باب چوٿون: انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن جو انوکو احتجاج
مطلب بابا شاگردن جي نفسيات سمجھي ويو ۽ شاگردن به هٺڌرمي ڪانه ڪئي نه ئي بدتميزي. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ان وقت ۾ شاگردن ۾ به اهو احساس هو ته پڙهائي ڪجي، ۽ اها به دلجمعيءَ سان. پر هن وقت ائين نه آهي. پرنسپال ۽ استاد اگر شاگرد کي پنهنجي ٻچن وانگر قرب ڏيندو ته شاگرد به استاد مٿان پيو قربان ٿيندو.
بعد ۾ شاگرد مطمئن ٿي واپس هليا ويا. پوءِ بابا تياري ڪري آفيس ويو ۽ پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪرايو.
اڌورا خواب:
سال 1965ع جي امتحان ۾ مون ڄام شورو سينٽر لکي ڇڏيو هو. اتيئي امتحان ٿيو. ادا بدر به اُتي امتحان ڏنو پئي، سو ٻئي ڀائر گڏجي نڪرندا هئاسين، جو گھر جي پنجن منٽن جي پنڌ تي جيالاجي ڊپارٽمينٽ هئي انجي ڪاريڊور ٽپي باٽني ڊپارٽمينٽ ۾ امتحان ٿيندا هئا، ۽ ٿيا. ٿيڻ سان موڪلون ٿي ويون. مان امان ڏي ڳوٺ هليو آيس.
دل ۾ عشق وغيره جو ڪو به اهڙو خيال هوندو ئي ڪونه هو. ڇو ته هي بيماري ٿيندي آهي پيسي سان. پاڻ مولائي مڙس، بابا سائين روز پنج روپيه ڏيندو هو. هاڻي پنجين روپئي تي ڪهڙي عياشي ٿيندي. انهن پنجن روپين جي خرچ جو وچور هن ريت هو:
پن جون ٻيڙيون 00-1
اڌ پاڪيٽ گولڊ ليف 50-2
بس جو اوٽ موٽ ڪرايو 50-0
جملي خرچ 00-4
مطلب بچت هئي هڪ روپيه، يعني نام بڙا ديهه ويران. پر اچانڪ اچانڪ دل ۾ دونهون ڇيڻي ۾ ٽانڊي مثل دکندو رهيو ۽ پنهنجي ڪلاس فيلو سان ويا پيچ پختا ٿيندا، ڀلا هئاسين جو اڪيلا.
استاد عبدالرزاق به ويو سمجھي ۽ هو به اسان ٻنهي کي ڏسي مسڪرائيندو هو. پر جيئن اڳم ئي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته هڪ روپئي تي ڪهڙو عشق ٿيندو!
اهو سلسلو پارٽ ٿري تائين هلندو رهيو، يعني 1967ع تائين، پوءِ 1968ع جي امتحان کانپوءِ گم ٿي ويو.
ادا بدر جو بيمار ٿي پوڻ:
1966ع ۾ ادا بدر کي کنگھ ٿي پئي، ۽ وڃي وڌندي، بخار به بعضي بعضي ٿيو پوي. آخر ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو. تنهن چيو ته ايڪسري ڪرايو ته خبر پوي. ايڪسري ڪرايو ويو ان ۾ ٽي.بي نڪري پئي. اسانجي بنگلي جي ڀرسان تقريباً سڀ ڊاڪٽر رهندا هئا. انهن ۾ هڪ چيسٽ جو ڊاڪٽر به رهندو هو. اهو پڻ ايف. آر. سي. پي هو. سندس نالو هو ڊاڪٽر حبيب الرحمان. بابا ان سان مليو ته ان بابا کي دلداري ڏيندي چيو ته: “فڪر جي ڳالهه ناهي جو ان بيماريءَ جو علاج آهي. ڊاڪٽر وڌيڪ بابا کي چيو ته هي نوجوان حساس طبيعت جو ٿو لڳي تنهن ڪري هنجو وڌيڪ خيال رکڻو پوندو ورنه ڪجھ به ٿي سگھي ٿو!”.
