آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پنجون: نوشهري ڪاليج کي جوائن ڪرڻ

نواب شاه کي خدا حافظ چئي نوشهري آيس. ڪاليج ڏٺل ڪونه هو ته ڪهڙي هنڌ آهي. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته مختيارڪار آفيس جي سامهون آهي. اها آفيس ٽپي ويس ته سامهون ٻن ڪاليجن جا ننڊڙا بورڊ لڳل هئا. هاءِ اسڪول اڃان هلي رهيو هو. اندر گھڙي ويس. هڪ ننڊڙي ڪوٺڙي هئي، انجي ٻاهران هڪ پٽيوالو ويٺو هو. ان کان محمد اسحاق انصاريءَ جو پڇيم ته ان چيو ته اندر آفيس ۾ ويٺو آهي. مان گھڙي ويس ۽ ان سان مليس ته ڏاڍو خوش ٿيو.
محمد اسحاق انصاري اسان کان عمر ۾ گھڻو وڏو هو. منهنجي خيال ۾ پنجيتاليهه يا اٺيتاليهه سالن جو هو. هنکي نوشهري جي هڪ ايجوڪيشنل سوسائيٽيءَ پرنسپال مقرر ڪيو هو، پر کيس پگھار ساڍا چار سَوَ ڏيندا هئا. ۽ انصاريءَ صاحب اسانکي به ساڍا چار سَوَ پگھار ڏيکاري، سوسائيٽيءَ جي سرپرست کان Approval وٺي، سندس هٿ اکرن سان ئي آرڊر نڪتل هو، مونکي ڏنائين ۽ وڌيڪ چيائين ته ادا لاڙڪ! ڪاليج جو ٽائيم آهي ٻه بجي کان پنج. وڌيڪ چيائين ته “هاڻي جوائننگ رپورٽ ڏيو ته مٿي ڊائريڪٽر جي آفيس حيدرآباد موڪليان. اها ڏنم. هاڻي مان سنڌ سرڪار جو ملازم ٿيس. گريڊ سترهين ۾ ليڪچرار. ذري آسمان ۾ مٿي نهاريان، ذري پاڻ کي ڏسان، يقين ئي نه اچي ته هي جھٽ پٽ ڇا ٿي ويو! ۽ سوچان ته هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي. ٿڌو شوڪارو ڀري ڌڻيءَ جا لک شڪرانا بجا آندم. اها معنيٰ آهي رب جي! مطلب کارائيندڙ، جياريندڙ ۽ ماريندڙ.
ڪجھ ٻين دوستن سان به ميل ميلاپ ٿيو، جهڙوڪ خادم حسين، فيض محمد خانزادو، منير احمد سهتو، عبدالرحمان قريشي، بشيرالدين ميمڻ. پرائيمري مين اسڪول ۾ هڪ ٻيو به ڪاليج هلندو هو، بعد ۾ انکي اسانجي ڪاليج ۾ ضم ڪيو ويو ۽ هڪ استاد آيو، جنهن جو نالو هو عاشق حسين راڄپر ۽ هڪ پٽيوالو به آيو، جنهن جو نالو هو غلام حسين راڄپر. اهي راڄپر هڪ ٻئي جا سؤٽ ٿين.

