آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب چوٿون: وڪالت دوران معاشي حالت

نواب شاه ۾ وڪالت دوران معاشي حالت ڏاڍي ڪسمپرسيءَ واري هئي. ڇو ته هاڻي دوستي به وڌي وئي هئي تنهن ڪري بابا وارا =/150 روپيه پورا ڪونه پوندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن ته سگريٽ پيئڻ جا پيسئا به ڪونه هوندا هئا پوءِ ماما جون ٻيڙيون چوريءَ کڻي پيئندو هوس. ڌوٻيءَ کي جيڪي ڪپڙا ڏيندو هوس ته ڇڏائڻ لاءِ پيسئا ڪونه هوندا هئا، پوءِ هڪ ٻه جوڙو ميرو ڪري ان رسيد تي ئي بقايا لکرائي ڌوتل ڪپڙا کڻي ايندو هوس.
ڪجھ جوا به ڪندو هوس. مولا بخش چنو، سندس ڀاءُ محمد صفر ۽ انهن جو هڪ ٻيو ڀاءُ غلام محمد تپيدار هوندو هو، انهي جي جاءِ تي وڃي پتا ڪٽبا هئا. هار جيت ته جوا ۾ ٿيندي آهي. ماما اِها ڳالهه سمجھي ويو هو، پوءِ نياپو ڪندو هو ته پتا ڦٽا ڪري گھر پهچي ويندو هوس.
1971ع جو سال شروع ٿيو.هڪ ڏينهن اخبار ۾ سول ججن جي نوڪريءَ لاءِ هاءِ ڪورٽ جو اشتهار پڙهيم. درخواست موڪليم. انٽرويو آيو. ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ ويس. انٽرويو ڏنم. انٽرويو وٺڻ وارا ٻه سينئر جج ويٺل هئا. هڪ هو جسٽس طفيل علي عبدالرحمان ۽ ٻيو هو جسٽس عبدالقادر شيخ. ٻنهي ڄڻن ڇڪي رکيو، ڪجھ سولا ڪجھ ڏکيا سوال ڪيا. يعني مکڻ مان وار ڪڍڻ وارا هئا. ڪجھ ڪونه ٿيو. شايد منهنجي نصيب ۾ مالڪ پاڪ ڪجھ ٻيو لکيو هو. جنهنجي مونکي خبر نه هئي. اها خبر ته مونکي 1972 ۾ پئي.

پنهنجو دوڪان کولڻ جو خيال:
هڪ ڏينهن دل ۾ اچي خيال ڊوڙيو. گھڻيئي نٽائڻ جي ڪوشش ڪيم پر اهو خيال صفا اندر ۾ ويو گھر ڪندو، ۽ منهنجي جند سان جڙي ويو. دل ۾ خيال هي هو ته: “اپڻي گھوٽ ته نشا ٿيوي”. يعني پنهنجو دوڪان کول. گھڻيئي دل کي سمجھايم ته دوڪان کولڻ لاءِ وکر کپي ۽ وکر لاءِ پيسئا هجڻ لازمي آهي ۽ منهنجا کيسا هئا خالي. پنهنجي دوست خادم ميمڻ جيڪو نوشهري فيروز ۾ وڪالت ڪندو هو، تنهن سان دل جو احوال اوريم، تنهن چيو ته هليو اچ. مون چيومانس ته ماني کارائيندي ۽ رهائش؟. ته هن ٺهه پهه چيو ته: اوطاق خالي آهي باقي ماني سا آهي الله جي. بس ائين ئي نوشهري هليو آيس بسترو کڻي.
خادم سان مليس، تنهن اڳم ئي پنهنجي ڀائرن ۽ والده سان مشورو ڪري ڇڏيو هو. سندس هڪ ڀاءُ هو اعجاز حسين ۽ ٻيو هو ممتاز حسين. لک شابسون هجن سندن والده کي جيڪا ٽائيم تي ماني موڪليندي هئي. هيءَ فيملي “سيٺيون” سڏبي آهي. شايد هنن جا وڏا سيٺيون هئا. نوشهري ۾ ميمڻ گھڻا آهن، ۽ مختلف لقبن سان سڏيا ويندا آهن. ٻيا آهن خليفا، ۽ ٽيان آهن وڏيرا. سنڌ جو برک اديب حميد سنڌي سيٺين جي پاڙي جو آهي. جسٽس بچل ۽ جسٽس محمد بخش وري خليفا ميمڻ آهن. خادم وٽ مان مئي مهيني ۾ آيس ۽ اهو سال هو 1972ع.
مونکي 2/3 مهينن ۾ ڪو به ڪيس ڪونه مليو. ۽ نه وري خادم کي. خير سان مئي، جون ۽ جولاءِ گذري ويا. مان هر آچر تي صبح جو سوير ريل گاڏيءَ ۾ ڳوٺ هليو ايندو هوس، ۽ شام جو واپس نوشهري ويندو هوس. بابا سائين مونکي روڊ تائين ڇڏڻ ايندو هو. اگر ريل گاڏيءَ ۾ واپس ويندو هوس ته اسٽيشن تائين هلندو هو. اگر ڊڀري واري روڊ تي اچبو ته انتظار ڪبو ڪنهن ٽانگي جو، اهو کڻي هلندو ٺاروشاه، اتان وري ٻئي ٽانگي ۾ ويهبو. ٺاروشاه کان نوشهري تائين ٽانگي وارو هر مسافر کان هڪ روپيو وٺندو هو. اگر مولهڻ يا مچر تي ڪو مسافر لهي پوندو ته ان کان ٻارهن آنا ڪرايو وٺندو. ان وقت ۾ ايترو سهانگ هو. ٽانگو ڪلاڪ يا سوا ڪلاڪ ۾ نوشهري پڄائيندو هو. ٽانگا به هوندا هئا پشوري چهبڪ کي هوا ۾ گھمائبو ته گھوڙي جا ڪن اُڀا ٿي ويندا ۽ ڪندو تتر واري اُڏار.
هڪ ڏهاڙي دل ۾ خيال آيو خان! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “سڄڻ ڏئي سڄي ٻانهن ته نه وٺجي، تون سانده ٽي مهينا رهيو پيو آهين دوست وٽ”، اهو ٺيڪ نه آهي. خيال آيو ۽ گم ٿي ويو. صبح ٿيو اسان ڪورٽ وياسين، اتي مائٽ عطا محمد لاڙڪ جو جونيئر نالي محمد اسحاق انصاري مليو ۽ چيائين ته ادا! خان محمد، ۽ ادا خادم منهنجو توهان ٻنهي ۾ ڪم آهي! واندا هجو ته عرض ڪيان، اسان به هئاسين واندا، ڪهڙو ڪم هو، هِن ڪورٽ کان هُن ڪورٽ ۾ پيا رلندا هئاسين. سو چيومانس ته چئو جيڪو چوڻو هجيئي. ته چيائين ته: “حيدرآباد بورڊ جي Affiliation ٽيم اچي ٿي. توهان ٻنهي کي ليڪچرار ڏيکاري مستر رول تي نالو رکي ڇڏيان؟”. اپائنمينٽ آرڊر به ڪڍي فائيل ۾ رکي ڇڏيندس. باقي اچو نه اچو اوهانجي مرضي! اسان هائو ڪئي ۽ هُن ائين ڪري ڇڏيو.
قدرت جا کيل جيڪو دل ۾ خيال لکي چڪو آهيان ان تي عمل ڪري بسترو کنيم، ۽ بيگ کڻي سڌو نواب شاه پهتم. سنڌي ۾ چوندا آهن ته: “يارو به ٿا چور وٺن!”. تنهن چوڻي مطابق لو ٹ کے بدھو گھر کو آئے، ماما مون تي ڏاڍو کليو ۽ چيائين ته ابا! مون کي خبر هئي، ته تون موٽي ايندين. ڇو ته وڪالت آهي پٿر ڪٽڻا، ۽ هر ڪنهن جي دال ڏکي ڳرندي آهي. مون به ڦڪائي کان کلي ڏنو، پر هڪ ڳالهه محسوس ڪيم ته ماما جي منهن تي منهنجي واپس اچڻ سان ڪا به اڻوڻندڙ ريکا ڪانه آئي، بلڪ خوشي ڏٺم جو هن کي به هڪ جونيئر ملي ويو.
ڀٽي طرفان خانگي ادارا سرڪاري ملڪيت ۾ وٺڻ:
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اقتدار جي جوڀن تي هو. مبشر حسن جهڙا سوشلسٽ هن جا خاص وزير هئا. لازماً انهن جي صلاح سان پاڪستان ۾ سمورا ڪارخانا، فيڪٽريون، پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. اِهو آگسٽ جو مهينو هو. ريڊيو، ٽيليويزن، ۽ اخبارن ۾ وڏين سرخين سان اهي خبرون ڇپيون. ٻن ڏينهن کانپوءِ محترم محمد اسحاق انصاريءَ جو خط اچي مليو ته اگر اوهان نوڪري ڪرڻ چاهيو ته اچو ۽ جوائن ڪيو، ورنه اوهانجي مرضي. مان پيو بک مران سو نڪا ڪيم هم نه ڪا تم ماما کان موڪلائي ڇڏيم ۽ عرض ڪيومانس ته دل سان اجازت ڏئي.
نه ڪا درخواست، نڪا ڪميشن نه انٽرويو، ائين الله تعاليٰ آسمان ڦاڙي نوڪري ڏئي ڇڏي. سا به پڪي. ماما دل سان اجازت ڏني. انهيءَ کان اڳم ڳوٺ ايندو هوس ته بابا کي بار بار عرض ڪندو هوس ته دعا ڪريو ته نوڪري ملي ته بابا چوندو هو ته ابا نماز پڙهه ته الله آسمان مان ڏيندو. نماز ته پڙهندا هئاسين، ۽ هاڻي وڃي ان رنگ لاتو ۽ پگھاردار ٿياسين. ان کان اڳم رڳو نظرون هونديون هيون غريبن جي کيسي ۾.
صدر جنرل مشرف جي دورِ حڪومت ۾ هڪ خزاني جي وزير شوڪت ترين چند مهينن کانپوءِ استيفعا ڏني ۽ هليو ويو. جڏهن اخباري نمائندن کانئس پڇيو ته ڪهڙي سبب جي ڪري استيعفا ڏني ته هن چيو ته: “منهنجي منسٽريءَ جون نظرون رڳو عوام جي کيسي تي آهن ۽ سوچ اهائي آهي ته انهن کيسن مان پيسئا ڪيئن ڪڍون”.