شمس الدين بلبل (1857-1919ع)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
سنڌ جي بهترين صحافي، اديب ۽ طنز و مزاح ۾ نالو پيدا ڪندڙ بلبل، ميهڙ ۾ ڄائو، اتي ئي مڪتبن ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين ، سندس خاندان زميداري جي ڪرت ۾ هو، بلبل جو ذهن اوڏانهن به هو، هن شروع ۾ داروغپ جي نوڪري ڪئي، انجنيئري کاتو هن جي دل وٽان نه هو، 1872ع ۾ مليل اها نوڪري ڇڏي ڏنائين، 1889ع ۾ ڪراچي ويو، اتي حسن علي آفندي جي ساٿ ۾ رهيو، سنڌ مدرسي جي رسالي جامع العلوم جي ادارت شروع ڪيائين، اڳ ۾ ان جي ادارت محمد عثمان نورنگ زادي وٽ هئي، ان کانپوءِ ڪراچي گزيٽ، خيرخواهه، مسافر ۽ آفتاب جو ايڊيٽر رهيو، سندس قلم جون جولانيون به جاري رهيون، نثر توڙي نظم ۾ بگڙيل معاملن تي نڪته چيني ڪيائين، سنجيده نثر ۽ نظم کانسواءِ طنز ۽ مزاح ۾ به ناليوارو ٿيو ۽ پنهنجي دور ۾ هڪ وڏي هستي ليکيو ويو. مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ محمد هاشم مخلص به ان زماني ۾ طنز مزاح لکندا هئا، پر بلبل پاڻ مڃائي ورتو.
انگريز جي حڪومت ۾ مٿين سطح تي انگريزي زبان جو زور هجي، سماج ۾ مغربي تهذيب پکڙجندي وڃي ته ان خلاف لکڻ ناگزير هو، هندستان ۾ سر سيد، حالي ۽ مزاح ۾ اڪبر آبادي هو ته سنڌ ۾ حسن علي آفندي، اٻوجهو ۽ طنز و مزاح ۾ بلبل هو، بلبل جي نثري ڪاوشن جو جائزو اڳتي ڪنهن نثر واري باب ۾ ايندو هتي فقط سندس ديوان ۽ طنزيه ڪلام جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
پنهنجي بيبا ڪانه رويي ۽ سخت تحريرن جي ڪري مٿس مقدما داخل ٿيا. سرخرو ٿيو ۽ کيس آنريري مئجسٽريٽ جو منصب به مليو، بلبل جو خاص ڪردار سماج جو سڌارو ۽ مسلمانن جي ترقي لاءِ رهيو، سندس ڪلام ۾ نثري ڪاوشون انهيءِ فرض خاطر هيون. ديوان بلبل ۾ هن جو ڪلام عشقيه موضوعن جي ترجماني ڪري ٿو:
منجهه شان لبن لعل بدخشان چوان ڇا
مرجان کان مرجان ٿي بيجان چوان ڇا
ياقوت کي جو قوت جگر خون ٿيو هردم
پاپوش تي چسپان جي ٿئي پان چوان ڇا
بلبل جي ڪلام ۾ بعضي لفظن جي موسيقيت جو گهڻو انتظام نظر اچي ٿو، لفظن جو استعمال ۽ انهن جو تڪرار به خوب ڪري ٿو:
تڪيندي ٿڪي پيام تارن ۾ تارا
ڏيو ور پون ٿا، سي پارن ۾ پارا
ڪڙي بند زلفن جي اهڙو زبون ڪيو
لڳي تار ۾ تار، ڳارن ۾ ڳارا
محبوب جي سراپا جو بيان ڪندي چوي ٿو:
سراپا جو مثال آهي عجيب
عجيبن جو احوال آهي عجيب
ڏنو زلف جو پيچ رخسار تي
اهو جيم ۽ دال آهي عجيب
ڀرون بي سندي باسم بيني الف
ڀرون بسم جي ب ۽ بيني الف
طرح نقطه ۽ خال آهي عجيب
دهن ميم داناءَ دلبر سندو
جو قرئت ۾ هي قال آهي عجيب
ٿيو اسم اعظم سندس پنج انگشت
عزيز وهي اشڪال آهي عجيب
زندگي جي ضرورتن ۽ انسان جي سوچ کي ڇاڇا کپي، ان جو بيان غزل ۾ ڪن حوالن سان بلبل هيئن ڪري ٿو:
ادا! هن رهه روان ۾ دم غنيمت
عمر جي ڪاروان ۾ دم غنيمت
ڏهاڙن چئن جو هي چهچٽو آهه
دنيا جي ننهن ۽ هان ۾ دم غنيمت
پڪي ماڙي نه جي توکي ميسر
ڪچي ڪنڌي مڪان ۾ دم غنيمت
اگر حاصل نه ٿيو حلوو ۽ پوري
ته ڄاڻج خشڪ نان ۾ دم غنيمت
ڪري وٺ بوستاني گل جي بلبل
اٿئي باغ جهان ۾ دم غنيمت
ديوان ۾ فارسي تضمين ۽ فارسي ڪلام. سان گڏ فارسيت بلبل وٽ عام جام آهي، تشبيهون ۽ استعارا جام ڪريم آڻي ٿو:
زلف مسلسل هڪ طرف ريحان ۽ سنبل ٻي طرف
ڪنڍڙا ڪاڪل هڪ طرف ابرو سندو غل ٻي طرف
اي صنم انداز تنهنجي جو شهر ۾ شور هو
غمزن جو غلغل هڪ طرف ۽ حسن جو هل ٻي طرف
تنهنجي رندن سڪر ۾ ساراهه ڪئي ورد زبان
مينا جي قلقل هڪ طرف ساغر سندو مل ٻي طرف
