باب ڇهون: ڳوٺ جي اسڪول ۾ مخدوم برادران استاد
اسڪول ۾ جيڪي به استاد هئا اهي سڀئي مضمون پاڙهيندا هئا. ٻه ته ڀائر هئا ڊڀري جا مخدوم. هڪ مخدوم سائين غلام فاروق ۽ ٻيو سائين غلام صديق. اسڪول جو ٽائيم سياري ۾ ساڍا اٺ ۽ اونهاري ۾ اَٺ. اهي ٻئي ڀائر ڊڀري کان ايندا پر ٽائيم تي. ڪا به گنجائش وقت ۾ نه هوندي. پر گھڻو ڪري ٿيندو ائين جو اسڪول جو گھنڊ لڳندو ته ٻئي ڀائر اسڪول ۾ داخل. مخدوم سائين غلام صديق مونکي پڙهايو. سندس پڙهائيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. انساني صورت ۾ ملائڪ هو، جو جنهن مهل لطيف سائينءَ جو ڪو بيت پڙهائبو ۽ سمجھائبو ته زمين ۽ آسمان کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏبو. اڄ پنجهٺ سال گذري ويا آهن پر اڄ به سندن خيال ٿو ڪجي ته ائين پيو ڀانئجي ته سائين هينئر به پڙهائي پيو. سندن اخلاق بلند، منهن تي هميشہ مرڪ يعني Smiling face.
سائين مخدوم غلام فاروق وٽ ڪونه پڙهيس، جو اهو انگريزي ڪلاس کي پڙهائيندو هو. اهي سڀ ڀائر ڀلا ماڻهو ۽ پڙهيل هئا. سندن ٽيون ڀاءُ محمد سليمان حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد هو. ان کان علاوه هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر هو جيڪو بعد ۾ انگلينڊ ويو پر جوانيءَ ۾ ئي اتي انتقال ڪري ويو. مخدوم عبدالڪريم هيءُ به بهترين ماڻهو هو. انجنيئر ٿيو ۽ واپڊا ۾ چيف جي پوسٽ تي پهتو. سندن آخري ڀاءُ هو محمد دائود. هن به انجنيئري پاس ڪئي ۽ اتيئي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿيو. پروفيسر جي عهدي تائين پهتو، پر جوانيءَ ۾ گذاري ويو. سندس نالي پويان يونيورسٽي انتظاميه هڪ هال ٺهرايو جيڪو سندس قابليت ۽ ذهانت جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.
منهنجو استاد ۽ چاچو رحيم بخش
اسان سڀ ڀائر سندس وڏي ڀاءُ جو اولاد آهيون تنهن ڪري چاچو رحيم بخش اسان سان تمام گھڻي محبت ڪندو هو. اگر امان وڏن پٽن ڏي ويندي هئي ته منهنجي رهائش چاچي وٽ ٿيندي هئي. منهنجي پرائيمري تعليم ڳوٺ ۾ ٿي ته آءٌ اتيئي چاچي سان رهندو هوس. هڪ ته منهنجو استاد ۽ ٻيو سڳو چاچو، تنهن ڪري مونکي ڪنهن قسم جي لکا ڪانه هئي. انگريزي صرف ٽي درجا پاس هو، پر ڪاميٽي پاس هو تنهن ڪري استاد ٿيو. قدآور شخص هو، ۽ ان سان گڏوگڏ بااخلاق ۽ باڪردار هو. شام جو هميشہ کس کس جي ٿاڌل ان ۾ ٿوري ٿوري ڀنگ به گھوٽي پيئندو هو ۽ مونکي به پياريندو هو جو مان صافي جي هڪ پَلَوَ کي جھليندو هوس. چوندو هو ته ابا هيءَ هرنيا جي بيماريءَ کان واپرائيندو آهيان. شايد کيس اها تڪليف هئي. انهن ڏينهن ۾ ته مونکي خبر نه آهي ته اها ڪهڙي بيماري آهي، مگر هاڻي ته ائين ٿا چون ته انهيءَ ۾ آپريشن ضرور ٿيندو آهي.
