شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

شمس الدين” بلبل“

محمد نواز ”محزون“ *


ميهڙ جي هڪ چانڊيوڪي رات هئي، پريان اولهه ۾ کير ٿر جبل سفيد نوراني چادر ڍڪي چانڊوڪي رات جي خاموشي ۾ ستل هو، “بلبل” جي ماڙي جا اوچا منارا، جن جون چوٽيون ائين پئي نظر آيون، ڄڻ مٿن ٻه سفيد پٽڪا ٻڌل آهن، چپ چاپ ۽ ساڪت پنهنجي ماضي جي عظمت جي ياد ڏياري رهيا هئا.

گذريل ڪيترين ئي راتين کان گهٽ ۽ گرمي هئي، پر اڄوڪي رات پورب کان اٺي جي هير ٿي گهلي ۽ آسمان ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍڙا تارا ٽمڪي رهيا هئا، جن جي جهر مر ۾ چنڊ مرڪي رهيو هو، اهڙي دل ڌتاريندڙ ۽ دلڪش نظاري هوندي به دل بيقرار ۽ بيچين هئي. ڀلا ڇو نه ٿئي، پريان جو مرحوم بلبل جي ويران آرامگاهه تي نظر پئي، جنهن کي سندس پنهنجي وطن وارن وساري ڇڏيو آهي، يڪا يڪ مرحوم جو پنهنجو شعر دل تي  تري آيو:

کڻي مشهور جي نالو نه ٿيندو 
ته بهتر بي نشان ۾ دم غنيمت

سنڌ جو هي عظيم شخص جنهن پنهجي زندگي ۽ شاعري سنڌ جي مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، ضلعي دادو جي ميهڙ شهر ۾ سن 1857ع ڌاري ڄائو، سندس والد برزگوار جو نالو بهادر خان هو. سنڌ جي هن مايه ناز اديب، قابل فخر شاعر ۽ اخبار نويس جو شروعات ۾ نالو “پريل” رکيو ويو، پر پوءِ سندس مامي نهال خان جي مرضي مطابق نالو شمس الدين رکيو ويو.

بلبل جي ننڍپڻ جي باري ۾ واضع معلومات ڪانهي بس ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعري جو شوق هو، سندس تعليم اسڪولي سنڌي فارسي کان زياده ڪا نه هئي پر پنهنجي ذوق ۽ شوق جي ڪري پنهنجي معلومات ۾ ڪافي اضافو ڪيائين.

هر ڪو الڙ عاشق جڏهن حسن جي ديوي جا ناز ۽ نخرا، بيوفائيون ۽ ڏاڍايون سهي نه سگهندو آهي تڏهن بي صبري کان آهون ۽ دانهون ڪندو آهي، اهو ئي حال بلبل جو به هو، بلبل جي شاعري منظر عام تي تڏهن پهتي جڏهن کيس عشق جي لپيٽ لڳي، شمس گل جو پوڄاري هو، تنهن ڪري بجاءِ شمس ڪوٺائن جي بلبل چوائڻ بهتر سمجيائين. جڏهن گل ٽڙيو تڏهن بلبل خوشيءَ مان ڳايو ٿي:

جو گل بدن تي لباس سفيد پهري شنگ 
ڪري ٿو جلوه فانوس ۾ سو آتش رنگ

۽ جڏهن “گل” مرجهايو ٿي، تڏهن “بلبل” درد کان آه و فغان ٿي ڪئي:

ڪوئي بلبل سان گل وفا نه ڪري 
ائين منهنجو ڏٺو آ ڏاهي هٿ

“بلبل” جهان جي باغ ۾ سڀ “گل” رهن ٿا بيوفا 
ان حسن جي گلزار ۾ اٽڪن هزارين خار ٿا

محبوب ۽ رحم؟ هاءِ غير ممڪن 
عاشق ۽ التجا، سڀ ممڪن!

هي حال هو بلبل جو! جڏهن گل رٺو ٿي تڏهن بلبل ريجهائڻ خاطر عاجزي ۽ التجا ٿي ڪئي:

ستم مون تي سڄڻ تو ڏس ڪيو سڀ 
وهي سر تان لنگهي منهنجي ويو سڀ  
اڃا ڀي جي هجي ڪو دل ۾ ارمان  
ته هو ڀي ڏک اچي ڏيو مون کي سڀ  
وئي جي جان منهنجي فڪر ڪهڙو 
اوهان جو ڪم ته بس پورو ٿيو سڀ 
سهان ٿو ڪين تنهنجي “ڪين” هڪڙي 
سٺم سر تي ستم تنهنجو ٻيو سڀ

