آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پنجون: درياءُ شاه جو سير: ۽ جماڻي صاحب جي رپورٽ

آچر جي موڪل هئي بابا چيو ته اچو ته اوهانکي درياءُ تي وٺي هلان ۽ سير ڪرايان. ڊرائيور انيس کي گھرائي ڪار ۾ بابا اسانکي ڪوٽڙي وٺي هليو. ۽ درياءُ جي ڪناري سان گاڏي بيهاري هيٺ لٿاسين. سيمينٽ جا ڏاڪا ٺهيل هئا تن تان اسان ٽپ ڏيندا سامهون بيٺل آگبوٽ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Steamer چئبو آهي، تي نظر پئي، ۽ سامهون سفيد قميص ۽ پينٽ پهريل شخص بيٺل اسانجو انتظار ڪري رهيو هو. اسان کي پاڻ ڏي سڏي چيائين ته: “Come on my son come on”.
اسان ٻئي ڀائر يعني مان ۽ ادا شيرل آگبوٽ تي چڙهي وياسين. بابا به ايتري ۾ پهچي ويو. بابا اسان کي مخاطب ٿي چيائين ته هي مير محمد جماڻي صاحب آهي ۽ منهنجو دوست آهي، ۽ ايريگيشن جو چيف انجنيئر آهي. پنهنجي آفيس هن ئي آگبوٽ ۾ قائم ڪئي اٿس. پوءِ جماڻي صاحب اسانکي اندر وٺي هليو. واقع اندر ٽي ڪمرا هئا، هڪ سندس بيڊ روم، ٻيو ڊرائنگ روم ۽ ٽيون سندس آفيس. جيئن هڪ آفيسر جو گھر هوندو آهي ۽ خوب سجايل، عاليشان نموني سجايل هو. هر طرف کان دريون ۽ مٿان لڳايل پردا، ڀتين تي رنگ روغن واقع هڪ بنگلي جي ڏِکَ ڏئي رهيو هو. ٻئي آفيسر پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ اسان ٻئي ڀائر ٻاهر عرشي تي نڪري درياءُ شاه جو نظارو ڪرڻ لڳاسين.
پاڻيءَ جي ڇولين تي آگبوٽ لڏي رهيو هو، ۽ هيٺ مٿي ٿي رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو ته اسان هندوري ۾ آهيون. ڇا ته جماڻي صاحب جي ٽيسٽ هئي. برابر ننڊڙي بهشت جي صورت ۾ هي سڀ ڪجھ نظر اچي رهيو هو. هيٺان پاڻي، سامهون ڪوٽڙي بئراج واري پل ۽ ان کان پريان غلام محمد بئراج جنهن کي هاڻي ڪوٽڙي بئراج سڏيو ٿو وڃي هڪ عجيب نظارو هو. دل واقع بهار بهار هئي. وري درياءُ جي وچم ملاحن جون ٻيڙيون جن تي سڙهه لڳل هئا ۽ هوا جي زور تي خود بخود تري رهيون هيون انهن ته ويتر عجب جهڙو منظر پي پيش ڪيو.
ٿوري دير کانپوءِ جماڻي صاحب جو بورچي آيو ۽ چيائين ته ننڊڙا اچو ۽ اندر چانهه پيو. چانهه سان گڏ ڪجھ سڪل ميوو به هو، جيڪو کائي چانهه پيتي ته ايتري ۾ آگبوٽ هلڻ لڳو، ۽ ڪار وانگر هارن وڄائيندو رهيو. اسان ٻئي ڀائر ٻاهر نڪتاسين ۽ عرشي تي بيهي اهو مزو وٺڻ لڳاسين. جماڻي صاحب کي لطيف سائينءَ جا کوڙ سارا بيت ياد هئا جيڪي جھونگاري رهيو هو. ۽ بابا واه واه! ڪري رهيو هو.
آگبوٽ ڪوٽڙيءَ جي جبلن کي ڇڏيندو ڪافي اڳتي هليو ۽ آخر اهو سير ڪري واپس آياسين. جماڻي اصل ۾ ٺيڙهيءَ جو هو. ڪراچي ڊي. جي سائنس ڪاليج مان انٽر پاس ڪيائين ته کيس برطانيه سرڪار طرفان اسڪالر ملي ۽ انگلينڊ مان سول انجنيئرنگ ۾ ڊگري وٺي انڊين پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنئون سڌو اسسٽنٽ انجنيئر ٿيو ۽ بابا کان چار پنج سال سينيئر هو.