تمام ڀلو ماڻهو هو. ڊڀري جا سيد زميندار سندس شاگرد هئا، جهڙوڪ سيد اڪبر علي شاه، اصغر علي شاه، منور علي شاه ۽ ٻيا ڪيترا ڊڀري جا معتبر ماڻهو سندس ذهانت، قربداري، فراخدلي، ۽ همدردي جيڪا پنهنجي شاگردن سان ڪبي آهي، ان جي واکاڻ ڪندي ماپندائي نه آهن، ۽ هميشہ ائين چوندا آهن ته اسانجو ابو هو.
کيس مال جي گاه پٺي لاءِ هڪ ايڪڙ زمين جو مليل هو ۽ اڃان به آهي جنهن ۾ جوئر کائڻ لاءِ پوکيندو هو. مونکي جوئر جي پوک مان مٺا ڳنا ڳولي ڳولي ڪڍي ڏيندو هو. جوئر جي فصل کي جھار کان بچائڻ لاءِ هڪ نوڪر رکيل هوندو هوس. شام جو ٿاڌل پي وري پيهي تي وڃي ويهندو ۽ جھار کي ڀڄائيندو. زمين جي هڪ ڇيڙي ۾ خالي ٽين جو دٻو وڏي ڪاٺيءَ ۾ ٻڌي رسو وري پيهي سان ٻڌي ان رسي کي لوڏيندو هو ته ٽين جو دٻو وٺي وڄندو ۽ پوءِ جھرڪي، ڪٻر، هيڙا، ڪانگ وغيره ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويندا هئا. اهڙيءَ اٽڪل سان پنهنجي فصل جي حفاظت ڪندو هو ۽ ڍير سارو اَنُ به کڻي ايندو هو.
اڃان جوئر اڌ ڪچي اڌ پڪي هوندي ته سنگ لڻي گھر کڻي ايندو ۽ ڪهر رڌي پاڻ به کائيندو ۽ ٻارن کي کارائيندو ۽ مان به شوق سان کائيندو هوس. اسانجي ڏاڏي اها به چاچي سان هوندي هئي. بابا ته هميشہ ٻاهر رهندو هو جو سرڪاري نوڪري هيس، سا به انجنيئري. اسان جي ڏاڏي کي هڪ ڪمرو، ٿورو ورانڊو، ننڍو اڱڻ ٽن کٽن جو ۽ هڪ رڌڻو، اها هئي بابا ۽ چاچي جي رهڻ جي جاءِ. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ڏاڏي مونکي پيار ڪندي هئي. گرمين ۾ ته ڀرسان سمهاري وڃڻو هڻندي هئي ۽ ذڪر پئي ڪندي هئي ته جيئن مونکي ننڊ اچي.
رات جي وقت ۾ گرمي گھڻي ٿيندي ۽ ٻوسٽ ٿيندو ته چاچو سائين وڏي واڪي رب کي التجائون ڪندو ته: “اي مولا! هاڻي ته ڪو هوا جو جھوٽو ڏي بس مرون ٿا”! رب پاڪ به ان مهل سندس التجا قبول ڪندو ۽ اهڙو ته هوا جو جھوٽو ايندو جو هنيانءُ ئي ٺري پوندو. صبح جو سوير اٿندو مال لاءِ ڪڙٻ جو بند ڪتر ڪري مال کي ڏيندو. چانهه وغيره جو رواج ڪونه هو. چاچي سڳوري به اٿندي پوءِ چاڏيءَ ۾ ڌنئرو وجھي ڏڌ ولوڙيندي ۽ مکڻ ڪڍي رکندي. چاچو اسڪول ويندو ته انکي ٿورو ڌنئرو، مکڻ ماني لسيءَ سان ڏيندي ۽ مونکي به. ائين روز اسان ٻئي چاچو ڀائٽيو ماني کائي اسڪول وينداسين. اهو هميشہ جو معمول هو.
