شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا

شمس ابن ضيا ابن بلبل

مرحوم بابا سائين حضرت ضياءُ الدين “ضيا” ۽ مرحوم ڏاڏا سائين حضرت رئيس شمس الدين “بلبل” جن جي تاريخ وفات مورخه 13 سيپٽمبر 1966ع ۽ مورخه 14 سيپٽمبر 1919ع جي موقعي تي هڪ سلسليوار مضمون “ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ” جي عنوان هيٺ شروع ڪجي ٿو. بزرگن جي علمي ۽ ادبي خزاني کي سهيڙي سنڀالي رکڻ ۽ زماني جي مختلف حالات ۽ حادثات سبب مٿن پيل دز کي ڇنڊي ڦوڪي دور ڪرڻ به اهڙوئي اهم آهي جهڙو سندن مغفرت ۽ ايصال ثواب لاءِ ختم و درود. دنيا ۾ سندن نالو قائم دائم رکڻ ۽ ياد تازي ڪرڻ ۽ آخرت لاءِ به جيڪي ڪجهه اسان سندن لاءِ ڪري سگهون، اهو ڪرڻ هڪ سعادت آهي. هن فرض جي ادائگي جي سلسلي ۾ هي پهريون قدم اميد ته نيڪ ثابت ٿيندو. (آمين)

ديوان بلبل ۽ انجي ضروري ڇنڊ ڇاڻ

ڪافي عرصي کان “ديوان بلبل” ۽ ان سان تعلق رکندڙ مختلف پهلوئن تي ڪافي بحث مباحثا ۽ ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي آهي. انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو “ديوان بلبل” علمي ادبي حلقي لاءِ هڪ منجهيل سٽ ٿي پيو آهي. انديشو آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سٽ کي جلد سلجهايو نه ويو ته وقت گذرڻ سان اهو اهڙو گنڊڙجي ويندو جو پوءِ سلجهائڻ محال ٿي پوندو. الله تعالى جي فضل سان اسان وٽ اڃا ڪيئي نيڪ نيت ۽ اهل قلم بزرگ موجود آهن جي هن ڏس ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا. علمي ادبي حلقي جي انهيءَ تشويش کي مد نظر رکندي هي سلسلو شروع ڪجي ٿو جيئن “ديوان بلبل” جي سڀني منجهيل پهلوئن جي ضروري ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي ۽ “ديوان بلبل” اهل علم، اهل ادب ۽ اهل ذوق حضرات جي منشا مطابق ڇپجي سگهي. اهل قلم حضرات مان خاص طرح حضرت “خليل” صاحب، محترم “احسن” صاحب، جناب اجمل بيگ صاحب ۽ جناب احمد خان “آصف” کي التماس آهي ته هو پنهنجي گرانقدر ۽ مفيد مشورن سان نوازين، ڇاڪاڻ ته انهن صاحبن مرحوم بابا جن جي حياتي ۾ “ڪليات بلبل” جي نئين سر ترتيب ۽ طباعت جي سلسلي ۾ ڪافي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي هئي، مگر “ڪليات بلبل” پنهنجي ضخامت سبب ڇاپجڻ کان رهجي ويو. ديوان بلبل کان پوءِ ڪلام بلبل ۽ مزاحيات بلبل جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويندو.

ديوان بلبل تقريباً ناياب ٿي چڪو هو ۽ ان کي وري ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي سخت ضرورت هئي ان ڪري مرحوم حضرت بابا سائين جن هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۽ سنڌي اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سان ڪافي خط و ڪتابت ڪئي مگر چند اصولي نڪات تي ڌرين درميان اختلاف راءِ هجڻ سبب هي معاملو مٿين ادارن سان طئي ٿي نه سگهيو. مٿين ادارن کان قطعي نااميد ٿيڻ بعد مرحوم حضرت والد صاحب جن “ديوان بلبل” ذاتي طور ڇاپرائڻ جو ارادو ڪيو مگر افسوس جو سندن زندگي بقا نه ڪيو ۽ هي ڪم پايه تڪميل تي پهچي نه سگهيو. ڪليات بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ محترم “احسن” صاحب جي ڪيل محنت جو اندازو لڳائڻ آسان نه آهي.