جڏهن محبت جو ٻوٽو وڌي راس ٿيو ۽ گل بلبل کي مليو تڏهن بلبل جي شاعري ۾ هڪ نئون طوفان آيو سنڌ جي مسلمانن جي ان وقت تمام پست حالت هئي، هندن جو سرڪاري نوڪرين تي مڪمل قبضو هو، اسان جن قدامت پسند عالمن مسلمانن کي انگريزي پڙهڻ کان پري رکيو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو ڏينهون ڏينهن مسلمانن جي حالت بد کان بدتر ٿيندي وئي. مرحوم بلبل هڪ ماهر طبيب مثل هن ناسور جي علاج لاءِ شعر مرهم استعمال ڪيو:

وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان  
ڏنا ڪينيڪي تو انڌا امتحان 
روينيو، جڊيشل، وڪالت، وغيره 
نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيار ڪار 
ٿئين هم عصرن ۾ ذليل و خوار 
جي بي اي ٿي تو کان بعيد از قياس 
نه ميٽرڪيوليشن به ڪيڙئي نه پاس 
جي هن جج سي ايس چئو تن کي جي 
مبارڪ مبارڪ سندن ماءُ پيءُ  
ڄڻي تو کي مائٽ نه سنڀريا ڪو سک 
مليو ٿي تنين کي ڏنئي ڏنجهه ڏک 
نه صاحب ڪنهين جو ڪيو تو سلام 
نه ديوان ڪنهن سان ٿئين هم ڪلام 

بلبل جو سمورو شعر پنهنجي اندر اصلاحي پهلو رکي ٿو، ان وقت مسلمانن ۾ جيڪي اجايون ريتون رسمون هيون ۽ جن جي باعث مسلمانن مالي اعتبار کان کوکلا ٿيندا پئي ويا، بلبل انهن بيهودين رسمن تي شعر جي ترار سان وار ڪيا:

رلايو ته شادين غمين جي رسوم  
کڻي قرض ڌوڙيو ڪجي ڌام ڌوم 
سوين ناچ نخرا، لکين رنگ راڳ 
پلاءَ ٻوڙ جا کوڙ لنگهن جا لاڳ 
خوشامد تي ڪوڙيون سمورو مٿو 
تڏهن ڀي گلا جو نه گهانگهو لٿو

“بلبل” جي شاعري جو اصل جوهر سندس ظريفاڻو ڪلام آهي:

ٻڌو سين ڪو ٻارهو ۽ ميلو ته هاءِ  
هلون يار هت خوب خرچيون کپاءِ

“بلبل” جي اها اصلاحي نغمه نوازي بيڪار ڪا نه ٿي، هن قوم کي متوجهه ڪيو ۽ قوم هوشيار ٿي، ڊاڪٽر خليل بلبل جو سوانح نگار هيئن رقمطراز آهي: ان ۾ شڪ ناهي ته بلبل هڪ بذله سنج اصلاحي شاعر هو، جو پنهنجي فن جو سنڌي زبان ۾ موجد به هو ۽ ان ۾ پنهنجو مٽ نه ٿي رکيائين، ان کان سواءِ اهو فن وري ختم به ان تي ئي ٿي ويو.

“بلبل” مرحوم جي اوليات متعلق سنڌ جي هڪ مايه ناز اديب ۽ شاعر، مرحوم حافظ عبدالله بسمل ٽکرائي پنهنجا ويچار هن ريت قلمبند ڪيا آهن: هو پهريون آهي جنهن طرافتي نظم لکيو. هو پهريون آهي، جنهن ظرافت ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي. هو پهريون آهي جنهن ظرافت جي پردي ۾ ڪريما تي تضمين لکي پنهنجا اسلامي ۽ اصلاحي خيال ظاهر ڪيا. هو پهريون آهي جنهن ڪريما سعدي جي طرز تي رحيمان مثنوي، مزاحيه ۽ اصلاحي رنگ ۾ نظم ڪئي. سنڌ جي ابوالڪلام، مرحوم الحاج علي اڪبر شاهه بلبل کي سنڌ جو سعدي ۽ اڪبر  الهه آبادي ڪو ٺيو آهي.

__

* مرحوم بلبل سنڌي صحافت جو پيشرو، طنز ۽ مزاح جي شاعري جو باني، علي ڳڙهه جي تعليمي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، مشهور سياسي ۽ سماجي سڌارڪ هو، پاڻ 13 سيپٽمبر 1919ع تي وفات ڪيائين، سندس ورسي جي موقعي تي هي ذڪر خير پيش ڪجي ٿو.