سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ
نثري ادب: شمس الدين بلبل (هڪ تنقيدي جائزو)
تحرير: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
هن زماني ۾ سنڌي نثر نويسيءَ ۾ جنهن اديب انقلاب آندو سو مرحوم شمس الدين بلبل هو. هو صاحب مرزا قليچ بيگ جو همعصر هو، هن سنڌي ادب تي ۽ خصوصاً سنڌي شعر تي چڱيون تنقيدون ڪيون. سال 1882ع کان وٺي قليچ بيگ ۽ بلبل سنڌ جا درخشنده ستاره رهيا جن جي ڪوششن سنڌي ادب کي خوب چمڪايو. هنن جون تحريرون سنڌي ادب ۾ تنقيد جي بنيادي پٿر جي حيثيت رکن ٿيون. مرزا صاحب سڀني موضوعن کي سليس ۽ نصيحت ڀريل گفتن ۾ لکيو آهي. ان زماني ۾ شمس الدين بلبل به وڏو انشا پرداز ۽ صحافي قلم ڪار ٿي گذريو آهي. هن خاص طور تي مضمون نگاري تي قلم هلايو. سيد علي اڪبر شاهه “علمي دنيا” جي ماه اپريل 1930ع واري پرچي ۾ بلبل کي سنڌي زبان ۾ مضمون نگاريءَ جو موجد قلم ڪار لکيو آهي. هو چوي ٿو: “سنڌي زبان ۾ هن پنهنجي رنگيني ۽ ظرافت سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سا ان کان اڳ ۾ نه هئي گويا ان فن ۾ کيس سنڌي انشاجو موجد چئي سگهجي ٿو.”
ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي به ساڳي راءِ آهي ته: “بلبل پنهنجي زماني ۾ اخبار معاون سنڌ ۽ آفتاب سنڌ ۾ مضمون لکي ادب ۽ انشا جو اهڙو عطر فشان خزانو لٽايو جو انهن اخبارن جو معيار صحافت ۽ ظرافت ۾ اڄ تائين هڪ ڪلاسيڪل شيءِ آهي”.
بلاشڪ بلبل جا مضمون طنز و مزاح باعث علمي ماحول ۾ مقبول ٿيا. انهن ۾ تيرهن ڄار مڪرن جا مار ۽ قلندري ميلو جهڙيون تحريرون اچي وڃن ٿيون، پر اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته مقفيٰ عبارت ۾ هجڻ باعث انهن مان مضمون نگاريءَ جون تقاضائون پوريون نه ٿيون ٿي سگهن. البت شمس الدين بلبل جي نثر جو وڏو حصو ساري ۽ عاري عبارت ۾ به آهي، جيڪو هن اخبارن ۽ رسالن جي ادارت لاءِ استعمال ۾ آندو آهي. هن جون ڪيترن موضوعات تي لکيل تحريرون بيانيه مضمون کان شخصي مضمون جون ٻوليندڙ تصويرون آهن. بلبل جو ڪتاب “عقل ۽ تهذيب” به ان جو مثال آهي، جيڪو 15 مضمونن جو مجموعو آهي. انهن مان چند مضمونن جا عنوان درج ڪجن ٿا. مثال طور عقل وارو ڪنهن کي چئجي؟ وقت جو قدر- مسٽرنيلر صاحب جو ٽائيم ٽيبل- اخلاق ۽ سڌاري جا پندرنهن سوال- ظالم ڪنهن کي چئجي؟ انگريز قوم ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن جي اسان کي سکڻ گهرجن وغيره وغيره. موضوع، اظهار ۽ سلاست جي لحاظ کان انهن ۽ ان جهڙن ٻين ليکڪن مان شخصي مضمون جو روح لياڪا پائي رهيو آهي.
ڄيٺمل پرسرام، پرمانند ميوا رام، شمس الدين بلبل، محمد هاشم مخلص ۽ مولانا دين محمد وفائي جهڙا معروف صحافي پنهنجي وقت جا اعليٰ پايه جا اديب ۽ مضمون نگار پڻ هئا. شمس الدين بلبل کي ظريفانه طرز سببان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل آهي، جيڪو هن صحافت ذريعي حاصل ڪيو هو. “آفتاب سنڌ” جو ڳچ عرصو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ پنهنجون ذاتي اخبارون پڻ ڪڍيائين. بلبل جو سڄو زور معاشري ۾ سڌاري آڻڻ ۾ لڳل هوندو هو. نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون عام ٿي ويون هيون، انهن جي بيخ ڪني ڪڍڻ لاءِ هن جو قلم تلوار وانگر هلندو هو ليڪن سندس طنز و مزاح خالص تعميري آهي. هن جا مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا، سندس نثر موزون، شائسته ۽ بليغ آهي.
