ياد-رفتگان
تحرير: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب
نالو شمس الدين تخلص “بلبل” ولد بهادر خان، ذات شينو اصل وطن ڀاڳناڙي بعد ۾ هميشه لاءِميهڙ ضلع دادو سنڌ.
سنڌ جي هن مايه ناز اديب، ظريف مصنف ۽ عالي دماغ اخبار نويس جي تعليم اسڪولي سنڌي ۽ فارسي کان مٿي نه هئي. مگر ڪافي مطالعي بعد پنهنجي معلومات ۾ بيحد اضافو ڪري ويو. “بلبل” مرحوم جو نالو شاعريءَ جي تاريخ ۾ سونهري حرفن سان لکڻ جي قابل آهي. مرحوم نه فقط شاعر هو بلڪه نثر نويسي ۾ به ماهر هو. مرحوم ڪيترن رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. اخبار “معاون سنڌ” ۽ “آفتاب سنڌ” جي ادبيت ۽ ظرافت مرحوم جي طبيعت ۽ ذهانت جو مڪمل مرقع آهن.
“تون” کي اهڙو وڃاءِ جو “تون” نه رهي
تو کان تنهنجي “تون” ئي جي بوُ نه رهي
“مان” ۽ “تون” جو ضمير ضايع ڪر
هن دوئي جي گفتگو نه رهي
جستجو ڄڻ حجابِ مستي ڄاڻ
شرط هي آ جو جستجو نه رهي
عشق جو هي خيال آهي بس
وصل وَ هجر جي ها وَ هُو نه رهي
هُو ۽ اهڙو خيال پيدا ڪر
جو سوا هُو خيالِ هُو نه رهي
چار سو جي سرائي فاني ۾
ڀڄ تون اهڙو جو چار سو نه رهي
رنگ و بوُ گل جو آهه “بلبل” وهم
ڇا چڱو ٿئي جو رنگ و بوُ نه رهي