چاچو سائين تعلقي جي استادن ۾ مڃيل استاد هو. وڏي قميص، وڏي شلوار ۽ ڪڏهن ڪڏهن پٽڪو به ٻڌندو هو. سندس اکر ۽ بابا سائينءَ جا اکر اهڙا ته هئا جو فرق نه ڪري سگھبو ته هي اکر ڪنهن جا آهن. بابا سائين ايم. اي لاڙڪ جي نالي سان صحيح ڪندو هو ۽ چاچو سائين آر. اي لاڙڪ جي نالي سان.
ٻنهي ڀائرن جي محبت به پاڻ ۾ ڏاڍي هوندي هئي. چاچو بابا جي منهن تي ٻيڙي به ڪونه پيئندو هو ۽ نه وري ٿاڌل. بابا کٽ تي ڏاڏيءَ جي پيرانديءَ کان ويهندو ته چاچا وري هيٺ منجيءَ تي ويهندو. چاچا مونکي چوندو هو ته نانا تنهنجو پيءُ وڏو آفيسر آهي ۽ مان ماستر. تنهن ڪري پڻهي وڌيڪ عزت لهڻي. اهو سندس قرب، محبت اڄ ياد ٿي اچي ته دماغ لاٽونءَ وانگر ڦيري ٿو کائي وڃي. ڇو ته هاڻي اهي واهيرا ويا هليا جيڪي واهرو هئا.
جمع تي مسجد ۾ ايندو ته وڏي آواز ۾ صلواة پڙهندو، جو هرڪو سمجھي ويندو ته استاد رحيم اچي ويو. الله الله!
کيس هڪ فرزند علي محمد ڄائو ۽ ان کان اڳم ٻه نياڻيون هڪ آمنة خاتون ۽ ٻي صبحان خاتون هيون. هن وقت سندس هڪ نياڻي آمنة خاتون حال حيات آهي، باقي ڌيءُ ۽ پٽ الله کي پيارا ٿي ويا.
سندس انتقال
مان جڏهن ادا بدر جي ڪمري ۾ يعني انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ڪجھ ڏينهن رهيس ته اتي ئي اسانجي ڳوٺ جي عبدالحڪيم عرف حڪن تقريباً يارهين بجي اچي ٻڌايو ته چاچو رحيم بخش گذاري ويو. ڏاڍو ڏک ٿيو. پر ان جي دفن ڪفن ۾ شريڪ ٿي نه سگھيس جو بي. اي انرز جا ساليانا امتحان هلي رهيا هئا. چاچو سائين تمام گھڻو پيار ڪندڙ انسان هو.
ڪچي پهرئين کي پڙهي پورو ڪيم ۽ داخل ٿيس پهرئين درجي ۾. پهرئين درجي ۾ هڪ بيت هو جيڪو اڃان به ياد آهي. يعني:
“سويل سمجھي - سويل اٿجي
اول ڌڻــيءَ جــو نالو ڳنهجي
ڪــوڙ نــه چـئـجي ڏجـي نـه گـــار
شيءِ چورائي ٿجي نه خوار”.
