باب ٽيون: بابا تي ڪيس
ٻئي ڏينهن اسان بولان ميل ۾ سوار ٿي اچي ڪوٽڙي لٿاسين، جو اتان ميل لائين ذريعي نواب شاه اچڻو هو. آخر ڪراچي ايڪسپريس ۾ نواب شاه پهتاسين. ڪوئٽه واپس نه وڃڻو هو، ڪهڙي ماجرا ٿي، ڇا سبب هو، اسانکي ڪونه ٻڌايو ويو. بهرحال ٻئي ڏينهن بابا ٻنهي ڀائرن کي صبح جو وري ڊي. سي. هاءِ اسڪول وٺي هليو ۽ خواجه صاحب سان ملي، اسان کي اتي داخل ڪرايو ويو، ۽ چوٿين ‘A’ ڪلاس ۾ موڪليو ويو. ڪلاس ٽيچر سائين امان الله هو جنهن جو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪري چڪو آهيان.
بعد ۾ خبر پئي ته بابا سان گڏ ٻين چئن پي. ڊبليو. ڊي کاتي جي انجنيئرن کي ڪرپشن جي ڪيس ۾ سسپينڊ ڪيو ويو آهي. جيڪي ٻيا آفيسر هئا انهن ۾ الهه ورايو شيخ، چيف انجنيئر، تاج محمد شيخ ايڪزيڪيٽو انجنيئر، غلام حسين شيخ ايڪزيڪيٽو انجنيئر ۽ اميد علي قريشي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر.
سنڌ صوبي ۾ انجنيئري کاتي ۾ اهي آفيسر سڀ سنڌي هئا ۽ انڊين پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان پاس ڪري نوڪرين ۾ گھڙيا هئا، ۽ انهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ناممڪن هو تنهن ڪري اقتدار ڌڻين کين ڪنڊ پاسي ڪرڻ چاهيو. ملڪ جي سڀني وڏين اخبارن ۾ اهي خبرون وڏين سرخين سان ڇپيون ويون. اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس چالان ڪيو ويو. لازماً وڪيل ڪرڻا هئا، ٻين ڪهڙا وڪيل ڪيا تن جي خبر نه آهي، باقي بابا سائينءَ حيدرآباد جي نامياري وڪيل مسٽر غلام نبي ميمڻ کي وڪيل ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جو جج مسٽر عزيزالله ميمڻ هو. هي صاحب نوشهري جو هو ۽ بابا سان گڏ نوشهري جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، ۽ هڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا. ڪراچيءَ ۾ به گڏ پڙهيا. پوءِ بابا وڃي NED انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ عزيزالله S. M. Law college ۾ داخل ٿيو. ايل. ايل. بي ڪرڻ کانپوءِ جج ٿيو. وڏو ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر هو. سندس ايمانداريءَ جي ڪري کيس اينٽي ڪرپشن جي جج جي منصب تي فائز ڪيو ويو.
اسانجي سڄي خاندان ۾ خوف ۽ بيچيني تمام گھڻي ٿي وئي، ڇو ته اڳم اهڙو ڪو به معاملو نه ٿيو هو. ۽ نه ڪنهن تي ڪڏهن ڪرمنل ڪيس ٿيو هجي. مرد توڙي زالون صرف هڪ ٻئي جي منهن ڏي نهاري پيون روئنديون هيون. اَنُ پاڻي کائڻ بند ٿي ويو. امان جي حالت صفا خراب ٿي وئي. اسانجي چاچي رحيم بخش ڊڀري جي پيرن ڏي دعائن ۽ مماتيءَ وارن درويشن جي درگاهن تي مٽيون ڀرڻ شروع ڪيون. خاندان جو هر فرد پريشان حال هو. ان کان علاوه ڳوٺ جي هر ماڻهوءَ جي وات تي اهائي ڳالهه هئي، ۽ ائين پيا چوندا هئا ته: “سليمان پاڻ ته ايماندار آهي جو ٽڪو به ڪونه کاڌو هوندائين، پر ٻيا جيڪي شيخ آهن انهن جي کائڻ تي چشم پوشي ڪئي هوندائين، تڏهن ڦاٿو آهي”. ۽ ٻيا اهڙا به هئا جن ائين چيو ته ابا! ڪا ته گڙبڙ آهي! مطلب ته جيترا منهن اوتريون ڳالهيون. ڀلا کوهن جا وات ته بند ٿي سگھن ٿا، پر ماڻهن جا وات بند ٿيندا؟ ڪي اهڙا به هئا جن چيو ته: “ٻيلي سليمان آهي ايماندار حد درجي جو، ڏسجو ته ڪيئن ٿو پَلَوَ آجا ڪري اچي”. جو رب وٽ ته انصاف آهي، سو ضرور انصاف ڪندو”. ۽ دشمن جو پاڻ ئي منهن ڪارو ٿيندو.
