باب ٻيو: خانداني پس منظر
گھرن جي ڀرسان ڏاڏي ميل جو کوهه اڄ به موجود آهي جتي پڻ آبادي ڪئي ويندي آهي. مون پنهنجي خاندان جو شجرو يا چارٽ چئجي ڏنو آهي ته پڙهندڙ کي خبر پوي.
ڏاڏي ميل کي صرف هڪ ئي پٽ هو جنهن جو نالو محمد سليمان هو. هن ڏاڏي کي چار پٽ ڄاوا هڪ حاجي خان، ٻيو الهه اوڀايو، ٽيون محمد يعقوب، چوٿون عبدالله. حاجي خان کي ٻه پٽ ڄاوا، هڪ شاهنواز ٻيو مريد علي. الهه اوڀايو کي چار پٽ ڄاوا هڪ محمد عمر، ٻيو محمد ابراهيم، ٽيون ڪريم بخش چوٿون محمد طارق. محمد يعقوب کي هڪ پٽ ڄائو. سندس نالو هو محمد پريل. عبدالله کي ٻه پٽ ڄاوا هڪ محمد سليمان، ٻيو رحيم بخش. اسانجي والد کي چار پٽ ڄاوا هڪ علي اڪبر ٻيو بدرالدين، ٽيون آءٌ ليکڪ ۽ چوٿون شير محمد. اسانجو گھراڻو ائين کڻي چئجي ته “آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا” جي مصداق زندگي گذاريندو هو. اسانجي ناني سڳوري ٻڌائيندي هئي ته ابا ڏوڪڙ پيسو ڪونه هو، باقي ڏاندن جا ٻه جوڙا، مينهون، ٻڪريون ۽ ڳئون هونديون هيون مطلب ته نانهن جي پيءُ ڪنهن جي اڳيان هٿ ڪونه ٽنگيو.
ڳوٺ ۾ لاڙڪن جا پاڙا.
ڳوٺ ۾ ذات لاڙڪ جا ڇهه پاڙا آهن. پهريون آچراڻي، ٻيو ڪوڙائي، ٽيون ميلاڻي، چوٿون جعفراڻي، پنجون داداڻي ۽ ڇهون آخوندن يعني ملن جو پاڙو. ان کان سواءِ ٻيون به ذاتيون اوائلي رهن ٿيون. اهي هر وڏي ڳوٺ ۾ زميندار پاڻ خود رهائيندا هئا جو انهن جي کين هر موقعي تي ضرورت پوندي هئي مثلاً دعا سڳي لاءِ سيد، موچي، ڪنڀر، حجم، ڊکڻ. خوشي يا غميءَ جي موقعي تي ملن موراڻن جي ضرورت پوندي هئي ته آخوند اها خدمت بغير ڪنهن اجوري سرانجام ڏيندا هئا. باقي ٺڪرن جي ضرورت ڪنڀر پوري ڪندا هئا. وري ٻارن جي ڄمڻ تي ٻار جي جھنڊ، سيرب وغيره حجم ڪندا هئا ۽ انهن کي اجرت ڏبي هئي. ان کان علاوه رتڙ ذات جا ماڻهو رهن ٿا جيڪي اوائلي دور کان آباد آهن ۽ کين ڪجھ زمين جو ٽڪرو به ذاتي ملڪيت جي حيثيت ۾ آهي جنهن کي آباد ڪندا آهن، ان کانسواءِ لاڙڪن جي زمين به هارپي تي ڪاهيندا آهن.
ڀر وارا ڳوٺڙا.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳم هندو مسلم پاڻ ۾ ٻڌي، ايڪي، ۽ اتحاد سان رهندا هئا. مگر هاڻ لالچ، لوڀ ۽ هٻڇ ان جي جاءِ تي ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو هن وقت هندو ته ڪونه آهن پر مسلمان مسلمان ڀاءُ کي ڪهڻ لاءِ هردم تيار بيٺو آهي. ۽ موقعي جي تلاش ۾ ڪات ڪهاڙا کنيو بيٺو آهي. جيئن ئي کيس موقعو مليو هڪدم حملو ڪبو پوءِ نعره حيدريءَ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا. ڪيڏو ظلم ۽ ڪيس پيا ٿين پر ٿيندو ڇا؟ هرڪو شاهد گواه ٿيڻ کان پيو ڪيٻائيندو. بس ظالم اڳي کان اڳرو. لطيف سرڪار به شايد اهڙو منظر ڏسي چيو ته:
“هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾”.