ان کان علاوه ٻيو به هڪ بيت هو جيڪو پڻ ياد آهي:
“جو کير پئي سو وير ٿئي - ڏند زور وٺن سٺا سهڻا لڳن
ڏي کير امان پي پڙهڻ وڃان”
ان کان علاوه سبق به نصيحت ڀريل هوندا هئا جيڪي آکاڻين واري انداز ۾ پڙهايا ويندا هئا، جهڙوڪ ٻه ڳهيليون ٻڪريون ۽ ٻه سياڻيون ٻڪريون. اهڙن سبقن مان ٻارن جي ذهن جي وڌڻ ويجھڻ ۽ نشو نما بهتر نموني ٿي سگھندي آهي. ورنه اڄ ڪلهه جي ٻارن جا بستا ڏسي ڏک ٿيندو آهي ته اهي ڪيئن ٻنهي ٻانهن ۾ کڻي ٿا هلن؟
پهريون پاس ڪري ٻئي درجي ۾ داخل ڪيو ويس. انهيءَ ڪتاب جو آکاڻيون اڃان به ياد اٿم، جهڙوڪ نور جي ڳالهه، امان چنڊ آڻي ڏي، انڌي منڊي جي ڳالهه، ڪتي ۽ سندس پاڇي جي ڳالهه، رامچي ۽ ٽي ٺڳ. انهن ڳالهين ۽ آکاڻين ۾ هڪ قسم جي عقل ۽ فهم جي نشو نما جا نڪتا بيان ٿيل هوندا هئا ۽ ٻارن کي اهو به سمجھايو ويندو هو ته هونئن ڪرڻ سان سندس نقصان ٿيندو ۽ هيئن ڪرڻ سان سندس فائدو ٿيندو، ۽ انجي مَانَ ۽ مرتبي ۾ واڌارو پڻ.
ٻيو درجو پاس ڪري ٽئين ۾ داخل ٿيس ته سمجھ وارو به ٿيس. ڳوٺ ۾ سواءِ اسڪول جي ٻي ڪا به سهولت ڪانه هئي. مطلب نه فون، نه بجلي ۽ نه گئس تنهن ڪري ماني وغيره پچائڻ لاءِ ڇيڻا ۽ ڪاٺيون ڪم ۾ آڻبيون هيون. امان مونکي چوندي هئي ته ابا جھنگ مان ڪجھ ڪاٺيون ته ڪري اچ ته ماني پچي. پوءِ ننڍڙي ڪهاڙي ۽ رسو ۽ هڪ انگوڇو مٿي سان ٻڌي ويندو هوس. ۽ ڪلاڪ ڏيڍ ۾ چڱڙي ڀري مٿي تي کڻي ايندو هوس. ڇيڻا ته امان خود ڀت تي هڻي ڇڏيندي هئي جيڪي سڪي ويندا هئا ته ڀت تان لاهي رکندي هئي، اهڙي طرح سان چلهه ٻرندي هئي ۽ امان ماني پچائي اسانکي کارائيندي هئي.
ڏاڏي به تن ڏهاڙن ۾ اڃان حال حيات هئي پاڻ هئي ته معذور پر خيال ڏاڍو رکندي هئي. بابا جيڪي کيس پيئسا ڏئي ويندو هو ته چولي جي پاسي واري کيسي ۾ رکندي ويندي هئي، پوءِ مونکي روزانو خرچي ڏيندي هئي. اهڙيءَ ريت منهنجي پڙهائي هلندي هئي. ٽئين درجي وارو بيت اڃان به ياد آهي جيڪي درسي ڪتاب ۾ شامل هو. يعني:
“دريــا شاه جو آندو مون تازو پلو
کائيندڙ جو مولا ڪندو شل ڀلو”.
اهڙو ته بيت هو جيڪو اسان چارئي ڪلاسي سريلي انداز ۾ پيا جھونگاريندا هئاسين. هن بيت ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته لالچ، لوڀ، ۽ رشوت هڪ بدنما داغ آهن جيڪي هڪ انسان کي خوار خراب ٿي ڪري، تنهن ڪري انهيءَ کان پاسو ڪرڻ کپي. پر هاڻي ته لالچ، لوڀ ۽ رشوت عام جام آهي، ۽ ڪو ورلي هوندو جيڪو ان کان بچيل هوندو. اهوئي سبب آهي جو هر هنڌ خواري پئي ٿئي. ۽ هي معاشرو جيڪو ڪجھ سال اڳ هڪ گلستان جي مثل هو هاڻي گند جو ڍير پيو نظر اچي. ماڻهو ته آهن پر انهن ۾ ماڻهپو نه رهيو آهي. بس نفسا نفسي جو عالم آهي. نتيجو اسانجي سامهون آهي. الله خير ڪري.
امان سان ڪراچيءَ گھمڻ وڃڻ.