جماڻي صاحب پنهنجي دور جو تمام ايماندار آفيسر هو. ايتري حد تائين جو سکر بئراج مان جيڪي واهه نڪرندا هئا، انهن جي ٻنهي پاسن تي جيڪي وڻ ٽالهيءَ جا هوندا هئا اهي به کيس ياد هئا، ۽ هر هڪ وڻ تي نمبر لکرائيندو هو. مجال آهي جو ڪو وڻ وڊجي. پر شير محمد بلوچ جيڪو S.K.Blouch طور مشهور هو ۽ سندس S.E هو تنهن سان ڪونه پوندي هيس. اسان جڏهن ڄام شوري ۾ بابا سان گڏ رهندا هئاسين ته شام جو اچانڪ اسانجي بنگلي تي اچي نڪتو. حالانڪ رٽائر ٿي چڪو هو. پر لٽا ڪپڙا اهي ساڳيا يعني سفيد شرٽ ۽ سفيد پينٽ ۽ ساڻس بيگ به هئي.
ملڻ سان بابا کي چيائين ته رات اوهان جا مهمان آهيون. آخر بابا سان ڳالهه ڪيائين ته تو واري ڳوٺائي شير محمد بلوچ جي انڪوائري ڪرڻ آيو آهيان، پر رپورٽ هت ٺاهڻي آهي، ٻيو مڙيئي خير آهي!. بابا سمجھي ويو ته هي شير محمد بلوچ سان گھٽ ڪونه ڪندو. کيس الڳ ڪمرو ڏنو ويو. جماڻي صاحب رات ۾ رپورٽ تيار ڪري پنهنجي بيگ ۾ رکي بيگ کي ٻه عدد ننڊا تالا لڳائي ڇڏيا. صبح جو جماڻي صاحب لٽا ڪپڙا پائي ڪنهن ڪم سان هليو ويو. بابا اسانجي خانداني نوڪر شهداد کي سڏي چيو ته جماڻي صاحب ۽ شير محمد بلوچ جي پاڻ ۾ گھڻي وقت کان چپقلش هلندڙ آهي، هاڻي هن کي موقعو مليو آهي سو هيءُ صاحب انجو پورو پورو فائدو وٺندو ۽ هي ٻئي منهنجا پراڻا دوست به آهن، البته شير محمد سان گھڻي ۽ گھاٽي دوستيءَ کان علاوه وڏن کان وٺي ڀائپيءَ وارو رستو به آهي جو هن جو والد خدا بخش اسانجي ڳوٺ ۾ ماستري ڪري پڙهايو آهي ۽ کوڙ سارا شاگرد به موجود آهن، ۽ شير محمد پڻس سان گڏ ڪڏهن سائيڪل تي ته ڪڏهن گھوڙيءَ تي چڙهي اسانجي ڳوٺ پڙهڻ ايندو هو، ۽ ٻن پهرن جي وقت ۾ اسانجي گھر ۾ ادي رحيم ۽ ادي شاهنواز سان رانديون ڪندو هو ۽ ماني به انهن سان گڏ کائيندو هو. تنهن ڪري منهنجي لاءِ جهڙو رحيم ۽ شاهنواز تهڙو شير محمد. وڌيڪ شهداد کي چيائين ته انهيءَ بيگ جا تالا کول ته ڏسان ته هن ڇا رپورٽ ڏني آهي. شهداد جو والد قادربخش گھڻي وقت کان اهو ڌنڌو ڪندو هو، ۽ شهداد به ان کان اهو ڪم سکيل هو. سو شهداد مڇن ڪٽڻ واري ڪئنچيءَ سان اُهي تالا کوليا ۽ بيگ بابا جي اڳيان رکي.
بابا رپورٽ پڙهي ۽ چيائين ته شير محمد جا ته جماڻيءَ لاهه ڪڊي ڇڏيا! ان مهل ئي بابا شهداد کي شير محمد ڏي موڪليو. بلوچ صاحب ان ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ روهڙي ڪئنال سرڪل جو سپرنٽنڊنٽ انجنيئر هو. شهداد بلوچ صاحب جي آفيس جيڪا رٽز هوٽل جي ڀر ۾ هوندي هئي، ويو، ۽ کيس بابا جو پيغام ڏنو، جيڪو ان مهل اڌ ڪلاڪ ۾ ڄام شوري پهتو. بابا کيس سڄي ڪاروائي ۽ انجي روشني ۾ تيار ڪيل رپورٽ ڏني. بلوچ صاحب پڙهندو ويو ۽ ويو ڳاڙهو ٿيندو، ايستائين جو سندس ڪنن جون پاپڙيون به ڳاڙهيون ٿي ويون. پوءِ انهي مهل ماچيس گھرائي ڪاروائي، شاهدن جا بيان، ۽ رپورٽ ساڙي وئي يعني نه رهيو بانس نه رهي بانسري.
