برصغير جو معروف شاعر، اديب، صحافي شمس الدين ”بلبل“
انور آزاد ڪانڌڙو
سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ميهڙ هڪ قديم تاريخي خطو رهيو آهي. ميهڙ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياسي حوالي سان به سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ميهڙ هر دؤر ۾ ادب، صحافت، ثقافت، ٻولي جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، ميندي جي خوشبو ۽ مائي جي ميٺاج واري شهر ميهڙ جي مردم خيز مٽي مان جنم وٺندڙ عظيم شخصيتن، اديبن، شاعرن، عالمن، صحافين ڏات ڌڻين،پنهنجي علم، قلم، ڏات ۽ فن ذريعي ڏيهه پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻڻ سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي جو نانءُ به روشن ڪيو آهي، شمس الدين بلبل جديد سنڌي ادب، صحافت ۽ شاعري جو باني چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، سنڌ جي نامياري اديب تاريخدان پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ لکيو آهي، ته صحافت جي ٻيلي ۾ اتر سنڌ ۾ شمس الدين بلبل شير هو، بلبل سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻولي جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو، هو. سنڌ جي نامياري عالم اديب، محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ هنڌ لکيو آهي ته بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو، سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳوڻ هو، شمس الدين بلبل پنهنجي دور جو وڏو اديب، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن ۽ بيباڪ صحافي هو، فارسي ۽ سنڌي جو قادر الڪلام شاعر هو، شمس الدين بلبل جو جنم ميهڙ ۾ 1857ع ۾ بهادر خان شينو (بلبل جا پوٽا ۽ پڙ پوٽا هاڻي ابڙا سڏائن ٿا) جي گهر ۾ ٿيو، بلبل ابتدائي تعليم ڳوٺ گاهي مهيسر، باگو تيوڻو ۽ پاٽ جي مدرسن ۾ حاصل ڪئي. شمس الدين بلبل هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. بلبل پنهنجي دور جو وڏو شاعر اديب، صحافي، تعليمي ۽ قومي خدمتگار هو، سندس 62 سالا زندگي ڪيترن ئي وڏن قومي، ادبي، صحافتي ڪارنامن سان ڀريل آهي، جنهن تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشھ فخر رهندو. بلبل پنهنجي دور جو نه رڳو مشهور ۽ مقبول صحافي هو، پر هو جديد صحافت جو باني پڻ هو، هن ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن، ۽ ان دؤر جي مشهور سنڌي، اردو، هندي ۽ انگريزي اخبارن معاون ڪراچي، الحق سکر، ڪراچي گزيٽ، مسافر حيدرآباد، خيرخواهه لاڙڪاڻو، آفتاب سنڌ سکر ۽ ٻين جو ايڊيٽر ۽ مدير رهيو. بلبل 1878ع ۾ پنهنجي محبوبه گل خاتون سان پنهنجي پسند جي ٻي شادي مائٽن جي مرضي خلاف ڪئي، مائٽن جي ناراضگي سبب هو 1879ع ۾ پنهنجي گهر واري گل خاتون سان گڏ لاهور هليو ويو ۽ 9 سالن تائين لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ رهيو ۽ اتي به مختلف اخبارن زميندار، پئسه، اوڌ پنچ، پنجئه فولاد، انتخاب لاجواب، خورشيد دکن ۽ دکن پنچ وغيره ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ايڊيٽر به ٿيو. ڪراچي ۾ رهڻ دوران 1989ع ۾ سنڌ جي قومي خدمتگار خانبهادر حسن علي آفندي کيس پنهنجي اخبار معاون جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، سنڌ جي برک اديب، عالم، محقق، ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ هنڌ لکيو آهي ته معاون اخبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾ سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفانيه مضمون سڄي سنڌ ۾ ڏاڍا پسند ڪيا ويا، در اصل بلبل جي عبارت ئي سنڌي نثر ۾ وڏو انقلاب آندو.