خليل “ادب برائي ادب” ۽ “ادب برائي زندگي” ٻنهي نظرين کي صحيح سمجهي ٿو.بلبل جي ڪلام تي تنقيد ڪندي چوي ٿو: “ملڪي معاشرت جو بلبل جي ڪلام تي ڪهڙو اٿر پيو ۽ خود بلبل جي ڪلام ملڪ تي ڪهڙو اثر وڌو.” ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ادب جي افادي ۽ متعدي هجڻ جو قائل آهي. هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:“ادب اسان جي زندگي جو آئينو آهي جيڪي ڪي اسين ڏسون ٿا تنهنجي تصوير ادب ۾ لفظن جي ذريعي ڇڪيون ٿا، جنهن کي حقيقت نگاري چئبو آهي. بلبل جي تصنيفن مان سنڌ جي تمدن ۽ معاشرت، عوام جا جذبا ۽ خيالات، مختلف ماڻهن جي پيشن جي صحيح ۽ زنده تصويرون ملنديون،”هو ادب ۾ زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني کي ضروري سمجهي ٿو. اهي خيالات عقليت تي مبني آهن، ڇو ته انهن ۾ ادب جي انهيءَ عيني تصور جو پتو ٿو پوي، جنهن ۾ ادب ڱي سماج کان عليحده صرف تفريح طبع جو باعث سمجهيو ويندو آهي. خليل، بلبل سنڌ ۾ رقم طراز آهي ته:
“سرمايه پرستن جي وچ ۾ رهندي ۽ زميندارانه نظام کان واقف هوندي به (بلبل) سنڌ جي تمدن، معاشرت، مختلف انسانن جي ڪيريڪٽر ۽ جمهور ۽ عوام جي خيالات ۽ جذبات جي صحيح ترجماني ڪئي آهي.”
انهيءَ نقطئه نظر مان ظاهر آهي ته نقاد بلبل جي ڪلام کي اجتماعي قدرن جو ترجمان ڄاڻي ٿو، هو سمجهي ٿو ته ادب جو ڪم محض ذوق ۽ وجدان جي تسڪين ڪرڻ نه بلڪه ان سان گڏ اجتماعي زندگي جي ترجماني ۽ افاديت جي علمبرداري ڪرڻ به آهي. خليل جي عملي تنقيد تي به انهن ئي خيالات جو اثر آهي جنهن ڪري اها جمالياتي تنقيد جي حدن ۾ داخل ٿيو وڃي ٿي. صرف بلبل “سنڌ” ئي اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سندس اندازِ تنقيد مختلف آهي. بلبل جي شاعريءَکي پرکڻ لاءِ هن سماجي، اخلاقي، مذهبي ۽ تاريخي پس منظرکي خاص طرح سان پيش نظر رکيو آهي ۽ انهن ئي قدرن جي روشنيءَ ۾ سندس ڪلام جي افادي پهلوءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، اهو نقئطه نظر گهڻي قدر سائنٽيفڪ آهي.
گراميءَ جي عملي تنقيد پڻ انهن نظرين جي روشنيءَ ۾ ٿئي ٿي، سندس “بلبل جي فن جو تنقيدي مطالعو” سنڌي تنقيد ۾ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. ان جو انداز به سڄو ئي سائنٽيفڪ آهي. اهو مضمون علمي ۽ تجزياتي تنقيد جو نادر نمونو آهي، جنهن ۾ تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر ۾ بلبل جي فن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ان جي اهميت تي روشني وڌي وئي آهي. هو ٻڌائي ٿو ته شاعر ان دور جي حالات مان ڪهڙي قسم جا اثرات قبول ڪيا ۽ سندس فن ۾ ڪهڙو شديد رد عمل ٿيو. هو پنهنجي ماحول ۽ زماني جي ترجماني ڪرڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ويو آهي. گرامي صاحب جي ناقدانه نظر نهايت وسيع ۽ تيز آهي. هن شاعر جي ڪلام جي افادي پهلوءَ کي اجاگرڪيو آهي ۽ ان ۾ جيڪو روح عصر Zeitgeist پنهان آهي تنهن کي معلوم ڪيو اٿس. هو ٻڌائي ٿو ته شاعر ڪهڙو حيات بخش پيغام ڏنو آهي. مثال طور هو چوي ٿو ته “مرحوم بلبل جي مزاح ۽ طنز، مرڪ ۽ ٽهڪ مان اها مراد هئي ته سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون روح پيدا ٿئي، شڪست خوردگي ۽ زوال پذيري جا آثار گم ٿين. سنڌي مسلم عوام ۾ حدت ۽ حرارت، خود آگاهي ۽ خود شناسي سان گڏ پنهنجي تهذيب ۽ زندگي، معاشرت ۽ ثقافت جي صحتمند اصولن سان هم آهنگي پيدا ٿئي.”
گرامي بلبل جي فن جو تجزيو ڪندي تقابلي تنقيد Comparative Criticism کي پڻ اختيار ڪيو آهي. هن بلبل جي فن کي اڪبر ۽ حاليءَ جي فن سان ڀيٽي ثابت ڪيو آهي ته بلبل جو فن ۽ شعور گهڻو بلند پايه جو آهي. گرامي صاحب، بلبل جي فن جو مطالعو غائرانه نظر سان ڪيو آهي ۽ ان کي اصلي رنگ ۽ جزالت سان پيش ڪيو اٿس. هن جنهن علمي انداز سان بلبل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرايو آهي تنهن ان جي فن کي سدائين لاءِ زنده ۽ تابنده بنائي ڇڏيو آهي ۽ ان کي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام بخشيو آهي. سچ پچ ته جنهن وسيع نظري، فڪري گهرائي ۽ علمي تبصري سان بلبل جي فن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. تنهن جو سنڌي تنقيد ۾ ڳولهڻ سان به مس مثال ملندو.