گرمين جي موڪلن ۾ امان مونکي ڪراچيءَ وٺي هلي. بابا انهن ڏهاڙن ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر هو. جنهن گھر ۾ رهندو هو ان جي ٻي منزل تي وري ٻيو صاحب رهندو هو. سندس نالو هو قاضي غلام مصطفيٰ. قاضي صاحب کي پنج پٽ هئا. اختر علي، امام علي، حيدر علي، لياقت علي، آصف علي ۽ ظفر علي.
قاضي صاحب ڪليڪٽر صاحب هو. ان وقت ڪراچيءَ ۾ آفيسرن لاءِ ايترا بنگلا ڪونه هئا تنهن ڪري هيٺين حصي ۾ هڪڙو ۽ ٻئي حصي ۾ ٻيو صاحب رهندو هو. انگريزي اسڪولن ۾ هي سڀ ڀائر پڙهيا تنهن ڪري انگريزي ڦر ڦر ڳالهائيندا هئا. قاضي اختر علي لاڙڪاڻي ۾ وڃي وڪالت ڪئي. فوجداري ڪيسن ۾ سندس ڪو به ثاني نه هو. قاضي امام علي ڪراچي ۾ ديواني ۽ روينيو پٽيشن ۾ سندس ڪو به مدِ مقابل نه هو. حيدر علي وڏو ڊاڪٽر ٿيو. آصف علي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيو ۽ مئٿميٽڪس ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر ٿيو. لياقت علي به ڊاڪٽر ٿيو. ظفر علي حبيب بئنڪ ۾ آفيسر ٿيو. جڏهن مان بي. اي آنرز ۾ پڙهندو هوس ته سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾ مئنيجر ٿي آيو هو.
هڪ شام جو ادا بدر ۽ قاضي آصف گپ شپ ڪري رهيا هئا ته آءٌ به وڃي ظاهر ٿيس. ادا بدر قاضيءَ کي ٻڌايو ته آءٌ سندس ننڍو ڀاءُ آهيان. قاضيءَ مون کان پڇيو ته آءٌ ڇا پڙهندو آهيان؟ مون چيو ته ٽيون درجو. وري چيائين ته ڪو به بيت ٻڌاءِ! ته مون سريلي آواز ۾ ڪئي الهه تهار ۽ بغير ساهي پٽڻ جي “دريا شاه جو مون آندو تازو پلو پڙهي ساهي پٽي، ته وٺي ٽهڪ ڏنائين ۽ سندس اکين ۾ کلڻ جي ڪري پاڻي اچي ويو. آءٌ ڏاڍو ششدر ٿيس. پوءِ چيائين ته هت ڪراچيءَ ۾ ائين ڪونه پڙهايو ويندو آهي، ته مون چيو ته اسانکي ائين سائين سيکاريو آهي، ڇو ته سائين به ائين پڙهندو آهي.
هڪ آچر جي صبح جو بابا مونکي چيو ته مالهيءَ کي چؤ ته نم جو ڏندڻ پٽي ڏئي. آءٌ سوچ ۾ پئجي ويس ته اردوءَ ۾ مالهيءَ کي ڇا چوان! ڳوٺ ۾ اردوءَ جو نالو ڪونه هو. ۽ نه وري پڙهايو ويندو هو. تنهن ڪري ڪي قدر پريشاني ٿي پر هر صورت بابا لاءِ نم جو ڏندڻ ضروري هو. تنهن ڪري مالهيءَ کي چيم: “صاحب بلاتا ہے دندن بلاتا ہے”. مالهي به ويچارو تازو هندستان مان لڏ پلاڻ ڪري آيو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ کان بنهه اڻواقف هو تنهن ڪري سڌو آيو بابا وٽ ۽ چيائين: “صاحب آپکا بچہ کچھ چيز مانگتا ہے بتائیے کیا چاہئے”؟ ته بابا سمجھي ويو ۽ کيس چيائين ته: “کیا تم کو کہا ہے”؟ مالهيءَ چيو ته: “کہتا ہےصاحب بلاتا ہے دندن بلاتا ہے”. ته بابا وٺي ٽهڪ ڏنا ۽ آءٌ ڊائينگ ٽيبل جي هيٺان لڪي ويس.
