شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

ماحول جو عڪس - اخبار آفتاب سنڌ، سکر

رحيم داد مولائي شيدائي

1877ع ۾ جنگ پلونيا روس ۽ ترڪي درميان لڳي. روسي فوجون قسطنطنيه جي ديوارن هيٺان پهتيون هيون. روس جي منشا هئي ته ترڪ يورپ خالي ڪري ايشيا مائنر ڏانهن هليا وڃن، مگر انگريزن وچ ۾ ٽپي برلن ڪانگريس ۾ جيڪو فيصلو ڪيو سو ترڪن لاءِ ناسازگار ثابت ٿيو جيئن ته رومانيه، بلغاريه ۽ سرويا عيسائي حڪومتون بلقان ۾ نمودار ٿيون. ترڪن وٽ قسطنطنيه ۽ ٿريس وڃي بچيا. لاچار ترڪن کي صبر ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. آسٽريا، بوزينيا ۽ هزيگوينيا جا ٻه ترڪي علائقا ڦٻائي ورتا. انگريزن دلالي جي عيوض ترڪن کان قبرص ٻيٽ ورتو. انگريزن جي مٿين چال مان هيءَ مراد هئي ته برطانيه هندوستان جي مسلمانن کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته انگريزن مسلمانن جي “امير المومنين” کي يورپ ۾ بچائي ورتو. 1897ع ۾ يونان پوپ جي چرچ تي ترڪن سان جنگ ڪئي، ترڪي فوجن يونان جي ٿيسي صوبي تي قبضو ڪيو، مگر يورپ وچ ۾ پئي ٿيسي يونان کي ڏياريو. يورپ جي منافقانه سياسي چال ڪري مسلمانن جون دليون بيحد مايوس ٿي ويون.

ٻيو واقعو هو سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه تحريڪ جو، مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. پهرين گروهه جي مرضي هئي ته مسلمان ٻار آخوند وٽ فقط ديني تعليم وٺن انگريزي ڪافرن جي زبان آهي. ٻيو گروهه سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه تحريڪ جو حامي هو. مذهبي رهبر سر سيد احمد تي بي ديني جي فتويٰ ڏني هئي، پر پڙهيل طبقو جديد تعليم جي فائدي ۾ هو. جيئن ته منهنجي والد سڳوري مون کي آخوند جي دائري کان ڪڍي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪيو هو. مسلمان سياسي مايوسيءَ کان علاوه مذهبي پيشوائن جي فتوائن ڪري حيران ۽ پريشان هئا. ٻئي طرف 1885ع ۾ پهرين انڊين نيشنل ڪانگريس ڪري هندو ايتري قدر سجاڳ ٿي ويا هئا، جو پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ڌڙا ڌڙ داخل ڪرڻ لڳا. مان جنهن ڪلاس ۾ هوس تنهن ۾ پنجاهه شاگرد هئا، جن مان مسلمان فقط 3 هئا. مسلمانن ۾ ترڪي جي ڪمزوري ڪري سياسي هيجان آيل هو ۽ علي ڳڙهه تحريڪ ڪري انتشار پيل هو. اهڙي هيجان خيز ۽ انتشار انگيز ماحول ۾ سکرجي ٻن خير خواهه ليڊرن ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌي روزاني اخبار “الحق” جاري ڪئي. 1901ع ۾ سکر شهر جي آبادي 31316 هئي، جنهن مان هندن جو تعداد 20 هزار هو. عيسائي مشنري پاران پادري پوليس جي حفاظت هيٺ شهر جي چوسولن تي بيهي کليو کلايو عيسائين جي تبليغ ڪندي اسلام ۽ بانيءَ اسلام تي حملا ڪندا هئا. پويون فتنو مسلمانن لاءِ ناقابل برداشت هو، مگر مسلمان بيوس هئا، جو شهر جو فوجدار هندو هو. اهڙي پر آشوب ماحول ۾ جڏهن ميونسپالٽي جو صدر سکر جو عيسائي يورپين ڪليڪٽر هجي ۽ نائب صدر هندو ته پوءِ مسلمان هر حال ۾ بيوس هئا. ليڪن سکر شهر جي واپار تي ميمڻ واپارين جو گهڻي ڀاڱي قبضو هو، مثلاً سيٺ حاجي احمد سيٺ جان محمد، سيٺ حاجي موسيٰ وٽ فريئر روڊ تي عاليشان دڪان هئا، جتان ولائتي مال کانسواءِ بمبئي ۾ ڇپيل سنڌي ۽ دينيات جا ڪتاب پڻ ملي سگهندا هئا. انهن دڪانن تان فقط يورپين قيمتي مال خريد ڪندا هئا يا اميراڻو طبقو. هندو واپارين وٽ هڪڙو به چڱو دڪان ڪونه هو. يورپي خريدارن جو ميمڻ دڪانن تي ڏينهن جو ايترو هجوم لڳل هوندو هو، جو ٽانگن جي ميڙ ڪري رستو روڪجي پوندو هو. اهي ميمڻ واپاري نهايت مخير هئا. هر جمعي تي بي انداز دولت فقيرن ۽ محتاجن ۾ ورهائيندا هئا، ازانسواءِ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيٺ حاجي احمد فريئر روڊ تي پرنٽنگ پريس کولي روزانه اخبار “آفتاب سنڌ” سنڌيءَ ۾ جاري ڪرائي. بلبل سنڌ مرحوم شمس الدين “بلبل” کي ايڊيٽري جي واڳ حوالي ڪئي، جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ ۾ طولى رکندڙ اديب هو. روزاني “آفتاب سنڌ” جو بلاڪ به حضرت استادي بلبل تيار ڪرايو هو. آفتاب نالي جي پاسي  ۾ کجيءَ جو وڻ ۽ هلال هو، پر تاري بدران برطانوي بادشاهه جو تاج هو. انهن ٽن شڪلن جو مقصد هن طرح هو ته کجيءَ جو وڻ ۽ هلال معنيٰ “آفتاب سنڌ” اسلامي اخبار هئي ۽ برٽش تاج جي معنيٰ هئي ته اخبار انگريزن جي طرفدار ۽ وفادار هئي. بلبل جو قلم ۽ اخبارجي مزاحيه پر ظرافت ڪالم سڀ کان اڳ پادرين جا ڍڍر ڍلا ڪري ڇڏيا چند سٽون ملاحظه فرمايو.

“ڪالهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جبو پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو!، افسوس! مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي، جو هن جي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگر ڌڙ کان ڌار ڪري “ايوبي” سنت کي تازو ڪيان ها!”

عيسائي پادرين لاءِ “آفتاب سنڌ” ويل ٻاري ڏنو. اڃا ٻه هفتا اخبار کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان وعظ ڪندڙ پادري کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداري تي گهرائي دٻائڻ لڳو. بلبل کي خبر پيئي ته هن ڪالم ۾ فوجدار جي اهڙي لاک لاٿائين، جو ٻاهر نڪرندو هو ته پوليس وارو ساڻ کڻندو هو. ملاحظه فرمايو بلبل جا ٻول:

“مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو، توهان کي خبر هجي ته تعليم پرائڻ سان اوهانجا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بڻجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙو گڏهه تي ڪوهرن جو ڪنو رکي ڪوهر وڪڻندو هو، پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت جا کيس پتا، ٽوپڻ داس کان ورثي ۾ ملي هئي، سا مٽجي نه سگهي. سياڻن سچ چيو آهي:

“گڏهه گهوڙي نه ٿئي جي سونا وجهينس سنج،

توڙي پاٽيون وجهنيس پنج ته به ڊوڙيو وڃي گونهه تي”

راقم الحروف ۽ بلبل: آچر ڏينهن اخبار بند رهندي هئي مان هر ڇنڇر تي جڏهن اڌ ڏينهن موڪل ملندي هئي “آفتاب پريس” ۾ ويندو هوس، ڇو ته پريس جي دفتر ۾ ايشيا، يورپ ۽ بمبئي کاتي جا نقشا لڳل هئا. مون لاءِ پهريون دفعو هو جو مون نقشا ڏٺا. نقشن تي نالا ملڪن جا اردو ۾ لکيل هئا. مان خانگيءَ طرح اردو جو اڀياس ڪندو هوس، تنهن ڪري آساني سان نقشن کي پڙهي سگهندو هوس. آفتاب سنڌ اخبار ۾ اسلامي ملڪن جون جيڪي خبرون ڏنل هونديون هيون انهن خبرن پٽاندر نقشن کي ڏسندو هوس. جڏهن منجهي پوندو هوس ته استاذي بلبل ويهاري اخبار کولي جاگرافيڪل ۽ تاريخي واقعات تي تبصرو ڪري منهنجي حوصله افزائي ڪنداهئا. هڪڙي ڏينهن مون ڪاغذ تي کين بمبئي کاتي جو نقشو ڪڍي ڏيکاريو. منهنجي هٿ جي صفائي ڏسي مون کي چوڻ لڳا: “پٽ رحيم! انشاءَ الله جيڪڏهن اهڙو ذوق شوق جاري رکندين ته پڪ ڪنهن ڏينهن چمڪندين.” اڳين استادن جوهي طريقو هو ته ڪنهن شاگرد جا جوهر ڏسندا هئا ته ان کي ڪمال مروت جي نظر سان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هن باڪمال بزرگ جي علمي صحبتن مان منهنجي دل ۾ پهريان جاگرافي جو سلو اڀريو، جنهن جو ثمر تاريخي منهنجي دماغ ۽ ذهن کي اهڙو شيرين لڳو، جنهن جو اڄ نتيجو ڏسان ٿو. حضرت استاذي جيڪا پيشنگوئي فرمائي سا سئو پيسا صحيح ثابت ٿي. آفتاب اخبار ٿورو وقت جاري رهي ليڪن ادبي نقطئه نظر سان هن جيڪو پارٽ ادا ڪيو ۽ مسلمانن ۾ جيڪو علمي ۽ سياسي شعور پيدا ڪيو اهو يادگار رهندو. بلبل سنڌ سر سيد احمد خان تحريڪ جو حامي هو. سندن معرڪه انگيز قلم عيسائي پادرين جي ٻوٿ کي لغام ڏنو. مسلمان پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لڳا.

هي چند سٽون بطور عقيدتمندي جي جناب حافظ محمد احسن جي چوڻ تي ديوان بلبل جي جديد ايڊيشن لاءِ لکيون اٿم. حضرت بلبل سنڌ جي سوانحه کي لکڻ وقت ان دؤرجي ماحول کي به پيش ڪرڻ ضروري امر آهي، مصنف کي اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي.