باب ستون: ذڪر روم پارٽنر منير احمد گوزائيءَ جو
سندس داخلا ايم. اي پريويس ايڪانامڪس ۾ هئي ۽ گڏوگڏ ايل. ايل. بي به شام جو پڙهڻ ويندو هو. مون بي. اي آنرز پاس ته هن ايم. اي پريويس پاس ڪئي. ايم. اي فائنل ۾ الڳ الڳ ڪمرا مليا. ٻنهي جا ڪلاس صبح جو ٿيندا هئا. هڪ دفعي مون سان ملڻ لاءِ منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ آيو. مان ان وقت ڪاري ڍور ۾ پنهنجي ڪلاس فيلو مس مهرالنساءِ سان بيٺو هوس. ڇوڪريءَ منير کي ڏسي هلي وئي. منير چيو ته پارٽنر هيءَ ڇوڪري تو سان گڏ پڙهندي آهي؟ مون هائو ڪئي ته وري چيائين ته ذات جي ڪير آهي؟ مون چيو ته ميمڻ. ڇوٽ ۾ چيائين ته شعر ياد اچي ويو آ اجازت هجي ته عرض ڪيان؟ مون چيو ارشاد، ته فوراً چيائين:
سونهين سدا سهڻي ٿي ميمڻ مٺي ذات
اک وڏي ڪـارو تـلـڪ بيشڪ بڻي بات
ڏاتـر بـخـشـي ڏات آهـي سڀ انـهـيءَ کي.
ٻنهي جي ايم. اي ٿي وئي ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ماڳ روانو ٿي ويو. ٻڌندو هوس ته وڪالت ٿو ڪري دادوءَ ۾ پر هن سان وري ملاقات ڪانه ٿي. سٺي خيالن ۽ جذبن جو مالڪ هو. جهڙو هو سٺي صورت وارو اهڙي ئي هيس سيرت. لٽي ڪپڙي جو ڏاڍو سيبتو هو. هميشہ پينٽ شرٽ ۾ گھمندو هو. سياري ۾ ڪوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ملبوس هوندو هو.
سياست کان ڪوهين ڏور هو. ڀلا هڪ شاعر جو سياست سان ڪهڙو رشتو ناتو. مطلب ڏاڍو نفيس هو.
سال 1967 ۽ 1968 جا گذاريل ڏينهڙا:
1967 ۽ 1968 اهي ٻئي سال مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ گذاريا. ۽ رهائش “بي” بلاڪ ۾ هوندي هئي. پهرئين سال ۾ ٻه چڻا ڪمري ۾ رهندا هئاسين. ان سال منهنجو روم فيلو منير احمد گوزائي هو. جنهن جو احوال گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي. هاسٽل ۾ اچڻ جو سبب هي هو ته بابا سائين 1966ع ۾ رٽائر ٿي ڳوٺ هليو آيو هو. اهو دور فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو وڏي دٻدٻي وارو هو.
مونکي بابا سائين مهني ۾ ڏيڍ سو روپيه خرچ پکي لاءِ ڏيندو هو. اهو خرچ بابا سائين هر مهيني پينشن وٺي مونکي هاسٽل ۾ ڏئي ويندو هو. مطلب بابا هر مهيني اچي مون سان، ادا بدر سان، شير محمد سان ملندو به هو ۽ مٽن مائٽن سان ملي ڳوٺ هليو ويندو هو.
ان زماني ۾ ڏيڍ سو روپين ۾ سٺو گذارو ٿي ويندو هو. انهيءَ خرچ جو وچور ٺاهبو ته هن ريت ٿيندو:
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي جي فيس 00-15
هاسٽل ۾ ڪمري جي مسواڙ 00-10
پوائنٽ بس جو ڪرايو 00-10
ميس جو بل 00-80
جملي خرچ =/115 روپيه هو. باقي =/35 روپيه منهنجي مهيني جي خرچي هوندي هئي. يعني روزانو سوا روپيه. اهي ٻئي سال مونکي ائين پيسئا ملندا هئا. ڪپڙا خود ڌوئيندو هوس، ڇو ته قميصون واش اينڊ ويئر هونديون هيون، پينٽ به واش اينڊ ويئر هوندي هئي، باقي استري گھران کڻي آيو هوس، جيڪا خود ڪري ڇڏيندو هوس. مطلب ته تمام سادگيءَ سان رهندو هوس. باقي ڪپڙا سٺا پائيندو هوس. روزانو پينٽ شرٽ، ٽاءِ، بوٽ کي روز پالش ڪبو ۽ پينٽ جي کٻي پاسي کيسي ۾ ننڊڙو رومال رکبو جنهن سان بوٽ کي بس مان لهي ڪنڊ پاسي ۾ صاف ڪبو. ائين کڻي چئجي ته ڏسڻ ۾ جينٽلمين باقي پيسو گھڻو ڪونه هو، جو عياشي ڪجي.
