوم حاجي محمود “خادم” لاڙڪاڻوي، لکي ٿو:

“منهنجي خيال موجب، هڪ اعليٰ مفڪر کي پرکڻ جون ٽي نشانيون آهن، هڪ ته هن ڪا جدت آفريني ڪئي هجي، ٻيو ته هن سوسائٽيءَ ۾ نئون روح ڦوڪيو هجي ۽ نوان جذبا پيدا ڪري نيڪ اثر وڌو هجي. حقيقت جي ترجماني ڪري ٻين جي شڪن ۽ شبهن کي دور ڪيو هجي، ٽيون ته هن ۾ پيشنگوئيءَ جو مادو هجي ۽ قوم خواه وقت جو پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي.

هنن سڀني پرکائن تي “بلبل” بلڪل پورو لهي ٿو.

هو پهريون آهي جنهن ظرافتي نظم لکيو... هو پهريون آهي جنهن ظرافت جي رستي، انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو... هو پهريون آهي جنهن ظرافت جي رستي، حڪومت جي راشي آفيسرن، علماءِ ڪرام ۽ پيران عظام جي مخرب قوم ۽ اخلاق جي رياڪارانه ڪاررواين تي تنقيد ڪئي... هو پهريون آهي، جنهن يورپ جي مخرب اخلاق فيشن جي تقليد ۽ براين جي اصلاح بابت انگريزي خوانده نوجوانن تي طنز ڪري، کين ملڪي ۽ اسلامي تهذيب ڏي متوجهه ڪيو... هو پهريون آهي، جنهن ظرافت جي پردي ۾،“ڪريما” تي “تضمين” لکي، پنهنجا اسلامي اصلاحي خيالات ظاهر ڪيا. هو پهريون آهي، جنهن ڪريما سعديءَ جي طرز تي رحيما مثنوي مذاقيه ۽ اصلاحي رنگ ۾ نظم ڪئي. هو پهريون آهي جنهن موجوده سليس نثر نويسيءَ جو رنگ اختيار ڪيو. جو خاص طرح اخباري دنيا لاءِ بلڪل ڪارائتو ثابت ٿيو... “بلبل” جو اهو احسان ڪڏهن به نه وسرندو، جنهن نه رڳو اهو نمونو ايجاد ڪيو، بلڪه ان کي پنهنجي خدا داد ذهانت ۽ قلمي طاقت سان نهايت بلند مرتبي تي پهچايائين. هن پوئين راءِ ۾ “بسمل” مرحوم سان “مخلص” به شامل آهي.

“نوان استعارا، نيون تشبيهون،نيون تمثيلون، نيون ترڪيبون، نوان نڪتا، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت بلاغت ۽ نون مضمونن وغيره جهڙيون خالص فني خوبيون، سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيائين ۽ ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.”

(اپريل 1951ع ڪراچي ريڊيو تان نشر ڪيل)

مرحوم حافظ عبدالله صاحب “بسمل” ٽکڙائي مرحوم لکيو آهي: “بلبل” مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسيءَ جي طرز ايجاد ڪئي. در حقيقت مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب هن طرز ۾ مرحوم “بلبل” جو ئي مقلد آهي... سندس ايڊيٽريءَ ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور ۽ فصيح ۽ بليغ نثر نويسيءَ جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر “مسافر”يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم “مخلص” سي سڀئي “بلبل” جا خوشه چين ۽ مقلد آهن.

“هن ڳالهه کان ته هرگز انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ظريفانه شاعريءَ جو پهريون پهريون موجد، مرحوم “بلبل” آهي. هن جو مخترع دماغ قومي اصلاح بابت جرئت ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ لڳو.

“... سندس ظريفانه ڪلام مطالع ڪبو ته ... واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀيئي ظريف شاعر، ويندي مخلص تائين “بلبل” جا منبع ۽ خوش چين آهن.

“مرحوم“بلبل” جو ظريفانه رنگ ۾ سنڌي نثر خواهه نظم ۾ ڪوئي ثاني نه آهي... زبان جي صفائيءَ ۽ فصاحت ۽ بلاغت ۽ ادائي مطلب ۾ “بلبل” مرحوم جو مَٽ ڪو ورلي پيدا ٿيندو.

... البت ڪلام جي موزونيت جو گهڻو خيال نه رکيو اٿس، جو ان وقت جي هر شاعر ۾ اها ڪمزوري نظر آئي ٿي.

... ظرافتي نثر نويسيءَ جي ايجاد به سنڌ ۾ پهريائين “بلبل” مرحوم ڪئي.

(بلبل جا ادبي اوليات، بلبل نمبر، نئين زندگي 1965ع)

پير حسام الدين صاحب راشدي، “سنڌي ادب” ۾ رقمطراز آهي:

“مرحوم “بلبل” پهريون شاعر شيرين بيان آهي، جنهن مولانا حاليءَ ۽ اڪبر الهه آباديءَ جي اصلاحي ۽ ظريفانه رنگ ۾ شاعري ڪئي”. (سنڌي ادب، اردو)

محترم مولائي شيدائيءَ “آفتاب” اخبار جي تاريخ لکندي، هڪ هنڌ لکيو آهي:

“مرحوم شمس الدين “بلبل” آفتاب جو ايڊيٽر ٿيو، جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يدطوليٰ رکندڙ اديب هو.”                      (آفتاب، سکر-نئين زندگي 1965ع)

جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، (سابق ايم،ايل، اي سنڌ) لکي ٿو:

“بلبل” پنهنجي پرزور ۽ رنگين مضمونن سان ساريءَ سنڌ ۾ غلغلو پيدا ڪيو. جيڪي ماڻهو سنڌيءَ جي رنگينيءَ کان غير مانوس هئا، سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا، جنهن جي مطالع سان خود اهل قلم به دنگ رهجي ويندا هئا. سنڌي زبان ۾ هن پنهنجيءَ رنگينيءَ ۽ ظرافت نگاريءَ سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سا ان ۾ اڳ نه هئي، گويا ان فن ۾ کيس، سنڌي انشاءَ جو موجد چئي سگهجي ٿو.”

(رسالو علمي دنيا، ڪراچي- اپريل 1930ع)

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل” لکي ٿو:

“بلبل” مرحوم جي سخن سازيءَ تي غائر نظر ڪبي ته پڌري طرح معلوم ٿيندو ته جڏهن “بلبل” شعر ۽ ادب جي ڪوچي ۾ گامزن ٿيو ته نه رڳو سنڌي شاعري بلڪه اسان جو ادب هڪ مضحڪه انگيز نقالي بنجي رهجي ويو هو. ان ۾ نڪو لطف هو ۽ نه زندگيءَ جا آثار هئا. ان جي رنگيني ڪاغذ جي گلن جي رنگينيءَ وانگر هئي. “بلبل” کان اڳ جي شاعري، بي لطف، ڦڪي ۽ سنئين سنواٽي سنڌيءَ ۾ لکيل هئي. سندس ڪلام ناصحانه ۽ ظريفانه رنگ ۾ ڀريل آهي، ان جو مطالعو ڪبو ته “بلبل” جي خداداد قابليت ۽ شاعرانه قوت جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀئي ظريف شاعر، ويندي “مخلص” تائين بلبل جا منبع ۽ خوشه چين آهن.” (بلبل سنڌ ص 63 ۽ 89)

مولوي حڪيم نور محمد نظاماڻي، ايڊيٽر “مرغِ فلڪ” هن طرح “بلبل” جي فن جي تحسين ڪئي آهي:

سخن جي ملڪ جو سردار بلبل،

بهار الحق سندو سينگار بلبل.

سخن جا سروَ، نرگس، لاله، چندين،

و ليڪن، غيرتِ گلزار بلبل.

به شهرِ شعر، ڪَن شربت فروشي،

گهڻا تاجر، مگر عطار بلبل.

سخنداني سندا، درياءَ چندين،

مگر هي بحر آ، ذخار بلبل.

منور جئن ڪه، شمس الدين، اسمش،

بـــلاشــڪ، تــئــن پُــر از انــوار بــلبــل.

