باب ڇهون: سکر شهر سکر ماڻهن جو مسڪن
سکر بئراج جي ڪري لاڙڪاڻو ڊويزن، سکر ڊويزن، ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي عوام کي پاڻي سندن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ضروري کپي، ان ڪري سندن اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي. گڊو بئراج به ٺهي ويو هو تنهن ڪري اتر سنڌ جا زميندار پاڻي لاءِ انجنيرن جي آفيسن ۾ ايندا هئا. گڊو بئراج جو چيف به سکر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪيو ويٺو هو. مطلب ته روڊ، اريگيشن، ۽ بلڊنگس کاتو جنهن کي انهن ڏينهن ۾ P. W. D ڪري چيو ويندو هو، هت سکر ۾ موجود هوندا هئا. بابا تن ڏينهن ۾ بلڊنگس جو سپرنٽنڊنٽ انجنير هو. سندس حد ڪوٽڙي ڪبير- اولهه ۾ جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، گھوٽڪي ويندي اُٻاوڙو تائين هوندي هئي. هفتي ۾ ٻه ڏينهن گشت ۾ ويندو هو. پوءِ اگر اسڪول کي موڪل هوندي هئي ته پاڻ سان اسانکي به وٺي ويندو هو. هميشہ پاڻ سان بورچي، کاڌي پيتي جو سامان، ڪؤنرو، مصلو، کڻبو هو. اگر رستي ۾ ئي نماز جو ٽائيم ٿي ويو ته جيپ کي بيهاري وضو ڪبو ۽ نماز پڙهبي. پوءِ اڳتي وڃبو. جتي منزل هوندي ته روٽي به پنهنجي کائبي. ڪنهن S D O يا انجنيئر تي بار نه رکبو. جيپ وليز هوندي هي جيڪا اڪثر هينڊل سان چالو ٿيندي هئي.
ڪنهن قسم جي بدامني ڪونه هئي. رستا به خالي هوندا هئا. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ سرڪاري بس يا لاري رستي ۾ ڏسبي ورنه ٽيڪلي بيل گاڏي، يا گڏه گاڏو رستي ۾ ڏسبو هو. جتي رستو ٺهندو هو ان جاءِ تي وڏا پٿر رکيل هوندا هئا، جن کي مزور وڏن هٿوڙن سان ڪٽيندا ۽ ننڍي سائيز جا وري هٿوڙين سان ڪٽيندا هئا. مطلب ٻن ٻن انچن جا جڏهن ڪندا ته پوءِ رستي تي وڇائڻ ڪندا شروع. رستي جي ٻنهي پاسي برم تي تگارين سان مٽي وجھندا يا ڏلهن تي اُڇليندا هئا ڇو ته انهن ڏهاڙن ۾ نه ته ڊوزر هئا ۽ نه وري ٽرئڪٽر تنهن ڪري مٽيءَ جو ڪم مزور ڪندا هئا ۽ پوءِ انهيءَ حساب سان ڊيگھ X ويڪر X عمڪ (يعني اونهائي) جي ماپ ڪري پوءِ ٺيڪيدار کي پيسئا ملندا هئا. انهيءَ کڏ کي Borrow Pit سڏبو هو.
تن ڏينهن ۾ ائين ڪونه هو جو ٺيڪيدار کان ڪميشن وٺجي. ڇو ته انگريزن جي دور جا ڀرتي ڪيل انجنيئر هئا ۽ گھڻو ڪري S. E ۽ EXN انڊين پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيل هوندا هئا. تنهن ڪري رفاعه عامه جا ڪم ڪندڙ بالا آفيسر اها سوچ ئي نه رکندا هئا ته ڪو پيسئو به کائبو. سوَنِ ۾ اگر ڪو هڪ آفيسر اهڙي سوچ رکندڙ هو ته ان لاءِ اڪثريت وٽ سٺا رمارڪس ڪونه هئا. ۽ اشارن اشارن ۾ کيس راشي سڏيو ويندو هو. پر هاڻي ته هيءَ بري عادت ڪانه ٿي سمجھي وڃي، بلڪ پنهنجو حق ٿو سمجھيو وڃي ۽ ورڪ آرڊر کان اڳم ئي ٺيڪيدار کان ڪميشن ورتي وڃي ٿي. ۽ ان آفيسر پنهنجي ڪميشن پنج سيڪڙو مقرر ڪري ڇڏي آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو چيف کان ويندي SDO تائين ويهه سيڪڙو ڪميشن هلي ٿي وڃي، ويهه سيڪڙو ٺيڪيدار پنهنجي مزوري ٿو رکي ۽ ويهه سيڪڙو خزاني آفيسر لاءِ مختص ٿيل آهي، يعني سٺ سيڪڙو پيسئا مٿان هليا ويا، باقي چاليهه سيڪڙو ڪم ٿئي ٿو. هاڻي هڪ سمجھدار ماڻهو خود اندازو لڳائي سگھي ٿو ته ڪم ڪهڙو ٿيندو.! مٿان وري اينٽي ڪرپشن کاتو ۽ آڊٽ آفيس. مطلب ته چورن مٿان مور ويٺا آهن، نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڏهه ئي ڏوڪڙ لسا. ڪٿي ڪٿي ته صرف ڪاڳرن جو پيٽ ڀريل آهي باقي واردات تي نگاه ڪر ته اوندهه ئي اونده!
جڏهن اهڙي اونده هوندي ته ترقي وري ڇا جي؟ تڏهن ته هيءَ سنڌڙي ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي وڃي ٿي. حلانڪ هت سنڌ ۾ هر لڪل خزانو مولا جو موجود آهي. دادو ضلعو معدنيات، گئس، پئٽرول سان ڀريو پيو آهي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته جوهي تعلقي جي هيٺان پئٽرول جا ايڏا ذخيرا آهن جيڏا عراق ۾ آهن، پر بي توجهيءَ جي ڪري هيءُ تعلقو سڀني تعلقن کان وڌيڪ ڏتڙيل نظر اچي ٿو.