تحريڪ آزادي جا سنڌ ۾ آثار
پير الاهي بخش صاحب
سر سيد احمد خان، آزاديءَ جي تحريڪ کي ائنگلو اوريئينٽل ڪاليج جي بنياد رکڻ سان شروع ڪيو، جو پوءِ وڌي “علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي” بنيو. چيو ويندو هو ته “جيڪا ڳالهه علي ڳڙهه اڄ سوچي ٿو سا ڳالهه سڀاڻي سارو هندستان سوچيندو.” مسلم يونيورسٽي ورهاڱي کان اڳ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪي هئي. جيئن هندستان ۾ مسلمانن جا سڀ مکيه اڳواڻ ۽ رهبر ان جا شاگرد هئا، تيئن سنڌ جا اڪثر مکيه ماڻهو سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي پيداوار آهن.
سنڌ ۾ سر سيد جي آزادي جي تحريڪ ۾ عمدو اثر پيدا ڪيو. هن جي نموني تي جناب حسن علي آفنديءَ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جاري ڪيو. جهڙي طرح سر سيد “آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس” برپا ڪئي هئي ۽ اخبار رستي ان جا مول ۽ مقصد ملڪ جي اڳيان رکيا هئا، تهڙيءَ طرح “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن” به هت برپا ٿي ۽ اخبار ذريعي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو ويو، جيئن سر سيد جي ساٿي مولانا حالي “مسدس حالي” لکي مسلمانن کي پنهنجي برائين کان آگاهه ڪيو، تيئن حسن علي آفنديءَ جي ساٿي رئيس شمس الدين بلبل “رحيما لطيف” ۽ مولانا الله بخش اٻوجهي “مسدس اٻوجهو” لکي ساڳيو ڪمي ڪيو. هندستان ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ته سنڌ ۾ وري “هوم رول تحريڪ” جناب غلام محمد صاحب ڀرڳڙي جي اڳواڻيءَ هيٺ ۽ “امن سڀائي” سيد الهندي شاهه ڊڀرئي واري جي سرڪردگي هيٺ اها ڪوشش ٿيڻ لڳي. رئيس شمس الدين بلبل ميهڙ وارو شاهه صاحب جو ساڄي ٻانهن هو. “هوم رولين” جو خيال هو ته هندن سان هٿ هٿ ۾ ملائي آزادي حاصل ڪجي، “امن سڀاين” جو ارادو هو ته اول انگريزن جي مدد سان هندن سان هڪ جهڙائي حاصل ڪري پوءِ آزادي لاءِ لڙجي، ڇاڪاڻ ته هنن نٿي چاهيو ته انگريزن جي غلامي مان نڪري هندن جي اڪثريت هيٺ اقليت ٿي رهون. اسان جي “خلافت تحريڪ” جا سن 1919ع ۾ بمبئي مان اٿي انهيءَ جو مقصد هو ته سڌيءَ طرح “ڊائريڪٽ ايڪشن” سان آزادي حاصل ڪجي ۽ ان جو ٻنهي سان واسطو نه هو. هر هڪ جو طريقو مختلف هو، پر مقصد ساڳيو هو. “هوم رولين” جي حمايت ۾ اخبار “الامين” هئي، جنهن جو ايڊيٽر جناب مخلص هو ۽ الحق جو ايڊيٽر ۽ بلبل مرحوم هو.
جناب حسن علي آفنديءَ سنڌ مدرسو جاري ڪري سنڌ جي مسلمانن کي مغربي تعليم جي وسيلي سجاڳ ڪيو ۽ سيد الهندي شاهه نوشهري فيروز ۾ انگريزي مدرسو جاري ڪيو جو هينئر هاءِ اسڪول جي صورت ۾ هلندو اچي ٿو. بلبل مرحوم ميهڙ ۾ انگريزي مدرسو برپا ڪيو جو پڻ هينئر هاءِ اسڪول جي صورت ۾ هلندو اچي ٿو. مدرسي جو پهريون هيڊ ماستر مسٽر هاساسنگ هو، جنهن مان ظاهر آهي ته امن سڀائي هندو مسلم تعصب کان آزاد هئا. ٽيون اهڙو اسڪول پٿوري ۾ جناب غلام نبي شاهه برپا ڪيو، جنهن جي عاليشان ٻه ماڙ عمارت اڃا به موجود آهي، پر افسوس جو پٿوري ۾ اسڪول هلي نه سگهيو ۽ ان کي کڻي ميرپور خاص ۾ آندو ويو. سنڌ جي مسلمانن جي جديد تعليم ائين شروع ٿي.
سنڌ ۾ خلافت جو مکيه مرڪز دادو هو، جتي مکيه ڪارڪن جيوڻ شاهه، ميان محمد هاشم ميمڻ ۽ حاجي محمد يعقوب هئا. ميان محمد رمضان درزي پهريون ماڻهو هو جو هن تحريڪ ۾ جيل ۾ ويو ۽ اهو به دادو جو هو. خلافتي اڃا به پراڻي جذبي سان سنڌ ۾ عام جام موجود آهن.