جتن ۽ اڇي مسجد جي ڀرسان “رنگيلي جو کوهه” جي نالي سان زمين جو ٽڪر به آهي، جيڪو ڪافي مشهوري ماڻي چڪو آهي. ڇو ته اتي ٻڍو ميربحر ڪٿان لڏي اچي رهيو. شروع ۾ ته پکا اڏي ويٺو، مگر ٿوري عرصي ۾ ڪوٽ کڻائي رهائش پذير ٿيو. عمر رسيده ماڻهو چون ٿا ته کيس ٽي زالون هيون، نالي مارل، وزيران، ۽ لالي، جن کي بدپيشي لاءِ استعمال ڪندو هو، پوءِ زمين جو اٺاس خريد ڪيائين ۽ کوهه کوٽائي ظاهري طور زمين آباد ڪندو هو. تر جا اوباش ماڻهو ويندا هئا جو ڪنهن کي به روڪ ٽوڪ ڪانه هئي. نتيجي ۾ هڪ قسم جو عياشيءَ جو اڏو قائم ٿي پيو. پوءِ اها خبر جيئن اڇي مسجد جي نامياري وڪيل ۽ زميندار قاضي عبدالڪبير کي پئي ته کيس اتان لڏائي ڇڏيائين کانئس زمين به خريد ڪيائين. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهو زمين جو ٽڪرو “رنگيلي جو کوهه” طور سڏيو وڃي ٿو.
اڇي مسجد
هن ڳوٺ ۾ رهندڙ سڀ اڄڻ آهن. هي ڳوٺ “اڇي مسجد” جي نالي سان تاريخ ۽ درسي يا اخبارن ۾ مشهوري ماڻي چڪو آهي. هن ڳوٺ ۾ به هڪ ملا ۽ ٻيا قاضي معتبر پاڙا سڏيا وڃن ٿا. آهن اڄڻ پر سياسي ۽ ذهني هڪ ٻئي سان اختلاف رکندا اچن ٿا. قاضي هن ڳوٺ کي “اڇي مسجد” سڏن، ته ملا وري “ڪؤڙو اڄڻ” سڏن. اهو اختلاف کين وڏين عدالتن تائين وٺي ويو آهي، پر حتمي نتيجو اهوئي ساڳيو يعني جهڙي سٺ تهڙيون ٽي-ويهون.
انهيءَ کان علاوه اتر ۾ سيال، اوڀر ۾ ڪلهوڙا، اولهه ۾ چنڙ ۽ ماڇي رهن ٿا.
درٻيلو ۽ ڊڀرو هڪ شيءِ آهي. هن وقت هي ننڍي پئماني تي شهر لڳي ٿو. هتان جا زميندار سيد آهن، يعني سيد ظفر علي شاه، ڊاڪٽر احمد علي شاه، سيد منور علي شاه. هي ٽئي ڀائر سيد محمد علي شاه جا فرزند آهن. ۽ سندن سؤٽن ۾ سيد اصغر علي شاه، اڪبر علي شاه، ۽ ابراهيم شاه سيد قرار شاه جا فرزند آهن. سندن ڏاڏو سيد الهندو شاه تاريخي شخصيت جو مالڪ هو. انگريزن جي دور ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر هو. ۽ کيس آنرري مئجسٽريٽ جا پاور مليل هئا. يعني ڇهن مهينن تائين ڪنهن به چور چڪار کي ٽيپ ڏئي سگھندو هو. کانئس پوءِ سيد محمد علي شاه سياست ۾ آيو. مون اڳم ئي گذريل صفحن ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن 1946ع ۾ اليڪشن ٿي ته پاڻ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي بيٺو. ٻئي پاسي سندس مدمقابل هڪ عام ماڻهو نالي غلام نبي ڏهراج هو. هي مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي اميدوار هو. نواب شاه ضلعي ۾ مسعود ڪليڪٽر هو جيڪو کدڙ پوش طور مشهور هو ۽ پڪو مسلم ليگي هو، تنهن ڏهراج جي سپورٽ ڪئي. نتيجي ۾ سيد محمد علي شاه هارائي ويو. هن اليڪشن ۾ سيد صاحب ايڏو ته خرچ ڪيو جو ماڇين جي ڳوٺ ڀرسان زمين جو ٽڪرو وڪڻڻو پيو، ۽ اسانجي ناني حاجي خان خريد ڪيو. پر ستت ئي سيد صاحب رباني راه ورتي ۽ سندس وڏو فرزند سيد ظفر علي شاه انهيءَ سياسي مسند تي ويٺو. 1962ع ۾ اسانجا وڏڙا به ويا فوت ٿيندا ۽ جيڪا گڏيل زمين هئي اها چاچي محمد پريل جي سنڀال هيٺ آئي.
گرمين جي موڪل تي ڳوٺ آيل هوس. ۽ چاچي محمد پريل سان سندس اوطاق تي پئي ڪچهري ڪيم ته اوچتو سيد ظفر علي شاه جو منشي اچي پهتو. هڪ ٻئي سان خوش خيرعافيت ڪئي وئي. بعد ۾ چاچي کانئس احوال ورتو. جنهن تي منشيءَ کيس چيو ته ادا محمد پريل اوهانکي شاه صاحب گھرايو آهي. ۽ سڀاڻي ڏهين بجي سندس بنگلي تي حاضر ٿجو. شاه صاحب ايڏو وڏو ماڻهو، هيڏانهن چاچو غريب مسڪين في الحال ته گھٻرائجي ويو. ۽ ڪنهن وڏي سوچ ۽ فڪر ۾ پئجي ويو. ۽ ڪجھ مايوس ٿيندو ويو، ته الائي ڪهڙي ماجرا آهي. نيٺ منشيءَ کي چيائين ته ادا مان صبح جو حاضر ٿيندس، پر ٻيلي نياپو کڻي ايندڙ کي ضرور ڪجھ خبر کڙڪ هوندي آهي، ڪجھ ٻڌاءِ! ته معاملو ڇا آهي؟ تنهن تي منشيءَ چاچي کي وراڻي ڏيندي چيو ته ادا اوهان سائينءَ جي، ڦلاڻي نمبر تي، ناجائز قبضو ڪيو آهي ۽ پندرهن ويهن سالن کان حقداري به ڪونه ٿا ڏيو! چاچو محمد پريل ڳالهه سمجھي ويو. آخر منشي هليو ويو ۽ چاچي محمد پريل اچي پراڻا دستاويز ڳولڻ شروع ڪيا. نيٺ گھربل نمبر جو دستاويز ڳولي هٿ ڪيائين ۽ صبح جو مونکي چيائين ته ابا هل ته هلون ڊڀري.
شاه صاحب جي بنگلي تي پهتاسين، ورانڊي ۾ سندن دربان ويٺل هو تنهن چاچي پريل کي ڏسي چيو ته ويهو ته اطلاع ڪيان ٿو. آخر شاه صاحب گھرايو ۽ اسان اندر داخل ٿياسين. شيشم جي وڏي ٽيبل، پنج ڇهه ڪرسيون رکيل ۽ پاسي کان برطانيه جي دور جا صوفا رکيل هئا. درين ۽ ڀتين جي رنگ سان ميچ ٿيل پڙدا ٽنگيل ۽ سامهون واري گول ڦرندڙ ڪرسيءَ تي ڪلين شِيوِ ٿيل 32-33 سالن جو سنهڙو نوجوان ويٺل هو. اسان کي ڏسي اٿي بيٺو، اسان ٻئي ادب خاطر کيس سلام ڪري جھڪياسين ته پاڻ ڀاڪر ۾ جھلي ڏاڍي پيار ۽ محبت سان مليو ۽ وهڻ لاءِ چيائين. پهرئين خيرعافيت ڪيائين ۽ پوءِ ڪجھ اوڙي پاڙي جا احوال ڏئي وٺي اصل مقصد بيان ڪيائين: “ته ڦلاڻو زمين جو ٽڪر کيس ورهاست ۾ مليو آهي ۽ اهو ٻڌو آهي ته اوهان آباد ڪيو ٿا، پر حقداري ڪونه ٿا ڏيو سو ڇو؟” تنهن تي چاچي کيسي مان دستاويز ڪڍي ڏنو. پاڻ سڄو دستاويز پڙهي، پنهنجي والد جي صحيح ڏسي حيران ٿي ويو ۽ ڪجھ سندس جسم ۾ زلزلو محسوس ڪندي ڏٺم. ٻه-ٽي دفعا ساڳي دستاويز کي هيٺ مٿي ڪري چيائين ته: “ادا پريل برابر هيءَ صحيح سندس والد جي آهي ۽ شايد جڏهن هو اليڪشن ۾ بيٺو هو ته وڪي هوندي”! وري چيائين ته: “مونکي معاف ڪجو مون اوهان کي تڪليف ڏني آهي”. ۽ اوهان کي شاباس آهي جو اوهان دستاويز سنڀاليو آهي. وري به چيائين ته معاف ڪجو. ايڏو وڏو ماڻهو جو حقيقت کي ڏسي قبول ڪيائين ۽ چيائين ته: “اوهانکي اجازت آهي ۽ مون ۾ ڪو ڪم هجي ته ادا محمد پريل بغير ڪنهن هٻڪ جي چئجو”. اسان کانئس موڪلائي ٻاهر نڪتاسين.
اهو آهي حقيقت پسنديءَ جو اظهار جيڪو مون شاه صاحب ۾ ڏٺو. ورنه دستاويز ڏسي رکي ڇڏي ها ۽ چوي ها ته هيءُ ڪوڙو آهي ته به ڪري پئي سگھيو. مگر خانداني ماڻهو هميشہ پنهنجي خانداني خصلت ظاهر ڪندو آهي، پوءِ امير هجي يا غريب. منهنجون ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن. هميشہ سچ جو ساٿ ڏيندو آهي. مون اهو به ڏٺو آهي ته سچ ڳالهائڻ تي کيس وڏا سياسي نقصان ۽ ڌهچڪا لڳا آهن، تنهن هوندي به پوئتي نه هٽيو آهي.