اسانجي خاندان ۾ وڪيل به ٿيا آهن، جهڙوڪر نانو حاجي خان، ماما شاهنواز، چاچو محمد عمر. نانو ۽ چاچو محمد عمر ته رباني راه وٺي چڪا هئا، پر ماما حال حيات هو، پر هن ڪيس کي پنهنجن هٿن ۾ ڪونه کنيو، ۽ بابا کي غلام نبي ميمڻ جو مشورو ڏنائين. ڇو ته غلام نبي حيدرآباد جو هو ۽ ڪرمنل سائيڊ تي انهيءَ جهڙو ٻيو مشهور ۽ معروف ڪونه هو.
تن ڏهاڙن ۾ سسپينڊ آفيسر کي پگھار به ڪونه ملندي هئي، (هاڻي ته سڀ ڪجھ ملي ٿو جو سپريم ڪورٽ جون اهڙيون ججمينٽ اچي ويون آهن) تنهن ڪري اسانجي خاندان جي حالت ڏاڍي خراب ۽ ابتر ٿي وئي. ڇو ته اسان سڀئي ڀائر اڃان پڙهندا هئاسين. ادا اڪبر NED ڪاليج جي فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هو، ادا بدر حيدرآباد ۾ گورنمينٽ ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ۽ مان ۽ ادا شيرل نواب شاه ۾ داخل هئاسين. مطلب ته انهن ڏهاڙن ۾ اسانجي خاندان جي مالي حالت ڪسمپرسيءَ واري هئي.
ڳوٺ ۾ امان رهندي هئي ۽ اسانجي ماسي عظيمان ۽ اها به بيوه جو سال کن ٿيو هو جو چاچو محمد عمر انتقال ڪري ويو هو، تنهن ڪري نواب شاه مان اسانجي ناني به ڳوٺ هلي آئي پنهنجي
ٻنهي ڌيئرن وٽ.
زمين ته گڏ هئي، اَنُ وغيره ته گڏ هو، پر گھر ۾ ٻيو ڇا نٿو کپي. انهن ڏينهن ۾ اسانجي اوهر چاچي رحيم بخش، جيڪو تن ڏينهن ۾ پرائيمري استاد هو کنئي ۽ ٻيو هو ماما شاهنواز. اهڙن ماڻهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:
ســـون ســوايـا ســپــرين، تــوريـان تــان نــه تــــرن
جن جون ميخون من اندر، چوريان تان نه چرن
ســـي ڪـيـئـن وســـرن، جيڪي سانڊيم ساه ۾.