ٻئي ڏينهن شام جو جماڻي صاحب اچي ويو ۽ بيگ کي کولي ته اتي ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا. وڏي رڙ ڪري بابا کي چيائين ته: لاڙڪ! “هي ڇا آهي؟ ۽ هي سڀ تنهنجي ڪار گذاري آهي. تو پنهنجي ڳوٺائي کي اهي بيان ۽ مون واري رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي، توکي ائين نه ڪرڻ کپندو هو”. ته بابا کيس چيو ته: “ادا مونکي ڪهڙي خبر! توهان سڀ ڪاغذ پاڻ سان گڏ کڻي ويا هوندا!” ته چيائين ته: “مان ته هتان تنهنجي سامهون ٺوٺيون ٺوڪيندو ويس، ۽ مونکي هٿ ۾ ڪجھ به نه هو”. ائين چئي بيگ خالي پاڻ سان کڻي ۽ بابا کان بنا موڪلائڻ جي بڙبڙ ڪندو هليو ويو.

علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي زيارت:
هڪ آچر جي ڏهاڙي بابا مونکي چيو ته نانا تيار ٿي ته توکي پنهنجي مرشد سان ملائي اچان. بابا پاڻ ڪار ڪڊي حيدرآباد جي سول لائين وٺي هليو. هڪ بنگلي جي مين گيٽ تي ڪار روڪي گھنٽي وڄائي ته هڪ نوڪر ٻاهر آيو ۽ بابا کي سلام ڪري دروازو کوليائين ۽ اندر هڪ ڪمري ۾ وهاري هليو ويو. بابا چيو ته ابا هي بنگلو علامه آءِ. آءِ قاضي جو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي، ۽ وڏو اسڪالر آهي. دنيا ۾ کيس ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڪستان جا وڏا عالم ۽ سياسي مدبر ۽ مفڪر سندس مريد آهن ۽ مان به.
ٿوري دير کانپوءِ هڪ سنهڙو سيپڪڙو سفيد وارن سان پينٽ شرٽ ۾ ملبوس ڪمري ۾ داخل ٿيو ته بابا اُٿي بيٺو، ۽ مان به. بابا کيس ادب وچان جھڪي مليو. مون به کيس پيرن تي هٿ رکي ساڻس هٿ ملايو. پاڻ منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائي چيائين ته: “My son alright?” مون ڏٺو ته سندس اکين ۽ چهري تي هڪ نور هو جيڪي چمڪي رهيو هو. تمام آهستي آهستي جھيڻي آواز ۾ الفاظ سندس زبان مان نڪري رهيا هئا.
زماني جي ڪا به ڳالهه نه هئي ۽ نه وري سياست. مطلب ته منهنجي سمجھ کان اهي ڳالهيون بالا هيون. ٿوري دير کانپوءِ هڪ انگريزي لباس ۾ ملبوس عورت به آئي. قاضي صاحب خود ۽ بابا اُٿي بيٺا، ۽ مان لازماً اُٿي بيٺس ۽ مون کيس سلام ڪيو ته پاڻ مسڪرائي بابا کي چيائين: “Mr Larik your son?” بابا هائو ڪئي ته ڏاڊو خوش ٿي ۽ ان به منهنجي مٿي تي هٿ ڦيرائي دعا ڪئي. ڪافي دير کانپوءِ بابا ساڻن موڪلاڻي ڪئي. ٻاهر آياسين ته بابا چيو ته اها عورت قاضي صاحب جي مسز هئي، ۽ کيس ايلسا قاضي سڏيو ويندو آهي.
مان جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ آنرز ۾ داخل ٿيو هوس ته علامه صاحب جو لکيل ڪتاب Adventure of Brown girl in search of God”” اسانجي ڪورس ۾ رکيل هو. پروفيسر ارجن لال جنهن مهل پڙهائيندو هو ته اسانکي ائين لڳندو هو ته اسين ڪلاس روم ۾ ڪونه آهيون بلڪ خلا ۾ پکين وانگر اُڏري رهيا آهيون. ڇو ته هڪ ڪتاب لکيل علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جو ۽ پڙهائڻ وارو ارجن لال. ڇا ته انداز بيان هو پروفيسر اَرجُن لال جو، جيڪو اڄ تائين وسري نه سگھيو آهي.