شمس الدين بلبل پنهنجي دور جو مشهور شاعر هو، هن شاعري ۾ نوان لاڙا آندا. سندس سنڌي، اردو، فارسي شاعري جا 6 مجموعا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن، صرف سنڌي شاعري جا ٻه مجموعا ڪلام بلبل ۽ ديوان بلبل سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا آهن. سنڌ جي مايه ناز عالم، اديب شاعر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ فارسي شعر ۾ شمس الدين بلبل جي وفات تي کيس ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته “ملڪ سنڌ جو شاعر شمس الدين بلبل، سخن جي آسمان تي سج هو. هڪ جهان ان جي ڪري ٽڙيو، ان جا سهڻا نغمان جهان ٻڌا”. شمس الدين بلبل پنهنجي حياتي ۾ هندن جي هڪ هٽي ڏسي مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙ ڪئي. بلبل پنهنجي حياتي دوران هندن پاران قرضن عيوض مسلمانن جون زمينون ڪورٽن جي ڊڪرين ذريعي ضبط ڪرڻ - ڦٻائڻ خلاف خانبهادر حسن علي آفندي سان گڏجي “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” پاس ڪرايو، جنهن جو فائدو نه صرف ان دور جي مسلمانن کي پيو، سندن ملڪيتون محفوظ رهيون، پر اڄ تائين ان قانون جو فائدو ماڻهن کي ملندو رهي ٿو، بلبل ان قانون پاس ڪرائڻ لاءِ پوني ۾ ويٺل ڪميشن لاءِ سڄي سنڌ جي زميندارن، آبادگارن تي قرض جا سڄي سنڌ جي ڪورٽن مان پاڻ نه رڳو تفصيل گڏ ڪيا پر تعلقه وائيز لسٽون تيار ڪري خان بهادر حسن علي آفندي سان گڏ پوني ۾ ويٺل ڪميشن ۾ شاهدي لاءِ به شريڪ ٿيو، بلبل جو ٻيو وڏو قومي اهميت جو ڪم “وقف علي الا ولاد قانون” پاس ڪرائڻ آهي، هن ان وقت بيريسٽر قائد اعظم محمد علي جناح کي قائل ڪري اهو قانون پاس ڪرايو، جنهن جو فائدو اڄ ڏينهن تائين ماڻهن کي ملندو رهي ٿو، ۽ ماڻهو پنهنجي اولاد، مائٽن کي ان قانون تحت ملڪتيون وقف ڪري ڏين ٿا، بلبل ان قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ لاءَ هڪ ڪتاب “حرز البياد شرح قانون وقف علي الاولاد” لکيو، جيڪو 1914ع ۾ شايع ٿيو.
اسان جي اها بدقسمتي آهي ته هٿ ٺوڪي تاريخ ۾ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڀومي جهرڪ بجاءَ ڪراچي لکي وڃي ٿي، ائين ئي جيڪو ٻٽو قومي نظريو علامه اقبال سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. دراصل هندستان ۾ ٻٽي قومي نظريي جو تصور سڀ کان پهريائين واضح نموني سان بيان ڪرڻ وارو به شمس الدين بلبل هو. بلبل مسلمانن جي جدا حقن بجاءِ الڳ رياست جي گهر ڪئي ۽ ان نظريي جي پرچار لاءِ هن هڪ ڪتاب “جامِ جم” لکيو جيڪو 1918ع ۾ ڇپيو. مسلمانن جي الڳ رياست جي گهر ۽ هندن جي مخالفت سبب مٿس ڪيس به داخل ٿيا. ان ڪيس ۾ بلبل جو وڪيل سر غلام حسين هدايت الله هو ۽ هندن جو وڪيل هرچند راءِ پارواڻي هيو. ان ڪيس ۾ ڪاميابي ۽ فتح بلبل جي ٿي. ان دور ۾ سڄي ملڪ ۾ مسلمانن مٺايون ورهايون هيون. جڏهن ته علامه اقبال گهڻو پوءِ اها ڳالهه 1930ع ۾ الهه آباد جي جلسي ۾ ڪئي ۽ ساڳي ڳالهه قائد اعظم محمد علي جناح 1940ع ۾ ورجائي. شمس الدين بلبل جي ادبي، صحافتي، قومي، سماجي خدمتن بابت سنڌ جي نامياري عالم، اديب، شاعر حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قلم