مرحوم بابا سائين 1966ع ۾ وفات ڪئي ۽ اٽڪل ٽن سالن بعد يعني 1969ع ۾ اوچتو ديوان بلبل سنڌي ادبي بورڊ حيدراباد طرفان ڇپجي منظر عام تي آيو ۽ ساڳئي سال چند مهينن بعد “ڪلام بلبل” به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپرائي پڌرو ڪيو. ان بعد 1977ع ۾ مزيد 3 ڪتاب “جام جم”، “مزاحيات بلبل” ۽ “مسلمان ۽ تعليم” پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي قارئين ڪرام تائين پهچي ويا. اهڙي طرح مٿيان 5 ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويا. اهي ڪتاب ڪيئن ۽ ڇوڇپيا ويا، ان جو صحيح جواب ڏيڻ وارو صرف مرحوم گرامي صاحب ئي هو. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽ انهيءَ متعلق ڪوبه رڪارڊ ڪونهي.

“مرتب جا ٻه لفظ” محترم گرامي صاحب آخر ۾ لکيو آهي ته “هن نسخي جي ترتيب ۽ صحت تي اطمينان جي اظهار جو ذڪر مرحوم رئيس ضيا صاحب پنهنجي مقدمي ۾ پڻ ڪيو آهي ۽ مرتب ڏانهن لکيل خطن ۾ به تائيد ۽ تحسين فرمائي اٿس.” اهو درست نه آهي. مرحوم والد صاحب جن ڪڏهن به محترم گرامي صاحب جو مرتب ڪيل “ديوان بلبل” جو نسخو ڪونه ڏٺو هو. پاڻ آخرين وقت ۾ محترم گرامي صاحب کان ناخوش به هئاجو ديوان بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ مرحوم تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪري چڪو هو. هن ڳالهه جي تصديق محترم “احسن” صاحب، جناب اجمل بيگ صاحب ۽ حضرت “خليل” صاحب ڪري سگهندا.

ديوان بلبل جي مقدمي ۾ صفحه 7 تي پيرا 2 جا الفاظ ته “بلبل جي ديوان کي ڏسي نهايت مسرت ٿي. ڪيترا مغلق ۽ منجهيل اشعار جي نڪو پڙهڻ ۾ ٿئي آيا ۽ نه ڪي سمجهڻ ۾ ٿي آيا، سي نه فقط گرامي صاحب درست ڪيا پران سان گڏ انهن جي تشريح به ٻڌائي”. هيءَ راءِ ۽ تحرير مرحوم والد صاحب جن جي قطعي نه آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. ديوان بلبل ۾ محترم گرامي صاحب جي ڪيل اصلاح مون جهڙي معمولي علم ۽ ڄاڻ واري ماڻهو کي ئي نه وڻي بلڪه ڏاڍي گران گذري، سو مرحوم والد صاحب اهڙي اصلاح کي پسند ڪري اهي تحسين ڀريا الفاظ لکياهوندا، اهو صحيح نه آهي. اهڙي اصلاح شده ديوان بلبل جي اشاعت تي ذره برابر به خوشي نه ٿي. محترم گرامي مرحوم کان مون ڪيترا ڀيرا ديوان بلبل جي اشاعت متعلق سنڌي ادبي بورڊ سان ڪيل ايگريمينٽ ۽ مرحوم بابا سائين جي لکيل مقدمي جي گهر ڪئي مگر هو هر دفع ٽاري ويا. اهو مقدمو جيڪو ديوان بلبل ۾ ڏنو ويو آهي، دراصل مرحوم بابا جن ڪليات بلبل لاءِلکيو هو مگر جيئن ته ڪليات بلبل جي ڇپائي جو معاملو سنڌي ادبي بورڊ سان طئي ٿي نه سگهيو ان ڪري اهي سمورا ڪاغذات محترم گرامي صاحب وٽ رهجي ويا ۽ ان مقدمي ۾ ٻه چار جملا پنهنجي مقصد ۽ مطلب جا ملائي ديوان بلبل ۾ ڏنو هجي. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب ڪري، اسان جي ڏاڍي عزت ڪندو هو ۽ اسانجا به ساڻس تعلقات عزيزن جهڙا هوندا هئا. حضرت “خليل” صاحب جي انهيءَ راءِ ته مرحوم گرامي کي “بلبل” مرحوم سان ڪا عداوت يا بغض هيس، مان انجي تائيد نه ڪندس. اهو صحيح به نه آهي. مرحوم گرامي صاحب “ديوان بلبل”، “ڪلام بلبل” توڙي “مزاحيات بلبل” ۾ واقعي تمام گهڻي ڀڃ گهڙ ڪئي آهي، جا کيس هرگز ڪرڻ نه گهربي هئي. بهرحال انسان خامين ۽ خوبين جو مجسمو آهي ۽ کانئس ڪي غلطيون نادانسته طور سرزد ٿي وڃن ٿيون جن جو کيس احساس به نه ٿو رهي ڇاڪاڻ ته ان وقت سندس نيت نيڪ هوندي آهي. اهڙو ڪوڙ جنهن ۾ ڪنهن جو ڀلو سمجهجي ۽ ٻئي ڪنهن کي نقصان ٿيڻ جو انديشو به نه هجي مباح آهي. والله اعلم بالصواب.

