آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وساريان نہ وسرن

. ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي آتم ڪٿا جو  پھريون حصو آھي. ڊاڪٽر خان محمد لکي ٿو؛ ”مون هن مذڪور ۾ ويهي رنڊا روڙيا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجھ ڪچيون پڪيون، ۽ ڪجھ کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪيون آهن تنهن ڪري پڙهندڙ کي گذارش آهي تہ درگذر ڪري ڇڏي ڇو تہ مان نہ تہ ڪو اديب، نہ ليکڪ آهيان نہ وري عالم فاضل. بس جيڪي لکندو آهيان انهن يارن ۽ دوستن جي مهرباني آهي جو همٿ ڏياريندا آهن.

Title Cover of book وساريان نہ  وسرن

باب پنجون: ٺاروشاه ۾ پرنسپال ٿيڻ

1997ع ۾ ٺاروشاه جي هڪ ڪپڙي جي دوڪان تي گھر لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ ڪپڙو وٺي رهيو هوس ته هاءِ اسڪول جي هڪ استاد، جيڪو سومرو هو ۽ سائين پروفيسر محمد هارون جو عزيز هو، مون کي سڃاڻندو هو، ان مونکي ڏسي ۽ ملي چيو ته “اوهانجي پرنسپال ٿيڻ جو ليٽر اسانجي اسڪول ۾ اڄ آيو آهي ڪڏهن ٿا سائين لاڙڪ صاحب چارج وٺو؟”. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو ته هيءَ وري ڪهڙي مصيبت نازل ٿي ٿئي؟. خير گرميءَ جون موڪلون ختم ٿيون. نوشهري ويس ته اهڙي ڪا به ڳالهه نظر نه آئي، نه ئي خادم حسين اهڙي خبر ڏني. مون معمول مطابق پنهنجا ڪلاس ورتا. هڪ ٿيو ته پنهنجي صاحب يعني خادم حسين کي چيم ته ادا مان هاڻي هلان ٿو ته چيائين ته ويهه تو ۾ ڪم آهي. آءٌ ويهي رهيس. پاڻ ڪلارڪ کي گھرايائين اهو آيو ۽ هٿ ۾ هڪ ليٽر به کنيو آيو. سائين مونکي ڏنو. مون ڏٺو ته منهنجو Relieving letter هو. زمين پيرن هيٺان نڪري وئي، پر ننڊي هوندي جو يار، کيس ڇا چوان! صبر ڪري ٻاهر نڪتس. ليٽر پڙهيم لکيل هو ته ٺاروشاه ڪاليج جي پرنسپال جي چارج وٺان. حالانڪ اتي ڪاليج هو ئي نه. ان وقت ڊائريڪٽر هو ڊاڪٽر اورنگ زيب شيخ.
ڊائريڪٽر صاحب سان PCO تان وڃي ڳالهايم عرض ڪيم ته سائين ٺاروشاه ۾ ته ڪاليج آهي ئي نه، چارج ڪنهن کان وٺان، ته چيائين ته ادا ناهي ڪاليج ته کول ۽ هلاءِ!
ٻئي ڏينهن مون ٺاروشاه هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سان ملاقات ڪري اسڪول ۾ ئي ڪم شروع ڪيو. يعني سوا هڪ بجي اسڪول بند ٿئي ته ڪاليج شروع ٿئي. بس سرڪار نامدار جو حڪم هو، باقي ائين ته ڪونه ٿيندو آهي، جو هڪ عام ماڻهو وزير اعليٰ کي اڇي پني تي درخواست لکي ڏئي ۽ وزير اعليٰ ان تي آرڊر ڪري ته کوليو ڪاليج، نه بلڊنگ، نه اسٽاف، نه استاد، نه فرنيچر، نه بجيٽ. پر هت ائين ٿيو آهي. اهڙو حڪم نامو وزير اعليٰ سنڌ لياقت علي خان جتوئي ڪيو هو. اها درخواست ٺاروشاه جي هڪ زميندار نالي غلام حيدر بڙديءَ پاران لکي وئي هئي جڏهن وزير اعليٰ جتوئين ۾ دعوت تي آيو هو.