خوشامد جي نه ورتي، راهه “نورل،”

مگر شيدائي، برگفتار بلبل.

(مختصر از مرغ فلڪ)

جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب “خليل” هڪ نظم ۾ چيو آهي:

ڪنهن کي “بلبل” جي نه هٿ آئي ڪڏهن طرز مذاق،

ان جي شعرن جو تتبع ڪيو توڻي آفاق،

ملڪ و ملت کي ڏسي، اهڙي ته هن راههِ وفاق،

جو ڀڄي دور ٿيا، قوم کان خود بغض و شقاق.

سنڌ اهڙو نه ڪيو هو ڪو سخنور پيدا،

نه بلاغت ۽ فصاحت ۾ به همسر پيدا.

دلفريبيءَ جو ظرافت ۾ رکي ٿو سامان،

جنهن جي تنقيد تي نقاد ٿئي ٿو حيران،

دلڪشي نشر جي ڄڻ آهه، ٽڙيل ڪو بستان،

نظم جي آب تان پڻ گوهرِ رخشان قربان.

شعر جي هر سخنِ صنف ۾ ماهر بلبل

فارسيءَ جو هو، ته سنڌيءَ جو به شاعر بلبل.

مرحوم جمعو خان “غريب”، مرحوم “بلبل” جي وفات واري قطع تاريخ ۾ فرمايو آهي:

هو هندستان ۾، فصاحت جو فائض،

بلاغت جو عنوان، مرحوم بلبل.

هواءِ ادب ۾ هو پرواز ان جو،

هو شاهين، باشان، مرحوم بلبل.

هو علمِ معاني جو استاد ڪامل،

هو سعدي ۽ سحبان، مرحوم بلبل.

هو فيلسوفِ زمانه ۽ شاعر،

اديب، همه دان، مرحوم بلبل.

“هو مغفور” ۽ باسر، دل وري چئو،

1337هه 4

حق! اعليٰ تر انسان، مرحوم بلبل.

سرِ دل ويو! عيسوي سال ٿي ويو!

“هو جنت ۾ ذيشان”! مرحوم بلبل.

1337هه 1919ع

اميد ته سنڌ جا اهل ذوق حضرات، “ڪلام بلبل” جي مطالعي وقت،اڻويهين صديءَ جي تاريخي پس منظر ۽ ان دؤر جي حالات کي اڳيان رکي غور ڪندا ۽ ڏسندا ته ان دؤر ۾ پيش ڪيل خيالات هن اسان جي دؤر سان ڪيتري قدر ٺهڪي ڦهڪي ٿا بيهن.

آءٌ آخر ۾ جناب گرامي صاحب جو پڻ شڪريو ٿو ادا ڪريان جنهن جي وسيع مطالعي ۽ ڪاوش “بلبل” جي فن ۽ ڪلام کي نئين زندگي بخشي آهي.

ان سلسلي ۾ گرامي صاحب هيٺيان ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيا آهن، جي سڀ مطالع جي قابل آهن، جيئن “تيرهن ڄار مڪرن جا مار”، “بهار عشق”، “مسلمان ۽ تعليم”، “چٽ سوال پَٽ جواب”، “آئينه تجارت”، “ميلو قلندر لال شهباز”، “معيار الاديان”، “رساله ترحم يتيمان،” “لطائف ظرائف،” “گلزار لطائف” ۽ “اوائلي تعليم” وغيره. اميد ته باقي ڪتاب جيئن هٿ ايندا ويندا، تيئن تيار ٿيندا ويندا.

“مسلمان ۽ تعليم” تي گرامي صاحب جو لکيل مقدمو، هڪ تاريخي چيز آهي، جنهن جي پس منظر ۾ ان دؤر جي مسلمانن جا تعليمي مسئلا ۽ مطالبا سمجهي سگهجن ٿا. باقي سڀ ظرافت آميز ۽ مزاحيه نثر جا اصلاحي شاهڪار آهن ۽ “معيار الاديان“ ۽ “اوائلي تعليم” خالص ديني آهن.

والسلام، 20 فيبروري 1965ع