رئيس شمس الدين بلبل جنهن جي شعر جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو. سندس قلم جو زور ضرب المثل هو. سندس قلم جون گلڪاريون آفتاب جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون. ظرافت نگاري جو ته استاد هو. مرحوم کي مسلمانن جي پسته حالي جو سخت احساس هو. هو ملڪي سياست ۾ به چڱو بهرو وٺندو هو. شمس الدين بلبل اٽڪل 40 ڪتابن جو مصنف به هو. اٽڪل درجن اخبارن جو مدير ۽ ايڊيٽر ۽ رسالن جو ايڊيٽر به هو. صاحبِ ديوان شاعر به هو، تعليمي ماهر به هو ته تعليمي خدمتگار به ۽ قومي ۽ سماجي خدمتگار به هو. سنڌ جي هن قابل فخر عظيم انسان، عالم، اديب، شاعر، صحافي شمس الدين بلبل جي ڇپيل ڪتابن ۾ ڪلام بلبل، ديوان بلبل، جامِ جم، مزاحيات، مسلمان ۽ تعليم، قلندري ميلو، تيرهن ڄار مڪرن جا مار، بهار عشق، آئينه تجارت، مائيه ظرافت، جهٽ سوال پٽ جواب، حل تجربات يعني شمس اللغات، ظريف الدوله، گلزار لطائف، بخت بازي، ڪارو نيشن ڪپ، عقل ۽ تهذيب، قرض جا مرض ۽ ان جا علاج، صد پند سودمند، مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، انگريز ۽ مسلمان، مسلمان ۽ تعليم، حرز البنياد شرح قانون ۽ وقف علي الاولاد، گنجينئه معرفت، ڪريما نيچرل، پليگي ڪريما ۽ نيچري مامقيما، رحيما سنڌي، بهارستان بلبل ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. سندس 20 کان وڌيڪ ڪتاب جهڙوڪ فارسي شاعريءَ جو ديوان، مدح سرور، گنج معرفت، شمس المڪتوب، احسن التواريخ يا عمدت التواريخ ۽ ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن.
بلبل پنهنجي دور جي نهايت اهم علمي، ادبي، سياسي شخصيت هو. سندس مان ۽ مرتبي جو اندازو خيرپور رياست جي وزير اعظم شيخ محمد ابراهيم، خانبهادر حسن علي آفندي، سنڌ جي ان دور جي ڪمشنر سر هينري لارينس، ان دور جي گورنر بمبئي، بئريسٽر سردار محمد ايوب، مشهور تعليمي خدمتگار سيد الهندو شاهه، وزير خيرپور رياست سردار شيخ صادق علي، ڪليڪٽر لارڪاڻو اي جي بولس ۽ ٻين جي 1910ع کان 1919ع تائين لکيل خطن مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شمس الدين بلبل جو تعليم جي حوالي سان هڪ وڏو ڪارنامو ميهڙ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي نالي سان اسڪول قائم ڪرڻ آهي. بلبل 1904ع ۾ ميهڙ ۾ انجمن اتفاق اسلام نالي تنظيم قائم ڪري بعد ۾ 1906ع ۾ اسڪول جو بنياد رکيو، جيڪو بعد ۾ هاءِ اسڪول بڻيو. ان اسڪول لاءِ بلبل مرحوم 7 جريب زمين توڙي پهرئين بلڊنگ ۽ اسڪول جي موجوده بلڊنگ جي پيڙهه تائين اڏاوت بلبل مرحوم ڪرائي. هاءِ اسڪول جي موجوده بلڊنگ لاءِ چندو به رئيس شمس الدين بلبل گڏ ڪيو هو. ان اسڪول جيڪو هاڻي هاءِ اسڪول ون سڏجي ٿو ان ۾ 1906ع کان هن وقت تائين لکين ماڻهن سياسي، سماجي اڳواڻن، ايم.پي.ايز، ايم اين ايز، وزيرن عبدالوحيد ڪٽپر، ايم.ايڇ پنهور، عبدالحميد خان جتوئي، سيد حاجي علي اڪبر شاهه، لياقت علي جتوئي، اڳوڻو ڪمشنر خالد محمود سومرو، قاضي شفيق مهيسر، رفيق احمد مهيسر، ظفر علي لغاري، منور علي ٻٽ، قاضي اختر علي، م.ن. محزون ۽ ٻين وفاقي، صوبائي وزيرن ۽ ٻين بلبل جي قائم ڪيل اداري ۾ تعليم ورتي.