نوشهري جي موسم:
نوشهري ۾ ٻه ٽي مهينا اڳم به رهي ويو هوس. ماڻهو ماڻهوءَ جي خبر هئي. پر موسم جي به چڱي طرح ڄاڻ هئي. گرميءَ ۾ نوشهرو چئي کڻي بس ڪجي. مئي، جون جولاءِ جي ڪهڙي بات ڪجي. جيئن ڪنڀر جي آويءَ منجھان اُلا ۽ ڄڀيون نڪرنديون آهن، ائين ئي دونهان نڪري ويندا هئا. مٿي تي ڪپڙو آلو ڪري پوءِ ڪورٽن مان نڪربو هو. تڏهن وڃي اوطاق تي ساه پٽبو ۽ پوءِ مٿي تي پاڻيءَ جو گلاس هاربو هو، تڏهن وڃي ماني کائبي هئي. ورنه هڪ گره به هيٺ ڪونه لهندو هو.
خادم حسين جا ڀاڻيجا مونکي به ماما سڏيندا هئا، بلڪ اڃان به ائين سڏيندا آهن، اهو سندن قرب، پيار ۽ محبت آهي. سندن همشيره به وڏي قرب ۽ پاٻوه سان ملندي. سنڌيءَ ۾ M. A ڪيائين، هاڻي ڪراچيءَ جي ڪنهن گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي پرنسپال آهي.
ذڪر پي هليو نوشهري جي گرميءَ جو. شهر اسٽيشن واري پاسي کان مٿي آهي، ۽ لڪيءَ وارن جبلن جي بلڪل سامهون آهي. لڪيءَ جي سامهون وري آهي بلوچستان سا اُتان اها لوءِ گرمين جي ڏينهن ۾ سڌي اچي نوشهري ۾ ڪري. گھڻو ڪري چوڌاري اٿس کجين جا باغ. کجي به پچي انهن ڏينهن ۾. هيءَ کجي خيرپور جي کجيءَ کان بلڪل مختلف آهي، وڻ ۾ پچندي آهي يا وري لوڻ ۾ کيس ٻوڙي پوءِ وڪڻبي آهي، پر ان ۾ مزو ڪونه ٿئي. باقي وٽ وٺڻ لاءِ وٺي کائبي آهي.
شهر جي وچم شاهي بازار آهي. جيئن ئي بازار ۾ گھڙبو ته ڪجھ ٺَڪُرَ ذات جون عورتون زنانو وکر رکي پنهنجو گذران ڪنديون آهن. ٻه ٽي دوڪان هندن جا به آهن. سندن مندر به بازار ۾ آهي. سندن پنڊت يا ٻائو يا گرو چئون، اهو به پيو بازار ۾ اڇو ڪڙتو ۽ اڇي گوڏ ٻڌي پيو گھمندو. سندس ڏاڙهي صفا اڇي هوندي هئي ڪير به ائين ڪونه چوندو ته ڪو هندن جو ٻائو آهي.
شهر جا معزز ماڻهو کوڙ سارا آهن. انهن ڏينهن ۾ ڪجھ هن ريت هئا:

پير قربان علي:
هي زميندار به هو ته وڪيل به. آواز ايڏو ڳرو هوندو هئس جو جڏهن پاڻ ڪورٽ ۾ ايندو ۽ شاهدن کان آڏي پڇا ڪندو جو انهن جون وايون بتال ٿي وينديون هيون. کيس ٻه پٽ هئا. هڪ جو نالو هو پير خالد احمد ۽ ٻئي جو پير طارق. هي ٻئي اسانجي عمر جا هئا. بعد ۾ پير طارق ته وزير اعليٰ جو مشير ٿيو ۽ وزير به ٿيو. مونکي ان ۾ اهڙي قابليت ڏسڻ ۾ ڪونه ايندي هئي، پر هڪ ڳالهه ڪبي ته سوشل هو. آفيسرس ڪلب ۾ ايندو ۽ کل ڀوڳ ڪندو ۽ ڀوڳ چرچا به سهبا. هي اصل ۾ راڄپر آهن، قدرت واري جا کيل ٻئي ڀائر جوانيءَ ۾ انتقال ڪري ويا.

عبدالسميع الوري:
مهاجرن جو پاڙو الڳ آهي. هتي اسانجو دوست فيض محمد خانزادو اسان سان ئي اردوءَ جو ليڪچرار هو. ان کان اڳم هي هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هو. پرائيويٽ ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو. تنهن ڪري هن به ڪاليج کي جوائن ڪيو.
فيض محمد جو ڀاءُ اردو اسڪول ۾ پرائيمري استاد هو. سندس نالو هو عبدالسميع. پر پاڻ کي الوري سڏائيندو هو. ڇاڪاڻ ته هي جڏهن انڊيا کان آيو ته رياست اَلِوَرِ کان آيو، جيئن دهلوي، لکهنوي، ڪاٺياواڙي، امروهي، رام پوري وغيره وغيره.
نوشهري شهر جو جنگ اخبار جو ڊسٽرڪٽ رپورٽو هو. تنهن ڪري نوشهري جا آفيسر کيس وڏي عزت ڏيندا هئا. ۽ منهنجي وري هو پاڻ عزت ڪندو هو، ڇو ته اسانجي دوست فيض محمد جو ڀاءُ هو. فيض محمد، سندس اولاد به منهنجي عزت ڪندا آهن. فيض محمد نوڪريءَ جي دوران گذاري ويو. مون ڊگري ڪاليج جي هال کي سندس نالي سان تختي ٺهرائي منسوب ڪيو، پر ڪن ناعاقبت انديشن اها تختي پٽي ڇڏي جيڪو مونکي به افسوس آهي ۽ سميع کي به.
عبدالسميع استاد سان گڏ هڪ تاريخدان، محقق هو. سندس نوشهري جي آس پاس ۾ جيڪي تاريخي ماڳ مڪان آهن انهن بابت تحقيقي انداز سان معلومات گڏ ڪري ڇپائيندو ۽ اهڙا ڪالم به لکي جنگ اخبار ۾ ڏئي ڇڏيندو هو جيڪي هفتيوار مئگزين ۾ ڇپبا هئا. سندس انهن لکڻين مان اهو اندازو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته هي دوست علم دوست، سنڌ سرزمين جي دردن کي محسوس ڪندڙ استاد هو.

پير نَوَلُ گھوٽ:
پير نَوَلُ گھوٽ هن شهر ۽ پسگردائي جو وڏو حڪيم هو. سندس حڪمت جا ٻه ٽي نسخا وڏي ڪيميا وارا هئا. مون کيس ڪونه ڏٺو، باقي شهر جا ماڻهو سندس وڏي تعريف ڪندا آهن. هن ئي خاندان جو نصير فقير ته فقير طبع، ۽ نقشبندي طريقي ۾ وڏو پير طريقت هو. فقير خوش خير محمد هيسباڻي سندس ئي مريد ۽ خليفو هو، ۽ کيس فيض به هن ئي در تان مليو.
نصير فقير جو ڪلام سنڌ جي اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق ڇپائي پڌرو ڪيو. مان جڏهن ڊگري ڪاليج جو پرنسپال هئس ته هڪ منهنجو شاگرد جيڪو نصير فقير جي اولاد مان هو ٻه ٽي ڪاپيون ڇپيل کڻي آيو، ۽ ٽيبل تي رکي مونکان پيسئا گھريا. مون کيس دعوت نه ڏيڻ جي ميار ڏني ته ڪجھ گھڙيون پريشان ٿي ويو ۽ پوءِ هٿ ٻڌي معافي ورتي. مون کيس ڪتابن جا پيسئا ڪونه ڏنا ۽ کيس چيم ته پنج پوريون ڪاپيون ڪر ته پوءِ لاڳيتا ڏيندم. ته مهرباني چئي هليو ويو. ٻئي ڏينهن پنج ڪاپيون پوريون ڪري پيسئا وٺي ويو.

عبدالفتاح ميمڻ:
خادم حسين جو والد مختيارڪار هو. جڏهن مان وڪالت ڪندو هوس ۽ سندن اوطاق ۾ رهندو هوس ته ڏٺو هوم. خادم منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو هو ته ٺهه پهه چيو هئائين ته لاڙڪ حاجي خان تنهنجو ڇا ٿئي؟. مون کيس ٻڌايو هو ته منهنجو نانو ٿئي، ته چيو هئائين ته دادوءَ ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو وائيس پريزيڊنٽ هو ته ساڻس ملاقات ٿيندي هئي. جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ته پاڻ انهن ڏينهن ۾ پنجهتر سالن جو هوندو.
وڏيرن جي پاڙي ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو ڪونه هو جيڪو ذڪر ڪرڻ جي لائق هجي. سيد به هئا انهن ۾ به اهڙو ڪو خاص ماڻهو ڪونه هو، سڀ مڇي مانيءَ وارا هئا.

ذڪر ڊاڪٽر عثمان ڪلهوڙي جو:
شاهي بازار ۾ هڪ ڊاڪٽر عثمان ڪلهوڙو پنهنجو ڊاڪٽريءَ جو دوڪان هلائيندو هو. پاس ته ڪجھ به ڪونه هو، باقي ٻه ٽي سال ڪنهن ڊاڪٽر وٽ سئي هڻڻ سکيو، ڪجھ ذهين هو جو کڻي ان ڪم کي کنيو. قدرت واري به کيس هٿ ۾ شفا ڏني هئي جو مريض آيو ۽ چاڪ چڱو ڀلو ٿي گھر ويندو. باگڙي ته سندس خاص گراهڪ هئا. اگر ڪو سندن رڇ ۽ ڀولڙو به بيمار ٿيندو هو ته ان کي به اهائي سئي هڻبي جيڪا ماڻهن کي هڻندو هو.
سندس ڀاڻيجو بي. اي، ايل. ايل. بي هو، پر دوائن جو دوڪان هلائيندو هو. قدرت واري کيس اهڙو نوازيو جو جج ٿي ويو، ۽ ايڊيشنل ٿي رٽائر ڪيائين. سندس نالو هو محمد صديق. هاڻي خبر ناهي ته ڪٿي ٿو رهي.
هڪ ڏينهن بازار ۾ محمد صديق جي دوڪان تي ويٺو هوس ڪم ڪار ڪونه هو. بس ائين واندڪائيءَ جي وندر خاطر. باگڙين جو ڪو ماڻهو بيمار هو ۽ ان بيمار کي محمد عثمان جي دوڪان تي کيس علاج لاءِ وٺي آيا. مريض کي سئي لڳي ۽ ڳاڙهي دوا به پياري وئي ۽ ڪجھ دوائن جو پرچو به لکي ڏنو ويو. ڳاڙهي دوا پيئڻ سان همراه چاڪ ٿي ويو. دوائن جو پرچو اتيئي اُڇلي جيڏانهن آيا هئا اوڏانهن هليا ويا. محمد صديق ڏسي مونکي ۽ مان ڏسان محمد صديق کي. محمد صديق مريض کي گار ڏئي، مونکي چيو ته: “اگر ڪم ائين هليو ته مان ڇا ڪمائيندس؟ مون واري مامي اِها ڳاڙهي دوا هن رن ............. کي ڏني ڇو؟”. جو ائين هليو ويو واڇون ٽيڙيندو.

ذڪر چاچي جيئند ميمڻ جو:
ڊاڪٽر عثمان ڪلهوڙي جي ڪلينڪ جي ڀرسان مٺائي واري جو دوڪان هو. سندس نالو هو حاجي جيئند. کير جا پيڙا سندس مشهور هئا، سوکڙي طور ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ويندا هئا جو تمام لذيذ هئا ۽ وڏي محنت ۽ ننڊي ڦوٽي جي آميزش سان ٺاهيا ويندا هئا. سندس هڪ نوڪر هوندو هو هندو مذهب جو، پر انجا خيال ۽ ويچار صوفياڻا هوندا هئا. سندس نالو هو ڪندن مل. جهڙو هو فقير طبع چاچو جيئند، اهڙو هو سندس نوڪر ڪندن. ڪندن کي هڪ ڏينهن سڀني مسلمانن. جيڪي ايندا ويندا گھڻو هئا سندن ڪچهريءَ ۾، چيو ته: “ڪندن مسلمانن سان اٿئي دوستي، پوءِ هاڻي کڻي مسلمان ٿي”. ڪندن ڪجھ سوچ ۾ پئجي ويو. ۽ سڀني کي چيائين ته: “ڀائرو ٿورو سوچڻ ڏيو ۽ گھر واريءَ سان به مشورو ڪيان”.
ٻئي ڏينهن جيئن ئي دوڪان تي آيو ته سڀ دوست کيس وڪوڙي ويا. هن فقير مڙس کلي ڏنو. پر سندس انهيءَ کل ۾ ڪجھ سوال هئا، جيڪي هن دوستن جي اڳيان رکيا. پهريون ته سندس ٻه ڌيئون جوان آهن اهي مونکان وٺو، ته هڪ سندس دوست چيو ته مان ٿو وٺان پنهنجي پٽن لاءِ ۽ وڌيڪ ان دوست چيو ته ادا ڪندن قبول آهي، جيئن تون چوندين ائين ئي ٿيندو. ڪندن هڪ ٻيو به سوال اٿاريو ۽ چيو ته منهنجا پٽ به جوان آهن، لازماً اهي به مسلمان ٿيندا، انهن جا طهر به ڪرائيندس، ۽ انهن جو ڪاڄ به موجود آهي، انهن لاءِ ٻه ڪنوارون کپن! توهان مان جيڪو ڏئي مونکي قبول آهي، ۽ مان مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. اهو ٻڌي مسلمانن جا ڇيهه ئي ڇڄي ويا. دک ٻلي وانگر پيا هڪ ٻئي کي ڏسن. ائين هر ڪو اٿي ويو هليو. چاچي جيئند انهيءَ سڄي ماجرا ۾ هڪ اکر به ڪونه ڳالهايو.

دوڪان شام لال جو:
بازار ۾ هندن جا ٻه ٽي دوڪان هئا، پر هيءُ دوڪان سڀني کان نرالو هو. هن ۾ ڪو به وکر نه هوندو هو، پر سڄو ڏنڊن سان ڀريل هو. سڄي بازار ۾ هڪ الهه لوڪ فقير نالي ڇٽو فقير جي نانءَ سان مشهور هو. ان کي انهن ڏنڊن جو شوق هو ۽ هيءُ هندو انجو مريد هو. ان هندوءَ ان ۾ ڪهڙي مڻيا ڏٺي هئي انجو پتو ناهي. سندس نالو هو شيام.
مان جن ڏينهن ۾ نواب شاه ۾ وڪالت ڪندو هوس ته سيشن ڪورٽ ۾ هڪ هندو هيڊ ڪلارڪ هو. اصل ۾ نوشهري جو هو. مون کيس رشوت وٺندي ڪونه ڏٺو. هميشہ کيس بافتي جو ڪڙتو ۽ بافتي جو پاجا مو ۽ پيرن ۾ چاکڙي پاتل ڏٺي. حالانڪ مسلمان ڪلارڪ پيسي جي پٺيان. صبح جو گھران کيسا خالي ڪري ايندا هئا، پر ويندا هئا ته سندس کيسا ڀريل هوندا. انجي برعڪس هي هندو جهڙو ايندو هو ائين ئي هٿين خالي ويندو هو. آسمان واري کي به شايد اهائي ڳالهه پسند آئي جو سندس اولاد پڙهي وڏين ڪرسين تي ويٺو. حلال جي رزق ۾ اها برڪت آهي.