بهرحال بابا غلام نبي ميمڻ سان ملڻ ويو ۽ کيس سڄي ماجرا ٻڌائي، تنهن کيس سٺي موٽ ڏني. ۽ ڏهن هزارن ۾ ڪيس جي حامي ڀري، هاڻي ايترا پيسئا بابا وٽ ته هئا ڪونه، سو ڏاڍو پريشان هو، ته ڪجي ته ڪجي ڇا؟، ۽ ڪنهن کان وٺجن. حيدرآباد ۾ بابا جا ٻه تمام ويجھا عزيز هڪ محمد لقمان (هيءُ بابا جو پڦاٽ هو) ۽ ٻيو غلام محمد (هيءُ به بابا جو پڦاٽ هو). الهه داد چنڊ جي پاڙي ۾ رهندا هئا. ۽ ٻئي مختيارڪار هئا. محمد لقمان نيڪ نمازي، ۽ صوم و صلواة جو پابند هو ۽ انهيءَ وٽ ايترن پيسئن جو هجڻ ناممڪن هو، تنهن ڪري بابا غلام محمد خان کان گھرڻ لاءِ سندس گھر ويو. هو مڙئي زماني جو ماڻهو هو ۽ ڪي قدر کائڻ پيئڻ وارو هو، پر ڏوڪڙ گھرڻ بابا لاءِ ڏکيو هو، ۽ ايڏو وڏو آفيسر تنهن لاءِ هڪ قسم جو وڏو امتحان هو، پر ڇا ڪجي بابا لاءِ مجبوري هئي. بابا ٻڌائيندو هو ته: “ڪجھ وقت ته خاموش رهيس ۽ اهو انتظار ڪندو رهيس ته غلام محمد خودئي اهڙي ڳالهه ۽ مدد ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ته کڻي ها ڪجي” پر هو به زماني جو ماڻهو هو ۽ مئجسٽريٽ هو ۽ وڏو نبض شناس ۽ ماڻهو ماڻهوءَ کي چڱي طرح سڃاڻيندو هو، ۽ ڪي قدر سمجھي ويو ته اڄ سليمان جو اچڻ مقصد کان خالي نه آهي، سو ان اهڙي قسم جو ڪو به اشارو ڪونه ڏنو، ۽ نه وري ائين پڇيائين ته معاملو ڪٿي پهتو آهي.
نيٺ بابا ٻڌائيندو هو ته: “سندس نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ ڪؤڙي گوري کائڻي پئي ۽ همٿ ڪري پاڻ ئي مخاطب ٿي غلام محمد کان اوڌر وٺڻ لاءِ زبان چوريم ۽ چئي به ڏنم؟ غلام محمد خان (اسان سڀئي ڀائر کيس نانو ڪري سڏيندا هئاسين جو اسانجي نانيءَ جو ڀاءُ هو) پنهنجي گھر واريءَ کي سڏي چيو ته: “بچان! اڄ سليمان اوڌر وٺڻ آيو آهي سو به ڏهه هزار؟”. سندس گھر واريءَ ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مشغول جيئن هئي ائين ئي ڪم ڪندي رهي. ڪجھ گھڙين کانپوءِ ڪم لاهي اندر ڪمري مان ڪپڙي جي ڳوٿري کڻي آئي جنهن جو منهن ٻڌل هو ۽ بابا جي هنج ۾ رکي چيائين ته: “ادا سليمان هن ۾ جيڪي به پيسئا آهن تنهنجا پنهنجا آهن کڻ! ٻيا به کپن ته ٻڌاءِ! بابا ٻڌائيندو هو ته ڳڻيم ته ڏهن هزارن کان پيسئا وڌيڪ هئا. سو وري ٻيو دفعو ڳڻي ڏهه هزار کنيم، باقي کيس موٽائي ڏنم. بابا وڌيڪ ٻڌائيندو هو ته: “سندس اکين مان پاڻي لار ڪري وهڻ لڳو ۽ چپ جنبش ڪرڻ لڳا ۽ دل ايتري ته ڀرجي آئي جو شڪر گذاريءَ جا الفاظ به نه چئي سگھيس، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيس، ته ناني بچان کيس ڀاڪر ڀري ۽ ڳراٽڙي پائي بابا کي چيو ته: “ادا سليمان! ڪهڙي فڪر ۾ پئجي ويو آهين؟ اهڙيون مهلون مڙدن تي اينديون آهن!، ۽ اسان ڀينرون باقي ڇا لاءِ آهيون! گھٻراءِ نه! رب وڏو آهي ۽ آزمائشون وٺندو آهي، تنهن ڪري رب کي ئي ٻاڏائڻ کپي!. ۽ ٻي ڳلي نه آهي، تنهن ڪري پنهنجي واڳ ان خاوند جي حوالي ڪر، پاڻ ئي پار لنگھائيندو!”.
سرڪار طرفان شاهد هو سيد شهاب الدين شاه. هي شاه صاحب به بمبئيءَ جو پڙهيل هو ۽ ڪميشنڊ آفيسر هو. ۽ بابا وارن سان گڏ نوڪريءَ ۾ گھڙيو هو. اصل ۾ ڊڀري جو هو.
ڪيس سال ڏيڊ هليو، باقي فتويٰ لاءِ جج صاحب تاريخ ڏني.