پن جون ٻيڙيون پيئندو هوس، سگريٽ ائين ڪڏهن ڪڏهن. بس ائين ٻئي سال پورا ڪيم، يعني “نام بڙا ديهه ويران”. نالي جي اڳيان ته “خان” هو ۽ آهي باقي “آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا”، وارو قصو هو.
جڏهن ايم. اي فائنل ۾ ٿيس ته هڪ ڏينهن گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد وارن ڏهاڙن جو دوست نثار احمد ٻٽ اچي ڪمري ۾ نڪتو ۽ چيائين ته تو سان رهندس جو شهر ۾ پڙهائي ڪونه ٿي ٿئي. هي دوست اصل ميهڙ جي ڀرسان ڳوٺ ٻٽ سرائي جو رهاڪو هو. سندس ڏاڏو منهنجي نانا حاجي خان جو چڱو دوست هو. هي ٻٽ هونئن به نالي وارا هئا. سندس چاچو محمد صالح ميهڙ جو ناميارو وڪيل هو، ۽ خانصاحب عبدالحميد جتوئي جو سياست ۾ مخالف هوندو هو. اليڪشن ۾ جيتوڻيڪ جتوئي صاحب کان ڪڏهن ڪونه کٽيائين، پر بنا مقابلي هن کي کٽڻ ڪونه ڏنائين. نثار جو ننڊو چاچو منور علي يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ پڙهندو هو. مون جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي آنرز پارٽ ون ۾ داخلا ورتي هئي ته چاچو منور ايم. اي فائنل ۾ پڙهندو هو. ۽ اسان پارٽ ٽو ۾ ٿياسين ته هو فائنل ڪري ويو، ۽ ان سان گڏ ايل. ايل. بي به ڪري ويو. هونئن ته يونيورسٽيءَ جا ٻه امتحان ڪونه ڏئي سگھبا هئا، مگر ايل. ايل. بي ڪرڻ سان اهو قانون لاڳو ڪونه هو.
سيد غلام مصطفيٰ شاه ۽ چاچي منور جو مڪالمو:
هڪ ڏينهن شام جو چاچو منور ڪمري تي اچي پهتو. تمام خوش هو. پاڻ سان بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ به کنيو آيو. ان خوشيءَ ۽ ڪيڪ جو سبب پڇيوسين ته کلي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنائين ۽ هيءَ ڳالهه ٻڌايائين: “ته ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ڊائريڪٽر کان نوڪريءَ جو آرڊر وٺي آيو آهيان”.
انهن ڏهاڙن ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن جو ڊائريڪٽر هڪ هوندو هو، ۽ ڊائريڪٽر صاحب کي اختيار مليل هوندا هئا ته ايڊهاڪ تي ليڪچرار مقرر ڪري سگھي ٿو. چاچي منور عليءَ پوليٽيڪل سائنس ۾ ليڪچرار ٿيڻ لاءِ درخواست ڏني. کيس انٽرويو مليو. مقرر تاريخ تي ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ پنهنجا اصلي سرٽيفيڪيٽ کڻي پهتو. انهن ڏهاڙن ۾ ڊائريڪٽر صاحب سيد غلام مصطفيٰ شاه هو. هن کي سڏ ٿيو شاه صاحب هن جا سرٽيفيڪيٽ ڏٺا. هر سرٽيفيڪيٽ تي ذات واري خاني ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل هو “BUTT”، تنهن تي منور کي ڪرڙيءَ اک سان ڏسي سخت لهجي ۾ کيس چيائين ته؛ “بٹ صاحب! آپ کے لئے یہاں کوئی جگہ نہیں! آپ اپنے صوبے پنجاب جائیں!”. اور یہ کاغذات لے جائیں. هي همراه ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري آيو. چاچي منور جا پگھر نڪري ويا، نيٺ هي سمجھي ويو ۽ وري اندر داخل ٿي شاه صاحب کي چيائين ته: “سر منهنجو عرض آهي”! شاه صاحب کيس چيو ته: “کیا ہے اور کیا کہنا چاہتے ہو؟. تنهن تي چاچي منور کيس چيو ته: “سائين مان بٽ نه آهيان پر ذات جو ٻٽ آهيان ۽ ٻٽ سرائي ڳوٺ جو آهيان ۽ محمد صالح ٻٽ وڪيل جو ننڊو ڀاءُ آهيان”. نوڪري نه ڏيو ته خير آهي باقي منهنجي ذات ته نه مٽايو”! چاچي منور ٻڌايو ته شاه صاحب پنهنجي عينڪ لاهي ٽيبل تي رکي کيس هٿ جي اشاري سان ويهڻ لاءِ چيو، ۽ پوءِ کيس چيائين ته: “ڇورا ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڳالهائين؟” ۽ پوءِ ان ئي مهل ڪلارڪ کي گھرائي سندس سڀ ڪاغذ ان ڪلارڪ کي ڏئي کيس چيائين ته هي آرڊر هيئنر جو هيئنر ٽائيپ ڪري کڻي اچ ته هن کي ڏيان ته سڀاڻي وڃي نوڪريءَ تي چڙهي”. ۽ چاچي منور وڌيڪ ٻڌايو ته چانهه ۽ بسڪوٽ به گھرائي کيس کارايائين ۽ آرڊر تي صحيح ڪري چيائين ته:
“My son I am sorry”
هاسٽل جا دوست:
جنهن هاسٽل جي بلاڪ ۾ مان رهندو هوس ان ۾ جن سان دوستي ٿي وئي هئي انهن ۾ امين الله علوي، محبوب علي شيخ، محمد عمر بلوچ، محمود احمد بلوچ، قمرالدين فاروقي، محمد طاهر کهڙو، ناصر کرل ۽ محمد سعيد راشدي هئا.
امين الله علوي.
هي دوست شڪارپور جو هو ۽ اتان جي مشهور بزرگ حاجي فقيرالله علويءَ جي اولاد مان هو. عربي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندو هو. ۽ پوءِ عربيءَ جو پروفيسر ٿي رٽائر ٿيو. ساڻس منهنجي دوستي ڪافي بهتر هئي. تمام سٺو ماڻهو ۽ علمي شخصيت جو مالڪ هو.
محبوب علي شيخ.
هي دوست لاڙڪاڻي جو هو. ايم. ايس. سي ڪري ليڪچرار ٿيو. نوڪري جي دوران کيس روس جي اسڪالر ملي جتان Ph. D ڪري موٽي آيو، پر هت پاڪستان ۾ سندس ڊگريءَ کي قبول نٿي ڪيو ويو جو روس ۽ ٻين ڪميونسٽن ملڪن سان پاڪستان جا سٺا تعلقات ڪونه هئا. بهرحال وڏي ڊڪ ڊوڙ ۽ ڀڄ ڀڄان کانپوءِ به ڀٽي صاحب جي دور ۾ سندس ڊگريءَ کي مڃتا ملي ۽ همراه ڊاڪٽر سڏيو ويو، پوءِ ته وڏين وڏين نوڪرين تي وڃي مزا ماڻيائين.
محمد عمر چانڊيو.
هي دوست گمبٽ جي ڀرسان جو رهاڪو هو. تمام کلڻو، يار ويس، ۽ سچو انسان هو. خوش پوش هو. ايم. اي ايڪانامڪس ۾ ڪيائين. کيس مسلم بئينڪ ۾ نوڪري ملي. ۽ آهستي آهستي وڌندو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. سکر ۾ سندس وڏي ڄاڻ سڃاڻ هئي. اتان جا سڀ صنعتڪار، ڪارخانيدار سندس دوست ٿي ويا، جو هر هڪ کي ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندو هو.
مون ساڻس، سکر ۾ مارچ بازار ۾ جڏهن هو مئنيجر هو، ته ملاقات ڪئي هئي. پاڻ وڏي آڌر ڀاءُ ۽ پاٻوه سان مليو. پراڻيون ڳالهيون ياد ڪري هڪ ٻئي سان ڏاڍا خوش ٿيا هئاسون. مون سندس چهري تي اُهائي شاگرديءَ جي زماني جي مسڪراهٽ ڏٺي. ٿوري وقت کانپوءِ سندس ڪراچي بدلي ڪئي وئي. اتي کيس پروموشن ڏئي موڪليو ويو هو. پر هڪ سال جي اندر سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي، ۽ سندس اندر جو پکيئڙو اُڏامي اوڏانهن هليو ويو جتان آيو هو.
محمود احمد چانڊيو:
محمود احمد ۽ محمد عمر ويجھا عزيز هئا، ۽ محمود محمد عمر جو ڀيڻيوو هو. محمود ايم. اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي ۽ ايل. ايل. بي به انهن ٻن سالن ۾ ڪري ورتي.
محمود گمبٽ ۾ وڪالت ڪئي، ۽ اتان سول جج ٿي جوڊيشري کاتي ۾ پنهنجي قابليت جي آڌار تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ان عرصي دوران هن وٽ جيڪي به عجيب و غريب ڪيس آيا انهن کي افساني جي روپ ۾ سسپينس ڊائجيسٽ ۾ قلمبند ڪري ڇڏيندو هو، ۽ اهي ڇپبا هئا ۽ اهي به سندس نالي سان.
زمين جو ٽڪرو کيس کوڙ هو. تنهن ڪري رشوت وغيره کان ڪوهين ڏور هو. اهوئي سبب هو جو جلديءَ ۾ سيشن جج ٿي ويو. 2001ع جي ڳالهه آهي، مان ڊگري ڪاليج نوشهري ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوس. تقريباً ٻارهن ٿيا هوندا ته ٽيليفون جي گھنٽي وڳي. ڳالهائيندڙ چيو ته پرنسپال ٿا ڳالهايو. مون هائو ڪئي ته چيائين ته سائين مان سيشن ڪورٽ جو چيف منسٽريل آفيسر شيخ مجيب الرحمان ٿو ڳالهايان. مون کيس چيو ته ادا حڪم ڪيو الائي ڪيئن ياد ڪيو اٿوَ! چيائين ته سائين سيشن جج صاحب اوهان سان ڳالهائيندو! مون کيس چيو ته ادا پوءِ ڳالهرايو. ٻئي پاسي کان سيشن صاحب ٺهه پهه چيو “اوهان جي خلاف شڪايت ملي آهي، تنهن ڪري هينئر جو هيئنر پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، ورنه ٻي صورت ۾ آءٌ وارنٽ ڏياري موڪليندس. مان ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ ڪي قدر دل جي دڙڪن به وئي تيز ٿيندي ۽ دل ۾ ڪئين خيال پي آيا. منهنجي پٽيوالي جيڪو ڀرسان بيٺو هو تنهن منهنجي منهن ۽ دل جي ڪيفيت کي ڄاڻي ورتو ۽ چيائين ته سر خير ته آهي نه؟ مون کيس چيو ته ادا سيشن جج صاحب گھرايو آهي ۽ منهنجو بيان رڪارڊ ٿو ڪري، جو شايد ڪنهن منهنجي مٿان الزام لڳائي درخواست ڪئي آهي. ته ان چيو ته: “سر اهي ڪاليج جا شاگرد هوندا جو اوهان ڇورن کي خرچي وغيره ڏيو ڪونه ٿا سو انهن اها بدمعاشي ڪئي هوندي، سو سر پريشان نه ٿيو. پاڻهي کير جو کير ٿيندو ۽ پاڻي جو پاڻي”.
مان سڌو ڪورٽ ويس ۽ شيخ مجيب سان مليس ۽ چيومانس ته صاحب کي اطلاع ڪيو. چيائين ته سائين لاڙڪ صاحب توهان وڃو صاحب چيمبر ۾ ويٺو آهي. مان اڳتي صاحب جي نائڪ کي ٻڌايو ته اندر صاحب کي اطلاع ڪيو ته آءٌ حاضر ٿيو آهيان. تنهن چيو ته سائين اندر وڃو جو صاحب کي اوهانجو انتظار آهي. مان چيمبر ۾ گھڙيس ته ڇا ڏسان ته صاحب وڏي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي ۽ ڊان اخبار جي مطالعي ۾ مشغول آهي. مون اسلام عليڪم ڪئي ته هٿ جي اشاري سان ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيائين. مون ڪرسيءَ تي ويهي ٿينڪ يو سر چيو. ته اخبار جي اندران ئي چيائين: “اڙي لوفر خانو تون پاڻ کي پرنسپال سڏرائي وڏو معتبر ٿو سمجھين”! مان خاموش رهيس. ۽ ماضيءَ ۾ جھاتي پائي سوچڻ لڳس ته ائين اخبار پري ڪري چيائين: “سوئر مان هت مهيني کان بدلي ٿي آيو آهيان ۽ نه تون ۽ نه هو لوفر خادو ميمڻ ملڻ آيو آهي؟ وجھان ٻنهي کي جيل ۾”؟ کيس ڏسي ٿڌو شوڪارو ڀريم ۽ خوشيءَ وچان دل جا سمورا وسوسا ۽ انديشا دور ٿيندي محسوس ڪيم. ۽ تڙ تڪڙ ۾ اٿي کيس ملڻ لاءِ اڳتي وڌيس ته پاڻ اڳم ئي اچي مونکي ڀاڪر ۾ وڌائين ۽ پنهنجي مسڪراهٽ سان نرڙ تي پوءِ هٿن تي چميون ڏنائين ۽ آسمان ڏي اشهد آڱر سان اشارو ڪري چيائين ته: “خان ڪلهه هاسٽل ۾ پڙهندا هئاسين ۽ توهان مونکي گاريون ڏيندا هئا ۽ چيڙائيندا هئا، پر ڏس رب ڪريم جا قرب جو تون هڪ اداري جو سربراه آهين ۽ آءٌ ضلعي جي وڏي ڪورٽ جو سربراه!”
مان ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ سندس بنگلي تي ملڻ ويندو هوس، وڏي پنهنجائپ واري انداز سان ملندو ۽ ڪچهري ڪندو. سندس طبيعت ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا تڪبر مون ڪونه ڏٺو، يعني جهڙو شاگرديءَ واري زماني ۾ اهڙو ساڳيو هو. ڊسٽرڪٽ بار جا وڪيل به سندس باري ۾ ائين چوندا هئا.
هڪ دفعي چيائين ته تنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان اڄڻن جو ڳوٺ آهي، اتي خون ٿيو هو توکي خبر آهي؟ مون هائو ڪئي ته چيائين ته: “مان اتي ويو هوس ۽ مختلف ماڻهن کان، پنهنجو هليو بدلائي فقيراڻي لباس ۾ ذاتي طور تفتيش ڪئي، جتان معلوم ٿيو ته جوابدار صحيح آهي، ۽ خون به ڪيو هئائين”. مون کيس چيو ته پوءِ تو ڇا ڪيو؟ ته چيائين ته “اهو جيڪو خون جي ڪيس ۾ ٿيندو آهي يعني خون جو بدلو خون يعني ڦاسي.
نوشهري ۾ تمام ٿورو وقت هو. تقريباً هڪ سال. پوءِ سندس شڪارپور بدلي ٿي وئي. هڪ صبح جو حسب معمول تيار ٿي سرڪاري گاڏيءَ ۾ پوئين سيٽ تي ويهي ڪورٽ وڃي رهيو هو ته اچانڪ کيس دل جو دورو پيو، اسپتال پهچڻ کان اڳم ئي سندس روح جو پکي اُڏامي وڃي حقيقي رب سان مليو. ٻئي ڏينهن اسان اخبار ۾ پڙهيو. خادم ۽ مان سندس ڳوٺ وياسين. دعا وغيره کان فارغ ٿي سندس قبر تي بيٺاسين ۽ چار قل پڙهي دعا گھري سون. سندس قبر هڪ ديويءَ جي هيٺان ڇانوَ ۾ هئي جيڪا زمين کان مشڪل سان ڇهه انچ مٿي هئي.