پورو مهينو علاج هليو ان باري ۾ امان جيڪا ڳوٺ رهندي هئي انکي ڪا به خبر ڪونه ڏني وئي. آخر امان کي خبر پئي سو ماءُ جي ممتا ڪٿي ٿي ويهڻ ڏئي، نڪري پئي ۽ اچي حيدرآباد پهتي. مان شام جو ڪالونيءَ جي گرائونڊ تي والي بال راند پئي ڪئي. منهنجي نظر امان تي پئي، ڏٺم ته ڪاري چادريءَ ۾ ائين اڏامندي ٿي وئي. مان به راند ڇڏي سندس پٺيان ڊوڙندو ويس. پاڻ گھر پهچڻ سان ادا بدر کي چنبڙي وئي. بابا تي سندس سخت ڪاوڙ هئي جنهنجو اظهار ڪيائين. حالانڪ ادا بدر جي علاج ۽ کاڌ خوراڪ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي وئي هئي، پر تنهن هوندي به بابا ڪجھ به نه ڪڇيو. ماءُ کي ۽ پٽ کي ڏسندو رهيو.
ادا اڪبر جو دوست سردار مغل ۽ انجو تذڪرو
ڄام شورو ايل. ايم. سي ڪالونيءَ ۾ ادا اڪبر پنهنجي دوستن کي وٺي ايندو هو. تن ۾ جلال هيسباڻي، غلام سرور چاچڙ، ۽ سردار احمد مغل پيش پيش هوندا هئا. سڀني فائنل امتحان پاس ڪيو ته نوڪري به کين ملي وئي. ادا اڪبر قاضي احمد ۾، جلال ۽ سرور چاچڙ به سکر پاسي لڳي ويا. سردار مغل کي ڄام شوري پُل تي سب انجنيري ملي، تنهن ڪري اسان ڏي پيو ڀيرو ڀريندو هو. تمام سڀاءَ جو بهترين ۽ کلڻو هو. مون سندس چهري تي ڪڏهن به غصو نه ڏٺو. حيدرآباد ۾ سندس والد به وڏو آفيسر هو. بابا جي ۽ اسانجي تمام گھڻي عزت ڪندو هو.
هڪ ڏهاڙي پاڻ سان گڏ هڪ عدد ڏنڀرو يعني ڪرڙو کنيو آيو. جهڙو هو رنگ سردار جو اهڙوئي هو گولڊن ڏنڀرو. اڃان به زنده هو ۽ ساه کڻي رهيو هو. آخر ان کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ ڇريون آيون، پر انهن ڪم نه ڪيو. آخر ڪهاڙي آندي وئي جنهن سان ڳترا ڳترا ڪيو ويو. ان کان اڳم کيس ماپيو ويو ته ڏهه گراٺون ٿيو يعني پنج فٽ. ڊيگھ ۾ ڏيڊ گراٺ يعني نَو انچ. سردار پاڻ به کائڻ جو شوقين هو. پلو ۽ مڇي ته سندس پسنديده غذا هئي. هو به ماشاءَالله ڇهه فٽ. بعد ۾ ته وڃي چيف انجنيئر ٿيو سکر بئراج جو. اڃان به حال حيات آهي. سندس ننڊو ڀاءُ جاويد مون سان گڏ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو، پر جيڪي خوبيون سردار ۾ هيون اهي جاويد ۾ ڪٿي.
سنڌ سرڪار کي جڏهن پاڻيءَ جو مسئلو درپيش ايندو آهي ته ادريس راجپوت سان گڏ سردار کي به گھرايو ويندو آهي ۽ ٻنهي جي مشورن تي عمل ڪيو ويندو آهي.