کل جهڙو ٻيو به هڪ واقعو ياد ٿو اچي. صبح جو ڏهه ٿيا هوندا ته ڪنن تي آواز آيو سمجھيم ته ڪو گھور وارو ڪجھ وڪڻڻ چاهي ٿو. سو امان کان خرچي وٺي ٻاهر ڀڳس. هٿ ۾ پيئسا هئا، کڻي جو ڏسان ته هڪ ماڻهو ريڙهي تي پراڻيون اخبارون، خالي شيشون ۽ سڪل ماني رکيو بيٺو آهي. وٺڻ واري ته ڪا به شيءِ ڪانه هئي. ريڙهي واري چيو ته: “بیٹا کھانے کی چیز نہیں ہے”. مون کيس پيئسا ڏئي چيو ته: “زور سان هڪ دفعو وري چئي ٻڌائيم”. ته سمجھي ويو ۽ زور سان ساڳي انداز ۾ هوڪو ڏنائين “خالی بوتل والا، ٹین ڈبے والا، بوسی ٹکڑے والا”. مون به کليو ۽ هو به کلي پيو.
گھر جي ڏکڻ ۽ اتر ۾ خالي پلاٽ هو. ڪرڪيٽ مون اتي ٻارن کي کيڏندي ڏٺي. اتر پاسي چوڌاري وڏي ڀت ڏنل هئي. ۽ ان جي پويان وري وڏو روڊ هو جنهن تي تمام گھڻي ٽرئفڪ هئي جنهن جي پٺ ۾ هڪ وڏي بازار هئي جنهن تي “سولجر بازار” نالو لکيل هو. روڊ جي وچم ريل جي پٽڙي هئي. ادا اڪبر ۽ ادا بدر گھمائڻ لاءِ ان ۾ چاڙهيندا هئا ۽ سندس نالو “ٽرام” ٻڌايائون. اها ٽرام مون ڪراچيءَ ۾ ڏٺي. وهڻ لاءِ ڪاٺ جون بينچون ٺهيل هيون. سندس ٻنهي ڪنارن کان انجڻون لڳل هيون. سائيڪل واري اسپيڊ سان هلندي هئي، تنهن ڪري ماڻهو لهي به ويندا هئا ۽ ڊوڙي چڙهي به ويندا هئا.
زماني جي گردش سان هاڻي هت ڳوٺن ۾ ڪنڊياري ۽ ٺاروشاه کان اهڙا ماڻهو اچن پيا ۽ پراڻو لوه، اخبارون، ۽ سڪل ماني وٺيو وڃن ۽ ان سان گڏ پلاسٽڪ جا ڀڳل برتن، کوکا، ۽ پاٺا وٺي وڃن ٿا ۽ پوءِ اتي شهر ۾ ٽرڪون ڀري پنجاب پيا موڪلين، ۽ روزي روٽي ڪمائين. ورنه ڪجھ سال اڳم اهي ڳوٺن ۾ پراڻيون اخبارون يا کوکا ۽ پاٺا چلهه ۾ ٻارڻ لاءِ ڪم آڻبا هئا. اها ته سوچ ئي ڪانه هئي ته انهن شين مان ڏوڪڙ به ملي ويندا.