ڪاليج جو نالو تبديل ٿيڻ:
ٻن مهينن کانپوءِ سيڪريٽريءَ صاحب کان ليٽر آيو ته ڪاليج جو نالو “سيد نور محمد شاه” جي نالي سان منسوب ڪيو ٿو وڃي، ۽ اهڙي تصحيح ڪئي وڃي. هي ڪم ان وقت جي زراعت جي وزير صاحب جي فرمائش تي ٿيو. چوندا آهن ته: “ڪڪڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏيري جو” ڪاليج جي کولڻ جي درخواست هڪڙن ڏني ۽ نالو ٻئي جو. واه زمانا تنهنجا رنگ!
ڪاليج هلائڻ ۾ وڏيون تڪليفون آيون. نوشهري مان دوستن کي وٺي آيس، انهن اچي ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا. بغير ڪنهن آرڊر جي. صرف هڪ استاد آفيشل طور مليو، اهو هو شفيق الرحمان ميمڻ، ۽ هڪ ڪلارڪ اهو هو غلام قادر ڀٽي.
شهر مان چندو به ڪيم. پوءِ ڪنهن پنج روپيه ڏنا، ڪنهن ڏهه روپيه ته وري ڪنهن مهڻا ۽ طعنا ڏنا. شهر جي هڪ دوڪاندار نالي غلام رسول سومري هزار روپيه ڏنا، مطلب جيڪي ٻه ٽي هزار مليا، انهن مان ڪاليج ۾ ايڊميشن ۽ بيئنڪ چالان ڇپرائي ڪاليج جو باقاعدي آغاز ڪيم. NCC به شروع ڪيم. بورڊ کان Affiliation ٽيم گھرائي رجسٽر ڪرايم ۽ ساليانا امتحان به ڪرايم.

نوشهري ڪاليج ۾ پرنسپال ٿيڻ:
مون ٺاروشاه ۾ ٻه سال ڪم ڪيو. سائين خادم حسين تي ضلعي ايڊمنسٽريشن ناراض ٿي پئي ۽ ان کي بدلي ڪيو ويو، ۽ اها چارج به مونکي ملي. هي ڪم غلام سرور کيڙي جي معرفت ٿيو. هو ان وقت سيڪريٽري سروسز هو. 1999 جي آخر ۾ مون نوشهري جي ڪاليج جي چارج ورتي.
شاگردن سان ساڳيو رويو اولاد وارو برقرار رکيم. ڪاليج ۾ يونيفارم ضروري ڪيم. استادن جون ٽيمون بڻائي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ سختي ڪيم ۽ استادن مان ئي Vigilant ٽيمون ٺاهي، ۽ شاگردن تي سختيءَ سان عمل ڪرايم، ۽ ان کان علاوه ورانڊن ۽ ڪاري ڊور ۾ ڪنهن کي به بيهڻ لاءِ اجازت نه ڏنم ڇو ته بي. اي، بي. ايس. سي ۽ بي. ڪام ۾ ڇوڪريون به پڙهنديون هيون، تنهن ڪري انهن جي اچ وڃ لاءِ رستو صاف رکرايم، ۽ شاگردياڻين تي به لازمي ڪيم ته اهي به يونيفارم ۾ اچن، يعني سفيد سلوار قميص ۽ پيلي رنگ جو رئو. مطلب ڪافي سڌارا آندم، اهو ان ڪري ته جيئن ٻاهر شهرين تي اثر پوي ته هي ڪاليج جو شاگرد آهي.
سال 1999ع کان اسانجو ڊائريڪٽر صاحب ٿي آيو پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد صديقي. هي صاحب منهنجي ڀاءُ بدرالدين جو دوست هو. هن جي حد جي ڪاليجن يعني ريجن ۾ جيڪي به اوڻايون يا گھٽ وڌايون ٿينديون هيون ته هو صاحب انڪوائري ڪرائيندو هو، ۽ انهيءَ صديقي صاحب مونکي انڪوائري ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻايو.
انڪوائري ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ ۽ ڪنڊڪٽ ڪرڻ:
انڪوائري ڪميٽيءَ جو اڪثر چئرمين صاحب ڊائريڪٽر خود ٿيندو هو. مان، پروفيسر افضل احمد شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور جو پرنسپال محترم حداد صاحب هوندا هئاسين. جن انڪوائرين ۾ مان شامل هوس اهي ٽي هيون.

پروفيسر ايوب مريءَ خلاف:
هي صاحب SPLA جو ريجنل جنرل سيڪريٽري هو. هن دوست جي خلاف ڪنهن درخواست ڪئي هئي. مقرر ڏينهن تي چئرمين صاحب ۽ اسان ميمبر وياسين ۽ ٽي دفعا وڏي آواز سان ان درخواست گذار کي سڏڻ جي ڪوشش ڪئي سين ته اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي، پر ڪير به ڪونه آيو، ڀلا ايتري ڪنهن ۾ همٿ آهي جو روبرو اچي. بهرحال اهڙي ڪارگذاري لکي مري صاحب کي آجو ڪري موٽي وياسين.