ڄام شوري ۾ بابا سائينءَ جا ٻڌايل نصيحت ڀريا نڪتا:
مسٽر گبلن جو تذڪرو: رات جي مانيءَ تي، ماني کائي اٿڻ وارا ٿيندا هئاسين ته بابا ويهڻ جو هٿ سان اشارو ڪندو هو. پوءِ اسان به ويهي رهندا هئاسين، ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو هو، جڏهن بابا موڊ ۾ هوندو هو، ۽ اسان به سمجھي ويندا هئاسين ته ڪا ڳالهه ٻڌائڻ جو ارادو هن جي دل ۾ آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳم انگريزن جي حڪومت هئي. لازماً سندس مٿيان آفيسر انگريز هئا، هي ديس انهن جو ڪونه هو، بس انگلستان مان هتي هنن جي پوسٽنگ ٿيندي هئي. هٿين خالي ايندا هئا ۽ هٿين خالي ويندا هئا، هنن کي ملڪيتون ٺاهڻ، زمينون وٺڻ جو دل ۾ خيال ئي ڪونه هوندو هو. ڇو ته هو ڄاڻندا هئا ته هي ملڪ سندن لاءِ ڌاريو آهي. تنهن ڪري ايمانداريءَ سان نوڪري ڪندا هئا ۽ پنهنجن زيردستن کان به اهائي توقع ڪندا هئا. قانون تي عمل هو. اگر ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان کي سزا ضرور ملندي هئي.
هڪ رات بابا پنهنجي انگريز سپرنٽنڊنٽ انجنيئر مسٽر گبلن (Giblin) طرفان جيڪو بابا کي مشورو ڏنو، اهو هن ريت بابا ٻڌايو ته: “مسٽر لاڙڪ سليمان تون اڄ SDO آهين سڀاڻي EXN ٿيندي، پوءِ SE به ٿيندي، تون ماڻهن کي پاڻي ڏيندين، روڊ ڏيندي، مطلب پيسو تنهنجي اڳيان پويان هوندو ۽ تون اگر چاهين ته امير ٿي ويندين، پر ائين ڪرڻ سان تون خوش ڪونه گذاريندين، ڇو ته فڪرات تنهنجي اڳيان پويان هوندا ۽ تنهنجو اولاد بي راه روي اختيار ڪندو تنهن ڪري تون پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان سينگار، اُهائي تنهنجي بهتر ملڪيت ثابت ٿيندي ۽ زندگي ڀر خوش گذريندين”. پوءِ بابا وڌيڪ چوندو هو ته: ابا انهيءَ نڪتي کي مون دل سان هنڊائي ڇڏيو آهي ته: “ڌن دولت جٽادار نه آهي ۽ نه دوست، اگر دنيا ۾ ڪو دوست آهي ته اُهي آهن سٺا لڇڻ. ان ڪري مون پيسئي ڪمائڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو باقي حلال جو جيڪو رزق ملي ٿو مون اوهانجي اڳيان رکيو آهي، لڪايو ڪجھ به نه آهي”.
مسٽر گوڪلي جو تذڪرو: بابا سائينءَ هڪ رات ڊائينگ ٽيبل تي ماني کائڻ کانپوءِ پنهنجي شاگرديءَ واري زماني جي ڪهاڻي ٻڌائي، جڏهن انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو. بابا هيءُ تذڪرو هيئن ڪيو ته: “تن ڏهاڙن ۾ هندن جو زور هو، هر آفيس ۽ اداري جو هيڊ هندو هوندو هو. انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال به هندو هو، پر اهو به برهمڻ. معنيٰ مسلمان کي هٿ ته ڇا پنهنجي گلاس ۾ پاڻي به پيئڻ ڪونه ڏيندو هو. پر بابا سان اهڙو ٺهي ويو جو انکي چيائين ته: “سليمان توکي ڪا به تڪليف هجي، ڪو پرابلم سمجھ ۾ نه اچي ته شام جو به گھر اچين سگھين ٿو!”. بابا ٻڌايو ته ڪڏهن ڪڏهن سندس گھر ويندو هوس، ۽ بيٺڪ کولي هر نڪتو سمجھائيندو هو. هڪ ڏهاڙي شام جو بابا کي پڙهائي بس ڪيائين ۽ پوءِ هڪ وڏو ٽهڪ ڏنائين ۽ چيائين ته: “سليمان تون اچين ٿو ۽ پوءِ وڃين ٿو ته منهنجي گھر واري سڄي ڪمري کي بالٽيون ڀري ڌوئيندي آهي ۽ چوندي آهي ته هن مليڇ کي ڇو ٿو اچڻ ڏين”! پر تون هاڻي روز ايندو ڪر ته هوءَ ڪمري کي ڌوئي ۽ گھر جو ڪم ڪار ڪري، جو سالي گھر جو ڪو ڪم ئي نه ٿي ڪري ۽ کائي کائي موٽي ٿي وئي آهي”. ان پرنسپال کي بابا مسٽر “گوڪلي” جي نالي سان سڏي پيو.