مرحوم گرامي صاحب جي لکت مطابق کيس ديوان بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ اٽڪل سال کن لڳي ويو هو ۽ ناشر طرفان “ٻه اکر” ۾ تاريخ 24 مئي 1969ع ڏنل آهي، انهيءَ حساب سان هي مسودو اٽڪل 1968ع جي وچ ڌاري مڪمل ٿيو هوندو، جڏهن ته مرحوم والد صاحب جن 1966ع ۾ ئي وفات ڪري چڪا هئا ته پوءِ ديوان بلبل جو نسخو ڪهڙي سال ۾ ڏٺائون ۽ ڪڏهن تحسين آميز خطوط لکيائون؟ هي سڀ ڳالهيون درست نه آهن.

بهر صورت ديوان بلبل منظر عام تي آيو ۽ محترم مرتب سخت تنقيد جو نشانو بڻيو. مٿس تنقيد انهيءَ ڪري ٿي جو مرحوم گرامي ديوان بلبل جي اصلاح اهڙي ڪئي جو صحيح لفظن کي اصلاح جي قابل سمجهي درست ڪيو ويو ۽ غلط لفظن کي قائم رهڻ ڏنو ويو. اصولاً ڪنهن به مرتب کي اهو حق نٿو پهچي ته هو پرائي تصنيف کي ايترو تبديل ڪري ڇڏي جو اصل شيءِ جي شڪل ئي موجود نه رهي. ساڳي طرح شعري مجموعي جي صورت ۾ بحر وزن ۽ ڪافيه رديف توڻي زبان جي اصلاح مرتب جي ذميواري ناهي.