بلبل جي شخصيت، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت مختلف وقتن تي سنڌ جي ناميارن، عالمن، اديبن، شاعرن، ڪيترائي مضمون مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف وقتن تي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا آهن، جن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
- رئيس شمس الدين بلبل-پير علي محمد راشدي- اهي ڏينهن اهي شينهن 1980ع
- تحريڪ آزادي جا سنڌ ۾ آثار ۽ بلبل - پير الاهي بخش نئين زندگي سيپٽمبر 1965ع
- ٽي ٽيڙو ۽ ٻارنهن ڪتيون - قاضي جان محمد عارفي- نئين زندگي ڊسمبر 1957ع
- رئيس شمس الدين بلبل- مولانا غلام محمد گرامي- نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع
- بلبل جي شاعري - مولانا غلام محمد گرامي- ڪلام بلبل 1966ع
- سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري - مولانا غلام محمد گرامي- مهراڻ 3-1963ع
- رئيس شمس الدين بلبل - سيد علي اڪبر شاهه- ٽه ماهي سنڌ
- رئيس شمس الدين بلبل - شيخ عبدالمجيد سنڌي- “الوحيد”-15 جون 1936ع
- سنڌ ۾ مزاحيه شاعري ۽ بلبل جو دور - حاجي خان بلوچ- ماهوار “هلال پاڪستان” 9 ڊسمبر 1957ع
- شمس الدين بلبل - مولانا دين محمد وفائي- “تذڪره مشاهير سنڌ”
- شمس الدين بلبل - پير حسام الدين راشدي- ڪتاب “هوڏو ٿي هو ڏينهن”
- حياتِ حڪيم - حڪيم فتح محمد سيوهاڻي- نئين زندگي، نومبر 1961ع
- شمس الدين بلبل - مخدوم طالب الموليٰ- ڪتاب “ياد رفتگان”
- شمس الدين بلبل - احمد خان آصف - ڪتاب “سڄڻ ۽ ساڻيهه”
- بلبل مرحوم جو اصلاحي ڪردار- ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ- نئين زندگي آڪتوبر 1965ع
- اخبار “آفتاب سنڌ” - مولائي شيدائي- نئين زندگي آڪتوبر 1965ع
- بلبل هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ - حاجي محمود خادم- نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع
- مرحوم حسن علي آفندي جو ساٿي - مولانا عبدالواحد سنڌي- نئين زندگي سيپٽمبر 1960ع
- سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري - شمشير الحيدري- نئين زندگي، آڪٽوبر 1964ع
- شمس الدين بلبل - شاهه محمد صوفي- نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر غلام علي الانا- سنڌي نثر جي تاريخ، 1977ع
- بلبل سنڌ - محمد بخش واصف- نئين زندگي، ڊسمبر 1995ع
- بلبل سنڌ - ڊاڪٽر ابراهيم خليل- “بلبل سنڌ” ڪتاب 1951ع
- ڪلامِ بلبل - ضياءُ الدين ايس. بلبل- ڪتاب ڪلامِ بلبل 1966ع جو مقدمه
- ديوانِ بلبل - ضياءُ الدين ايس. بلبل- ڪتاب ديوانِ بلبل 1969ع جو مقدمه
- تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڀاڱي ڀائيواري ۽ بلبل - احمد خان آصف- سه مائي مهراڻ 1،2، 1985ع
- شمس الدين بلبل - خان بهادر محمد صديق ميمڻ- ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ 2003ع
- شمس الدين بلبل - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، 2002ع
- شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- ڪتاب “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” 2006ع
- شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر عابد لغاري- ڪتاب “سنڌ جي ادبي تاريخ”، 2003ع
- چراغ مان چراغ ٻريو - پروانو ڀٽي- ماهوار هلال پاڪستان، 1959ع
- رئيس شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو- ڪتاب “سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ”، 1988ع
- مرحوم بلبل شاعرن جي نظر ۾ - الهداد ميراڻي- مهراڻ، 12 سيپٽمبر 1965ع
- سنڌ جا ٽي عالم ۽ اديب - مشتاق پٺاڻ نئين زندگي، 15 صدي هجري نمبر
- شمس الدين بلبل - پروفيسر اسحاق ابڙو، سه ماهي مهراڻ، 1،2، 1985ع
- شمس الدين بلبل - سنڌي ٽيون ڪتاب، 1966ع
- بلبل جو مشاهدو ۽ مطالعو - شعبان بخت- ڪتاب “سڄڻ ۽ ساڻيهه”
- شمس الدين بلبل ۽ همعصر - حافظ احسن چنا- نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- شمس الدين بلبل جا ادبي اوليات - حافظ بسمل ٽکڙائي- نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- شمس الدين بلبل - مشهور مزاح گو شاعر- احمد خان سيال- نئين زندگي، مئي 1953ع
- شمس الدين بلبل سنڌ جو حالي- احمد خان سيال- نئين زندگي آگسٽ 1953ع
- شمس الدين بلبل - م. ن محزون- نئين زندگي، سيپٽمبر 1969ع
- رئيس شمس الدين بلبل - آزاد انور ڪانڌڙو- نئين زندگي، آڪٽوبر 1990ع
- مرزا قليچ بيگ ۽ شمس الدين بلبل - آزاد انور ڪانڌڙو
- مرحوم شمس الدين بلبل - شيخ عبدالرزاق راز- نئين زندگي، ڊسمبر 1977ع
- شمس الدين - ڌڻي بخش مگسي- ڪتاب “دادو منهنجون يادون”، 2005ع
- شمس الدين بلبل - محمد امين مگسي- ڪتاب “جوڳيئڙا جهان ۾”، 1997ع
- ملڪ الشعراءُ شمس الدين بلبل - شمس ابن ضيا ابن بلبل
- شمس الدين بلبل- بلبل سنڌ - شمس ابن ضيا ابن بلبل، ڪتاب “سڄڻ ۽ ساڻيهه”
- اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، آڪٽوبر 1981ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، نومبر 1981ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، ڊسمبر 1981ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، مارچ 1982ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي اپريل، 1982ع
- بلبل جي شاعري ۾ جمالياتي پهلو - آدم ٻٽ- نئين زندگي، نومبر 1995ع
شاعري:
- قصيدو سرآغا خان - نئين زندگي، فيبروري 1954ع
- باده ڪهن - نئين زندگي، مارچ، اپريل، مئي 1954ع
- دو آتشه - نئين زندگي جون 1955ع
- عدالت ۽ وطني مصنوعات جي تحريڪ - نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- چار چيز - نئين زندگي، مئي 1954ع
- اي جاني - مهراڻ
شمس الدين بلبل 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ميهڙ ۾ بلبل هائوس ڀرسان، بلبل پاران ٺهرايل مسجد (جيڪا اڄ به شينن جي مسجد سڏجي ٿي) جي آڳر ۾ آهي.
افسوس ته هن عظيم شخصيت بابت نصاب جي ٽئين درجي ۾ شامل سبق نصاب مان هاڻي غائب ڪيو ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمس الدين بلبل بابت نصاب ۾ سبق ٻيهر شامل ڪري ميهڙ هاءِ اسڪول ون کي شمس الدين بلبل جي نالي منسوب ڪري سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب سنڌي ادبي بورد ۽ ثقافت کاتي پاران شايع ڪرايا وڃن.