باب نائون: ڳوٺ جي مسجد
مـــا خــلــق مـثــلـــہ بـتاريخـش
1346
گفت هاتف بخادم مسڪين.
ٻيون به هاڻي ٻه مسجدون آهن. پر اهي گھڻو پوءِ ٺهيون. لائيٽ وغيره ڪونه هئي تنهن ڪري ٻاهرين صفحي تي بيهي آذان ڏبي هئي. آخوندن جي پاڙي مان حافظ خير محمد آذان ڏيندو هو، ۽ نماز به پڙهائيندو هو. ٻڌندو آهيان ته گھنڊ حافظ هو. ۽ ٻڌائيندڙ اهو به ٻڌائيندا آهن ته رات جو سندس گھر مان قران جو ورد جاري هوندو هو. سندس پوٽو ساڳئي نالي سان انگريزي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي آهن، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر ٿي رٽائر ڪيائون ۽ هن وقت ڪراچيءَ ۾ اقراء يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهيا آهن.
حافظ محمد دائود. ان کان بعد استاد محمد اسماعيل کي هيءَ ذميواري سونپي وئي، ان به خوب نڀايو. ان کان اڳم حافظ محمد دائود کي هيءَ ڊيوٽي ملي هئي. هي اهو حافظ آهي جنهن وٽ مون به قران پاڪ پڙهيو. کائڻ پيئڻ خاص ڪري چانهه جو وڏو شوقين هو. صبح جو چانهه سان ڪوڪي پچرائي کائيندو هو ۽ مونکي به ڏيندو هو، جو سندس نياڻي منهنجي مامي هئي. انهيءَ عزازت جي ڪري اسانجي خاندان جي وڏي عزت ڪندو هو. هن وقت سندس ننڍي ۾ ننڍي نياڻي عطيه دائود جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. هيءَ محترمه پاڻ به ليکڪ ۽ اديب آهي ۽ شاعره پڻ. سندس مڙس خدا بخش ابڙو ڊان اخبار ۾ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو آهي.
حافظ محمد دائود کليل ذهن وارو شخص هو. سخت گير ڪونه هو. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڳوٺ ۾ “ملا اسڪول” کوليو هئائين. جتي ڳوٺ جي نياڻين کي پاڻ پڙهائيندو هو. سندس ٻه وڏيون نياڻيون ماسي زيب النساءِ ۽ ماسي ڪزبانو سنڌي فائنل پاس ڪري ماسترياڻيون ٿيون. ماسي زيب النساءِ نواب شاه ضلعي ۾ بعد ۾ ADIS ٿي ۽ تقريباً شهر جي تعليم يافته گھراڻن جي ٻارن جي استاني هئي، تنهن ڪري هر ڪو کيس دادي ڪري سڏيندو هو. تعلقي ڪنڊياري ۽ نوشهري ۾ ساليانا امتحان وٺڻ ايندي هئي. پاڻ نوي سالن جي عمر ۾ هي جهان ڇڏيائين.
صوم ۽ صلواة جي پابند هئي. امان سان سندس دوستي هئي جو ٻئي همعصر ۽ همڪلاسي هونديون هيون. مون جڏهن به ساڻس ملاقات ڪئي ته رب پاڪ ۽ رسول پاڪ جي شان ۾ ڪلمات ٻڌا. ان جو سبب هي هو جو سندن والد سندس تربيت ئي اهڙي ڪئي هئي، ڇو ته اهو پاڙو ئي اهڙو هو. جتي هڪ ئي وقت چار حافظ موجود هئا ۽ چارئي هڪ ٻئي کان وڌ هئا.
رمضان جي مهيني ۾ چارئي حافظ ٻاهر پري پري هليا ويندا هئا ۽ ختم اتي پڙهائيندا هئا، پر ڳوٺ ۾ ڪونه پڙهائيندا هئا، انجو سبب شايد هيءُ به هجي جو ٻئي هنڌان کين وڌيڪ ملندو هو.
رمضان جي ڏينهن ۾ سڄي ڳوٺ جا ٻار مسجد جي ٻاهران ڀت تي چڙهي ويهندا هئا. لائيٽ جو نه هئي ۽ نه بيٽري تنهن ڪري مغرب جي آذان سائين محمد اسماعيل اڱڻ تي بيهي ڏيندو هو. جيئن ئي استاد محمد اسماعيل الله اڪبر ڪئي ته هر پاڙي جو ٻار گھٽين مان ڊوڙندو چوندو ويندو ته “ٻانگ ڙي ٻانگ روزا ڇوڙيو”. ۽ پوءِ گھرن ۾ زالون ۽ ڇوڪريون روزا کولينديون هيون.