بازار ۾ دارونءَ جو دوڪان:
بازار ۾ هڪ دارونءَ جو دوڪان به هو. اها خبر نه آهي ته هندو هلائيندو يا مسلمان. منهنجوماسات اقبال جڏهن پاپوليشن پلاننگ آفيسر ٿي آيو هو ۽ کيس دوائون ۽ French leather يا ڦوڪڻا ورهائڻ لاءِ ملندا هئا ته ڦوڪڻا هن هندو دوڪاندار کي ڏئي انهن پيسئن جو دارون وٺندو هو. ان هندو دوڪاندار جو نالو هو گورڌن داس. ڪجھ سالن کانپوءِ انڊيا هليو ويو. ٻڌو آهي ته صوبي گجرات جي شهر سورت ۾ رهندو آهي. سڄي بازار ۾ هن جو دوڪان مشهور هو ۽ هر شيءِ ملندي هئي.

ذڪر محمد ابراهيم راڄپر جو:
منهنجي دوست ۽ ليڪچرار عاشق حسين جو وڏو ڀاءُ هو. تمام نيڪ انسان ۽ خاموش طبع هو. اگر ڪا ڳالهه ڪبي ته جواب ڏيندو ورنه خاموش. نماز ۽ روزي جو پابند هو، تنهن ڪري سندس لاڙو روحانيت طرف وڌيڪ هو، ۽ اڪثر اهڙا ڪتاب ۽ رسالا گھرائي پيو پڙهندو هو، ۽ اسان کي به پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. ذڪر فڪر سان به دلچسپي رکندو هو، تنهن ڪري اهڙين درگاهن تي اڪثر ويندو هو، ۽ دوڪان تي منهنجو دوست عاشق حسين ويهندو هو.
رب کي ملڻ ۽ ان جي ديدار جي حاصلات لاءِ هي پري پري تائين هليو ويندو هو. هن کي ڪنهن اهو ٻڌايو ته لاهور ۾ هڪڙي خانقاه آهي جنهن کي “نور والونڪا ڪا ڊيرا” سڏيو ٿو وڃي، اتي وڃڻ ۽ صاحب ولايت سان ملڻ بعد هڪ سائل جي دل جي مراد پوري ٿئي ٿي. هي دوست اوڏانهن نڪري ويو.
پندرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هي واپس آيو ته هن جي حالت ڏاڍي ابتر هئي. سڃاڻپ ۾ ڪونه ٿي آيو. بس هڏن جي مٺ وڃي بچيو هو. پڇڻ تي هن ٻڌايو ته اتي ڏاڍي بک ڏني وئي، ايتري قدر جو هفتو هفتو ماني ۽ پاڻي ڪونه ملندو هو. ۽ ٻيو ته جيڪي ڪجھ کيسي ۾ ڏوڪڙ پيسئو هو اهو به ڪڍي ويا. بس ريل جو ڪرايو ڏنو ويو ۽ وڌيڪ چيو ويو ته هاڻي تون جلد واصل بالله ٿي ويندين. پر هي دوست انتقال ڪري ويو. منهنجي عاشق سان تمام گھاٽي دوستي ٿي وئي. ۽ اڄ تائين اها دوستي هلندي اچي.

نوشهري تي نالو:
نوشهري تي نالو فيروز نالي هڪ تيز فهم ۽ ڦڙتيلي نوجوان جي ڪري پيو. ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ هن علائقي جي صوبيداري کيس مليل هئي. فيروز شهر کي اڏائڻ ۽ نئون شهر ٻڌائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ورتي. تاريخي طور هي نئون شهر نوشهرو فيروز ٿي ويو.
هالاڻيءَ جي جنگ ۾ ڪلهوڙن پاران وڙهندي ميرن جي هٿان شايد مارجي ويو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي ويو. سندس قبر اسٽيشن جي ڀرسان هئي پر هاڻ ميسارجي وئي آهي.