سول جج ۽ استاد علي ڏني ڦل خلاف:
ٻي انڪوائريءِ ۾ چئرمين صاحب هو حداد صاحب، باقي اسان ٻه ميمبر هئاسين. هي انڪوائري هئي گمبٽ جي ڪاليج جي باٽني جي پروفيسر ڦل صاحب، نالو هو سندس علي ڏنو (يا ڪو ٻيو وسري ويو آهي) ۽ گمبٽ جي سول جج خلاف.
قصو هي هو ته ڪنهن ماڻهوءَ ڏي ڦل صاحب جا پيسئا هئا، ان ماڻهوءَ ڦل صاحب کي ڪورٽ جي شنوائي تي اچڻ وقت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. ان تاريخ تي ڦل صاحب ڪورٽ جي ٻاهران روڊ تي ان ماڻهوءَ جو انتظار ڪندو رهيو.
ڪورٽ جو ٽائيم شروع ٿيو ۽ جج صاحب ڪورٽ ۾ داخل ٿي ڪيس هلائڻ لڳو. روڊ بلڪل ڪورٽ جي سامهون هو. ڦل صاحب پريشانيءَ واري حالت ۾ پئي چهل پهل ڪئي. جج کي ان تي غصو اچي ويو ۽ پٽيوالي معرفت جج صاحب ڦل صاحب تي ايڪشن کنيو ۽ کانئس ضمانت لاءِ حڪم ڪيو ته ڏئي ورنه توکي جيل ۾ موڪليندس. ڦل صاحب گھڻي صفائي ڏني پر بي سود. آخرڪار ڦل صاحب به پڙهيل هو ضمانت ته ڪرائي پر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي جج خلاف ۽ اهڙي درخواست گورنر کي به موڪلي وئي. قصو وڏو ٿي ويو. نيٺ گورنر صاحب اها رپورٽ سيڪريٽريءَ کان گھري، سيڪريٽري ڊائريڪٽر کي لکيو ته انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيو. ان وري اسان کي ذميواري ڏني.
اسان ٽئي معتبر بڻجي گمبٽ وياسين ۽ گمبٽ جي ڪاليج ۾ اتان جي پرنسپال سائين علي رضا شاه جيلانيءَ جي آفيس ۾ ويٺاسين. شاه صاحب سان حال احوال ڪيوسين، ۽ کيس عرض ڪيوسين ته جج صاحب کي فون ڪيو ته اسان کانئس بيان اتي وٺون يا پاڻ خود هت ٿو اچي! سائين شاه صاحب فون ڪيو ۽ رکيو، ۽ چيائين ته جج صاحب هت ٿو اچي. شاه صاحب ڪجھ بسڪوٽ رکرايا ۽ چانهه به. چانهه بسڪوٽ پيائي هئا ته ڪورٽ جو ڪلارڪ آيو ۽ ملي، هڪ ليٽر ڏنائين ۽ چيائين ته هي وٺو ۽ ٻئي تي حداد کان صحيح وٺي هليو ويو. ليٽر کولي جو سائين حداد پڙهي ته اهو ڪورٽ جو شو ڪاز Show cause هو، ۽ وڌيڪ لکيل هو ته: “اوهان ڪورٽ جي بيحرمتي ڪئي آهي لحاظا ڦلاڻي تاريخ تي اچي ڪورٽ ۾ حاضر ٿيو. چانهن ۽ بسڪوٽ ته وسري ويا، پر زبان به سڪي وئي. اکيون حداد جون صفا سفيد ٿي ويون، ڪڇي ته ڇا ڪڇي. سندس ڳالهائڻ صفا بند ٿي ويو. اسان جي به حالت ساڳي هئي. نيٺ مون شاه صاحب کي چيو ته سائين: “هنگڻ جي پچر ڇڏي سين هاڻي رڳو پڇو چڙهي! ٻيلي ڪجھ ڪر! ورنه گذاري وينداسين!”
شاه صاحب گمبٽ جو معتبر ماڻهو هو، ۽ جيلاني خاندان سان سندس واسطو هو. نيٺ سينئر سول جج (اهو ابڙو هو) کي سڄي ڳالهه ٻڌايائين ۽ کيس عرض ڪيائين ته اوهان پنهنجو اثر رسوخ هلايو ۽ Contempt of court وارو آرڊر واپس ڪرايو، اُهو سنجيده قسم جو ماڻهو هو. تنهن اهو آرڊر واپس ڪرايو. ۽ اسان واپس آياسين، يعني لو ٹ کے بدھو گھر کو آئے.

