مرحوم شمس الدين بلبل هڪ مفڪر جي حيثيت ۾
حاجي محمود خادم مرحوم
مفڪر جي معنيٰ جي هر ڪنهن کي خبر آهي، پر هڪ اعلي مفڪر جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟ تنهن بابت ڪجهه چوڻ گهران ٿو.
ڄاڻڻ گهرجي ته هڪڙا مفڪر اهي آهن، جي حڪمت ۽ فلسفي جا دقيق ۽ عميق مسئلا ۽ نت نوان نظريه پيش ڪن ٿا جهڙي طرح بو علي سينا، امام غزالي يا ڪانٽ.
پيا اهي آهن، جن جذبات ۽ مشاهدات جا نادر شهپارا فن جي رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪيا، مگر اها ڪوشش يا ڪاوش ڪانه ڪيائون ته عوام تي ڪو خاص اثر پوي يا ماڻهو ان کي سمجهن. هنن جو فڪر خالص فن خاطر هوندو آهي.
ٽيون گروهه انهن مفڪرن جو آهي، جن فن کي غرض يا غايت يا انتها نٿا ڄاڻن، پر انهن کي انساني حياتي جي سنوار ۽ سٺائي خاطر ڪتب آڻن ٿا. هن قسم جا استادِ، فن گويا عملي ۽ اصلاحي پهلو رکندڙ ٿيندا آهن.
شاعرن جو سرتاج ۽ صوفين جو صوفي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمت ۽ شيڪسپيئر هن قسم جي مفڪرن جا عمدا مثال آهن.
اهڙي طرح بلبل مرحوم به هن معيار جي مفڪرن مان هو. سندس نشان، امتياز هي آهي ته هن جي فن جو اثر ان وقت جي سوسائٽيءَ تي نهايت عمدو پيو ۽ عوام جي اخلاق جي اصلاح ۾ نهايت ڪامياب ٿيو. انهيءَ ڪري هن پاڻ کي ملڪ جو مفڪر ۽ شاعر ثابت ڪيو ۽ قوم ۾ نهايت خوشگوار انقلاب آڻڻ جو باعث بڻيو.
منهنجي خيال موجب هڪ اعليٰ مفڪر کي پرکڻ جون ٽي نشانيون آهن: هڪ ته هن ڪا جدت آفريني ڪئي هجي، ٻيو ته هن سوسائٽيءَ ۾ نئون روح ڦوڪيو هجي ۽ نوان جذبا پيدا ڪري نيڪ اثر وڌو هجي ۽ ٽيون ته هن ۾ پيشن گوئي جو مادو هجي ۽ قوم خواه وقت جو پورو پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي.
هنن ٽنهي پرکائن ۾ بلبل مرحوم بالڪل پورو لهي ٿو، ان جي ثابتيءَ لاءِ آءٌ مرحوم عبدالله صاحب بسمل ٽکڙائي جا ڪجهه ويچارا بلبل مرحوم متعلق پيش ڪيان ٿو. فرمايو اٿس:
سنڌيءَ ۾ هو پهريون شاعر آهي، جنهن ظرافتي نظم لکيو. هو پهريون اديب آهي جنهن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي.
هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانه ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
هو پهريون سياستدان آهي، جنهن ظرافت جي رستي حڪومت جي رشتخور آفيسرن، علماءِ ڪرام ۽ پيران عظام جي مخرب ڪاررواين تي تنقيد ڪئي.
هو پهريون شاعر آهي، جنهن ظرافت جي رنگ ۾ ڪريما سعدي تي تضمين لکي قوم جي اصلاح ڪئي.
هو پهريون اديب آهي جنهن موجوده سليس نثر نويسي جو رنگ پيدا ڪيو جو خاص طرح اخباري دنيا ۾ بالڪل ڪارائتو ثابت ٿيو.
هن پوئين راءِ ۾ بسمل مرحوم سان حضرت مخلص مرحوم به شامل آهي جو بلبل جي وفات تي پنهنجي رسالي “ڪشڪول” ۾ افسوس ڪندي هڪ هنڌ لکيو اٿس ته بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو ۽ پهريون شخص هو، جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هو ئي هڪ صحافي هيو، جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پراثر ۽ رنگين مضمون نويسي جو سڪو ڄمايو.
ان وقت جو عالم فاضل مخدوم محمد انور صاحب پاٽائي لکي ٿو: “جيترو مون تجربو ڪيو آهي ته ائين پئي معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن به بد ڪم کان روڪڻ ۽ قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين اسپيچن، تحريرن ۽ تصنيفن به اهڙو اثر پيدا نه ڪيو آهي، جهڙو مسٽر بلبل جي ظريفانه طرز قوم کي شرمسار ڪري پراثر بنايو آهي.”
“ديوان نظامي” ۾ سنڌي شاعريءَ تي تبصرو لکندي مون اڳيئي ڄاڻايو آهي ته سنڌي شاعري جو جديد دؤر بلبل مرحوم کان شروع ٿئي ٿو. آءٌ وڌيڪ چوندس ته صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري به بلبل مرحوم شروع ڪئي. جنهن لاءِ هن هيٺيان پنج طريقا استعمال ڪيا:
بلبل قصيدي کي قاآني جي منزل تائين پهچائي ان کان هر طرح نهايت مفيد قومي ڪم ورتا.
توحيد، رسالت ۽ ٻين اسلامي ۽ اخلاقي موضوعن تي شاعري ڪري ايمان، اسلامي تهذيب ۽ روح کي تازو ڪيائين.
نيچرل شاعري ڪري قوم کي قدرت آشنا ۽ حقيقت پرست بنايائين.