سندس جوانيءَ کان جڏهن منهنجي ساڻس شناسائي ٿي هڪ نظر وڌم ته ائين محسوس ٿيو ته ڄڻڪ هڪ خواب هو ۽ بس.
قمرالدين فاروقي.
هيءُ دوست حضرت سچل سرمست جي خاندان مان هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تڏهن آيو جڏهن مان ايم. اي فائنل ۾ هوس. قدآور جوان ۽ صورت ۾ مشڪي رنگ طرف مائل هو. سندس آواز ڳورو، لٽي ڪپڙي ۾ ٺيڪ ٺاڪ. سندس خوبي اها هئي جو سدائين پيو کلندو ۽ ٻين کي کلائيندو. جيئن ئي ايم. اي ڪري نڪتو ته کيس ليڪچرارشپ ملي. نوڪريءَ جي مختلف دورن مان گذرندي ٺري ميرواه ۽ ڪرونڊيءِ ڪاليجن ۾ پرنسپال ٿيو. جيئن ئي اڻويهين گريڊ ۾ ٿيو ته خيرپور ضلعي جو اي. ڊي. او مقرر ٿيو. پر ڍؤ جھلي ڪونه سگھيو ۽ سسپينڊ ٿي پيو. سندس اوڙي پاڙي ۾ وڏا مير ۽ پير موجود هئا تن جي ڪوشش سان انڪوائري ويٺي ۽ کيس سڀني الزامن کان بري ڪري سکر ريجن جو ڊائريڪٽر ڪاليجز مقرر ڪيو ويو. انهن سالن ۾ مان رٽائر ٿي چڪو هوس تنهن ڪري ساڻس منهنجي ملاقات ڪانه ٿي، باقي سلام موڪليندو هو. اهو سندس قرب جيڪو مونکي ياد رهندو.
محمد طاهر کهڙو.
بي. اي خيرپور مان پاس ڪري آيو هو. يونيورسٽيءَ ۾ سندس داخلا ڪونه هئي، رڳو ايل. ايل. بي ڪرڻ جي ارادي سان آيو، پر رهندو هاسٽل ۾ هو ۽ اهو به محمد عمر ۽ محمود جي سهاري. رهندو به انهن سان هو. ڪمري ۾ ته رڳو گنجائش ٻن جي هئي، پر هيءُ دوست رات جو هيٺ پٽ تي سمهندو هو. باقي ڏينهن جو ته گڏ ويٺو هوندو هو.
اصل ۾ صوڀوديري جو هو. زمينداري چڱي هوندي هيس. سندس هڪ ڀاءُ تپيدار هو تنهن ڪري همراه کي ڏوڪڙ پيسي جي پرواه ڪانه هئي. سندس ڀاءُ کي اولاد ڪونه هو تنهن ڪري هي سندس پٽ به هو ته ڀاءُ به. هميشہ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. ياري دوستيءَ ۾ ڇڏيندو ڪنهن کي به ڪونه هو. نثار ٻٽ سان ته مٿو مٿي تي ياري ٿي ويئي هئس. کائبو به گڏ ته کلبو به گڏ. سندس اها ياري پڇاڙيءَ تائين هلي. هڪ ٻئي ڏي پوءِ به ايندا ويندا هئا، البته اسان ساڻن جدا ٿي ويا هئاسون، جو اسانکي نوڪريون مليون، باقي اهي ٻئي سرڪاري نوڪريءَ کان آزاد هئا، تنهن ڪري اڪثر راتين جون راتيون هڪ ٻئي وٽ ٽڪيا پيا هوندا هئا.