مطلب ته ڪتاب جي مواد سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ته ڪرڻي ئي ڪانهي بلڪه مرتب جو فرض اولين اهو ئي آهي ته الفاظ ۽ انهن جي ترتيب کي اصلوڪي شڪل ۾ قائم رکي. ڪنهن به ڪتاب جي زبان ۽ مواد سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ خاص طرح شعري مجموعي جي حالت ۾، ان جو بحر وزن مٽائڻ يا لفظن جي الٽ ڦير يا مٽا سٽا ڪرڻ ڪتاب جي پس منظر، ماحول ۽ مقصد کي ناس ڪرڻ جي مترادف ٿيندو. ڪنهن به ڪتاب جي زبان ۽ ان جي ترتيب کي ڏسي سولائيءَ سان اهو اندازو لڳائي سگهبو ته اهو ڪهڙي دؤر جي پيداوار آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ دؤر جي پس منظر ۾ ڪتاب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته صحيح طرح سمجهي سگهبو ۽ وڌيڪ لطف ايندو، ٻي صورت ۾ پڙهندڙ ڪنهن وڏي گمراهيءَ جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. هڪ دؤر ۾ هڪ نظريو صحيح آهي ته ساڳيو نظريو وري ٻئي دؤر ۾ غلط ٿي سگهي ٿو. ڪا ڳالهه چوڻ يا ڪو ڪم ڪرڻ هڪ دؤر ۾ بلڪل مشڪل آهي مگر ساڳي ڳالهه يا ساڳيو ڪم ٻئي دؤر ۾ رواجي ٿي سگهن ٿا. مثلاً انگريزن جي خلاف سندن دور حڪومت ۾ ڳالهائڻ جان جوکم جو ڪم هو مگر هينئر جيڪي ڪجهه وڻي چئي سگهجي ٿو ۽ الٽو پسند ڪيو ويندو. ساڳي طرح ان دور جي ريتن رسمن، قدرن ۽ ماحول کي پڻ ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. فيشن جو ئي مثال وٺو، هڪ دور ۾ سلوار يا پتلون جو پائنچو هڪ گراٺ ته ٻئي دور ۾ گز برابر. بوٽ جي نوڪ هڪ دور ۾ ماڻهوءَ جي آڱر جهڙي ته ٻئي دور ۾ اٺ جي داڦوڙي جهڙي. اهڙي طرح هر علم، فن ۽ سائنس جي به ارتقا جاري آهي. هڪ وقت ۾ ايٽم مادي جو باريڪ ترين جزو تسليم ڪيو ويندو هو مگر هاڻي ايٽم مادي جو باريڪ ترين جزو نه رهيو آهي بلڪه وڌيڪ تقسيم ٿي سگهي ٿو. جهڙوڪ سندس نيو ڪليس، پروٽان، نيوٽران، ڪروموزومس ۽ جينس وغيره. ساڳئي نموني بيڪٽيريا باريڪ ترين جرثومه تصور ٿيندو هو مگر هن وقت ان کان به وڌيڪ باريڪ جراثيم جهڙوڪ وائرس ۽ فيج وغيره دريافت ٿي چڪا آهن. ساڳي حالت فنون لطيفه جي آهي. پڪاسو جي آرٽ ۽ اڄوڪي تجريدي آرٽ جو تصور ڪريو. اهڙي طرح عروضي شاعري ۽ اڄڪلهه جي آزاد نظم کي ڏسو ۽ خدا ڄاڻي اڳتي هلي ڇا ڇا ٿيندو؟ مطلب ته هڪ شيءِ هڪ وقت صحيح ته وري ساڳي شيءِ ٻئي وقت غلط، پوءِ اهڙي صورت ۾ اصلاح جو هي طريقو ڪيستائين ڪارگر ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته اڄوڪي اصلاح سڀاڻي وري اصلاح جي لائق سمجهي ويندي. لهٰذا بهتر طريقو اهوئي آهي ته هر تصنيف کي پنهنجي اصلي حالت ۽ صورت ۾ برقرار رکجي ۽ ان ۾ ئي ان جو اصل حسن، سونهن ۽ قدر و قيمت آهي.

“ديوان بلبل” جو مطالعو جيڪڏهن ان وقت جي ماحول، حالتن، رسمن، رواجن ۽ مصنف جي مقصد کي ذهن ۾ رکي ڪبو ته اهي غلطيون جن کي اڄ جا ڪي نقاد غلطيون ٿا سمجهن، غلطيون نظر نه اينديون، بلڪه ان وقت جون مروج شيون معلوم ٿينديون. هڪڙو زمانو هو جڏهن شعر ۾ صرف تڪ بندي هئي، ان کان پوءِ عروضي شاعريءَ جو بنياد پيو، عروضي شاعري عروج تي پهتي ۽ هاڻي آزاد نظم جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي. بلبل مرحوم جو ڪلام ظرافت جي رنگ ۾ رڱيل، اصلاحي ۽ عوامي ڪلام آهي. بلبل مرحوم کي رڳو فن شاعري جو مظاهرو ڪرڻو ڪين هو بلڪه هن جي اڳيان هڪ مقصد ۽ مشن هو. انهيءَ ڪري ئي سندس عوامي ۽ اصلاحي نوعيت جي ڪلام ۾ زبان عام فهم ۽ عوامي استعمال ڪيل آهي ۽ اهوئي سبب هو جو بلبل مرحوم جو ڪلام عوام ۾ ڏاڍو مقبول ۽ اثرائتو ثابت ٿيو ۽ ماڻهو جهنگ جهر سندس ڪلام جهونگاريندا هئا ۽ اڄ سوڌو به ڪن جهونڙن کي بلبل مرحوم جا ڪيترائي اشعار بر زبان ياد آهن. چاچو خدا بخش خان لنڊ بلوچ ميهڙ جو ۽ ڏيپلائي صاحب پيارو خان لغاري، چاڪر خان شاهاڻي کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو اهڙا موجود آهن. ان جي برعڪس جيڪڏهن بلبل مرحوم جو ڪلام عام فهم ۽ ان دور جي مروج زبان ۾ نه هجي ها ته بلبل مرحوم جو مشن ۽ مقصد پورو ٿي نه سگهي ها.

باقي سوال رهيو انهن غلطين جو جيڪي ڪاتبن جي لاپرواهي، اڻڄاڻائي ۽ بي علمي سبب ٿيون آهن، تنهن لاءِ ضروري آهي ته اصل لفظ ڳولهي هٿ ڪجن، جيڪي موقع، مهل ۽ مناسبت جي لحاظ کان مناسب هجن ۽ لکڻي ۾ به غلط لفظن جي هم شڪل ۽ هم آهنگ هجن. مثال طور غلط لفظ مصاحب لکيو ويو آهي جنهن جو هم شڪل ۽ هم آهنگ صحيح لفظ مصائب ڳولهي هٿ ڪرڻو هو. هي ٻئي لفظ جيتوڻيڪ هم شڪل ۽ هم آواز آهن مگر سندن معنيٰ ۾ وڏو فرق آهي جنهن ڪري شعر جو ڪنهن وقت اهڙن غلط الفاظن ڪري مطلب ۽ مفهوم ئي بدلجي وڃي ٿو ته ڪنهن وقت ڪو مفهوم ادا ئي نٿو ٿئي ۽ ائين پيو لڳي ڄڻ ڪا غير زبان پئي پڙهجي.

اهڙي طرح ڪاتبن احڪام کي الهام، مطبع کي مجمع، لنگهيو کي کنگهيو، سارا کي نارا، توکي ٿو، مون کي تون، جو کي ڪو، گهرين کي ڪرين، چمچا کي چمٽا، اچي کي اٿي، رستو کي رخنو، تازي کي تري، مور ٽور کي جوڙ توڙ، هرز کي هوز، کي کي تي، ڇو کي جو، کان کي تان، تڙپندي کي تر ٿيندي، معمه کي ميمون، صُور کي طور، اشڪ کي عشق، عشق کي اشڪ، مَلڪ کي مُلڪ وغيره وغيره بنائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شعر جو مطلب ۽ مفهوم ئي گڙ ٻڙ ٿي ويو آهي.

محترم گرامي صاحب کي مرتب جي حيثيت ۾ انهن غلط لفظن جي جاءِ تي صحيح لفظ هٿ ڪري رکڻ کپندا هئا، جيڪي غير سنڌي دان لاهوري ڪاتبن جي ڪارستانين جو شڪار ٿيل هئا. ديوان بلبل جا سڀ اڳوڻا ڇاپا ليٿو ۾ آهن. ڪتابت نهايت ناقص، مس جا دٻا عام جام، اکر چچمچ، ماڪوڙن جون ٽنگون، تنهن ڪري پهرئين ڇاپي تان نقل ڪندڙ ٻئي ڇاپي واري ڪاتب ڪجهه پنهنجو “ڪمال” ڏيکاريو ته وري ٻئي ڇاپي واري ڪاتب ڪجهه پنهنجو “ڪمال” ڏيکاريو ته وري ٻئي ڇاپي تان نقل ڪندڙ ڪاتب ٽئين ڇاپي ۾ پنهنجا “جوهر” ڏيکاريا آهن ۽ اهڙي طرح نتيجو اهو نڪتو آهي جو اٽي بدران گهوٻاٽو ٿي ويو آهي.

مٿئين صورت حال ۾ جيڪڏهن غلط لفظن کي اها تاويل پيش ڪري قائم رکيو وڃي ته اصل نسخه ۾ جو ائين لکيل آهي ته اها به فرض جي ڪوتاهي چئبي. لفظ جيڪڏهن جملي ۾ معنيٰ ۽ مناسبت جي لحاظ کان صحيح معلوم نه ٿين ته انهن جا صحيح ۽ اصل لفظ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هجي ته خوامخواهه لفظن جي الٽ ڦير ڪري جملي کي وڌيڪ نه الجهائي ڇڏجي. “ديوان بلبل” سنڌي زبان ۾ لکيل آهي، مدراسي يا مارواڙي زبان ۾ لکيل ڪونهي جو اسان کي سمجهه ۾ نه اچي. تنهن ڪري جنهن به جملي يا بيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته پڪ ڄاڻجي ته ڪاتبن جي ڪارستاني ٿيل آهي. “ديوان بلبل” ۾ ڪافي اهڙا لفظ آهن جي پراڻي طريقي موجب لکيل آهن مثلاً:-

جڏهِ- ڪڏهِ- تڏهِ- تهنجو- مهنجو- تهن ۾- جهن ۾- تنه جنه- ڏينه-کائي-ڳائي-ٿئي-هئ- اکڙي وغيره. هي الفاظ موجوده دؤر جي مروج لکڻي مطابق لکڻ گهرجن جيئن قارئين کي اجائي دقت محسوس نه ٿئي. هي اصلاح ڪري سگهجي ٿي، پر اهڙو فوٽ نوٽ لکڻ گهرجي.

ديوان بلبل ۾ جا اصلاح ڪئي وئي آهي ۽ جيڪي الفاظ جيئن جو تيئن قائم رکيا ويا آهن انهن جو تفصيل هيٺيون آهي:

اصل شعر (1)

ٿيو ڪلام احڪام امر و نهي جو جنهن تي نزول واجب آهي، تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.

اصلاح ڪيل شعر:

ٿيو ڪلام الهام امر و نهي جو جنهن تي نزول واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.

سمجهاڻي: لفظ احڪام کي الهام سان بدلائڻ متعلق محترم “خليل” صاحب “ديوان بلبل ۽ ان جو مرتب” جي عنوان هيٺ پنهنجي تنقيدي جائزي ۾ قسط نمبر 2 رهبر ڊائجسٽ ماه مئي سال 1974ع جي پرچي ۾ ڪافي وضاحت سان بحث ڪيو آهي. اصل لفظ احڪام مناسب آهي جنهن کي غلط لفظ سان گرامي صاحب تبديل ڪيو آهي. 

اصل شعر (2):

پڻ مجمع جي مجمع ميمبرن شعبن سميت،

۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.

گرامي جو اصلاح ڪيل شعر:

مجمع احباب وارن دوستن سڀني سميت،

۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.

صحيح شعر

پڻ مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن،

۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.

سمجهاڻي: پهرئين مصرع جيئن ته پريس جي جمله ميمبرن ۽ مختلف شعبن جي ثنا ۾ چيل آهي تنهنڪري مصرع جو پهريون لفظ مطبع ٿي سگهي ٿو، اها پريس جنهن ۾ ديوان بلبل جي ڇپائي عمل ۾ آئي ۽ ٻئي مصرع ۾ معاون اخبار، سندس مددگار ڇاپ دفتر ۽ عملي جي ثنا آهي. بگاڙيل لفظن جي تلاش ۽ تجويز کي ڇڏي صحيح لفظن کي بدلائي غلط ڪرڻ تي وڌيڪ توجهه ڏنو ويو آهي. “مجمع احباب وارن دوستن سڀني ”هڪ غلط ۽ نئين سٽ لکي شعر کي ڄاڻي واڻي بگاڙيو ويو آهي. ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار.

اصل شعر (3):

يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ خويش اقرب به صله رحمي هر برادر جي ثنا.

گرامي طرفان اصلاح ڪيل شعر:

يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سنڌ و پنجاب خيوش اقرب صله رحمي هر برادر جي ثنا.

سمجهاڻي: سينڌو سڃاپ کي سنڌ و پنجاب سان ۽ خويش کي خيوش سان بدلائي صحيح شعر غلط ڪيو ويو آهي. هن اصلاح جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. هيءَ بدديانتي آهي، صحيح شعر کي زبردستي غلط ڪيو ويو آهي.

اصل شعر (4):

۽ وطن ميهڙ سندي وه واه جا دل کي وڻي

هر در و ديوار شجر و باغ بازر جي ثنا.

گرامي طرفان اصلاح ڪيل شعر:

ٿو وطن ميهڙ سنڌو وه واه جو دل کي وڻي

هر در و ديوار رونق باغ بازر جي ثنا.

سمجهاڻي: اصل شعر مناسب آهي ۽ ڪيل اصلاح غير مناسب ۽ غلط آهي.

اصل شعر (5):

همدم و همراز هر دم هم مصائب يار غار

صدق دل سان چئو سدا صديق اڪبر جي ثنا.

گرامي جو مجوزه شعر:

هم دم و همراز هر دم هم مصاحب يار غار

صدق دل سان چئو انهي صديق اڪبر جي ثنا.

سمجهاڻي: مصاحب جي لغوي معنيٰ آهي رفيق، ساٿي، يار، دوست، جيئن ته لفظ دوست، يار ۽ ساٿي جي آڏو هم لکڻ درست نه آهي تنهنڪري اصلوڪو صحيح لفظ مصائب ٿيندو ۽ نه مصاحب. هيءُ درستي ضروري هئي جا نه ڪئي وئي آهي بلڪه ٻئي سٽ ۾ انهيءَ صديق اڪبر جي بجاءِ سدا صديق اڪبر لکي اصلاح بدران غلطي ڪئي وئي آهي.

اصل شعر (6):

جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئي

جو ڪر اسد الله غالب شاهه حيدر جي ثنا.

گرامي جو مجوزه شعر:

جي گهرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئين،

جو ڪر اسد الله غالب شاه حيدر جي ثنا.

سمجهاڻي: پهرين سٽ ۾ ڪيل اصلاح لفظ جي “ڪرين” جي بدران ‘جي گھرين’ ڪئي وئي آهي، جيڪا درست نه آهي. لفظ “جي ڪرين” پراڻو مروج لفظ آهي، جيڪو برابر آهي لفظ ‘جي چاهين’ يا ‘جيڪڏهن’. اهو لفظ تبديل ڪرڻ درست نه آهي. لفظ “پئي” به پراڻي لکڻيءَ جو نمونو آهي. لفظ “پئين” جو جيڪو نئين طريقي سان پيئين لکي سگھجي ٿو. لفظ جو ڪر جيڪو بي معنيٰ لفظ آهي ان کي بحال رکيو ويو آهي. اتي لفظ اچڻ گھرجي “ڪر تون”. غلط لفظ تبديل نه ڪيا ويا آهن. درست لفظ مٽايا ويا آهن. 

اصل شعر (7):

پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج تي،

تابعن ۽ تبع تابع هوءِ هر هر ثنا.

گزمي طرفان مجوزه شعر:

پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي،

تابِعين ۽ تبع تابِعين جي هر هر جي ثنا.

سمجهاڻي: اصل شعر درست آهي، جنهن کي تبديل ڪري غلط ڪيو ويو آهي.

مٿي ڪيل بحث جي روشنيءَ ۾ پورو شعر لکجي ٿو. هن سلسلي ۾ موزون الفاظ جيڪڏهن تجويز ڪيا ويندا ته انهن تي ضرور غور ڪيو ويندو.

سر سخن جي سونهن اول پاڪ پرور جي ثنا

خلق جي رزاق ۽ خلاق داور جي ثنا

ٿيو ڪلام احڪام اَمر و نَهي جو جنهن تي نزول

واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا

همدم و همرازهردم هم مصائب يار غار

صدق دل سان چئو انهي صديق اڪبر جي ثنا

هو دلاور دين جو حضرت عمر ابن الخطاب

زينت دين زينت محراب و منبر جي ثنا

ڪامل الايمان ۽ صاحبِ حيا جامع قرآن

ڪر عجب عثمان ذوالنورين انور جي ثنا

جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئين

ڪر تون اسد الله غالب شاه حيدر جي ثنا

مالڪ جنت سندي سيدة ناءِ العالمين

رُڪن ٿي ايمان جو شبّير و شبر جي ثنا

حَمزه و عباس اعليٰ رتب ۽ افضل امير

ڪر سندي ٻارهن امامن سلڪ گوهر جي ثنا

پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي 

تابعن ۽ تٗبع تابع هوءِ هر هر جي ثنا

عالمن ۽ صالحن ۽ مومنن ۽ ڪاملن

چار مذهب جي امامن دين گستر جي ثنا

۽ طريقه معرفت جي سلسلن چئني سندي

پر تنهن ۾ نقشبندي خضر رهبر جي ثنا

پاسبان اسلام جو سلطان اعظم شاه روم

سنڌ ۾ ڪونسل تنهين جي خان بهادر جي ثنا

پڻ مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن

۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا

يار غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ

خويش اقرب، به صله رحمي هر برادر جي ثنا

۽ وطن ميهڙ سندي وه واه جا دل کي وڻي

هر در و ديوار شجر و باغ بازر جي ثنا

هي ثنا خواني نه ٿيندي هونءَ ته هرگز دل پسند

جي ڪندين تون ڪين “بلبل” دوست دلبر جي ثنا

 ڏکين لفظن جي معنيٰ:

سَر سُخن - ڪلام جي شروعات

سلڪ گوهر - موتين جي لڙي

دين گستر - دين کي وڌائيندڙ

ڪونسل - سفير (Consul)

به صِله رحمي - عيوض همدردي

(هلندڙ)

نوٽ: هاڻوڪن ڪمپوزرس ڪاتبن جي ڪارستانين ۽ پروف ريڊنگ وارن جي بي توجهي جو ڏسو مثال صفحو نمبر 115 ۾ شڪار ٿيل کي شڪر ٿيل لکيل آهي. سوين لفظ غلط لکيا ويا آهن جن جي پروف ريڊنگ ڪئي وئي آهي. ان جو مظاهرو هن تحرير مان معلوم ٿي ويندو. صفحي نمبر 20 جي سٽ نمبر 2 ۾ لفظ “مغلق” کي “معلق” لکيو ويو آهي. لفظ معلق به پنهنجي جاءِ تي معنيٰ رکندڙ لفظ آهي ۽ شڪل و صورت ۾ به هڪ جهڙائي رکي ٿو. وري صفحي نمبر 21 جي سٽ نمبر 4 تي لفظ “صورت” کي “طورت” لکيو ويو آهي. مشحور کي مشهور لکيو ويو آهي هي حال آهن اڄوڪي سڌريل زماني جا ته پوءِ 1901ع واري زماني جي لاهوري ڪاتبن کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي.

اڪثر نوجوان سنڌي ڪمپوزس جي سنڌي ڪمپوزنگ ڏسي شرم ٿو اچي ته سنڌين کي سنڌي لکڻ نه ٿي اچي.

شمس ابن ضيا ابن بلبل