حق نواز ميمڻ ۽ گرلس ڪالج مورو جي پرنسپال خلاف انڪوائريءَ جو ميمبر ٿيڻ:
حق نواز ميمڻ سان منهنجي سندس والد جي ڪري دوستي ٿي وئي، ۽ اها دوستي اڄ تائين هلندي اچي. پنهنجي سبجيڪٽ ۾ سٺو هوشيار آهي. ڪاليج جا شاگرد هميشہ سندس تعريف ڪندا هئا. ڇو ته هڪ ته هوشيار ٻيو خوش طبع به هو، ته سهپ وارو به. انهن ڏينهن ۾ ٻيا به فزڪس ۾ استاد هئا، جهڙوڪ رياست رند، منظور سولنگي، محمد اشرف انصاري، ۽ عبدالواحد ڏاهري. هي سڀني کان اورچ انسان هو.
گورنمينٽ گرلس ڪاليج مورو ۾ فزڪس جو ڪوبه استاد ڪونه هو. تنهن ڪري هي اوڏانهن بدلي ڪرائي ويو. ان ڪاليج ۾ سندس پرنسپال سان اهڙو ته افيئر هلي ويو جنهن هن جي ساک کي ڪافي متاثر ڪيو. حالانڪ پاڻ شادي شده ۽ اولاد وارو به هو. پر چوندا آهن ته “لوڪ وڃي لاهيارو عاشق وڃي اوڀارو” سو هن نوجوان جي باري ۾ وڏيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون.
مونکي، اسانجي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد صديقي صاحب ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پروفيسر افضل احمد شيخ سان گڏ ميمبر طور کنيو ويو ۽ موري گرلس ڪاليج ۾ وٺي هليو. اتي حال احوال وٺندي معلوم ٿيو ته ڳالهه وڏي آهي، پر ڪاليج کي بچائڻ، اتان جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ حق نواز کي سکر بدلي ڪيو ويو ۽ پرنسپال صاحبه کي ميرپور ماٿيلي ۾ ٽرانسفر ڪيو ويو، اهڙي طرح هنن ٻنهي پيار جي پانديئڙن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪيو ويو، پر چوندا ته عشق ۽ مشڪ کي ڪير به لڪائي ڪونه ٿو سگھي، سو آخر هنن ٻنهي انهيءَ دوريءَ کي نڪاح جي نازڪ پر مضبوط ٻنڌڻن ۾ پوئي ڇڏيو. حق نواز کي پگھار ته ملندي رهي، پر ميڊم کي ملڻ بند ٿي وئي، ڇو ته اهو ڪاليج اهڙو هو جنهن کي بجيٽ هئي ڪانه، يعني No SNE هو. تنهن ڪري ڏاڍي پريشان هوندي هئي.
هڪ ڏينهن نوشهري ڪاليج ۾ منهنجي آفيس ۾ آئي، ساڻس سندس ننڊي ڀيڻ به گڏ هئي. پنهنجي ڀيڻ جو تعارف ڪرايائين ۽ وڌيڪ چيائين ته سندس ڀيڻيوو پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي سنڌي ڊرامن جو ڊائريڪٽر آهي ۽ سندس نالو محمد بخش سميجو آهي.
آخرڪار سرڪار نامدار جي ڪاوڙ لٿي ۽ کين اتر سنڌ مان حق نواز کي جوهي ۽ ميڊم کي دادوءَ واپس ڪيو ويو. هي منهنجو دوست جوانيءَ جي جوڀن سان سرشار موجود آهي.