مونکي رٽائر ٿئي ٽي سال ٿيا ته شام جو نثار جو فون آيو ته صبح جو نوشهري باءِ پاس آءٌ وڃي بيهان ته گڏجي طاهر جي ڳوٺ هلون جو صبح انتقال ڪري ويو آهي. آءٌ ٻئي ڏينهن صبح جو نوشهري باءِ پاس تي پهچي انتظار ڪرڻ لڳس. نثار آيو، گڏجي سندس گاڏيءَ ۾ وياسين جنازي نماز کانپوءِ سندس پٽن سان دعا گھري واپس آياسين. اتي مون کي ائين لڳو ته هرڪو ماڻهو ڏک سان ڀريل ۽ غمگين هو. ان مان مون سمجھو ته هي دلبر جوان هرهڪ جو هردلعزيز دوست هئڻ سان گڏ پيارو به هو. ۽ ڏک سک ۾ ساٿي به، تڏهن ته هر ماڻهو سندس اولاد سان انهيءَ ڏک جي گھڙيءَ ۾ شامل هو.
هي دوست مقامي سياست ۾ به حصو وٺندو هو، ۽ يونين ڪائونسل جو چئرمين به ٿيو. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته غريبن توڙي اميرن سان سندس سڀاءُ سٺو هو. صوڀوديرو هونئن به خيرپور رياست جو مشهور ۽ معروف شهر سان گڏ سياسي، سماجي ۽ ادبي لحاظ سان مڃتا ماڻي چڪو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي، سندس ٻه ڀائر الطاف ۽ عبدالنبي هن ئي شهر سان وابسطه آهن. ان کان علاوه عطا محمد ڀنڀرو، تاجل بيوس، تنوير عباسيءَ جي ڌي پارس وغيره هن تعلقي جي سونهن آهن.
ناصر کرل.
گمبٽ شهر جي اولهه ۾ سندس والد جي نالي سان ٻڌرايل ناٿو خان ڳوٺ جو هو. مون ٻين دوستن سان گڏجي سندس شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. هي دوست اصل ۾ پنجاپي هو. پر سنڌي اسڪول ۾ پڙهيو تنهن ڪري سنڌي روان ڳالهائيندو هو، ۽ سندس لهجي ۾ ڪو به فرق ڪونه هو. طبيعت جو ٿڌو، کلڻو ۽ هميشہ سندس منهن تي مسڪراهٽ هوندي هئي. لٽي ڪپڙي ۾ جينٽلمين لڳندو هو. وڏو ڊانسر هو. رمبها سمبها، راڪ اينڊ رول ڊانس اهڙي ڪندو هو جو هرڪو واه واه ڪندو هو. مذهبي طور قادياني هو. 1977ع ۾ PNA جي ٻين مطالبن سان گڏ قاديانين کي ڀٽي صاحب ڪافر قرار ڏنو ته هن دوست سان سڀني پنهنجا رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيا.
مطلب ته اسان جيڪي دوست هئاسين انهن ۾ ٺپ وهابي، بريلوي، شيعا، ۽ قادياني هئاسين.
محمد سعيد راشدي:
هي دوست راشدي خاندان جي اولاد مان هو. سندس ڳوٺ تلهار هو. پير علي محمد راشدي ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جو سڳو ڀاڻيجو هو. انٽر آرٽس جي امتحان ۾ سڄي بورڊ ۾ ٻيو نمبر آيو هو. تمام هوشيار هو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ داخل هو. سندس قابليت کان سڀ شاگرد متاثر هئا. پروفيسر ارجن لال ته ايترو متاثر هو جو جڏهن به ڪا اسائينمينٽ ڏيندو هو ۽ پڙهڻ لاءِ سعيد کي چوندو هو، ۽ هي جوان پڙهندو هو ته ارجن لال کيس چوندو هو ته: “MR. Rashdi repeat again” اهڙي طرح کيس ٻه ٽي ڀيرا پڙهائيندو هو. يعني گاڊ گفٽيڊ هو. پنهنجي ڪلاس فيلو جي عشق ۾ اهڙو گرفتار ٿيو جو ايم. اي کانپوءِ ان سان شادي ڪيائين، ۽ بعد آمريڪا هليو ۽ اتان جي شهريت وٺي آمريڪي ٿي ويو.
سڄو سال پيو گھمندو هو. پر آخري رات ڪتاب کڻندو ۽ امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو. اسان کي ته حيرت ٿيندي هئي. هيءُ سڀ ڪجھ الله تبارڪ وتعاليٰ جو هن سان احسان چئجي جو ايترو ذهين هو. ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ شروع وارن ڏهاڙن ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار ٿيو هو، ۽ پوءِ اتان آمريڪا اُڏاڻو.