هن شوخ کي جو شعر جو ٿيو شوق تان ڪڍندي ڏٺو
ديوان گل جو هڪ طرف ديوان بلبل ٻي طرف
غزل کان سواءِ بلبل مخمس ۽ قصيدا وغيره به لکيا. بلبل جو طنزو مزاح وارو ڪلام به داد تحسين حاصل ڪري چڪو آهي. ڪتاب ڪلام بلبل ۾ حمد ونعت، مناجات، ڪريما نيچرل ۽ پليگي ڪريما، تضمينون ۽ ٻيو اخلاقيات تي ڪلام شامل آهي. ان سان گڏ اصلاحي ڪلام، تاريخي مادا ۽ قطعا پڻ آهن. مزاحيه شاعريءَ جا به ڪي نظم هن ڪتاب ۾ آهن. هنن نظمن ۾ نوجوانن ۽ مغرب جي تقليدڪرڻ وارن تي نڪته چيني آهي. مولانا گراميءَ جي لکڻ موجب بلبل هڪ طرف فرسوده ۽ بي روح، بي ذوق ۽ بي ڪيف مشرقيت تي طنز ڪري ٿو ته ٻئي طرف مغرب جي انڌي تقليد ۽ بيجا تڪلف ۽ خوشامدانه رنگ تي به خوب گرفت ڪري ٿو. (ڪلام بلبل –20) هن تي تنقيد هيءَ آهي ته بيجا تقليد يا مشرقيت مان هڪ رويو ئي اختيار ڪجي! بلبل جنهن دؤر ۾ رهيو، ان ۾ هُن سنڌي دان کي انصاف پلئه نه پوڻ ۽ نوڪري نه ملڻ جي شڪايت ڪئي. انگريزي پڙهڻ ۾ عار ڪهڙو هو؟ سر سيد ۽ آفنديءَ جون محنتون بي سبب ۽ بي ثمر نه ڄاڻجن ها. هيئن به ڄاڻجي ته بلبل ٽوڪ هڻي انگريزي پڙهڻ جي تلقين ٿو ڪري ! نظم هي:
سنڌي دان جاهل سيه رو ۽ سخت،
نحس نا اهل ناخرد خفته بخت.
سنڌي دان اِڊئٽ سنڌي دان فُول.
رڳا جانور جهنگلي جهُول.
مطلب ته سنڌي دان جي ڪٿي به پهچ ناهي، بي عقل آهي. ان جو ڪم خراب آهي، هو ڊل، ڍرو ۽ بيڪار آهي. انکي پٽيوالا به پڇن نٿا! ته پوءِ انگريزي پڙهي گِٽ مٽ ڪندڙ انگريز سرڪار جو حصو بڻجڻ کپي ها ۽ نه مغربي تهذيب جو دلداده.
بلبل جي خيال ۾: “آهه نئين تعليم گڙٻڙ درجهان انداخته!! ٽوپلو پائڻ جي حماقت نه ڪجي. گوري جي ذهني غلامي نه ڪجي. ان باري ۾ بلبل گهڻو لکيو. آءٌ سندس هڪ نظم “نئون زمانو” مان اقتباس ڏيان ٿو:
گهر کان نڪتا نيتو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سر ۾ ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڪالر ڪوٽ قميصون جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۾ پاڪٽ،
چيچاتي بوٽن جي چِرچِر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گِٽمٽ گِٽمٽ وات ۾ وائي،
يوسي يوسي مستر مستر، تاڪ ڌنا تاڪ ڌنا.
بلبل جا سڀ نثري ۽ نظمي ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ 1969ع کان سندس ڪتاب وري شايع ڪيا، انهن مان ڪن جا ٻيا ڇاپا به نڪتا. مولانا گرامي انهن جي نئين سر تدوين ڪئي ۽ مقدما لکيا.
بلبل جو فرزند رئيس ضياءُ الدين ايس.بلبل به اديب ۽ شاعر هو. سندس باري ۾ مخدوم طالب الموليٰ، “ياد رفتگان” ۾ هيئن لکن ٿا: “سندس ولادت وقت جي اهل الله ۽ مجذوب درويش غلام محمد سوڍر جي دعا سان 15 ڊسمبر 1910ع تي ٿي.ميٽرڪ لاڙڪاڻي مان ۽ 1938ع ۾ ايم. اي (فلاسافي) ۽ ايل.ايل. بي علي ڳڙهه مان پاس ڪيائين. 1943ع ۾مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ منطق ۽ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ليڪن جلدي اچي دادوءَ ۾وڪالت شروع ڪيائين ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. 14 ڊسمبر 1966ع تي وفات ڪيائين.” سندس غزل جو نمونو هي آهي. جنهن ۾ شمع پرواني جي مناسبت ملحوظ رکي اٿس:
حرص و حوس جي واءُ نه دل جي وساءِ شمع،
ڪاري آ ڪاڪ ۾ نه گذارو سواءِ شمع.
ساقي تي مي سبوتي نظر هئي سڀن جي پر،
پرواني ٿي ڏٺو نه ٻيو ڪجهه سواءِ شمع.
وڌندي وڃي ٿي رات ته ٻڏندي وڃي ٿي دل،
آيو نه شمع رو مگر تون نڀاءِ شمع.
توکان ضيا ملي هي زماني کي روشني،
رهندو جگر جو داغ ٿي روشن بجاءِ شمع.
(ياد رفتگان- ص 226-227)