D.C.O جو طعنو هڻڻ:
هڪ ميٽنگ ۾ نوشهري جي ڊي. سي. او محترم خورشيد نعيم ملڪ طعنو هڻي چيو ته؛ “لاڑک صاحب! کالج میں آپ شاید فنکشن وغیرہ نہیں کرتے؟ یا آپ مجھےدعوت نہیں دیتے؟ ایسا کیوں ہے؟” مون کيس ٽن ڏينهن کانپوءِ فنڪشن جي دعوت ڏني. پاڻ قبول ڪيائين.
نوٽيس بورڊ تي اهڙو نوٽيس لڳايو ويو. هال کي سينگارڻ ۾ پروفيسر محمد افضل وڏي ڪوشش ورتي. مون هڪ ميٽنگ سڀني استادن جي گھرائي، انهن کي شاگردن جي باري ۾ ٻڌايم ته نوجوان ضرور پنهنجي چالاڪي ڏيکاريندا، تنهن ڪري اهو انديشو آهي ته متان مهمان ڪاوڙجي وڃي، تنهن ڪري اهڙو اُپاءُ وٺجي جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي. سڀني استادن مون سان تعاون ڪيو.
مون سائنس جي استادن کي شاگردن سان گڏ ويهارڻ جو مشورو ڏنو، ڇو ته شاگرد استادن کي پاڻ سان گڏ ڏسي چپ ٿي ويندا. مقرر ڏينهن تي شاگرد ايندا ويا ۽ هال ۾ ويهندا ويا. مون آرٽس جا استاد سامهون صوفن تي ويهاريا، ۽ شاگردن سان گڏ وچم سائنس جا استاد وهاري ڇڏيا.
مهمان اچي ويو. فنڪشن شروع ٿيو. پهريان مون مهمان جي آجيان ڪئي، ۽ ان کانپوءِ جيڪي علمي، ادبي ۽ غير نصابي گڏجاڻيون يا ڊبيٽ ڪرايون انهن جي مڪمل رپورٽ پيش ڪئي. ان کانپوءِ هڪ ٻه ٽيبلو، به پيش ڪيو. هڪ ٻه استاد کي سڏي تقرير ڪرائي. بعد ۾ ڊي. سي. او صاحب کي به دعوت ڏني ته اچي ڪجھ ڳالهائي ۽ نصيحت ڀريا نڪتا ٻڌائي، جن تي هلجي ۽ هن نوجوان نسل کي تلقين ڪجي.
خورشيد نعيم ملڪ پنهنجي تقرير علامه اقبال جي هن بيت سان شروع ڪئي.
ہزاورں سال نرگس اپنی بے نوری پہ روتی ہے
بڑی مدت سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا،
مطلب خورشيد صاحب پنهنجي تقرير ۾ شاگردن کي گھڻو ڪجھ سمجھايو ۽ آخر ۾ ڪاليج جي انتظاميه، اسٽاف ۽ منهنجي تعريف ڪئي. آخر ۾ چيائين ته: اتنی خاموشی اور نظم میں نے کہیں نہیں دیکھا کہ نوجوان لڑکے بڑے ادب سے بیٹھے رہیں!. وڌيڪ چيائين ته: “اس کی دو وجوہات ہو سکتی ہیں، یا تو شاگرد بہت ہی با ادب ہیں، یا پھر دبے ہوئے ہیں”. CSP آفيسر هو سمجھي ويو.
بهرحال نعيم ملڪ صاحب تمام خوش ٿي هليو ويو. اسان سڀ استاد کيس ڪار تائين ڇڏي آفيس ۾ اچي ويٺاسين ۽ دل دل ۾ مسڪرائيندا رهياسين ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيوسين.
وقت ائين گذرندو ويو. آخر 2004ع سال آيو. منهنجي نوڪري ۾ باقي هڪ سال وڃي بچيو. 2004ع جا امتحان ڪرايم ته باقي وڃي بچيا ڇهه مهينا. جيڪي دوست ٿورو ٿورو پري رهندا هئا انهن آفيس ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. وري جڏهن ٻه مهينا بچيا ته جيڪي ويجھڙا هئا اهي به گھٽ اچڻ لڳا. پوءِ جيڪي صرف تمام ويجھا هئا، انهن جو ساڳيو مزو محبت رهيو. باقي جڏهن نوڪريءَ ۾ ڏهه ڏينهن بچيا ته انهن ويجھن به اچڻ بند ڪيو، بس صرف پٽيوالو غلام حسين رهيو، جنهن آخر تائين ساٿ ڏنو. رب ڪريم کيس انجو اجورو ڏيندو.
هي دنيا آهي، دنيا جو اهو دستور آهي ته بيٺل جو هرڪو يار آهي، ڪريل جو ڪير به ڪونهي. الله تبارڪ وتعاليٰ به اهڙو سبق پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ ڏنو آهي ته دنيا راند ۽ روند آهي. راند ختم ٿي ته هر رانديگر هليو ويندو پنهنجي پنهنجي گھر، پوءِ کٽيندڙ پيا خوش ٿيندا ۽ کلندا ۽ هارائيندڙ ويٺا روئيندا. لطيف سرڪار ڪهڙو نه چڱو چيو آهي ته:
ڪڏهن ائين هياس جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا
اڄ ائــيــن ٿــيــاس جــو جــتـن نـه نـيـو پاڻ سين.