آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پهريون: يادگيرين جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ

19 مارچ ڇنڇر ڏينهن 2005ع تي نوڪريءَ جا چوٽيهه سال پورا ڪري رٽائر ٿيس. شاگردن، استادن تمام گھڻو مانُ ڏنو، الوداعي دعوتون، اجرڪ، ۽ ٽوپيون پارايون ويون. تمام وڏي اهتمام سان تقريرون / فوٽو، مووي ڀري رخصت ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجھ دوستن / شاگردن جو پيار ۽ محبت هئي جيڪا هميشہ ياد رهندي.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر غلام رسول سومرو، پروفيسر بشيرالدين ميمڻ، پروفيسر محمد رمضان وڳڻ، منهنجي تعليمي خدمتن تي ٻه ٻه لفظ ڳالهايا، اهو سڀ ڪجھ انهن جي مهرباني آهي، ورنه مون جيڪي ڪجھ تعليم جي واڌاري ۽ شاگردن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيو، اهو منهنجو منصبي فرض هو، مون ڪنهن تي ٿورو ڪونه ڪيو، البته جيڪي ڪجھ ڪيو ان لاءِ مونکي سرڪار پگھار ڏيندي هئي.
پنهنجي يادگيرين تي لکڻ لاءِ خيال دماغ ۾ دکيل ڇيڻي مثل دونهون ڪڍي رهيو هو. ڪوشش ڪندس ۽ پراڻيون ڊائريون ڳوليندس ته ڪجھ نه ڪجھ نڪري ايندو ۽ پڻ دماغ تي زور لڳائبو ته ياد اچي ويندو ته انهيءَ عرصي ۾ ڪيترا غلط يا صحيح فيصلا ۽ ڪم ڪيا.
مئٽرڪ پاس ڪري فرسٽ ايئر آرٽس ۾ حيدرآباد ۾ گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيس. رهندو بابا سان گڏ ڄام شوري ۾ هوس. ادا بدر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. ماما مريد به سچل ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر سائنس ۾ داخل ٿيو هو، اهو به گڏ رهندو هو.
بابا جو دوست ايم. ايم. جماڻي صاحب ايريگيشن کاتي ۾ چيف انجنيئر ٿي رٽائر ٿي چڪو هو، آيو، ته انکي ڏسي ۽ ملي حساب لڳايو هئم ته مان 2005ع ۾ رٽائر ٿيندس.
اهو ڏينهن ياد اچي ٿو ۽ اڄ ڏسان ٿو ته اهو سڀ خواب هو ۽ هي جيڪو ڪجھ زندگيءَ ۾ حاصل ڪيم جهڙوڪ ڊگريون، نوڪري، شادي وغيره خواب ۾ هئس ۽ ٻيو ڪجھ به نه. قران پاڪ ۾ جيڪي بيان ٿيل آهي ته: “هي دنيا کيل ۽ تماشو آهي” ته سمجھ ۾ نه پيو اچي. مگر هينئر سمجھ ۾ اچي ويو. برابر سڀ تعريفون الله جون، بقا به انکي. انسان ته محض هڪ پاڻيءَ جو فوٽو آهي. پوءِ هيءَ ڏاڍائي، بدمعاشي، فريب، دغا ۽ دولاب ڇا جو؟ انهن ڳالهين تي اگر سوچجي ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي ويچار ڪجي ته جيڪر هن دنيا جا انساني مسئلا حل ٿي وڃن ۽ معاشرو گلستان ٿي وڃي.
پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته غربت ۽ مسڪيني جي ڪري انيڪ مسئلا جنم ٿا وٺن پر هرو ڀرو ائين به ڪونهي ته ماڻهو پنهنجي ماڻهپي مان نڪري وڃي. انسان صرف انسان ٿي ڪري پنهنجي زندگي گذاري ۽ شيطانيت کان دور رهي ته هيءَ دنيا ته هونئن به گلزار آهي، ويتر هر طرف گلزاري ٿي پوي ۽ پوءِ جيڪو سڳنڌ ۽ خوشبوءِ ايندي انجو اثر صدين تائين قائم دائم رهندو.
پر ائين ٿئي ڪونه ٿو. هر ماڻهو پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ ويندو آهي ٻين جي ڪمائي تي ڌاڙو هڻندو ته جيئن هيءُ هڪ ئي رات ۾ امير ۽ شاهوڪار ٿئي، پوءِ جيڪو ڪجھ هنجو حشر ٿيندو آهي اهو ٻين لاءِ عبرت به هوندو آهي ۽ سندس لاءِ عذاب ۽ خواري پڻ. جهڙي ريت ڪوريئڙو ٻين ننڊڙن جيوڙن کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار ٺاهيندو آهي ته اهي ڦاسن ۽ هي انهن جو شڪار ڪري پنهنجو پيٽ ڀري ۽ نتيجي ۾ ويندو آهي، پاڻ، سندس ئي اڻيل ڄار ۾ ڦاسندو ۽ پوءِ سندس لاءِ ان ڄار مان نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
اهڙي طرح هن دنيا جي ڄار ۾ جاهل ۽ لالچي ماڻهو ويندا آهن ڦاسندا ۽ پوءِ هنن جو جيڪو حشر ٿاڻن، ڪورٽن ۽ وڪيلن وٽ ٿيندو آهي، اهو هڪ عقلمند لاءِ عبرت ڪده آهي، ڇو ته، انهن لالچي ماڻهن جي حالت اهڙي ٿي ويندي آهي جو سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون، ٿي ويندا آهن ۽ سڃا ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ وڪيلن جي آفيسن ۾ هيٺ مٿي نهاري پيا شوڪارا ڀريندا آهن، ۽ پنهنجن مخالفن کي پٽون پاراتا ڏيندا آهن. پر اهو ڪو نه سوچيندا آهن ته اها کڏ هنن پاڻ ئي کوٽي هئي جنهن ۾ خود ڪريا آهن. انهيءَ ڪري ته سالڪن چيو آهي ته: “پنهنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب”.
اف الله! زمين الله جي، انسانن کي سبق ڏيندي بزرگن فرمايو ته هي دنيا مانجھاندي جو ماڳ آهي. پوءِ ڀوتارن جي اشارن ۽ بڇ تي وتون ٿا هڪ ٻئي کي ڪهندا ۽ ماريندا. هڪ ٻئي تي ڪو به ترس ڪونه ٿا ڪيون. ممتاز لاشاريءَ ڪهڙو نه سٺو ڳايو آهي:
قــــيـــاس تــه دل ۾ ڌار تـــــون
مـــاڻـــهوءَ کـــي نــه مــار تــون
ماڻهو ته پيارو اٿئي الله کي.