سعدي جي ڪريما کي نئين پيرائي ۾ سنڌي جي چاشني ملائڻ سان محفوظ ڪيائين، جا اڃا ڪيترن کي برزبان ياد آهي.
نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيبون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون سنڌي ۾ پيدا ڪري ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.
بلبل مرحوم جون اهي ادبي خدمتون مختصر طور پيش ڪرڻ بعد آءٌ هاڻي سندس سياست تي ٿورو ڪجهه ڳالهائيندس.
آءٌ ظاهر ڪري چڪو آهيان ته بلبل مرحوم رڳو اديب يا شاعر ڪونه هو، پر هو سياسي ميدان جو به هڪ سرگرم ڪارڪن، عمدو ليڊر، مفڪر، مدبر ۽ عوام جو دلدادو، مجلسن جو مور ۽ جادو بيان مقرر پڻ هيو.
هن مرحوم حسن علي آفندي سان گڏ پونا ڪميشن ۾ وڃي نهايت جفاڪشي سان انگ اکر ڪڍي تحريڪ هلائي “دکن ايگريڪلچر رليف ايڪٽ” کي سنڌ سان لاڳو ڪرايو.
خاندانن جي ملڪيتن بچائڻ لاءِ قائد اعظم جي پيش ڪيل مسودي جو فائدو وٺي سنڌ لاءِ وقف علي الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرايائين.
سال 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي تڏهن سنڌي مسلمانن جي تعليم لاءِ هڪ ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايائين ۽ فارسي کي نصاب ۾ داخل ڪرڻ جي رٿ جي تائيد خود وقار الملڪ صاحب ڪئي هئي.
“مسلمان ۽ تعليم” نالي ڪتاب ڇاپرائي شايع ڪيائين.
پنهنجي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول برپا ڪيائين جو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو.
بلبل مرحوم پهريون ملي جذبي وارو شخص هو، جنهن ترڪيءَ جي جنگ يا جنگ بلقان دوران هلال احمر جي تحريڪ کي سنڌ جي سر زمين تي آندو ۽ زور وٺايو. ائني بيسنت جڏهن هندستانين کي مذهبي رنگ ۾ ڀنڀلائي انگريزي حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌي طرح وڌيڪ مضبوط جڪڙڻ جو ڍونگ رچايو ۽ هوم رول جي تحريڪ جاري ڪئي، تڏهن بلبل مرحوم هوم رولي چال جي اصليت کي پروڙي ان جي خلاف زوردار تحرڪ هلايو ۽ مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هو هن جي پيچ ۾ نه اچن.
اهڙي طرح مسلمانن لاءِ جدا قوميت جي صدا بلند ڪرڻ وارو پهريون مفڪر بلبل مرحوم هو.
پنهنجي ڪتاب “جام -جم” جي صفحي 56 تي لکي ٿو: “خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو رحم ڪري! ان جو اهو مطلب نه آهي ته مسلمان اصل پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن، ماٺ ڪري سمهي پون، نه نه، بيشڪ هو واسطو رکن ۽ شدمد سان حصو وٺن، مگر جداگانه پنهنجا قومي مذهبي ملڪي حق گهرن، غلامي کان آزادي جا پهه پچائين. اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي.”
پاڪستان لاءِ گويا هيءَ پهرين صدا هئي. ان وقت جا مسلم ليڊر رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن بلبل مرحوم جداگانه قوميت جو آواز بلند ڪيو.
غرض ته بلبل مرحوم جي سياسي تحرڪ جو نيڪ نتيجو هي نڪتو جو به نسبت ٻين قومن جي مسلمانن تي نه ائني بيسنت جو ٿيا سافيڪل رنگ چڙهيو ۽ نه مغربي فيشن يا ان جي پالتو نيچري جو اثر ٿي سگهيو ۽ نه مهاسڀائي هوم رول چال ڪامياب ٿي. مسلمانن انگريزي تعليم کي ورتو، پر مغربي ذهنيت کان به خوب خبردار ٿي ويا ۽ ان جي وڪڙ ۾ نه آيا ۽ پنهنجون پراڻيون روايتون قائم رکي سگهيا.
بلبل پهريون شخص هو، جنهن پاڪستان جو عملي طرح پهريون قدم کنيو يعني تعليم يافته مسلمانن کي سنڌ ۾ تمام ندارد ڄاڻي هن ان اصول جي پرزور تائيد ڪئي ته پنجاب جا اعليٰ تعليم يافته مسلمان سنڌ ۾ آڻي هندن جي غلبي کي روڪجي ۽ صوبائي حدن کي اسلام ۽ اخوت خاطر ٽوڙي سنڌ ۽ پنجاب کي ملائي ڇڏيائين. سندس نيڪ ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو پنجاپين جو اهو تعليم يافتو گروهه سنڌ ۾ آيو، جن سنڌ ۽ سنڌين جي خوب خدمت بجا آندي. انهن مان مولانا ضياءَ الدين احمد صاحب، سيد محمد شاهه، طفيل احمد خان، نور نبي خان محمد اسماعيل خان، سيد الطاف حسين خان صاحب همدم ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب صديقي جهڙا ٻيا ڪيترا عمدا عملدار هئا.
بلبل مرحوم پنهنجي دوست حسن علي خان آفندي واري مرض “ٻلي” ۾ مبتلا ٿي تاريخ 13 سيپٽمبر 1919ع تي هن دارالفنا کان جدا ٿي ويو، تڏهن پويان لفظ جي سندس وات مان نڪتا سي، هي هئا. “هندن جا بجڪا ڌار ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪيو.” شايد پاڪستان جي هيءَ پيشنگوئي هئي.
(10 اپريل 1951ع تي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيل)