شخصيتون ۽ خاڪا

رئيس شمس الدين بلبل

مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“ جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نہ آهي. سنڌيءَ ۾ هو پھريون شاعر آهي، جنھن ظرافتي نظم لکيو. هو اھو اديب آهي جنھن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي. هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانہ ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
Title Cover of book رئيس شمس الدين بلبل

رئيس شمس الدين بلبل مرحوم

پير علي محمد راشدي

سنڌ جي علم ادب يا لٽريچر تي دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. اهڙي موقعي تي جڏهن سنڌ جي نئين تاريخ پئي ٺهي، دادو ضلعي ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا، جن مان هر هڪ پنهنجي لائين ۾ يگانو هو.

  • صحافت ۽ لٽريچر ۾ رئيس شمس الدين بلبل (ميهڙ)
  • ادب ۽ تاريخ ۾ علامه دائود پوٽو (ٽلٽي)
  • فلسفه، تصوف ۽ متفرق علوم ۾ علامه آءِ.آءِ قاضي (پاٽ)

اهي ٽي ماڻهو اهي هئا، جن نئين سنڌ ۾ پنهنجي علمي ڪمالات سان ذهني انقلاب آندو ۽ ان انقلاب جي خود قيادت ڪيائون. هر هڪ جو ذڪر پنهنجيءَ جاءِ تي ايندو، هت فقط بلبل مرحوم بابت مان پنهنجا تاثرات پيش ڪريان ٿو.

مون مرحوم کي اکين سان ڪونه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گهڻائي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جو مٽ ڪونه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا: لاڙ ۾ محمد هاشم “مخلص” ۽ اتر ۾ شمس الدين “بلبل”. ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. مخلص جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، بلبل کي قوم جي مستقبل جو به خيال رهندو هو، تنهنڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي. هِجو ۽ مذاق ٻنهي جي تحرير جو خاصو هوندي هئي ۽ ماڻهو ٻنهي جي تحرير پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. البته هجو گوئي ۾ مخلص جي قلم جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو ۽ برعڪس ان جي بلبل اڪبر الهه آباديءَ جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.

سندن دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي (جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه ميسارجن) ۽ ساڳئي وقت نئين حالتن پٽاندڙ زماني سازيءَ کان به ڪم وٺبو رهجي. انهيءَ اصول جي بنيادتي بلبل مرحوم هڪ طرف ته سنڌ مدرسي جي پايي وجهندڙ مرحوم حسن علي آفنديءَ جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحرير ۽ ڪلام جي ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجن قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو، جنهن جو مقصد هو ته نون تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکيو اچجي.

ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻي حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهنڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لڙهي وڃڻ کان بچي ويا. ثبوت هيءُ آهي ته ان زماني ۾ اسان جي ماڻهن تي مغربي تهذيب جو ايترو اثر ڪونه هو، جيترو آزاديءَ کان پوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون. انهن ڏينهن ۾ نه ايتريون پتلونون نظر اينديون هيون نه ايتريقدر بي پردگي ۽ نه مغربي طرز زندگيءَ سان اهڙي وابستگي.

مرحوم ساري زندگي ٻين ڪمن سان گڏ اخبار نويسي به ڪندو رهيو. 1889ع کان 1919ع تائين (جنهن سال پاڻ وفات ڪيائين) ڪنهن نه ڪنهن اخبار سان وابسته رهي پنهنجي خيالات جي اشاعت ڪندو رهيو. سندس مضامين نجو لٽريچر هوندا هئا. اهڙي طرز نگارش ورلي وري ڪنهن سنڌيءَ جي حصي ۾ آئي. اخباري مضمونن کان سواءِ نظم توڙي نثر ۾ ڪيئي ڪتاب به لکي ڇڏيائين. مثلاً: (1) نيچرل ڪريما، (2) ديوان بلبل سنڌي، (3) بهار عشق، (4) رحيما، (5) تيرنهن ڄار، (6) مسلمان ۽ تعليم، (7) عقل ۽ تهذيب، (8) قرض جو مرض، (9) صد پند سود مند، (10) شمس المڪاتيب، (11) احسن التواريخ، (12)ديوان بلبل فارسي، (13) بهارستان بلبل، (14) آئينه ظرافت، (15) گنج معرفت، (16) ديني ڪتابن جو سلسلو.

مطلب ته بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو هو. ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنيٰ ۽ ڪوجهو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.