مئيٿميٽڪس جي ليڊي پروفيسر جو تذڪرو:
مون اهو اڳم ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته بابا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ جوائن ڪيو، پر بعد ۾ جيئن ئي انجنيئرنگ ڪاليج قائم ٿيو ته وائيس چانسيلر صاحب بابا کي پرنسپال ڪري رکيو. يعني بابا پهريون پرنسپال ٿيو.
داخلا جو مرحلو شروع ٿيو. ڪجھ سيٽون ميرٽ جون به مخصوص ڪيو ويون هيون. هڪ شام بابا ۽ اسان شام جي چانهه پي رهيا هئاسون ته گھر جي مين گيٽ تي رڪشا بيهڻ جو آواز آيو. ٿوري دير کانپوءِ پيلي رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هڪ حسين ۽ خوبصورت عورت اچي اندر داخل ٿي. اسلام عليڪم چئي پنهنجو تعارف ڪرايائين. ٻڌايائين ته هوءَ لاهور جي گرلس ڪاليج ۾ مئٿيميٽڪس جي پروفيسر آهي. بابا اٿي کيس ويلڪم ڪيو ۽ کيس وهڻ جو اشارو ڪيو. هوءَ ويٺي. بابا کانئس حال احوال ورتو جنهن مان معلوم ٿيو ته هن جي پٽ مخصوص سيٽن تي فرسٽ ايئر انجنيئرنگ ۾ فارم ڀريو هو، پر هن جو نالو لسٽ ۾ ناهي، تنهن ڪري چيائين ته: “اوهان پرنسپال آهيو ۽ هوءَ به پروفيسر آهي مهرباني ڪري هن کي داخلا ڏيو. بابا مائيءَ کي دلاسو ڏنو ته صبح جو آفيس ۾ معلوم ڪبو ته ڇا معاملو آهي، کيس وڌيڪ چيائين ته اگر ڪا گنجائش هوندي ته ڪم ڪبو”.
بهرحال ٻئي ڏينهن شام جو وري مائي سڳوري اچي نڪتي. بابا کيس چيو ته: اوهانجي پٽ جون مارڪون گھٽ آهن، ۽ اهو ڪم مشڪل آهي ۽ اهڙي ڪا به گنجائش ناهي. مائي ڏاڍي پريشان ٿي وئي. پر هن به شايد دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته داخلا ڪرائي پوءِ واپس لاهور ويندي. خير هن ويندي ويندي بابا کي چيو ته: “هوءَ نا اميد ناهي، ۽ اهو ڪم اوهان کان ضرور ڪرائيندس”. پر هيڏانهن به بابا سائين مسٽر گوڪلي ۽ گبلن جو ڪيڙيل هو، سو هن مائي گھڻيئي حربا استعمال ڪيا پر کيس وريو ڪجھ به ڪين. پورا اَٺَ ڏينهن ائين شام جو ايندي هئي ۽ چانهه پي ٻه-ٽي پوز هڻي هلي ويندي هئي.
اسان نوجوان هن جو حسين چهرو ۽ نيون نيون ساڙهيون ڏسي پيا خوش ٿيندا هئاسين ۽ ائين سکڻا مزا وٺندا هئاسين. نيٺ هڪ شام جو آئي ۽ وري به ايلاز منٿون ڪيائين، بابا کيس هڪ ئي جواب ڏنو ته ميري هاٿ ۾ ڪڇهه نهين هي ۽ بابا پوءِ Sorry چئي جان ڇڏائي. ڀٽائي صاحب جيئن چيو آهي ته: “سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾” سو هت به پروفيسرياڻي ۽ سندس پور ويا ٻئي پٽيندا پاڻ ۾.