افطاري وري ڪهڙي. بس لسيءَ سان ماني کائبي! ڇا جو فروٽ، ڇا جون کارڪون؟ برف وغيره يا شربت جو ته تصور ئي ڪونه هو. پاڻي سو به دلي جو. تڏهن به ماڻهون خوش هئا. نه کين بلڊ پريشر، نه شگر. گوشت جو ٻوڙ يا مڇي به ڪانه، رڳو دال ۽ سبزي، سو به پنهنجي زمين مان پٽي اچبي ۽ چاڙهبي. ٻيو ٿيو ڪل خير. جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ رمضان آيو ته به کين پرواه ئي ڪانه هوندي هئي. مرد صبح سوير گاه پٺو ڪري يا ته پنهنجي ٻنيءَ تي ليٽي پوندو هو جتي سندس مال متاع ٻڌل هوندو، يا وري ڪنهن کوه تي وڃي وقت کي ڌڪيندو. کيس گرمي لڳي ته مٿان ٻه ٽي بالٽيون پاڻيءَ جون هاري سڪون سان ويهي صلواة پڙهندو. ڇا جي کِٽِ پِٽِ، ڇا جا ڇولا، ڇا جا سموسا، بس ڳڻتي هوندي هين ته بس هڪ يعني الله هو الله هو ۽ يا الاهي خير!
ڄئرون ڏيارڻ جو رواج
ڳوٺ ۾ هي به ڏٺم جو سيارو ويو بهار جي منڌ آئي ته ٿلها متارا مرد ڊڀري کان گھرائيندا هئا ماڙيچا ذات جا. اهي شاخ تي اچي وهندا ۽ کوليندا پنهنجون ڳوٿريون. ڳوٿرين ۾ هونديون هيون ڄئرون. پوءِ اسانجي ڳوٺ جا پنهنجي پٺي اگھاڙي ڪندا ۽ ماڙيچا ويندا اهي ڄئرون انهن جي پٺيءَ تي رکندا. چئرون ڪنديون رت چوسڻ شروع. پندرهن يا ويهه منٽن کانپوءِ ڄئرن جو پيٽ ڀرجي ويندو هو ۽ ماڙيچو آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان زور ڏئي رت کي هاريندو ويندو شاخ ۾، اهڙي طرح سان اهو همراه ٻه دفعا ائين رت ڪڍرائيندو هو. بس پوءِ سڄو سال گرمي ۽ سرديءَ ۾ تازو توانو، مجال آهي جو کيس بلڊ پرشر ٿئي يا ڪو ٻيو مرض. همراه ڦرنو ٿيو ڪم ڪار ڪندو.
هاڻي ماڻهو گوشت، ڪواب، ۽ تڪا کائي کائي وڃي مچندو ۽ پوءِ کيس بلڊ پريشر به هوندو ته لازمي دل جي ڌڙڪن به وڌندي ويندي ۽ پوءِ هوندو ڊاڪٽرن جي حوالي، جيڪي کيس دوائن جا پرچا لکي ڏيندا. مطلب اگر اسان هاڻي به خود پنهنجو بلڊ اِنهن بلڊ بئنڪن کي ڏئي اچون ته ڪري سگھون ٿا. پر اسان ٿي ويا آهيون عياش ۽ پيسو به آهي جام سو به رشوت جو سو اهو به ضرور پنهنجو رنگ ڏيکاريندو.
ڳوٺ جا ڏاڍا مڙس.
ڳوٺ ۾ سڀ نيڪ نمازي به ڪونه هئا. ڪجھ ڏاڍا مڙس به هئا جيڪي پيا ڏاڍايون ڪندا هئا. ڪنهن جو ڇيلو، ڪنهن جي ٻڪري يا مينهن ڪاهي ويندا هئا. بس پوءِ گھرائبو پيري. کڻبا پير. ڏاڍو مڙس به ساڻ پيو پيريءَ سان هلندو. پر “چانڊيا چور شاهاڻي شاهد مصداق” پيري ڏاڍي مڙس تي پوي ڪونه. آخر پيري ڪچي تائين پير کڻندو پوءِ چوندو: “ڀاڳيا! هاڻي منهنجي ڀيڻي ڪانهي”. اهڙي ريت ڇيلو به کاڄي ويندو ۽ پيريءَ کي ملندو حصو. ٻه - ٽي همراه اهڙا هئا جيڪي ائين پيا اُرهه زورائي ڪندا هئا. نتيجو اهو نڪتو جو چوريءَ جو مال ته ويو حصا پتي ٿي، پر سندن ذاتي به کپندو ويندو، ڇو ته ڀاڳيو ويندو پوليس ۾ ۽ ايندي پوليس، پوءِ ٿيندي ٻڌ ڇوڙ، جنهن ۾ اهي ڳوٺ جا ناميارا به جھلجهي ويندا. آخر پوليس کي خرچيون ڏيندا، ڀاڳئي کي ڀري ڏيندا ۽ ڀائپيءَ جو ڏنڊ به ڀري ڏيندا. مطلب ته “آئي سود لاءِ ڪٽائي وئي بود” سو اباڻيون ملڪيتون به ويندا هئا کپائيندا يعني پاڇي بچيو ٻڙي. پر پنهنجي هٺ تان ڪونه لهندا ۽ پاڻ کي هميشہ برهمڻ سمجھندا هئا يعني تڪبر ۽ غرور کي چنڀڙيا پيا هوندا هئا.
ڪنهن داناءُ چيو آهي ته جن تڪبر ڪيو سي ڪنڌ ڀر ڪريا، جن هٺ ڪيو سي هيٺ ويا. جن هوڏ ڪئي سي هميشہ لاءِ ويا. جن پاڻ کي ڪجھ سمجھو سي ڀاڻ ٿي ويا. تنهن ڪري انهن دانائن جو چوڻ آهي: “ته تون هميشہ نياز نوڙت کان ڪم وٺ ۽ توتي ڪير ڪاوڙ ڪري ۽ ڪجھ چوي ته چپ ڪر”. ۽ من ماري ميڻ ڪر. چڙ کاءُ ۽ غصو روڪ پوءِ ڏس ته تون ڪيئن نه سوڀارو ٿو ٿين. ساميءَ به اهوئي سبق ڏنو آهي ته:
“نؤڙت منجھان نهال - تون البت ٿيندين آدمي” ۽ ائين به چيو اٿن ته “نم ته ٿينئي ڪم”.
آخوندن جي پاڙي جو ڦٽڻ
قدرت جو پنهنجو حساب آهي. ۽ تاريخي طور مڃيل حقيقت به آهي ته “هر ڪمال را زوال است”. جتي گھرن ۾ قران پاڪ جي قرات سان هونگار هوندي هئي اهڙي ته نظر لڳي وئي جو ڪاڏي وئي اها هونگار ۽ ڪاڏي ويا حافظ. ايستائين جو سندن آکيرا به ڪک پن ٿي ويا. اگر ڪجھ بچيو ته صرف پٽ پڌر. انجو هڪ سبب هيءُ به هو ته سندن اولاد انگريزي پڙهيا ۽ کين ڊگريون مليون ته نوڪريون به مليون. تنهن ڪري شهرن ۾ ڪرائي جون جايون وٺي ويهي رهيا، وري جو کين اولاد ٿيو ته انهن جي تعليم به ضروري هئي، تنهن ڪري سندن جاين کي سنڀال ڪندڙ ڪير به ڪونه هو. ۽ ائين زماني جي اُٿل پٿل سبب اهي جايون ويون ڀرنديون ۽ آخر پڌر ٿي ويا. ورنه پاڻ ته اباڻن ڪکن کي پنهنجي جيءَ کان وڌيڪ سمجھندا هئا.
حق ۽ سچ کي پنهنجو هٿيار سمجھندا هئا، تنهن ڪري ڪنهن جي به ڦڏي فساد ۾ ڪونه پوندا هئا، ڪوڙي شاهدي به ڪونه ڏيندا، اگر ڪنهن ستايو ته صبر سان سهي ويندا.
پر لوڪ چواڻي “ڍلن پٺيان ڀلا ۽ ڀلن پٺيان ڍلا”. حافظ خير محمد جي اولاد مان ٻه - ٽي مولوي آهن، پر انهن ۾ اهي داڻا ڪونه آهن، ۽ وري آهن ديوبندي ۽ ڪجھ خاموش طبع، پيرن فقيرن کي به ڪونه مڃن تنهن ڪري “يا رسول الله” به ڪونه چون. ان ڪري ساڻن اليڪ سليڪ ڳوٺ وارا گھٽ رکن. صرف هڪ استاد علي اڪبر آهي جيڪو ٺاشي ماشي ڪرڻ وارو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهي. سندس ٻي خوبي اها به آهي جو ڪس ڪسر کي ڪونه ڏسندو. مطلب حقيقي معنيٰ ۾ پڙهيل آهي.