جڏهن به اهڙين ڳالهين تي ڪاليج جي استادن سان ذڪر نڪرندو هو ته چوندا هئا ته ڪا به شيءِ بيڪار نه آهي. قدرت جي هر شيءِ ڪارآمد آهي. جهڙي ريت مينهن جا ڇيڻا گڏ ڪري زمين ۾ ڀاڻ ڪري ڪتب آڻبا آهن ته فصل ڀلا ٿيندا آهن، يا وري ڇيڻن مان باه وارو ڪم وٺبو آهي ۽ پوءِ جيئن ئي اهي ڇيڻا خاڪ ٿي ويندا آهن ته اها خاڪ گڏ ڪري زمين ۾ ننڍيون ننڍيون ٻاريون ٺاهي اڇلبي ۽ ان ۾ پاڻي ڏئي ساريون اڇلبيون ته سارين جو ٻيجارو تيار ٿيندو ۽ جڏهن وڏو ٿيندو ته هڻبو رونبو. مطلب ته رب پاڪ جي هر شيءِ ۾ حڪمت آهي، پر اسان آهيون نادان جو ان تي سوچ ويچار ڪونه ڪيون. پر جن به انسانن فڪر ڪيو ته ڪو لطيف ٿيو، ڪو سچل ٿيو ته ڪو بيدل.
تنهن ڪري ته الله پاڪ قران پاڪ ۾ فرمايو آهي ته انسان جاهل ۽ ظالم ۽ وڏي خساري ۾ آهي.
شاه ولي الله جو ڪتاب
هڪ ڏينهن صبح جو گھر واريءَ چيو ته لوڻ به ڪونهي ۽ انڊا به، سو وڃ ۽ دوڪان تان وٺي اچ. دوڪان تي ويس. وڏو سيٺ ۽ ننڍو سيٺ ڪونه هئا. سيٺ جو پوٽو عمر اٽڪل ڏهه ٻارهن سال ويٺو هو. ۽ کيس هڪ ڪتاب پلاسٽڪ ڪوٽيڊ هٿ ۾ هو. مون لوڻ ۽ انڊا کانئس گھريا ۽ کيس چيم ته هي ڇا جو ڪتاب آهي؟ ته چيائين ته: “چاچا خبر نه آهي ڪنهن جي گھران پراڻين اخبارن ۾ وڪامڻ لاءِ آيو آهي ۽ ڏاڏا ورتو آهي”. مون کيس چيو ته ڏاڏا ڪاٿي؟ ته چيائين ته اجھو ٿو اچي. مون کيس چيو ته هن ڪتاب کي ڇا ڪندين؟ ته چيائين ته: “بس هن مان پنا ڦاڙي ڪنهن کي لوڻ، ڪنهن کي مرچ، ته ڪنهن کي ڌاڻا پيٺل ڏبا”. مون کانئس ڪتاب وٺي هٿ ۾ جھلي ڏٺو ته اهو ڪتاب پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ طرفان حضرت شاه ولي الله دهلويءَ جي عربيءَ ۾ تصنيف ٿيل “عبقات” جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هو. ڪتاب کي هيٺ مٿي ڏسي وڏو شوڪارو ڀريم ۽ خوشي به محسوس ڪيم جو وڏي نقصان کان اهو ڪتاب بچي ويو. سيٺ آيو ۽ کيس چيم ته ادا حاجي هن ٻار کان ورتو اٿم، شايد اخبارن سان گڏجي اوهان وٽ وڪامڻ لاءِ آيو هوندو؟، توهان جيڪي پيئسا چئو ته آءٌ ڏيان. ته چيائين پيئسا وري ڇا جا کڻي وڃو!
گھر آيس ته گھر واريءَ چيو ته لوڻ ۽ انڊا؟ معافي وٺي وري دوڪان تي ويس، ۽ گھربل شيون وٺي آيس. ٻهراڙيءَ جون زالون تن کي ڪا به خبر نه آهي ته ڪِنُ ڪچرو جيڪو هو وڪڻن ٿيون انهن ۾ ڪهڙو لڪل خزانو آهي. هنن ته شايد صفائي ڪرڻ لاءِ هي غير ضروري شيون ڪڍيون پر انهن سان گڏ جيڪو املهه خزانو ڪڍيو تن جي قدر و قيمت جي انهن کي ڪهڙي ڄاڻ؟. پر سندن شرير ۾ آهي سچائي ۽ بودلائپ تنهن ڪري هر ڪو سندن اوڻاين کي نظر انداز ڪيو ڇڏي!.